ٿيلها ڇو ٿا ڏيو،
فقِيرَ ته ناهيون.
هيڏي هوڏي پيا،
دربدر ٿا ڪيو.
فقِيرَ ته ناهيون.
ٻنيون ٻارا هيا،
ڳوٺُ پنهنجو هيو.
فقِيرَ ته ناهيون.
پنهنجي اوطاق تان،
ڪو، نه بُکيو ويو.
فقِيرَ ته ناهيون.
هي اسان ساڻ آ،
ڇا منجهان ڇا ٿيو!؟
فقِيرَ ته ناهيون.
علي محمد درد سولنگيءَ جو هي تيرهون ڪتاب آهي، ۽ انفراديت اها اٿس تہ هن ڀيري هِن شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنف وائيءَ تي لکڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. هن سڄي ڪتاب جو موضوع سنڌ ۾ آيل 2022ع واري برساتي ٻوڏ آهي. برسات قدرتي يا مصنوعي، پر سنڌ ڌرتيءَ تي سُڪار بدران آفت بڻجي ڪڙڪي. علي محمد درد سولنگي پنهنجي شاعريءَ ذريعي واڳ ڌڻين ۽ ظالمن جي پت تہ وائکي ڪئي آهي پر مظلوم ماروئڙن سان همدرديءَ جو اظھار بہ ڪيو اٿس! هڪڙي قلم ڌڻيءَ جي اها ئي ذميواري آهي تہ هو سماجي مسئلن کي آواز ڏيئي ايوانن تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪري، درد سولنگي اهڙين ڪوششن ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو.
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو