شاعري

منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

علي محمد درد سولنگيءَ جو هي تيرهون ڪتاب آهي، ۽ انفراديت اها اٿس تہ هن ڀيري هِن شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنف وائيءَ تي لکڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. هن سڄي ڪتاب جو موضوع سنڌ ۾ آيل 2022ع واري برساتي ٻوڏ آهي. برسات قدرتي يا مصنوعي، پر سنڌ ڌرتيءَ تي سُڪار بدران آفت بڻجي ڪڙڪي. علي محمد درد سولنگي پنهنجي شاعريءَ ذريعي واڳ ڌڻين ۽ ظالمن جي پت تہ وائکي ڪئي آهي پر مظلوم ماروئڙن سان همدرديءَ جو اظھار بہ ڪيو اٿس! هڪڙي قلم ڌڻيءَ جي اها ئي ذميواري آهي تہ هو سماجي مسئلن کي آواز ڏيئي ايوانن تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪري، درد سولنگي اهڙين ڪوششن ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو. 

Title Cover of book منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

هيءَ فقط شاعري ناهي...

هيءَ فقط شاعري ناهي...

برسات جي موسم خوشگوار ۽ ماڻهوءَ کي وڻندڙ ٿيندي آهي. هن موسم ۾ وڻ، ٽڻ، گل، ٻوٽا ماحول کي حسين بڻائي ڇڏيندا آهن. مٽيءَ جي خوشبو، پکين جون مٺڙيون لاتيون ساهه کي پيون سرور بخشينديون آهن.
برسات کي ڏسي واهڻ وسندين ۾ رهندڙ هاري به خوشيءَ جو اظهار ڪندا آهن، ڇو ته برسات الله تعالي جي نعمت آهي. ان جي پوڻ سان نه صرف سونهن ۽ ساوڪ ۾ اضافو ٿيندو آهي پر پرسات انسانن، جاندارن ۽ ٻوٽن ۾ روح ڦوڪي ڇڏيندي آهي، پر سڀ قدرت جي هٿ وس آهي. خدا اگر چاهي ته بَرَ کي بهار بنائي ڇڏي، جي چاهي ته وَسِيَل آباديون پَٽُ ڪري، اجڙيل ميدانن جي صورت ڏئي.
2022ع هن سالَ ۾ پيل برسات مسڪراهٽون کسي سڏڪا ڏنا، هر پاسي آهون دانهون ۽ پڪارون ٻڌڻ ۾ آيون. مينهن هر گهر کي جهوري وڌو. ان پريشاني مان ماڻهو اڃان نِڪتا ئي ڪونه هيا ته مٿان ٻوڏ جي اچڻ جا اعلان شهرن کان ڳوٺن تائين ڪرايا ويا. هر پاسي ماڻهن جي چهرن تي اداسي، لاچاري ۽ خاموشي تاري ٿي وئي. ان سڄي دردناڪ صورتِحال جي عڪاسي سِنڌَ جي ماروئڙن لاءِ درد رکندڙ شاعر ”درد“ سولنگي شاعريءَ جي روپ ۾ ڪئي آهي. لکي ٿو ته:
ڏارون ڏارون ڏار،
منهنجو گهر ڊهي پيو.
برساتون هيلوڪيون،
قيامت جا آثار.
منهنجو گهر ڊهي پيو.
هي فقط شاعري ناهي پر اها ڪيفيت آهي، جيڪا هن محسوس ڪئي. برسات ۽ ٻوڏ جي تباهه ڪارين هر هنڌ واويلا مچائي ڏني. ٻوڏ سان گڏ خوشيون لڙهندي نظر آيون، جنهن لاءِ شاعر لکيو:
ٽهڪ ٽڙڻ بند ٿي ويا،
هر اک آ نم.
خوشيون لڙهيون ٻوڏ ۾.
لکين ماڻهو بي گهر بي آسرا ٿي ويا، ضعيف ننڍڙا معصوم ٻارڙا، نياڻيون روڊن تي اچي وَيُون. جِن جي سار لهڻ وارو به ڪونه هو. شاعر ”درد“ لکيو ته:
بيوس ۽ لاچار،
رستن تي پيا ٿا رهون.
حالت کان مجبور ٿي،
ننگ وٺي نروار.
رستن تي پيا ٿا رهون.

”درد“ سولنگيءَ جي شاعري انهن سڀني تڪليفن، ڏکن ۽ سورن کي ظاهر ڪري ٿي، جيڪي ٻوڏ جي حالت ۾ ماڻهنِ تان گذريا. ٻوڏ ۽ برسات ۾ اهڙي صورتِحال هئي جو انسان ٻئي انسان سان ساٿ ڏيڻ بدران اُن جو مخالف بڻجي بيٺو. هٿ ساٿ واريون هستيون پنهنجي شان ۽ مال دولت گڏ ڪرڻ ۾ مصروف هئي. غريب ماني ڀور لاءِ محتاج ۽ پريشان هيا. ان کي ڏسندي علي محمد درد سولنگيءَ چيو ته:
ڪلهه کان بکيا هون،
سار لهي ڪو ڪونه ٿو.
خِيمي ۽ راشن سواءِ،
پَٽَ تي لُڇِيا هون.
سار لهي ڪو ڪونه ٿو.
سنڌ جا شهر ٻڏا. ٻهراڙيون رستا، زمينون پاڻيءَ ۾ لڙهي ويون، مائن جون اميدون، نياڻين جون خواهشون، ٻارڙن جي تعليم ٻوڏ ٻوڙي ڇڏي. ”درد“ سولنگي جي هن ڪتاب ”منهنجي سنڌ لڙهي ويئي“ جي شاعري ۾ هر سٽ ۾ اهو سچ آهي، جيڪو سڀني تي گذريو ۽ ڪيترائي خاندان اڃان انهن کي ڀوڳين پيا.

صبا شاهه
20 آڪٽوبر 2022ع