منھنجي سنڌ لُڙھي ويئي
شاعري سماج جي ڏک، سک ۽ دردن پيڙائن جي عڪاسي ڪندڙ ھڪ احساس آھي.
شاعر پنھنجي سماج جي شفاف آرسي پنھنجي شاعري ذريعي پنھنجي قوم آڏو آڻي تاريخ لکي ڇڏين ٿا. شاعري جتي خوبصورت لطيف جذبو آھي، اتي سماج ۾ ٿيندڙ ڏک، درد، پيڙائن ۽ ناانصافين کي نروار ڪرڻ جو ذريعو پڻ رھيو آھي.
شاعر يا ليکڪ بيحد حساس دل جا مالڪ ٿين ٿا، بنسبت ھڪ عام ماڻھو جي. اھو ئي سبب آھي جو سندن شاعري ۾ ھڪ درد ھوندو آھي. ھڪ اھڙو درد جيڪو پڙھندڙن جون اکيون نم ڪري ڇڏي ٿو. اڄ مان شاعري جي اھڙي مجموعي جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿي، جنھن ۾ موجود شاعري، شاعري نه پر ديس جي دانھن آھي. هن ڪتاب جي شاعري کي درد ئي چئجي ته وڌيڪ بھتر. ۽ اتفاق اھو آھي ته هن شاعري جي مجموعي جي تخليقڪار جو تخلص به ”درد“ آھي.
علي محمد ”درد“ سولنگي ادب جي افق جو ڪو نئون نالو نه آھي. هن سنڌي ٻوليءَ کي ڪيترائي شاهڪار ڪتاب ڏنا آھن پر 2022ع جي تازي آيل هن ٻوڏ کي ۽ ٻوڏ جي دردن سورن کي شاعري جي هڪ ئي صنف وائي ۾ ايتري خوبصورت انداز ۾ قلمبند ڪيو آھي جو هن ڪتاب ”منھنجي سنڌ لڙھي ويئي“ ۾ شامل تخليقن کي اگر ٻوڏ جي تباھڪارين جي تاريخ چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو.
سنڌ ۾ آگسٽ مھيني کان شروع ٿيندڙ برساتون ڏسندي ڏسندي پوري سنڌ کي پنھنجي تباھي جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو پھرئين درياءَ جي ويجھو وارا علائقا زير آب ايندا ھئا پر موجودہ ٻوڏ ۽ درياءَ جي چاڙھ ۽ برساتن پوري سنڌ کي تباہه ڪري ڇڏيو ڪيترا ئي گھر بلڪه شھرن جا شھر ان تباھي جي ور چڙھي ويا ھزارين ماڻھو بي گھر ٿي ويا ۽ ڪيترن ئي ماڻھن پنھنجن پيارن کي پنھنجن اکين سامھون لڙھندي ۽ مرندي ڏٺو. اھڙين حالتن ۾ ھڪ عام ماڻھو ڪيترو به سخت دل ڇو نه ھجي جُهري پيو ھئو. پوءِ ڀلا ھڪ حساس دل شاعر سماج ۾ ٿيندڙ اھڙي ڏکويل صورتحال تي ڪيئن نه دکي ٿيو ھوندو. بحيثيت ھڪ شاعرہ ۽ ليکڪه جي مون کي خبر آھي ته قوم، وطن ۽ انسانيت جي ھر ڏکئي وقت ۾ تخليق جي ديوي چئو يا ڏک چئو لفظن جو روپ وٺي لکندڙن جي اکين مان لڙڪن ۽ قلم مان مس ذريعي ڪاغذ تي پکڙجي وڃن ٿا. سنڌ جي اھڙي صورتحال تي ڪجھ اھڙو ئي درد سنڌ جي خوبصورت شاعر علي محمد ”درد“ سولنگي محسوس ڪيو ۽ اھو درد سندس قلم ذريعي ڪاغذ تي اوتجي ويو آھي جيڪو ”منھنجي سنڌ لڙھي ويئي“ جي ڪتابي صورت ۾ اسان جي هٿن ۾ آھي. منھنجو تعلق به دادوءَ سان آھي ۽ هن ٻوڏ ۾ ٻين ضلعن جي بنسبت بدقِسمتيءَ سان دادو ضلعي وڌيڪ ڀوڳيو آھي، مون جڏهن علي محمد ”درد“ سولنگي جي هيءَ وائي پڙھي ته ٻوڏ جو سمورو درد منھنجي اکين اڳيان اچي ويو ۽ مان نيڻ پُسائي ويٺس. اهو ماڻھو ئي ان درد کي محسوس ڪري سگهي ٿو، جيڪو گهر کان بي گهر ٿي ڪئمپن يا روڊ يا بندن تي پنھنجا ٻچا ويھاري بک تي رهي چڪو هوندو. خيرپور ناٿن شاه سان گڏ سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن اهو درد ڀوڳيو جو کين اچانڪ رات جي پيٽ ۾ سر ۽ ساھ وٺي جهريل جهوپا ڇڏي کين ٻاهر نڪرڻو پيو.
ھاڻي جو ھاڻي،
نِڪرو ناٿن شاھ مان.
ڌوڪيندو پيو ٿو اچي،
پاڻي ڙي پاڻي.
نِڪرو ناٿن شاھ مان.
خطرو خُدا واھَ کان،
راڻا او راڻي.
نڪرو ناٿن شاھ مان.
الرٽُ آڌيءَ راتِ جو،
خلقت ويڳاڻي.
نڪرو ناٿن شاھ مان.
ٻوڙيائون ٻيھر وري،
ڄاڻي ۽ واڻي.
نڪرو ناٿن شاھ مان.
مان عذاب الاهي، الله پاڪ جي بندن سان پيارَ، تي ويچاريان ٿي ته منھنجو سڄو وجود ڏڪي وڃي ٿو ۽ گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ ان نتيجي تي پھچان ٿي ته الله پاڪ جي ٻاجهاري ذات ئي آھي جيڪا پنھنجي بندن سان بي پناه پيار ڪري ٿي. هن سيلاب ۾ سنڌ جي سڀني شھرن سان ٿيل نانصافين، ظلم ۽ ھٿ سان شھرن ۽ ڳوٺن ٻوڙڻ واري ان ظلم کي علي محمد ”درد“ سولنگي خوبصورت انداز سان هن وائي ۾ بيان ڪيو آھي، جنھن کي پڙھڻ سان ڳوڙھا ڳڙي پون ٿا. هن وائي ۾ پاڻيءَ جي ھٿرادو يلغار به بيان ڪيل آھي ته هٿرادو ڪٽ ھڻي ھٿ سان ٻوڙايل سنڌ جو درد به اوتيل آھي ۽ بکين اڃن مارن تي واسينگن جي وار مٿان وار جا پڻ ڪيئي قصا آھن. ڪنھن ڪنھن مفلس ۽ نادارن مارن جي سار لڌي ۽ ڪنھن ڪنھن کين ستايو ۽ ايذايو اهو به بيان ٿيل آھي.
ڳالھ اِھا چوڌار.
ھَٿَ سان ٻوڙايو اٿن.
ھيءَ ڪا آفت ڪانه ھُئي،
پاڻيءَ جي يلغار.
ھَٿَ سان ٻوڙايو اٿن.
جاٿان ڪاٿان ڪَٽَ ڏئي،
ويٺا هي ڪمدار.
ھَٿَ سان ٻوڙايو اٿن.
بُکَ اُڃَ ۽ بيماريون،
واسينگن جا وار.
ھَٿَ سان ٻوڙايو اٿن.
مفلس نادارن سندي،
ڪانه لڌائون سار.
ھَٿَ سان ٻوڙايو اٿن.
علي محمد ”درد“ سولنگي سنڌي ٻولي کي ڪيترائي ڪتاب ڏنا آھن، مان هتي سندس ڪيل ادبي خدمتن جو پورو پُنو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿي. هيءُ ”منھنجي سنڌ لُڙھي ويئي “علي محمد ”درد“ سولنگي جو مجموعي طور تيرنھون ڪتاب آھي، هن ڪتاب کان اڳ سندس ٻارنھن ڪتاب، ”ٻار گلن جا ھار“، ٻارن لاءِ شاعري 2005ع، ”چاھتن جا گلاب“ شاعري 2006ع، ”چاھتن جي موٽ“ شاعري 2008 ”سھڻا ٻار“ ٻارن لاءِ شاعري 2012ع، ”ھڪ شام جو الميو“ ڪھاڻيون 2012ع، ”موتين داڻا“ ٻارن لاءِ شاعري 2017ع، ”ڪاش!“ شاعري 2019ع، ”قلم جنين جي ھٿ ۾“ خاڪا 2020ع، ”وڃائجي ويل رنگن جو احساس“ نثري نظم 2020ع، ”ڪراچي سنڌ آ سائين“ شاعري 2021ع، ”قدر منجھ ڪنار“ پروفائيل انٽرويوز، 2021ع، ”ھنڌان ھنڌان جھير“ نثري ٽڪرا 2022ع، ڇپيل آھن. جيڪي سڀئي منفرد ۽ بھترين ڪتاب آھن، جن ۾ ”درد“ جي درد سان گڏ ڪيئي درد سمايل آھن.
پر 2022ع جي ٻوڏ جي تباھڪارين جي موضوع تي سنڌ جي درد تي مشتمل سندس ھيءُ ڪتاب ”منھنجي سنڌ لُڙھي ويئي“ درد جي حساس دلي جي دليل سان ديس جي مشترڪه درد جي دانھن تي مشتمل آھي، جنھن کي ”درد“ شاعراڻي صنف وائي جي ڏکين پيچرن تي نڀائيندي خوب ملھايو آھي. سندس هيءَ وائي ڀانُ، بدين جُهڏو، جوھي، وارھ، ميھڙ، ڏوڪري، خيرپور ناٿن شاه، ٺٽو، نوشھرو فيروز، مورو، مَچُرُ، وَرُ سجاول، ھاڪڙي ڪنڌي جا شھر ڳوٺ ڪاڇي، ڪچي، کاھيءَ سان گڏ سڄي سنڌ جي سورن کي شامل درد جي آلاپ کي عوام تائين پھچايو آھي.
ڀان، بدين جُهڏو.
ساري سنڌ ٻُڏي وئي!
وارھ، ميھڙ، ڏوڪري،
ڪي۔ اين شاھ، ٺٽو.
ساري سنڌ ٻُڏي وئي!
نوشھرو، مورو، مَچُرُ،
هر هڪ شھر ٻڏو.
ساري سنڌ ٻُڏي وئي!
وَرُ، سجاول هاڪڙو،
ڪاڇو ۽ ڪچو.
ساري سنڌ ٻُڏي وئي!
پاڻي هي برسات جو،
کاهيءَ تاءِ پڳو.
ساري سنڌ ٻُڏي وئي!
لڙھندڙ لاشن کي ڏسي،
آيُن ڪين جهٻو.
ساري سنڌ ٻُڏي وئي!
ناهي ڪجهه بچيو ڪٿي،
جيڪر سچ پُڇو.
ساري سنڌ ٻُڏي وئي!
ھن ٻوڏ کان پوءِ سڪاري سنڌ جي ڏکارن ڏوٿين مان ڪنھن جو به گهر ناھي بچيو، جيڪو هنڌان هنڌان نه ٽٽو هجي هن وائي ۾ ”درد“ علي محمد سولنگي سڀني ٽٽل گهرن کي پنھنجي گهر سان ڀيٽ ڏئي ان ڳالھ کي بانور ڪرايو آھي ته سنڌ ۽ سنڌين جا درد سُور منھنجا پنھنجا درد سور آھن، اها ڳالھ ان چوڻ ۽ مڃڻ لاءِ ڪافي آھي ته درد علي محمد سولنگي سنڌ جو سچو شاعر ۽ وطن ۽ قوم جو هڏ ڏوکي شاعر آھي وائي جي شروعات ۾ ڪتب آندل لفظ (هئه ھئه!) اهڙو ته ماتمي ۽ درديلو آلاپ پيدا ڪن ٿا جو وائي پڙھڻ سان پڙھندڙ غم جي ڪيفيت ۾ ڦاسي پوي ٿو.
هئه هئه! منھنجو گَهرُ.
ھنڌان هنڌان پيو ڏري.
ڀِتيُن ڇِتِيُن ساڻُ گڏُ،
منھنجو ھيءُ اندرُ.
ھنڌان هنڌان پيو ڏري.
قرض کڻي قسطون ڪري،
ٺھرايو هو پَرُ.
ھنڌان هنڌان پيو ڏري.
اھڙيون برساتون پيون،
ڇت وارو آڳُرُ.
ھنڌان هنڌان پيو ڏري.
هن وائي کي به ماتمي يا غم جي وائي ئي چئي سگهجي ٿو جنھن ۾ درد، سنڌ جي غم کي ڪربلا جي غم سان ڀيٽي پنھنجي اوچي ۽ اعليٰ عشق جو ثبوت ڏنو آھي.
مَنَ مَنَ ۾ ماتم.
خوشيون لُڙھيون ٻوڏ ۾.
سنڌ سڄي ٿي ڪربلا،
موٽيو ڄڻُ! مُحرم.
خوشيون لُڙھيون ٻوڏ ۾.
ٽھڪ ٽڙڻ بند ٿي ويا،
ھر ڪا اَکِ آ نَمُ.
خوشيون لُڙھيون ٻوڏ ۾.
ڳوڙھا ڳوڙھا ڳالھيون،
هر ڪنھن سان گڏ غم.
خوشيون لُڙھيون ٻوڏ ۾.
مان پنھنجي ڀاءُ علي محمد ”درد“ سولنگي کي ٻوڏ جي تباھڪارين تي مشتمل هن ڪتاب تي کيس ڀليڪار چئي ڪتاب ڇپجڻ جون مبارڪون ڏيان ٿي ۽ يقين سان چوان ٿي ته سندس هيءُ ڪتاب دُکي دلين لاءِ درد جو دارون ثابت ٿيندو.
نھايت نيڪ دلي سان ادا درد لاءِ دعا آھي ته الله پاڪ هميشه کيس ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون نصيب فرمائي جيئن هو سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪندو رهي.
ساٿ سلامت سنڌ سلامت
خوشبو بلوچ
حيدرآباد سنڌ