ڪيڏاري جي ڪَربَ جھڙي شاعري
شاعري پنھنجي جوھر ۾ ٻن رُخن جي حامل رھي آھي. جنھن ۾ سماجي ۽ جمالي شاعري اچي وڃي ٿي. جمالي شاعريءَ جو تعلق سونھن يا خوبصورتيءَ سان جُڙيل آھي، جڏھن ته سماجي شاعريءَ جو واسطو سماج جي ڪَرب سان ڳنڍيل ھُجي ٿو. علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جو ھيءُ ڪتاب سماج جي سُورن ۽ دردن جو اطلاق داستان آھي، جنھن ۾ ڌرتي ڌڻين جي دانھن جو ذڪر چٽائي ۽ بي باڪي سان ملي ٿو.
علي محمد ”درد“ سولنگي سنڌ جو اھڙو سُڄاڻ شاعر آھي، جنھن پنھنجي قلم جي مس کي ڪڏھن بِه سُڪڻ ناھي ڏنو، پاڻ ھڪ مسلسل ليکاري رھيو آھي، مسلسل لکڻ جي ڪري سنڌ جي اندر جيڪا کيس مڃتا ملي آھي، اُھا سڀاويڪ نظر اچي ٿي.
سندس واين جي ھن ڪتاب ۾ پاڻ جيڪو ڌرتي ڌڻين تي ڪيڏارو لکي، شاعراڻو حق ادا ڪيو آھي، اُھو يقينن صدين تائين ساھهُ کڻندو.
ٻه ھزار ڏھه جي ٻوڏ کان پوءِ ٻه ھزار ٻاويھن جي برسات، سنڌ کي جيڪو نقصان رسايو آھي ۽ ان نقصان ۾ جيڪا وڏيرڪي سوچ ظاھر ٿي آھي، انھيءَ تي علي محمد ”درد“ سولنگي جئيان ھر ماڻھوءَ کي سوچڻ گُھرجي.
ڇاڪاڻ ته، انھن وڏيرن مان نه اڳ ۾ چڱائي ٿي آھي، نه ھاڻي ڪا چڱائيءَ جي اُميد ڪري سگھجي ٿي. اُھي وڏيرا صرف پنھنجن مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ غريب عوام سان کيڏندا رھيا آھن. ۽ اُنھن کي ڪُوڙن آسرن ۾ ڦاسائي ووٽ وٺندا رھن ٿا. وڏيرن جي اھڙي ڪُوڙي عمل ۽ کوکلين ڳالھين کي پنھنجي واين ۾ علي محمد ”درد“ سولنگي جھڙيءَ ريت ظاھر ڪيو آھي، اُن جي آجيان ڪرڻ گھرجي.
اُستاد بخاري، ”ڪاري ڪڪر ھيٺ“ ڪتاب لکي، پوري سنڌ جي ڀوتارڪي ڪلچر کي جھڙي طريقي سان ظاھر ڪيو ھو، اھڙي ئي طريقي سان سندس شھر دادؤَ سان تعلق رکندڙ بي باڪ شاعر علي محمد ”درد“ سولنگي پڻ پنھنجي شاعريءَ جي ذريعي ڀوتارن جي اھڙي گندي سوچ کي ظاھر ڪري، عوام کي جيڪو پيغام ڏنو آھي، اُھو اڳتي ھلي صدين جي تاريخ جو حصو بڻبو. اھڙي حصي جو حصيدار يقينن علي محمد ”درد“ سولنگي ھوندو، جنھن کي تاريخ ۾ ڪو به ميساري نه ٿو سگھي.
نجم سُرھيو
ڪائونسلر
سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو
16 آڪٽوبرر 2022ع