شاعري

منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

علي محمد درد سولنگيءَ جو هي تيرهون ڪتاب آهي، ۽ انفراديت اها اٿس تہ هن ڀيري هِن شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنف وائيءَ تي لکڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. هن سڄي ڪتاب جو موضوع سنڌ ۾ آيل 2022ع واري برساتي ٻوڏ آهي. برسات قدرتي يا مصنوعي، پر سنڌ ڌرتيءَ تي سُڪار بدران آفت بڻجي ڪڙڪي. علي محمد درد سولنگي پنهنجي شاعريءَ ذريعي واڳ ڌڻين ۽ ظالمن جي پت تہ وائکي ڪئي آهي پر مظلوم ماروئڙن سان همدرديءَ جو اظھار بہ ڪيو اٿس! هڪڙي قلم ڌڻيءَ جي اها ئي ذميواري آهي تہ هو سماجي مسئلن کي آواز ڏيئي ايوانن تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪري، درد سولنگي اهڙين ڪوششن ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو. 

Title Cover of book منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

شاعري جي آئيني ۾ زندگي جا عڪس

شاعري جي آئيني ۾ زندگي جا عڪس

شاعري جي باري ۾ ذھنن ۾ عام ھڪ تصور اهو به هوندو هو ته شاعري ۾ صرف گل باغ ۽ بلبل جا فرضي داستان بيان ٿيل هوندا آھن پر درحقيقت ائين هرگز ناهي وقت ۽ حالات جي پٽاندر جيئن هر شيءِ تبديلي ۽ جدت جي طرف وڃي رهي آھي، بلڪل ائين شاعري پنهنجا نت نوان گس ٺاهي ورتا آھن. محدود موضوعن جي قيد مان نڪري موجوده وقت جي تقاضن کي مدنظر رکندي نواڻ جي پرفضا ماحول ۾ ساھ کڻي رهي آھي، ائين کڻي چئجي ته شاعري حالات جي عڪاس هوندي آ يا آس پاس ۾ ٿيندڙ حالات جو اهو آئينو هوندو آھي جنهن ۾ انسان پنهنجو پاڻ کي ڏسندو آھي موجوده حالات جي پٽاندر جتي هرانسان حيران ۽ پريشان آھي اتي حساس دل رکندڙ شاعر غم جانان کي ڇڏي غم دوران لاءِ فڪرمند رهن ٿا، موجوده وقت ۾ جتي سنڌ مسلسل تڪليفون ڏسي رهي آھي، اهڙي وقت ۾ وري سيلاب جي ڏکوئيندڙ صورتحال هڪ انساني الميي کي جنم ڏنو آھي. ان ۾ هرانسان پنهنجي پنهنجي حصي جون ڀوڳنائون سٺيون علي محمد ”درد“ سولنگي جو ڪتاب ”منهنجي سنڌ لڙھي ويئي“ ڏکن جو اهو دستاويز آھي، جنهن کي کوليندي دل ڏڪي ٿي وڃي، جتي ڪجھ به ڪڇڻ به ايترو سولو نه هجي اتي ڏکن کي لفظن جوويس پارائي شاعري جوروپ ڏيڻ ڪمال فن جواعجاز آھي، ٻوڏ جي حوالي سان سنڌجي صورتحال تمام ڏکائيندڙ ۽ اذيتناڪ آھي. اگر سوچيو وڃي ته جدت جو مفهوم ڇاهي يعني احساس ۽ تخيل کي ٻن اهم ترين عناصر ۾ تصورڪيو ويندو آھي، تخيل جي نواڻ يا انوکو پَنُ هڪ تخليقي عمل آھن لفظ قافيا ۽ موضوع ڀلي ساڳيا هجن پر خوبصورت انداز بيان جو فن ڪنهن ڪنهن وٽ ئي هجي ٿو علي محمد ”درد“ سولنگي جي شاعري انهن ماپن ۾ پوري لهي ٿي.
هاڻي جو هاڻي،
نڪروناٿن شاھ مان.
ڌوڪيندو پيوٿواچي،
پاڻي ڙي پاڻي.
نڪرو ناٿن شاھ مان.
خطرو خداواھ کان،
راڻا! او راڻي.
نڪرو ناٿن شاھ مان.

هي منظر ٽي وي اسڪرين تي اکين سان ڏٺا ويا، جتي لفظن ساٿ نه پئي ڏنو فقط ڳوڙھن ڳالهايو پئي علي محمد ان منظر کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آھي. اهي جايون ڪکڙا اچانڪ ڇڏي ڏيڻ، جن سان انسان جو جذباتي لڳاءُ ھجي تن کي اوچتو ڇڏي ڏيڻ انسان جي اندر کي ضروراڌ ڪيوهوندو جيئن پکي، ڪک ڪک ميڙي هڪ آکيرو جوڙي ٿو، تئين انسان به سيمنٽ گاري ۽ سرن سان نه پر درحقيقت قربانين سان گهرڙو جوڙي ٿو سا سندس دل کي ئي خبر هوندي آ ته هڪ هڪ سر سان ڪيڏا خواب ڳنڍيل هوندا آهن، اچانڪ هر ڪک پن تان دستبردار ٿيڻ آيترو آسان ڪٿي هو؟
اهو منظر تمام ڏکائيندڙ ھو. جڏھن خيرپور ناٿن شاھ کي ڇڏڻ جو حڪم صادرٿيو ۽ اڳتي وک کڻڻ لاءِ ڪا واھ نه هجي ان بيوسي ۽ لاچاري کي علي محمد سولنگي تمام خوبصورت نموني شاعري جي ڪيئنواس تي چٽيو آهي.

ڪاري قهري راتِ،
مَحشرَ جو مَنظَرُ هُيو.
پاڻي گهرن آيو گهڙي،
ساههَ سَڀِن سڪراتِ.
مَحشرَ جو مَنظَرُ هُيو.
نِڪرو پنهنجا سِر وَٺي،
وائي هر ڪنهن واتِ.
مَحشرَ جو مَنظَرُ هُيو.
اوهي واهي ڪونه ڪو،
سُڏڪي پيا جذباتِ.
مَحشرَ جو مَنظَرُ هُيو.
اَلههُ تَلَههُ هليو وَيو،
پِرههَ ڦُٽي پرڀاتِ.
مَحشرَ جو مَنظَرُ هُيو.
شاعري تخيل جي شادابي ۽ احساسن جي لطافت ۽ جذبات ۾ شدت جونالو آھي يا مختصرطورائين به چئي سگهجي ٿو ته ٻين جي دل جي ڳالھ پنهنجي لفظن ۾ بيان، ڪرڻ ئي اصل ۾ شاعري آھي. درحقيقت لفظن جي چونڊ، ترتيب انفراديت جو ثبوت ڏنو آھي، جيئن هي وائي:
ڏارون ڏارون ڏار،
منهن جوگهرڊھي پيو.
برساتون هيلوڪيون،
قيامت جا آثار.
منهن جوگهرڊھي پيو .
هي سنڌ جي تاريخ جي خوفناڪ صورتحال رهي جڏھن زميني رابطه ڪٽجڻ ڪري زندگي مفلوج ٿي وئي هئي، زندگي کي گذارڻ ايترو آسان نه هيو، دربدري هڪ وڏو ڏک بڻجي وئي هئي. بيوس انسان پنهنجا ئي ٻچڙا ائين پنهنجي اکين آڏو موت جي منهن ويندي ڏسندا رهيا ۽ پنهنجي پيارن کي ائين لڙھندي ڏسي هرجيءُ جهريو هوندو. اهي سانحه من کي جهوري وجهندڙ ھئا پر علي محمد ”درد“ سولنگي اهڙي ڪمال فن سان انهن جي منظر ڪشي ڪئي آھي، جو پڙھندي انسان جي ذھن جي اسڪرين تي اهي منظر چٽي طورنظراچن ٿا، پڙھندي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ اُهي سڀ سانحه هن وقت پيش اچي رهيا آهن، لفظ، لفظ لڙڪ بڻجي پوي ٿو يا ائين کڻي چئجي ته شاعري جي آئيني ۾ زندگي جا عڪس نظراچن ٿا.

ڪوڪون ۽ ڪيهاٽ،
منهنجي سنڌ لڙھي وئي.

يا

بيوس ۽ لاچار،
رستن تي پيا ٿا رهون.

ويٺا ناهيون شوق سان،
ايئن ڇڏي گهرٻار.
رستن تي پيا ٿا رهون.

بي وسي ۽ بي حسي جيڪا ٻوڏ جي صورتحال ۾ نظر آئي سا پهريان تصور ۾ به نه هئي، هرسٽ ھڪ الڳ ڪهاڻي جيان آھي.
منهنجي مٺڙي ماءُ،
مون کي ننڊ نه ٿي اچي.
ڪيڏي آھي بي حسي،
ڪهل نه ڪهڪاءُ.
مون کي ننڊ نه ٿي اچي.

اهي سارا منظر جيڪي اکين سان ڏٺا ويا سي سڀئي منظر ڀاءُ علي محمد ”درد“ سولنگي جي شاعري جي هن ڪتاب جي شاعري ۾ نظراچن ٿا، جيڪي اکين ڏٺا.
علي محمد ”درد“ سولنگي هڪ سنجيده ۽ مستقل مزاجي سان لکندڙ آھي. خدا کيس اڃان ڏھوڻي ڏات ڏِئي لکندو رهي ۽ پروردگار سندس صحت کي سلامت رکي. آمين

فهميده شرف بلوچ
ڪراچي