شاعري

منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

علي محمد درد سولنگيءَ جو هي تيرهون ڪتاب آهي، ۽ انفراديت اها اٿس تہ هن ڀيري هِن شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنف وائيءَ تي لکڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. هن سڄي ڪتاب جو موضوع سنڌ ۾ آيل 2022ع واري برساتي ٻوڏ آهي. برسات قدرتي يا مصنوعي، پر سنڌ ڌرتيءَ تي سُڪار بدران آفت بڻجي ڪڙڪي. علي محمد درد سولنگي پنهنجي شاعريءَ ذريعي واڳ ڌڻين ۽ ظالمن جي پت تہ وائکي ڪئي آهي پر مظلوم ماروئڙن سان همدرديءَ جو اظھار بہ ڪيو اٿس! هڪڙي قلم ڌڻيءَ جي اها ئي ذميواري آهي تہ هو سماجي مسئلن کي آواز ڏيئي ايوانن تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪري، درد سولنگي اهڙين ڪوششن ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو. 

Title Cover of book منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

جوهيءَ جون اَدِيُون.

جوهيءَ جون اَدِيُون.
يادِ ڪندي صديُون.
سنڌ اوهان جو حوصلو.
ڀائرن سان رِنگ بندَ تي،
ڀينر ڀي ڪَٺيُون.
ياد ڪندي صديون.
سنڌ اوهان جو حوصلو.
ٽُوئا، لڪڙا، ڪوڏَرُون،
تَڏِيُون کڻي پُڳيون.
ياد ڪندي صديون.
سنڌ اوهان جو حوصلو.
بند ڪرڻ لئه روڻيون،
پاڻيءَ ۾ لٿيون.
ياد ڪندي صديون.
سنڌ اوهان جو حوصلو.



ڀَرِينِ بيٺيون پاچڪا،
ننڍيون ۽ وڏيون.
ياد ڪندي صديون.
سنڌ اوهان جو حوصلو.
راتو ڏينهان چوڪسي،
ڏينديون هي رهيون.
ياد ڪندي صديون.
سنڌ اوهان جو حوصلو.