شاعري

منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

علي محمد درد سولنگيءَ جو هي تيرهون ڪتاب آهي، ۽ انفراديت اها اٿس تہ هن ڀيري هِن شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنف وائيءَ تي لکڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. هن سڄي ڪتاب جو موضوع سنڌ ۾ آيل 2022ع واري برساتي ٻوڏ آهي. برسات قدرتي يا مصنوعي، پر سنڌ ڌرتيءَ تي سُڪار بدران آفت بڻجي ڪڙڪي. علي محمد درد سولنگي پنهنجي شاعريءَ ذريعي واڳ ڌڻين ۽ ظالمن جي پت تہ وائکي ڪئي آهي پر مظلوم ماروئڙن سان همدرديءَ جو اظھار بہ ڪيو اٿس! هڪڙي قلم ڌڻيءَ جي اها ئي ذميواري آهي تہ هو سماجي مسئلن کي آواز ڏيئي ايوانن تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪري، درد سولنگي اهڙين ڪوششن ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو. 

Title Cover of book منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

ڪاري قهري راتِ،

ڪاري قهري راتِ،
مَحشرَ جو مَنظَرُ هُيو.
پاڻي گَهرَنِ آيو گِهڙِي،
ساههَ سَڀِن سڪراتِ.
مَحشرَ جو مَنظَرُ هُيو.
نِڪرو پنهنجا سِر وَٺي،
وائي هر ڪنهن واتِ.
مَحشرَ جو مَنظَرُ هُيو.
اوهي واهي ڪونه ڪو،
سُڏڪي پيا جذباتِ.
مَحشرَ جو مَنظَرُ هُيو.
اَلههُ تَلَههُ هليو وَيو،
پِرههَ ڦُٽي پرڀاتِ.
مَحشرَ جو مَنظَرُ هُيو.