شاعري

منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

علي محمد درد سولنگيءَ جو هي تيرهون ڪتاب آهي، ۽ انفراديت اها اٿس تہ هن ڀيري هِن شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنف وائيءَ تي لکڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. هن سڄي ڪتاب جو موضوع سنڌ ۾ آيل 2022ع واري برساتي ٻوڏ آهي. برسات قدرتي يا مصنوعي، پر سنڌ ڌرتيءَ تي سُڪار بدران آفت بڻجي ڪڙڪي. علي محمد درد سولنگي پنهنجي شاعريءَ ذريعي واڳ ڌڻين ۽ ظالمن جي پت تہ وائکي ڪئي آهي پر مظلوم ماروئڙن سان همدرديءَ جو اظھار بہ ڪيو اٿس! هڪڙي قلم ڌڻيءَ جي اها ئي ذميواري آهي تہ هو سماجي مسئلن کي آواز ڏيئي ايوانن تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪري، درد سولنگي اهڙين ڪوششن ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو. 

Title Cover of book منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

سُڏ ڪائي سُڏڪا.

سُڏ ڪائي سُڏڪا.
مُنهنجي سنڌُ ٻُڏِي ويئِي.
ميهڙ، جوهِي، خيرپور،
دادوءَ ۾ ڌڌِڪا.
مُنهنجي سنڌُ ٻُڏِي ويئِي.
واهڙُ، ٽِلٽِي، ڪرمپور،
ڀانَنِ ۾ ڀُڻڪا.
مُنهنجي سنڌُ ٻُڏِي ويئِي.
راڻيپور، محرابپور،
وارههِ کي کُٽڪا.
مُنهنجي سنڌُ ٻُڏِي ويئِي.
ڪَڪَڙ، جهُڏو، بَدِينِ ۽،
جاتيءَ ۾ جهجهڪا.
مُنهنجي سنڌُ ٻُڏِي ويئِي.
نوشهرو، مورو، ٺٽو،
گوڙِ، کنوڻِ ڪڙڪا.
مُنهنجي سنڌُ ٻُڏِي ويئِي.