انتساب پياري ڀيڻ سلطانه صديقي
سلطانه صديقي نالي
آپا سلطانه جون ڪجهه Plus Points جن جو قدر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو: هو بيحد محنتي آهي. هر ڳالهه صاف ۽ کري چوي ٿي، چاهي ڪنهن کي پسند اچي يا نه_منافق ناهي. هوءَ Self Made ماڻهو آهي. هن جي سوچ انفرادي ناهي. هوءَ خود غرض ناهي ۽ هر وقت ٻين جو خيال به رکي ٿي. هن نه رڳو قول سان پر فعل سان پڻ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته انسان جي قسمت ٺاهڻ ۾ هن جو هٿ پڻ رهي ٿو ۽ الله به انهن جي مدد ڪري ٿو جيڪي پاڻ به سچي دل سان ڪوشش ڪندا رهن ٿا. پاڻ پنهنجن ڏکن کان وڌيڪ ٻين جا ڏک پنهنجا سمجهي ضرورتمندن جي مدد ڪري ٿي. هن وقت الله جي فضل سان هوءَ پئسي ڏوڪڙ، عزت، مان، درجي ۽ نوڪريءَ ۾ ڪيترن کان مٿاهين آهي پر سندس وهنوار، اڄ به غريب توڙي امير سان اهوئي ساڳيو آهي جيڪو پهرين هو. سلطانه پنهنجي والدين ۽ ڀائر ڀينرن وانگر بيحد Religious آهي ۽ سندس دل ۾ هر وقت خدا جو خوف رهي ٿو. ٽيڙي، مغروري، وڏ ماڻهپي جهڙين شين کان هر وقت پري رهي آهي ۽ بيحد Humble قسم جي عورت آهي. Face Value ۾ يقين رکي ٿي پر ساڳي وقت ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي پرک پڻ اٿس. نيڪ ۽ محنتي ماڻهن جو قدر ڪري ٿي.
آپا سلطانه سان منهنجي ڏيٺ ويٺ تڏهن کان آهي جڏهن کان هن جي شادي به نه ٿي هئي ۽ چاچي امداد قاضيءَ جي ڌيءَ يا اسان کان سال ٻه ننڍي دوست جهانگير صديقي جي ڀيڻ سڏبي هئي. هو حيدرآباد جي گاڏي کاتي ۾ رهندا هئا. منهنجي ناني جو گهر به اتيئي هو. هندو عام فئملين بعد حيدرآباد جي گاڏي کاتي جون ڪجهه سنڌي مسلمان فئمليون پڻ بيحد Disciplined سمجهيون وينديون هيون جن جي ٻارن اڳتي هلي تعليم توڙي واپار وڙي ۾ نالو پئدا ڪيو. اسان جي نانيءَ جو ڀاءُ مرزا عبدالرحمان (جسٽس حامد علي مرزا جو والد صاحب)، ٽنڊو ڄام جو چاچو ماستر محمد يعقوب ميمڻ (سراج ميمڻ، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ منهنجي ڪلاس ميٽ صلاح الدين جن جو والد صاحب)، چاچو محمد صالح ميمڻ (خالد، طارق، ڊاڪٽر فهميده_مسز اقبال جماڻي جن جو والد صاحب)، علي حسن قادري صاحب، ان کان علاوه ڊاڪٽر قمر گائنا ڪالاجسٽ، سنڌ سيڪريٽريٽ ماهتاب (چنه)، ٽي وي جو فنڪار فريد نواز بلوچ وغيره وغيره جهڙن مشهور شخصيتن جا والدين پڻ اتي ئي رهيا ٿي. آپا سلطانه وارن جي فئملي پڻ انهن مان هڪ هئي. اهي سڀ نه گهڻي ملڪيت وارا هئا نه کين مهل بنگلا هئا ۽ سڀ نهايت سادگيءَ سان رهيا ٿي. منجهن ڪنهن به قسم جو ڏيک يا شوبازي نه هو. ۽ نه هنن ڪنهن جي دل آزاري ڪئي ٿي. هنن لاءِ اولاد جي تعليم ۽ تربيت ڏي ڌيان سڀ ۾ اهم هو.
پاڙي جي ٻين مسلمان عورتن وانگر آپا سلطانه وٽ پڻ ڪي يونيورسٽي جون ڊگريون کڻي نه هيون، پر علم، اخلاق ۽ مذهبي ڄاڻ ۾ هوءَ ڀڙ هئي. هن پنهنجي اولاد ۾ هر سٺي ڳالهه ڏسڻ چاهي ٿي. هن، هنن جي اٿڻي وهڻي، ڳالهائڻ ٻولهائڻ تي نظر رکي ٿي. هنن کي پابندي سان، روزانو اسڪول مان موٽڻ ۽ ماني کائڻ بعد هوءَ پنهنجين نظرن هيٺ وهاري کين پڙهڻ لاءِ چوندي هئي. مُنو(ايئر ڪموڊور منور) ته تمام ننڍو هو. پهرين يا ٻئي ۾ پڙهندو هو، راجا (جهانگير)، ڪِڪي (ڊاڪٽر خورشيد) توڙي سلطانه ۽ شمس ٽيبل تي جي چوڌاري گڏ ٿي ويهي پڙهندا هئا.
“ان مان اهو فائدو ٿيو،” سلطانه اڄ به مڃي ٿي، “ته ڪڏهن هوم ورڪ نه هوندو هو ته به وقت گذارڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه پڙهڻو پوندو هو. ساڳي وقت ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي ته اتي موجود وڏي ڀاءُ يا ڀيڻ کان پڇي وٺبي هئي.
سلطانه جي وڏي ڀاءُ مظهر صديقي ائين محنتون ڪري، ملڪ جا اعلي امتحان پاس ڪري صوبائي ۽ فيڊرل سيڪريٽري ٿيو، وائيس چانسيلر ٿيو ۽ هينئر پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين آهي. اهڙي طرح ٻيو ڀاءُ ڊاڪٽر قمر صديقي نه فقط ڊاڪٽر ٿيو پر شروع کان محنتي، هوشيار ۽ نيڪ سمجهيو وڃي ٿو. ماڻهو چون ٿا ته قدرت هن جي هٿن ۾ شفا رکي آهي. منهنجي خيال ۾ قدرت سندس هٿن ۾ تڏهن ئي شفا ڏني آهي جڏهن هو ايماندار ۽ محنتي اهي. غريبن جو هڏ ڏوکي آهي. هو غلط دوائون ۽ سُيون هڻي پئسا ڦري شراب ڪواب ۽ ناچ گانن پٺيان نٿو وڃائي. پئسي جي لالچ نه اٿس ۽ نيت صاف اٿس. ها ڊاڪٽر قمر توڙي آپا سلطانه جي ٻين ڀائرن ڀينرن لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته هو سخت طبيعت يا شوخ مزاج جا آهن جيڪا سندن وڏ ماڻهپي يا ٽيڙي ناهي پر هو، جيئن مٿي لکي آيو آهيان، ننڍپڻ کان هڪ Discipline زندگي ۾ رهيا آهن ان ڪري پاڻ به ان ئي قسم جو Discipline چاهين ٿا. ڇيڳرائي يا ٽرڙپائي کي پسند نٿا ڪن. هنن وٽ هر ڳالهه سٺائي ۽ خرابي تي پرکي وڃي ٿي. سچ سچ آهي ڪوڙ ڪوڙ آهي. ادا مظهر صديقي کان ٿي سگهي ٿو ڪجهه پنهنجن کي شڪايت به هجي ته هن انهن جا ڪم نه ڪياهجن. هن اهي ضرور نه ڪيا هوندا جو اهي انصاف موجب ڪرڻ جهڙا نه هوندا. ۽ جي ڪرڻ جهرا هوندا_سچ تي مبني ته پوءِ هن ڌارين جا به ڪيا هوندا. سٺي ڳالهه کي هو سٺوئي چون ٿا پوءِ اها سٺي ڳالهه کڻي ڪنهن به چئي هجي. هندو مسلمان، سنڌي مهاجر پنجابي يا شيعو سني پنهنجي جاءِ تي پر جيڪو نيڪ ۽ سچار آهي، هنن ان جي گڻن کي ضرورو مڃيو ۽ ساراهيو هوندو. هو هميشه سٺيون ڳالهيون پنهنجو پاڻ ۾ ۽ پنهنجن ۾ پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هنن ڪڏهن به انسان ذات يا زبانن سان نفرت نه ڪئي آهي. ائين جي هجي ها ته سندن هڪ ڀيڻ آپا شاهجهان ڪڏهن به غير سنڌين مان شادي نه ڪري ها. ۽ ڇا اها حقيقت نه آهي ته سندس مڙس اقبال جعفر ڪيترن ئي ضرورتمند سنڌين جي مدد ڪئي هوندي جيڪا ڪنهن پنهنجي سنڌي وڏيري، پير، ايم اين اي به پنهنجي علائقي جي غريب عوام سان نه ڪئي هوندي.
سلطانه ٽي وي تي هڪ وڏي عهدي تي پهچڻ کان علاوه ڪيترن ئي فلاحي ادرن ۾ پڻ ڪم ڪري ٿي. پاڻ سنڌ گرئجوئيٽ (SGA) جي عورتن جي شاخ جي وائيس پرزيڊينٽ آهي. سگا جي عورتن جي برانچ هن سال ٻن ۾ جيڪڏهن گهڻو نه ته مردن جي مقابلي ۾ ڪم ضرور ڪيو آهي. ان تان مون کي ياد ٿو اچي ته جڏهن سگا ٺاهي وئي هئي ته شروع شروع ۾ ڪراچي جهڙي شهر ۾ به عورتن جو فقط نالو هو. ميٽنگ يا فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ وارا هوندا فقط مرد هئا. ڳالهه هرڪو ڪندو هو پر ڪو به ٻارن ٻچن کي وٺي نه ايندو هو. پوءِ ماحول ڪجهه ڪجهه اوطاق وارو ٿيڻ لڳو هو. ڪجهه ڪم جون ڳالهيون ٿينديون هيون ته باقي چرچا ڀوڳ_جيڪي چرچا گهٽ گارگند، گلا ۽ Loose Talk وڌيڪ هئا. ظاهر آهي ته اهڙين محفلن ۾ (يعني تن ڏينهن ۾، ستر جي شروع وارن سالن ۾) ڪو به فئملي سان اچڻ سٺو نه سمجهندو هو ساڳي وقت ڪيترا دوست هئا_شمشير حيدري، ڊاڪٽر سليمان، نذير چنا، بخش علي لاکو، محمد بخش شاهاڻي، خان محمد پنهور، حضوربخش آزاد جتوئي جهڙا جيڪي هميشه “مليل گڏجاڻين” جي وڪالت ڪندا هئا پر جڏهن به دعوت ٿيندي هئي ته هر ڪو اڪيلي سر ايندو هو.
ان قسم جي هڪ دعوت، 1976ع جي لڳ ڀڳ، ڪراچي جي هوٽل انٽر ڪانٽينينٽل (هاڻوڪي پرل) ۾ ٿي. ان ۾ پنجاهه سٺ کن سگا جي ميبر هئا. عورت ڪابه نه هئي. دستور موجب هڪ ملاکرو متل هو.اڄ ڪو مڃي يا نه پر مون کي چِٽي طرح ياد آهي ته ميٽنگ شروع ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر سليمان سيخ روسٽروم کي رکي رکي بيدرديءَ سان ڪُٽي رهيو هو ته جيئن هال ۾ ماٺ ٿئي. ايتري ۾ ادا مظهر صديقي حال ۾ داخل ٿيو. ساڻس گڏ سندس زال _ ڀاڄائي اختر _ ۽ ڀيڻ سلطانه هئي. هال ۾ خاموشي ڇائنجي وئي. ميٽنگ شروع ٿي. پڪ اٿم ته مون وانگر ڪيترا احساس جرم محسوس ڪري رهيا هوندا ته ادا مظهرکي شابس هجي جيڪو فئملي سان آيو آهي ۽ دعوت هوندي به اسان مان ڪوبه فئملي وٺي نه آيو. منهنجي ڀرسان، ان وقت، لاڙڪاڻي جو اختر عباسي (پي پي جي وزير حاجي منور عباسي جو ڀاءُ) ويٺل هو تنهن مون کي آهستي چيو: اسين سنڌي جيسين سڄي گهر جي سوچ ۾ تبدلي نه آڻينداسين تيسين اسان جو اڳتي وڌڻ ڏکيو آهي. اسان مان هر سنڌي کي رڳو پنهنجو پاڻ کي وڏيرو نه سمجهڻ کپي. عورتن کي به اهميت ڏيڻ کپي جيڪي اڳتي هلي اسان کان به وڌيڪ بهتر رول ڪري سگهن ٿيون، ٻيو نه ته پنهنجن ٻارن جي ئي بهتر رهنمائي ڪري سگهن ٿيون. اڄ ادا مظهر وڏي همت ڪئي آهي.”
پر ان ڏينهن ادا مظهر کان وڌيڪ همت آپا سلطانه ڪئي جنهن ميٽنگ ختم ٿيڻ ۽ چانهن پيئڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻ وقت اڳيان وڌي اچي سڀني کي شرمايو ته “ هي گڏجاڻي جڏهن فئملي گڏجاڻي هئي ته پوءِ منهنجا ڀائر پنهنجين زالن ۽ ڀينرن کي ڇو نه وٺي آيا.......؟” وغيره. سندس تقرير جادوئي اثر ڪيو. ان ئي وقت ڀر ۾ بيٺل ڊاڪٽر سليمان ۽ هڪ ٻن ٻين مائيڪ ذريعي اعلان ڪيو ته هو وعدو ٿا ڪن ته آئندي سلطانه صديقي جي ڳالهه تي عمل ڪندا.
سلطانه جي مٿين مختصر تقرير، نصيحت يا ٽوڪ بم ثابت ٿي ۽ اسان جي سوچن ۾ انقلاب آندو جو ٻي ميٽنگ کان مون ڏٺو ته سگا جي ميٽنگن ۾ عوتن جو تعداد وڌندو رهيو. اسان جا ويندي اهي ميمبر جن جون زالون ڏورانهن ڳوٺن کان ڪراچي جهڙي شهر ۾ پهريون دفعو آيون هيون انهن به اچي شرڪت ڪئي. ۽ اهو سلسلو وڌندو رهيو. اڄ ويهارو سالن بعد اهو معلوم ڪري خوشي ٿي ٿئي ته انهن عورتن مان ڪيترين سگا لاءِ_يعني پنهنجي ضرورتمند ڀيڻن لاءِ، زندگي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ خذمتون ڏنيون آهن. تعليم جي ميدان ۾، صحت جي ميدان ۾ ۽ ٻين سماجي ڪمن ۾. اڄ اسان جي پيڙهي_يعني سندن اولاد پڻ نيڪ ڪمن ۽ سوچن ۾ اڳيان اڳيان آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين، سلطانه وقاصي، ماهتاب راشدي، زبيده ميتلو، شيرين قريشي، شبنم موتي، عاليه سومرو، حميده، مارئي وغيره شروع جي ۽ بعد جي ميمبرن مان ڪجهه مثالي سخصيتون آهن. سو سگا جي پراڻن ماڻهن جي اڄ به ملاقات ٿيندي آهي ته سلطانه صديقيءَ کي سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو آهي.
سلطانه صديقي سگا کان علاوه ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل جي به نه فقط ميمبر آهي پر سالن کان ان جي ميٽنگ ڪاميٽي تي آهي ۽ ملڪ جي اديبن، شاعرن، آرٽسٽن ۽ فنڪارن جي همت افزائي ۾ سندس هٿ رهيو آهي. پاڻ پهرين سنڌي عورت آهي جيڪا بزنيس ائنڊ پروفيشل وومين ائسوسيئيشن جي ميمبر ٿي جيڪا عورتن جي هڪ بين الاقوامي ائسوسيئيشن آهي. سندس ميمبر ٿيڻ کان اڳ هن اداري جي سنڌ ۾ ڪابه شاخ نه هئي. هاڻ سڄي سنڌ ۾ ان جون برانچون آهن جن کي قائم ڪرڻ ۾ سلطانه لڳاتار جاکوڙ وٺي ڪاميابي حاصل ڪئي.
سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد سلطانه ڀيڻ جي شادي ٿي. ڪجهه عرصي بعد 1973ع ۾ اسان سندس علحدگي جي بئڊ نيوز ٻڌي. آئون اها وڪالت ڪرڻ نٿو چاهيان ته آيا آپا سلطانه صحيح هئي يا غلط. هي معاملا ۽ اڻ بڻتيون اسان جي معاشري جو هڪ حصو آهن. اها ٽرئجڊي ڪنهن جي به ڀيڻ يا ڌي سان ٿي سگهي ٿي. ان ۾ ڪنهن کي خدائي فوجدار ٿي پنهنجا ڇڙواڳ رايا ۽ فيصلا نه ٿافڻ کپن. سلطانه توڙي هن جي مائٽن ان قسم جي صدمي واري ڳالهه کي برداشت ڪري ان کي وساري ڇڏڻ ئي چاهيو ۽ هن کي ذهني طرح مشغول رکڻ لاءِ ٽي وي وغيره تي ڪم ڪرڻ لاءِ همٿايو. آئون سلطانه کي اهم، دلير، قابل تعريف ان ڪري نٿو چوان ته هن سان اها بدقسمتي ٿي پر منهنجي نظرن ۾ هوءَ ان ڪري هڪ اهم شخصيت آهي جو هن پنهنجي ان بدقسمتي لاءِ ڪنهن کي به ڏوهاري ٺهرائي دنيا جهان سان لڳ لڳاپا نه لاٿا. هن جنهن همت سان پنهنجو پاڻ سنڀاليو، ماڻهن ۽ معاشري کي منهن ڏنو ۽ Single Parent جي حيثيت سان ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ڏي ڌيان ڏئي کين وڏو ڪيو اها اسانجي معاشري جي عورت لاءِ هڪ مثالي ڳالهه آهي. علحدگي وقت سندس ننڍو پٽ دريد ٻن سالن کن جو مس هو ۽ اڃان هاڻ اسڪول وڃن شروع ڪيو هئائين. اڄ سندس ٽئي ٻار تعليم پوري ڪري وڏا ٿي ويا اهن. وڏي پٽ شنيد قريشي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي مان انڊسٽريل انجنيئرنگ ۾ B.E ڪئي ۽ سڄي يونيورسٽي ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيو ۽ هينئر پنهنجو بزنيس ڪري ٿو. (پاڻ العباس شگر مل جو مئنيجنگ ڊئريڪٽر آهي). ٻيو پٽ جنيد قريشي گذريل ڏهاڪو سالن کان آمريڪا (USA) ۾ آهي جتان ڪمپيوٽر انجنيئرنگ (Hard Ware) ۾ تعليم پوري ڪري هاڻ پنهنجو ڪاروبار هلائي ٿو. ۽ ننڍي دريد هاڻ MBA ڪئي آهي ۽ هو به پرائيويٽ بزنيس ڪري ٿو. شنيد جي شادي ڪجهه سال اڳ اسان جي اديب دوست اشفاق قاضي جي ڌي ۽ ابرار ۽ امتيازقاضيءَ ڀائٽي مومل سان ٿي ۽ کيس ٽي ٻار آهن: شاهه مير، شاهزيب ۽ ڌيءَ شانزيح. جنيد ۽ دريد جي شادي هن سال ٿيڻ واري آهي.
سلطانا صديقي کي ڪيترائي قومي ۽ بين الااقوامي قسم جا ايوارڊ (انعام) ملي چڪا آهن. ڪجهه، جيڪي هن وقت منهجي ڌيان ۾ آهن:
_پي ٽي وي ميوزڪ ايوارڊ.
_گرئجوئيٽ ايوارڊ.
_پي ٽي وي سلور جوبلي ايوارڊ.
_سنڌ گرئجوئيٽ ائسوسيئيشن گولڊ ميڊل.
_جرمن تي وي اسپيشل ايوارڊ، وغيره.
الطاف شيخ 2_مئي 1998ع