وستِيوُن سَڀَ وِيرانُ،
شَهَر ٿِيا سُنسانُ.
ٻوڙي ڇڏيا ٻوڏِ سَڀَ.
چوڌاري پاڻي رُڳو،
مَسجِد، قبرستانُ.
ٻوڙي ڇڏيا ٻوڏِ سَڀَ.
گهَرَ ڊَهي پَٽُ ٿي ويا،
رهيو ڪونهَ نِشانُ.
ٻوڙي ڇڏيا ٻوڏِ سَڀَ.
آکيرا، اِنسانيَتَ،
گُندِي ۽ گُذِرانُ.
ٻوڙي ڇڏيا ٻوڏِ سَڀَ.
علي محمد درد سولنگيءَ جو هي تيرهون ڪتاب آهي، ۽ انفراديت اها اٿس تہ هن ڀيري هِن شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنف وائيءَ تي لکڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. هن سڄي ڪتاب جو موضوع سنڌ ۾ آيل 2022ع واري برساتي ٻوڏ آهي. برسات قدرتي يا مصنوعي، پر سنڌ ڌرتيءَ تي سُڪار بدران آفت بڻجي ڪڙڪي. علي محمد درد سولنگي پنهنجي شاعريءَ ذريعي واڳ ڌڻين ۽ ظالمن جي پت تہ وائکي ڪئي آهي پر مظلوم ماروئڙن سان همدرديءَ جو اظھار بہ ڪيو اٿس! هڪڙي قلم ڌڻيءَ جي اها ئي ذميواري آهي تہ هو سماجي مسئلن کي آواز ڏيئي ايوانن تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪري، درد سولنگي اهڙين ڪوششن ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو.
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو