فيس بوڪ فرينڊ
سوشل ميڊيا به ڪمال آھي، ڪٿان کان ڪٿي ٿا اچي ماڻھو ملن، سڄي دنيا جا ماڻھو پل ۾ دوست ٿيو وڃن. ائين مون سان جڙيل دوست جيڪو سٺو شاعر، سٺو نثر نويس، اوتروئي پاڻ سونھن ۽ سوڀيا جو مالڪ پڻ آھي. سائين جي مھربانين سان پوسٽ رستي موڪليل ڪتاب؛ 1. ”ھنڌان ھنڌان جھير“ (ڊائري جا ورق) 2. ”قلم جنين جي ھٿ ۾“ (خاڪا) سنڌ جي تخليقڪارن جا جو تعارف سھيڙي جنھن کي ڪتابي شڪل ڏيئي وڏو ڪم ڪيو آھي. 3. ”وڃائجي ويل رنگن جو احساس“ (نثري نظم) مون تائين پھتا. انھن ڪتابن جو خالق پيارو علي محمد ”درد“ سولنگي. درد سولنگي سان منھنجي ڪابه روبرو ملاقات ڪانه آھي، پر علمي ادبي سڃاڻپ جي ڪري اسين گھرا دوست آھيون. ”درد“ سولنگي ادبي کيتر ۾ پاڻ ملھايو آھي. صرف لکيو ڪونھي پر ان مواد کي ڪتابي شڪل ڏيئي ۽ ڇپائي پڙھندڙن تائين پھچايو آھي. درد جي شاعري ۾درد آھي، پيڙا آھي، سندس شاعري ۾ ڌرتي جو درد آھي ۽ سنڌ ۽ سنڌي مارن جي محبت نمايان آھي. درد جا جتي غزل خوبصورت آھن اتي نثري نظم به ڪمال آھن.
اچو ته ھي نثري نظم پڙھون:
تون پنھنجي مٿان
نڇاور ٿيل
گلن کي لتاڙيندي
اڳتي وڌندي ٿي وڃين
۽ آئون
تنھنجي پيرن ھيٺان چيڀاٽيل
گُلن، پتين
۽ پوءِ پنھنجي دل ڏانھن ڏسان ٿو
۽ سوچيان ٿو
ڇا
نڇاور ٿيڻ وارن جو
اھوئي مقدر آھي.
ھن نثري نظم ۾ ”درد“ لکي ٿو ته جيڪي ٻين مٿان پاڻ گھوري ڇڏيندا آھن ۽ نڇاور ٿيندا آھن، انھن جو نصيب انھن نڇاور ٿيل گلن جيان ھوندو آھي. ڪجھ وقت لاءِ اھي گل وڏي احترام سان رکيا ويندا آھن پر جڏھن نڇاور ٿيندا آھن ته پوءِ عام ماڻھن جي پيرن ھيٺان پيا لتاڙبا آھن.
بحر حال علي محمد ”درد“ سولنگي ادبي کيتر ۾ گھڻو پورھيو ڪيو آھي، ”درد“ سولنگي جتي درد جي ڳالھ ڪري ٿو، محبت ۽ پيار جي ڳالھ ڪري ٿو، ان سان گڏو گڏ ڌرتيءَ جي رنگن جي ڳالھ ڪري ٿو ۽ درد ھي نرم دل انسان ڪنھن جا درد ڏک ڪونه ٿو سھي سگھي، تازو سنڌ ۾ آيل طوفاني برساتن ۽ انھن برساتن جي ڪري دربدر ٿيندڙ سنڌي ماڻھو جن جا فصل اجھا به اجڙي ويا، مارو ويچارا گھر کان بي گھر ٿي ويا، ڪيتريون جانيون ضايع ٿي ويون، ڪيترا معصوم ماڻھو ٻڏي مري ويا، ڪيترا معصوم ماڻھو بيماري وگھي ھي دنيا ڇڏي ويا، سنڌ حڪومت ۽ سنڌي وڏيرن پنھنجون ملڪيتون بَچائڻ لاءِ پاڻيءَ جو رخ موڙي ڪيترن ئي شھرن ۽ ڳوٺن کي ٻوڙائي ڇڏيو. جيڪي لاوارث سنڌي جن جو ڪوبه والي وارث ڪونه ھو.
”درد“ سولنگي ٻوڏ ۽ برسات ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن تي ڪڙڪي پيل عذاب تي شاعري ڪئي آھي، درد سولنگي جون وايون ان سڄي تباھي جي عڪاسي ڪن ٿيون.
لاشَ ملن ٿا پيا،
جيئن جيئن پاڻي ٿو لهي.
نڪريو اچن ٿا اوچتو،
نانگ ڏنگن ٿا پيا.
جيئن جيئن پاڻي ٿو لھي.
شاعري ۾ مطالعو ۽ مشاھدو شاعري جي سونھن ٿيندا آھن، ھي درد جو مشاھدو آھي، پاڻي ۾ پيدا ٿيندڙ نانگ بلائون ۽ زھريلا جيت جن جي ڏنگڻ سان ڪيتريون معصوم جانيون ضايع ٿيون آھن.
ھاءِ ھاءِ
ھي خيال ڏسو:
ھڪ ننڍڙو نينگر،
ٽرڪ لتاڙي وئي ھلي .
ٻوڏ منجھان آيو بچي،
ھاءِ اھو ڪونڌر.
ٽرڪ لتاڙي وَئي هَلي.
ھن ڪيفيت کي پڙھو
سک سان ڪيئن سمھان،
ھر ھر ننڊ منجھان.
ڇرڪ ڀري اٿيو پوان.
پاڻي ئي پاڻي رڳو،
لڙھندي لاش ڏسان.
ڇرڪ پري اٿيو پوان.
درد جي دل ۾ ايڏو درد آھي، مون کي لڳي ٿو ته درد سولنگي جو وقت صرف ماروئڙن جي تڪليفن تي لکڻ لاءِ وقف آھي.
منھنجي دعا آھي ته علي محمد ”درد“ سولنگي آباد ھجي ۽ مارن جي اھِنجَن ۽ آزارن بابت آواز اٿاريندو رھي.
امين زرداري
03003226929