ڏاھو ڏات ڌڻي
مکڙيون ٽڙي جڏهن گل جي شڪل اختيار ڪري وٺنديون آهن، تڏهن اھي گُلَ ڀَنئور ۽ پوپٽن سميت باذوق ماڻھن جي نظر جو به مرڪز بنجي وڃن ٿا.
ڪلا جڏهن ڪنھن ڪلاڪار جي من مان نڪري نکرجي نروار ٿيندي آهي ته عام ماڻهوءَ جي روح جو آواز بنجي گونجي اٿندي آهي.
چوندا آهن ته ليکاري بڻجڻ لاءِ مطالعي جي سخت ضرورت هوندي آهي، شايد ان ڪري جو ليکڪ کي پنھنجي لکڻين کي جاندار بنائڻ لاءِ حوالا ڏيڻ جي ضرورت پوندي آهي، ڪنھن قدر اھو درست به آهي، پر مان سمجهان ٿو ته جيستائين ڪنھن ليکاريءَ ۾ مضبوط مشاھدو ناھي تيسيتائين ھو پنھنجي ڪنھن بہ لکڻيءَ ۾ جانِ نه ٿو وجھي سگھي.
ڏات ڏاتار طرفان عطا ٿيندڙ تحفو آهي ۽ ڏاتار ھر ڪنھن تي راضي به ناھي ٿيندو ۽ جنھن تي راضي ٿي وڃي ته ان کي ”ڏات ڌڻي“ بڻائي ڇڏي ٿو.
علي محمد المعروف درد سولنگي کي ڏاتار ڏات ڌڻي بڻائي دنيا آڏو اھو ظاھر ڪيو تہ ھو مٿس راضي آھي. اُن ربِ ڪائنات ھن ھڪ شخص کي گهڻ رخو بنائي ڪيترين ئي شخصيتن جو مالڪ بنائي ڇڏيو.
علي محمد جڏهن ٻارن لاءِ لکڻ ويٺو ته ٻار بنجي ويو، نوجوانن لاءِ لکڻ شروع ڪيائين ته انھن جي دلين جو ترجمان بڻجي ويو. ھن جنھن به عنوان کي ھٿ ۾ کنيو، ان سان ڀرپور نباھ ڪيو.
مون کي چيو ويو ته مان سندس ھن تيرھين ڪتاب ”منهنجي سنڌ لڙهي ويئي“ ۾ شامل شاعريءَ تي ٻه اکر لکان، ھن گھڻ رخي شخصيت تي لکڻ منھنجي لاءِ ڪنھن اعزاز کان گهٽ ناهي پر ساڳي وقت ٻه اکر لکڻ به ممڪن نه ٿو ڀانيان، ڇو ته جيڪو ھڪ شخص ڪيترين ئي شخصيتن جو مالڪ ھجي ان جو خاڪو ٻن اکرن ۾ تيار ڪرڻ ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو.
علي محمد جو واين تي مشتمل مجموعو به اڳين ڪتابن جيئان منفرد آهي، جنھن ۾ شامل واين ۾ علي محمد پنھنجي ڌرتيءَ جي اھنجن کي پنھنجن خوبصورت لفظن جي مالھا ۾ پوئي ڪتابي ھار جي شڪل ڏئي اسان کي ناياب تحفو ڏنو آهي.
ڪيڏي نه جيءُ جهوريندڙ منظرڪشي آهي:
ھَئه ھئه منھنجو ھانءُ.
ٻوڙي ڇڏيو ٻوڏ آ.
گھر م جيڪو ڪجھ ھيو،
انُ، گُندِي ۽ ٿانءُ.
ٻوڙي ڇڏيو ٻوڏ آ.
رٿيل ھو ھن ماھ ۾،
پٽ سندو تہ وِھانءُ.
ٻوڙي ڇڏيو ٻوڏ آ.
ڀِتِ تي لنوندو ھو اچي،
ڪَان ڪَان ڪندڙ ڪانءُ.
ٻوڙي ڇڏيو ٻوڏ آ.
ڪو نه رھيو آھي ڪٿي،
فصلن نالو نانءُ.
ٻوڙي ڇڏيو ٻوڏ آ.
۲.
من من ۾ ماتم،
خوشيون لُڙھيون ٻوڏ ۾.
سنڌ سڄي ٿي ڪربلا،
موٽيو ڄڻ محرم.
خوشيون لُڙھيون ٻوڏ ۾.
ٽھڪ ٽڙڻ بند ٿي ويا،
ھر ڪا اک آ نم.
خوشيون لُڙھيون ٻوڏ ۾.
ڳوڙھا ڳوڙھا ڳالھيون،
ھر ڪنھن سان گڏ غم.
خوشيون لُڙھيون ٻوڏ ۾.
۲۰۲۲ع واري برساتي ٻوڏ کان پوءِ پيدا ٿيل ڀيانڪ صورتحال ۽ ماروئڙن جي پيڙائن کي محسوس ڪندي علي محمد واين جو روپ ڏئي پنھنجي ڏات ڌڻي ھجڻ جو ثبوت ڏنو آهي.
رضوان ڪابورو
حيدرآباد