پنهنجي پاران:
ڇا لکي ڇا لکان...!؟
سنڌ ڌرتي صدين کان ڀوڳيو آهي، ڀوڳيندي پئي اچي ۽ شايد ڀوڳيندي رهندي. (جيڪڏهن اسان اڃا به سڄاڳ نه ٿياسين ته....!)
سنڌ کي ڌارين ته نقصان رسايو ئي رسايو آهي پر پنهنجن به هن کي الاهي سارو ايذايو ۽ ڏاڍو نقصان پهچايو آهي. سنڌ کي لڳندڙ ڌاڙن تي، ڌارين سان گڏُ پنهنجا به اڳڀرا رهيا آهن.
”مون پڪ سڃاتا پنهنجا هُئا،
ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾.“
سنڌ کي مالِ غنيمت سمجهي، هر ڪنهن اُن مان پنهنجو حصو پَتِي ورتو آهي، جنهن کي جتان هٿ آيو اُن اُتان کيس لُٽيو آهي.
2010ع جي مها ٻوڏ، هُجي يا ٻارنهن سالن کان پوءِ 2022ع جي ٻوڏ، برسات! سنڌ کي ايترو نقصان دريائي ٻوڏِ نه رَسايو، جيترو نقصان برساتي پاڻي/برساتي ٻوڏ رَسايو. غلط پلاننگ ۽ پنهنجا نوازي سبب سموري سنڌ پاڻي پاڻي ٿي ويئي. قدرتي لنگهن کي بند ڪري غيرفطري لنگهه ٺاهڻ ڪري نه ٻڏندڙ شَهر به ٻڏي ويا ۽ انهن ڳوٺن ۽ شهرن جي ٻُڏڻ سان جيڪي اذيتون اتان جي اِنسانَنِ کي رَسيون انهن جو ازالو، ڪو تدارڪ نه ٿيو.
الاهي سارن المناڪ المين جنم ورتو، الاهي سارا انسان گهرن کان بي گهر ٿيا، انهن جا اجها، ٻچا، ڍڳا ڍور انهيءَ هٿرادو ٻوڏ ۾ لڙهي ويا، انهن کان اٽو. لٽو ۽ اجهو ته کسجي ويوپر انهن کان انهن جون اميندون، آشائون ۽ مستقبل جا سندر سپنا پڻ اِن ٻوڏ ۾ ٻُڏي ويا. ڏيندڙ هٿ، پنندڙ هٿ بڻجي ويا، جن جي گهرن ۽ درن تان ڪڏهن ڪو سوالي خالي نه موٽيو، اهي پاڻ خالي هٿين سوالي بڻجي ويا. جن نياڻين در کان ٻاهر ليئو نه پاتو، اهي اگهاڙي مٿي، اگهاڙي پيرين روڊن، رستن تي ڊڪندي، ڳوڙها ڳاڙيندي رئندي نظر آيون. ٻار بک ۽ اُڃ ۾ پاهه، تڙپڻ، لُڇڻ ۽ مرڻ لڳا. کين پيارڻ لاءِ کير ته ڇا پر صاف پاڻي به مُيسر نه هيو. بيمارين جو مُنهن ڪڍيو ته اسپتالون ڀرجي ويون، پر علاج لاءِ اتي به ڪو جوڳو بندوبست نه هُيو.
ڀَرِيَلنِ جا وري وري ڀِڀ پريا پئي ويا، پر روڊ ڪناري رلي ٽنگي ويٺل ٻوڏ متاثرن جي واهر ئي ڪانه ٿي، اُهي هڪ ويلي لاءِ رُلندا رئندا ۽ رڙندا رهيا، پر ڪنهن جي ڪن تي ڪا جونءِ به ڪانه سُري. اهي سڀُ حقيقتون/اذيتون اکين آڏو آيون ته حساس دل رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ لڳي، سيني مان سڏڪن جا سمنڊ ۽ اکين مان آبشار وهي/ڦٽي نڪتا. بي اختيار ڪاغذ ۽ قلم کڻي انهن سورن کي سِٽن ۾ سموئڻ لڳس. جيئن ڏٺم، جيئن محسوس ڪيم، بغير ڪنهن رک رکاءُ ۽ وڌاءُ جي ان کي ايئن لکي ورتم. ايئن پئي محسوس ڪيم اهو لڙهندڙ لاش منهنجو لاش هجي، اهو ڪرندڙ گهر، منهنجو گهر هيو. اها روئندڙ ماءُ منهنجي ماءُ هئي. اهو سڀ مون سان ٿيو آهي. اهو سڀ منهنجو درد آهي. اهو سڀُ مون ڀوڳيو آهي. ڪيتريون راتيون منهنجي ننڊ ڦٽل رهي، مان ڇرڪ ڀري اُٿي ويهندو، روئندو ۽ لکندو رهندو هيس.
مون لکڻ لاءِ وزن بحر تي به ڌيان نه ڏنو، بس ان درد ۽ انهن ڪيفيتن ۽ ديس واسين جي درد کي قلمبند ڪرڻ ۽ روح کي رسيل رهنڊن ۽ رهڙن کي رقم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل رهيُس، ڪيترو ڪامياب ويس اهو ته اوهان پڙهندڙ ئي بهتر ٻڌائي سگهو ٿا، باقي مون ديس واسين جي دانهن ۽ دردن کي شَعِرَنِ/ واين جي شڪل/صورت ۾ سموئڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي ۽ هي سَڀُ لکڻ ايترو آسان به نه هيو. پيڙائن جون ڪيتريون ئي پُلصراطون پار ڪرڻيون پيون
”هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان؟
ڇا لکي ڇا لکان؟ ڇا لکي ڇا لکان؟“
(بيوس)
ڪٿي ڪٿي ته لکڻ لاءِ لفظ ئي نه ٿي مليا، ها پر لڙڪ هُيا جيڪي وهندا رهيا. آئون مسلسل سوچيندو رهيس ته ڪراچيءَ کان ڪي اين شاهه موٽندڙ ٻوڏ متاثرن جي بس سان ٿيل سانحي تي لکان ليڪن مون کان سٽ به نه ٿي سرجي. ان سانحي تي دل جي ڌرتي ئي ڏُٻي ويئي. ڳوڙها ڳڙندا رهيا، لُڙڪ ٽمندا رهيا، نيڻ وسندا رهيا پر هيءَ درد ڪٿا لکجي نه سگهي.
پر جيڪو لکيم، جيئن لکيم اهو اوهان پڙهندڙن تائين پهچائڻ ۽ ان کي تاريخ جو حصو بڻائڻ جو سوچيم.
آئون ٿورائتو آهيان مرڪ پبليڪيشن ڪراچيءَ جي سرواڻ مرتضيٰ لغاريءَ ۽ سعيد مرتضيٰ لغاريءَ جن جو، جِن هن ڪتاب کي پنهنجي اداري پاران ڇپرائي اوهان پڙهندڙن تائين پهچايو. گڏوگڏ ٿورائتو آهيان، محترم رضا لانگاهه جو جنهن هن ڪتاب جو مهاڳ لکي ڏيڻ جي مهرباني ڪئي. احسانمند آهيان ادي خوشبوءِ بلوچ، فهميده شرف بلوچ، صبا شاهه، نجم سرهيو، عمران سومرو، ڪونج بلوچ، امين زرداري، رضوان ڪابُورو ۽ محبتي ملاح جو، جن پنهنجي قيمتي وقت مان وقت ڪڍي منهنجي شاعريءَ/ ڪتاب تي پنهنجا ويچار ونڊيا.
شڪر گذار آهيان ڀاءُ انجنيئر عزيز رانجهاڻيءَ جو جنهن بئڪ ٽائيٽل لکي ڏيڻ جي مهرباني ڪئي. ڪروڙين قرب ادا اقبال بلوچ ۽ ادي شائسته آرزو گجر جا جن فليپ لاءِ پنهنجن تحريرن سان نوازيو. ڪتاب بابت اوهان پڙهندڙن جي راءِ جو انتظار رهندو.
علي محمد ”درد“ سولنگي
03013459545
03322795990