شاعري

منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

علي محمد درد سولنگيءَ جو هي تيرهون ڪتاب آهي، ۽ انفراديت اها اٿس تہ هن ڀيري هِن شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنف وائيءَ تي لکڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. هن سڄي ڪتاب جو موضوع سنڌ ۾ آيل 2022ع واري برساتي ٻوڏ آهي. برسات قدرتي يا مصنوعي، پر سنڌ ڌرتيءَ تي سُڪار بدران آفت بڻجي ڪڙڪي. علي محمد درد سولنگي پنهنجي شاعريءَ ذريعي واڳ ڌڻين ۽ ظالمن جي پت تہ وائکي ڪئي آهي پر مظلوم ماروئڙن سان همدرديءَ جو اظھار بہ ڪيو اٿس! هڪڙي قلم ڌڻيءَ جي اها ئي ذميواري آهي تہ هو سماجي مسئلن کي آواز ڏيئي ايوانن تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪري، درد سولنگي اهڙين ڪوششن ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو. 

Title Cover of book منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

گهَر، سَرَ، ڪانهَن، لَئِي،

گهَر، سَرَ، ڪانهَن، لَئِي،
ٻوڙي ٻوڏِ وَئِي.
ڪائِي شيءِ ناهي بَچِي.
سِنڌُ سان سَسُئي وانگِيان،
”جَتنِ جاڙَ ڪئِي“
ڪائِي شيءِ ناهي بَچِي.
ڪَڙڪِي ڪوهِستان کان،
قَهري قِيامَ پَئِي.
ڪائِي شيءِ ناهي بَچِي.
لُڙهيون ساريون حسرتون،
ٿِي وِيا خواب رَئِي.
ڪائِي شيءِ ناهي بَچِي.