“ناريل_ملئي ماڻهن جي جيءَ جو جياپو”
گهڻا سال اڳ جي ڳالهه آهي، اسان جو جهاز جپان ڏي ويندي ايندي رستي تي ڪولمبو (سري لنڪا جي بندرگاهه) ۾ ڏينهن ٻن يا هفتي ڏيڍ لاءِ ضرور ترسندو هو. ڪولمبو ۾ سڀني جا شوق ساڳيا هوندا هئا: سئينامائن ۾ هندي فلمون ڏسڻ، سمنڊ جي ڪناري تي واڪ ڪرڻ ۽ هوٽلن ۾ سامونڊي شيون:مڇي، گانگٽ ۽ ڪيڪڙا کائڻ ۽ ان بعد جهاز تي ورڻ وقت پاڻ سان انناس، پپيتو يا ڪيلو وٺي اچڻ. آخري ڏينهن تي وطن ڏي وٺي هلڻ لاءِ ڏونگهيون، ڏونگهين جو تيل، مسالو ۽ کاڄا وٺندا هئاسين.
سريلنڪا ۾ کوپري (ڏونگهين) جي تيل ۾ رڌپچاءُ ڪن. ڪولبو ۾ دڪانن تي تازي ناريل يا ڏونگهين جي سنهي ڪاتر (چورو) پڻ وڪامي. جيڪو ڏسڻ ۾ کير جهڙو اڇو ۽ برف (Snow) جهڙو سنهو سهڻو ٿئي ٿو. سريلنڪا جي ماڻهن کي هر وقت اهو وٺندي ڏسي هڪ دفعي اسان به ڳوٺ لاءِ ان چُوري جون ٻه ٽي ٿيلهيون وٺي آياسين. پر ڳوٺ پهچي سمجهه ۾ نه آيو ته ان کي ڪهڙي ڪم ۾ آڻجي. ان کان اڳ ناريل جي اها ڪاتر فقط پان وارن کي استعمال ڪندي ڏٺي هئيسين. ان بعد اهو چورو هڪ پنجابي دوست کي ڏيئي آيس جنهن جي فئملي رڌپچاءَ جي ڪم ۾ ڀڙ آهي. پر افسوس جو انهن وٽ به اهو ناريل جو چورو Disacted-Coconut رکي رکي خراب ٿي ويو.
انهن ئي ڏينهن ۾ آمريڪا مان نڪرندڙ هڪ رسالي “U.S. Lady” ۾ ناريل تي هڪ مضمون پڙهيو هوم، (جيڪو مضمون پوءِ ريڊرس ڊائجسٽ رسالي ۾ پڻ ڇپيو هو.) ان ليکڪ ناريل جي ڏاڍي تعريف ڪئي آهي ته هڪ دفعي هو فلپين ۾ ناريل جي وڻن هيٺان بيٺو هو ته هڪ باغائيءَ_جنهن پنهنجي سڄي ڄمار ناريل جي وڻن جي سار سنڀال ۾ گذاري هئي، تنهن مٿي آسمان ڏي آڱر سان اشارو ڪري کيس چيو: “جيترا تون آسمان ۾ تارا ڏسين ٿو، اوترن گهڻن نمونن جا فائدا ۽ کاڌي پيتي جون شيون ناريل جي وڻ مان حاصل ٿي سگهن ٿيون.”
اهو پڙهي مون کي تعجب لڳو هو ته تعريف ئي ڪرڻي آهي ته ناريل کان وڌيڪ ان جو حقدار زيتون يا گيدوڙو ٿي سگهي ٿو. پر پوءِ هتي ملائيشيا اچي پنهنجو رايو بدلائڻو پيو. ٿورن ڏينهن ۾ اها پڪ ٿي وئي ته ناريل جو هتي جي ماڻهن جي زندگيءَ سان ايترو ڳانڍاپو اهي جيترو هوا، پاڻي يا ٻي اهڙي اهم شيءِ سان هر انسان جو.
ملائيشيا جي اتراهين رياست ڪيداح ۽ پيرلس کان ڏاکڻي رياست جوهور ۽ پهانگ تائين. يا صباح سراواڪ، بورنيو کان منيلا_فلپين ۽ ٿائلنڊ جي ڏاکڻين حصن تائين جتي ڪٿي ناريل ئي ناريل نظر اچي ٿو. ناريل بنا هتي جو سامونڊي ڪنارو اڻپورو آهي. ناريل بنا هتان جي شام جا رنگ اڌ گابراآهن. ناريل بنا هتان جا کاڌا نا مڪمل آهن. گهر، گهٽي گهٽي، جهنگل ۾ ناريل جو راڄ آهي.
جيئن اسان جي ڳوٺن ۾ شام جي وقت غريب هارين جي ٻارن جي هٿ ۾ اٽو ۽ گاسليٽ جو شيشو هوندو آهي تيئن هتي جي ماڻهن جي هٿن ۾ اڪثر ناريل نظر ايندو. ڪو ڪچا ناريل_ پاڻي پيئڻ لاءِ دڪان کان گهر ڏي کنيو پيو ويندو ته ڪو پڪا ناريل گهران دڪان ڏي چورو ڪرائڻ لاءِ کنيو پيو ويندو. واندڪائيءَ ۾ عورتون پنهنجي گهرن اڳيان ناريل کڻي انهن جا بُج (Coir) ويٺيون لاهينديون. جيئن ضرورت وقت باقي سخت کل جو پُڙ لاهي مشين ۾ اڇو ناريل چورو ڪرائي وٺجي.
هتي ملائيشيا ۾ پهچڻ سان ئي ٻئي يا ٽي ڏينهن آفيس ۾ هڪ چانهه پارٽي ٿي جنهن ۾ بسڪٽ ۽ سنبوسن کان علاوه ڪيلي جي پنن ۾ سيري جهڙي شيءِ ويڙهيل هئي. هتي جي هڪ ملئي آفيسر مون کي اها کائڻ جي آڇ ڪندي چيو: ،هيءَ ناريل جي مٺائي آهي. تمام سٺي ٿي ٿئي. چکي ته ڏسو.”
سندس سواد ۽ نمونو حلوي ۽ مائي سان مليو ٿي. ان دعوت بعد سگهوئي نوٽ ڪيم ته صبح جو سوير آيل ڇوڪريون آفيس ۾ ويهي گهران آندل جيڪو ڀت Nasi-Lemak (ناسي ليما) (ڪ جو اچار گهُٽيل رهي) کائين ٿيون ان ۾ پڻ ناريل جو کير مليل ٿئي ٿو. بلڪ اهو ڀت رڌبو ناريل جي کير ۾ آهي. خاص ڪري نيرن تي اهو ڀت کائين.
وقت گذرڻ تي ڪيترن ئي دعوتن ۾ ڪيترن ئي قسمن، سوادن ۽ شڪلين جون ناريل جون مٺايون ڏسڻ/ چکڻ/ جو موقعو مليو. ان بعد ته پوءِ هوٽلن ۾، شهرن ۽ ڳوٺن جي دڪانن تي، بسن ۽ بس اسٽاپن تي، هتي جي ريل گاڏين ۽ هوائي اڏن تي ڪيترن ئي قسمن جا کاڌا ۽ مٺايون نظر آيون جيڪي ناريل مان ٺهن ٿيون.
ناريل رڌپچاءَ کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي ڪمن ۾ اچي ٿو. ناريل جا مٿيان بُجَ (Coir) واڻ، ڌاڳن ۽ رسين ٺاهڻ لاءِ ڪم اچن ٿا ۽ ٻاهر وڃڻ (ايڪسپورٽ) لاءِ ملاڪا، پورٽ ڪلانگ ۽ پينانگ جهڙا بندرگاهه ان وکر سان ڀريا پيا آهن. ناريل جا اهي بُجَ ٻارن ۽ ڪوچن، گاديلن کي ڀري ٿلهو ۽ نرم ڪرڻ جي ڪم پڻ اچن ٿا. ناريل جا ٻيا به ڪيترائي ڪم ۽ فائدا آهن اهي ناريل جي ملڪن ۾ رهي ماڻهوءَ کي پروڙ پوي ٿي. لکين ماڻهو ناريل جي وڻ کي زندگي ڏيڻ جو وڻ سڏين ٿا جيئن هندو ڳئون ماتا کي ۽ مصري نيل نديءَ کي سڏين ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي وڻ قدرت طرفان هن پاسي جي ماڻهن لاءِ ايئن وڏي نعمت آهي جيئن عربن لاءِ اٺ ۽ سنڌين لاءِ سنڌوندي.
هڪ هتي جي رهاڪو چينيءَ فخر مان چيو: “ناريل کان علاوه ڀلا ٻيو ڪهڙو وڻ آهي جيڪو نه فقط توهان کي گهر ٺاهڻ جو سامان مهيا ڪري ٿو پر گهر لاءِ فرنيچر پڻ: بسترا، گاديلا، ڪرسيون، گلم، ٻهارا، ڪوپ ساسرون_ويندي صابڻ ۽ ٽٿ برش تائين مهيا ڪري ٿو.” هن سگريٽ جي فلٽر ڏي اشارو ڪري چيو، “هي به ناريل جي ٻج مان ٺهيل آهي.”
ناريل جي وڻ جا پن يا ناريل جا بُج (وار) ٻاري گهر کي سياري ۾ ڪوسو رکي سگهجي ٿو ۽ اونهاري ۾ ان جي ڇانوَ يا ڇپر ۾ ويهي ٿڌڪار وٺي سگهجي ٿي ۽ پنن مان پڻ وڃڻو ٺاهي هوا هڻي سگهجي ٿي. ٻارڻ ۽ ٿڌڪار کان علاوه ناريل جو وڻ اسان کي روشني پڻ مهيا ڪري ٿو. ناريل جي اڌ خالي کوپي ۾ ناريل جو تيل (Coconut-Oil) وجهي، ناريل جي کوندي جي وٽ کي ٻاري گهر کي روشن ڪري سگهجي ٿو. واقعي ٻيو ڪهڙو وڻ آهي جيڪو سڄي ڪٽنب لاءِ ڪپڙا مهيا ڪري. جيڪو مهاڻن کي پنهنجيون ٻيڙيون ٺاهڻ لاءِ سمورو سامان ڏئي. نه فقط ٻيڙي ٺاهڻ لاءِ ڪاٺ پر سڙهه، کوها، رسا، مڇين ڦاسائڻ لاءِ ڄاريون ۽ ڏوريون پڻ. ناريل جو وڻ نه فقط توهان کي کاڌي پچائڻ ۾ ڪم اچي ٿو پر پچائڻ لاءِ کاڌو به ڏئي ٿو. پيئڻ لاءِ قسمين قسمين پاڻي/ کير_جنهن ۾ تمام گهڻي طاقت (وٽامن) موجود آهي. ناريل اهڙو وڻ آهي جنهن تي توهان سڄي ڄمار جيئرا رهي سگهو ٿا.
هونءَ ڪن ڪن جو اهو به چوڻ آهي ته ناريل جو وڻ صحيح معنيٰ ۾ وڻ جي کوڙي ۾ نٿو اچي جو هن کي ٻين وڻن وانگر نه ٽاريون آهن نه ڇوڏو. ٻين وڻن جو ٿڙ مٿي ويندي وقت سنهو ٿيندو آهي پر ناريل جو ٿڙ ذري گهٽ هڪ ئي گهير جو ٿئي ٿو. بهرحال ٻين وڻن جي ٿڙ جي تهن کي ڳڻي سندن عمر ٻڌائي سگهجي ٿي پر ناريل جي عمر سندس ٿڙ تان ڇڻيل پنن جي نشانن مان لڳائي سگهجي ٿي. هڪ پن جو سنڌو هڪ مهيني برابر. ناريل جي ٿڙ تي اهڙا ڇٽيهه مهينا_ٽي سال پراڻو وڻ.
ناريل جو وڻ سال ۾ هڪ دفعو ڦر جهلي ٿو. پوءِ اهو چاهي ڪچو پٽجي يا پچي وڃڻ بعد ڪجهه عرصي کان پوءِ سال تائين اهو ڦر وڻ ۾ لڪندو رهي ٿو. جڏهن وڻي ڇاڻي کائجي. يا سندس پاڻهي ڪرڻ جو انتظار ڪجي.
ناريل جو پاڻي ۽ گودو سنهي ۽ سخت گول کل اندر ٿئي ٿو. ان سخت کل مان سريلنڪا، ٿائلنڊ ۽ سنگاپور پاسي جا ماڻهو مختلف رانديڪا سووينر: بتين جا شيڊ، ائش ٽري ۽ ٻيو ڪٽ ورڪ جو سامان ٺاهي وڪڻن. ان کوپي کي پورو اڌ ڪرڻ سان ڪٽورو يا ڏنڊو ٻڌڻ سان ڏوئي ٺهيو وڃي. ڪيترن هنڌن تي ان کي گهڙي ۽ ڪتري چمچا ۽ ڪانٽا ٻه ٺاهيا وڃن ٿا. هڪ ٻن هنڌن تي ان ٻاهرين سخت ناسي کوپي جو ڪٽليون به نظر آيون. گهڻو اڳ ڪولمبو مان ان کوپي جا ٺهيل ٻه سووينر (رانديڪا) ورتا هيم. هڪ ته موٽر سائيڪل هئي جنهن تي ٻئي کوپي مان ٺهيل رڇ ويٺو هو. ۽ ٻيو ڀولڙن جو هو جيڪي گڏ ويٺل هئا. اهو رانديڪو ٻن اهڙن ناريلن مان ٺهيل هو جيڪي قدرتي طرح هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هئا_جيئن پاڻ وٽ ڪيترائي ٻٽا انب يا زيتون نظر ايندا. ان ناريل جي رانديڪي اندر پاڻي به موجود هو ۽ لوڏڻ مهل سندس آواز ٿيو ٿي. نه ته پاڻي اڪثر انجيڪشن (سئيءَ) ذريعي اندران ڪڍي وٺندا آهن. ان ٻٽي ناريل جا سڀ وار (بُج) پٽيل نه هئا. ڀولڙن جي مٿي تي وار ڇڏيل هئا ۽ لڳو ٿي ته ڄڻ ڀولڙن جا اصلي ڀورا وار هجن.
ناريل جي سخت کل مٿان جيڪي اهي وار ٿين ٿا تن جا ڪيترائي فائدا مٿي اچي ويا آهن. هڪ ٻيو هينئر ياد پيو اچي. هڪ دفعو چٽا گانگ ۽ چالنا بنگلاديش (تن ڏينهن ۾ اڀرندو پاڪستان) مان ناريل جا اهي وار ۽ ڏيڏرن جو ٽنگون جهاز جي ٿڌن اسٽورن ۾ فريز ٿيڻ بعد بيلجم ۾ لاٿيوسين_جو اهي بيلجق ماڻهو شوق سان کائين ٿا. بلڪ کائڻ وارن جو چوڻ آهي ته ڏيڏرن جو ٽنگون تتر وانگر لذيذ آهن. ناريل جي وارن جون آندل ڪئين سَوَ ڳٺڙيون جرمنيءَ ۾ ڪهڙي ڪم اچن ٿا. وراڻيائين ته انهن ڪرسين جي گاديلن ۾ وجهندا آهن. خاص ڪري واڪس وئگن ڪار وارا پنهنجن ڪارين جي سيٽن ۾ هي بج ۽ رٻڙ (Latex) ملائي استعمال ڪن.
ناريل جي ناسي ڀوري مظبوط کوپي اندر ناريل جي عمر مطابق پهرين کير، پوءِ گودو، ۽ پوءِ پاڻي ۽ سخت اڇو ناريل ٿئي ٿو. پنجن مهينن جي ناريل اندران پاڻيءَ جا ٻه ڀريل گلاس نڪري سگهن ٿا. ناريل جو پاڻي صاف، شفاف ۽ ٿڌو ٿئي ٿو. ڪيمياگرن جو چوڻ آهي ته منجهس گهٽ ۾ گهٽ ٻه چمچا کنڊ جا مليل ٿين ٿا. ان کان علاوه منجهس وٽامن ۽ معدني شيون (Minerals) موجود آهن. ۽ اهو پاڻي بنا جراثيمن جي(Sterilized) ۽ نج ٿئي ٿو. ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ ٻنهي ڌرين_آمريڪن ۽ جپاني ملٽري ڊاڪٽرن گلوڪوس جي ٿيلهين جي کوٽ ڪري امرجنسيءَ ۾ ناريل جو پاڻي مريضن جي نسن ۾ ڊرپ طور استعمال ڪيو هو. ناريل کي وڻ ۾ ڇڏي ڏجي ته اهو اڳتي هلي جيليءَ جهڙو ٿيو پوي ۽ ٻارهن مهنن اندر هي لئه دار پاڻي ڄميو سخت ٿيو وڃي. جنهن کي توهان چڪ هڻي کائي سگهو ٿا. هتي ملائيشيا ۾_(۽ ٿائلنڊ ۾ پڻ) عورتون ان ناريل کي نپوڙي منجهائس ڌئوري جهڙي نڪتل مال مان ڪيترن ئي قسمن جون چٽڻيون، سُرڪا ۽ مٺايون ٺاهين. تئي تي رکي باهه تي ڪاڙهڻ سان منجهائس رڌ پچاءُ جو تيل، ٻارڻ جو تيل، مختلف لوشن ٺهي سگهن ٿا يا ڦلهير سان ملائي صابڻ پڻ ٺاهي سگهجي ٿو. تجارتي استعمال لاءِ ناريل کي اڌ ڪري سڪائبو آهي. سڪل ناريل کي ڏونگهيون سڏجي ٿو. ڏونگهين جي ڪاتر کاڌن ۾ وجهبي آهي يا ان کي گهاڻي ۾ پيڙهي منجهائنس کوپري جو تيل ڪڍي سگهجي ٿو. اهو تيل خوشبوئن، گليسرين، دوائن ۽ ٻين ڪيترن ئي شين ۾ استعمال ٿئي ٿو. ڦٽ ڦرڙي، رهڙ رانبوٽي ۽ سردي کان ٿيل خشڪيءَ لاءِ به استعمال ٿئي ٿو ته شيونگ ڪريم، آئس ڪريم کان وٺي رنگ روغن ۾ پڻ ملايو وڃي ٿو. سڀ کان گهڻو ڏونگهين جو تيل هندوستان ۾ هندو استعمال ڪن ٿا_خاص ڪري ويجيٽرينين (ڀاڄيون کائيندڙ) هندو.
ڏوگهين کي پيڙي تيل ڪڍڻ بعد جيڪو کڙ بچي ٿو ان ۾ به تمام گهڻي پروٽين ۽ کنڊ ٿئي ٿي ۽ ان جو گهڻو استعمال ڪڪڙين ۽ جانورن جي کاڌي (Feed) ۾ ڪيو وڃي ٿو.
ڏٺو وڃي ته ناريل جي وڻ جي ڄمار ماڻهوءَ جي وهيءَ سان گهڻو ملي ٿي. ناريل جو وڻ مرد وانگر ٻارهن تيرهن سالن جو ٿي پوءِ صحيح جوان ٿئي ٿو. ناريل ان کان اڳ جيتوڻيڪ ٿورو گهڻو ڦر ڏئي ٿو پر صحيح معنيٰ ۾ ٻارهن تيرهن سالن جو ٿي پوءِ ڏئي ٿو ۽ ڀري ڀري جهوليون ناريلن جون ڏئي ٿو تان جو جيسين سٺ سالن جو وڃي ٿئي. پوءِ پيري واسو ڪريو وڃينس ۽ آهستي آهستي ختم ٿيو وڃي. اسي يا نوي سالن تائين پهچڻ تي مريو وڃي.
ناريل جو اصلي گهر هي ڏيهه آهي_يعني ڏکڻ اوڀر ايشيا جا ملڪ: ملائيشيا، انڊونيشيا، ٿائلنڊ، فلپين وغيره. پر اڄڪلهه ناريل دنيا جي ڪيترن ئي سامونڊي ڪنارن ۽ ٻيٽن تي عام ٿي ويو آهي. جنهن ۾ نه فقط انسان ذات جو هٿ آهي جنهن ان جو ٻج هڪ هنڌان کڻي ٻي هنڌ پوکيو آهي، پر ان ۾ سمنڊ جو پڻ وڏو هٿ آهي. ڇو جو هڪ ڳالهه آهي ته ناريل جي وڻ کي سمنڊ سان ڏاڍي دل آهي. جيتوڻيڪ ناريل جي پوک لاءِ سمنڊ ضروري ناهي پر توهان ڏسندائو ته ناريل سمنڊ جي ڪنارن وارن ملڪن ۾ جام ٿئي ٿو. جيئن پنهنجي ملڪ ۾ ناريل جي پوکجي ته دادو، حيدرآباد ۾ به ٿي سگهي ٿو. پر گهڻو ٺٽي ڪراچيءَ ۾ نظر ايندو جتي سمنڊ آهي.
سامونڊي ڪنارن تي پوکيل ناريلن جو ڦر ڪڏهن سمنڊ ۾ ترندو وڃي ٻين ملڪن ۾ پهچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ناريل اڄڪلهه نه فقط ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ آهي پر ماريشش، مالا گاسي، ٽرينڊاڊ، ڪيوبا ٻين آفريڪي ٻيٽن ۽ ڪنارن کان وٺي برمودا، باهاما، فجي ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪئريبن سمنڊ جي ٻيٽن ۽ ڪنارن تي پڻ موجود آهي ۽ ڏينهون ڏينهن هن ميوي ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي.