سونُ ورنِين سِٽنِ جي وَرکا
سنڌ جي ادبي اڀ تي ڪيترائي ستارا چمڪندي نظر اچن ٿا، انھن ستارن مان ڪيترائي ستارا اھڙا به آھن، جيڪي پنھنجي جوت سان نظرن جي ڌيان جو ھميشه مرڪز رھن ٿا.
انھن جڳمڳائيندڙ ستارن مان ڀاءُ علي محمد ”درد“ سولنگي به ھڪ آھي، جنھن جي ادبي توڙي سماجي سڃاڻپ جا ھونئن ته حوالا ڪيترا ئي آھن، پر سندس اھم ۽ مضبوط سڃاڻپ جو حوالو شاعر وارو ئي آھي. ڇو ته فطري ۽ سماجي شعور سان جھڙي ريت ھن جي شاعريءَ جو سفر جاري آھي، مون کي يقين آھي ته ھو مستقبل ۾ به پنھنجي سون ورنين تخليقي سٽن جي ورکا سان سنڌي ادبي اتھاس جو اھم حصو ٿي رھندو. انشاءَ الله
درد سولنگي جن ڪيترائي ڪتاب سنڌ امڙ جي جھوليءَ کي ارپيا آھن. ”منھنجي سنڌ لڙھي وئي“ سندس واين تي مشتمل ڪتاب آھي.
درد، خود علامت آھي شاعريءَ جي نزول جي، ڇوته درد ۽ احساس ئي اھي اھم محسوساتي ڳڻ آھن، جن جي طفيلي تخليقي ذھن جي آبياري ٿئي ٿي، علي محمد ”درد“ سولنگي ته آھي ئي درد، ۽ اھوئي درد، اھو ئي احساس ھن جي تخيل جو اصل جوھر آھي. اھوئي سبب آھي جو اڄ علي محمد ”درد“ سولنگي ھڪڙي اھڙي احساساتي درد جي شدت جو استعارو بڻيل موضوع ٻوڏ تي لکيل پنھنجي واين جي مجموعي سان گڏ حاضر ٿيو آھي.
وائي سنڌي شاعريءَ جي پنھنجي نج نبار اصلوڪي صنف آھي ۽ سنڌي شاعري جو اتھاس واين جي ورلاپ سان ڀريو پيو آھي. ڪالھ لکي ويندڙ وائي ڪلاسڪ جو اھم مقام ته ماڻي چڪي آھي. جنھن جو مھدار شاھ لطيف آھي، ڀلي کڻي شاھ لطيف کان اڳ وائيءَ جو وجود ھيو به کڻي پر ان کي موضوعاتي توڙي تخيل جي اعلي معيار ڏيارڻ جو ڪريڊٽ شاھ لطيف جي حصي ۾ ٿو اچي.
ائين ئي جديد سنڌي وائي کي جيترو شيخ اياز عروج ڏياريو، ان عروج تي پھچ اڃان ته ڪنھن جي حصي ۾ نه آئي آھي، پر ائين به ناھي ته ڪو صفا ڀينگ لڳي پئي آھي، ڪيترائي شاعر جديد توڙي قديم رنگ ۾ وايون لکي رھيا آھن ۽ تمام سٺيون وايون لکي رھيا آھن، انھن سٺين واين لکندڙن ۾ علي محمد ”درد“ سولنگي به شامل آھي. جنھن ڪالھ جڏھن وائي لکڻ شروعات ڪئي ھئي ته، ھو منفرد لب و لھجي ۽ وائيءَ جي اصل روح کي مڪمل اپنائي تمام خوبصورت وايون لکيون، ۽ سچ ته اھو به آھي ته درد سولنگي جتي واين جي صنف ۾ بي ساختگي ۽ اڏام ڀري آھي، اھا سندس ٻين صنفن تي به ڀاري آھي، ۽ ھو ھڪڙو مڪمل ۽ منفرد وائيءَ جو شاعر ٿي اڀريو آھي.
کوڙ ساريون دعائون ۽ نيڪ تمنائون ادا علي محمد ”درد“ سولنگي جي لاءِ، سڀني جي دعائن جي ھميشه طلبگار
ڪونج بلوچ
لانڍي ڪراچي