الطاف شيخ ڪارنر

ڪوالالمپور ڪجهہ ڪوھہ

ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه الطاف شيخ جي آڳاٽي لکيل سفرنامن منجهان هڪ آهي. پاڻ نوڪري سانگي گهڻو عرصو ته سامونڊي ڪناري شهر ملاڪا ۾ رهيا پر ڪمين ڪارين سندن ملائيشيا جي گادي جي هنڌ ڪوالالمپور پڻ وڃڻ ٿيندو رهيو. هن ڪتاب ۾ ڪوالالمپور ۾ وڃڻ ۽ اُتي جي ميزبانن توڙي شهر جي باري ۾ ڪافي دلچسپ مُشاهدا بيان ڪيل آهن. ڪنهن ميزبان وٽ گهڻي پُر تڪلف هُجڻ ڪري بي آرامي ٿيڻ ڪري سوير اُٿي ڀڄڻ ۽ ڪٿي وري مذهبي ڏڻ تي وڏا لشڪر سندن گاڏي جي لائسنس وٺڻ ۾ رُڪاوٽ ٿيڻ جا قصا ڏاڍو کلائن ٿا. ساڳي وقت شهر ۾ ڪوالالمپور ويندڙ ماڻهن لاءِ هدايتون پڻ ڪارائتيون آهن.
الطاف جو ڪوالالمپور شهر سان 1968ع کان وٺي واسطو هلندو اچي جڏهن ڪوالالمپور ٽنڊو آدم ۽ ڪوٽڙي جهڙو شهر هو ۽ جڏهن ڪوالالمپور جو پهريون روڊ ”جالان تئانڪو عبدالرحمٰن“ سيمينٽ جو پڪو ٺهيو هو ۽ ماڻهو ان روڊ کي ”باتو روڊ“ سڏڻ لڳا هئا. ملئي زبان ۾ ”باتو“ معنيٰ پٿر آهي. هن ڪِتاب ”ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه“ ۾ الطاف شيخ ڪوالالمپور شهر ۽ ان جي آس پاس جو احوال لکيو آهي. هن ڪِتاب ۾ 27 باب آهن جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
• ڪوالالمپور پهچي ڇا ڏسجي
• ڪوالالمپور ـــ هڪ ماڊرن شهر
• ملئي ماڻهو مٺاين جا شوقين
• موت کان پوءِ ملاڪا کان مَچر ڳوٺ
• ڪانگ ـــ عاشقن جو فئوريٽ پکي
• نون ديوتائن جي ولادت….. وغيره.
  • 4.5/5.0
  • 3129
  • 722
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪوالالمپور ڪجهہ ڪوھہ

ڪوالالمپور پهچي ڇا ڏسجي؟

ملائيشيا گهمڻ لاءِ هرڪو ڪوالالمپور ضرور اچي ٿو. ڪوالالمپور ملائيشيا جي گاديءَ جو هنڌ آهي. وڏو ۽ مکيه شهر آهي. سبانگ نالي بين القوامي هوائي اڏو توڙي پورٽ ڪلانگ نالي بندرگاهه اٿس. منجهس ڪيتريون ئي يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ ٻيا تعليمي ادارا آهن. ڌارين ملڪن جا سفارتخانا توڙي هوائي ڪمپنين جون آفيسون ۽ ڪيتريون ئي وڏيون هوٽلون پڻ ڪوالالمپور شهر ۾ آهن، ۽ ڪوالالمپور شهر هوائي اڏي ۽ سامونڊي رستي دنيا جي ملڪن سان ڳنڍيل آهي. ان کان علاوه ڪوالالمپور جو شهر ريل گاڏي ۽ بسن ذريعي نه فقط ملائيشيا جي مختلف شهرن سان ڳنڍيل آهي پر ڀر وارن ملڪن: سنگاپور ۽ ٿائيلينڊ جي ڪيترن ئي شهرن سان پڻ مليو پيو آهي. ڪوالالمپور جي ريلوي اسٽيشن تي ۽ پودورايا واري بس اسٽاپ تي سنگاپور ۽ ٿائلنڊ جي شهرن: حاديا، سونگ ڪلا، پٽايا ۽ بئنڪاڪ لاءِ بس جون ٽڪيٽون ائين عام وڪامن ٿيون، جيئن ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن تي يا حيدرآباد جي پٺاڻ ڪالوني واري بس اسٽاپ تي ڄامشورو، پيٽارو، ٻڍاپور، سيوهڻ لاءِ. اهوئي سبب آهي جو ڪوالالمپور ۾ آيل مسافر مونجهه ۽ تڪليف محسوس نه ٿا ڪن. هنن جي چر پر تي آزادي ۽ رهائش لاءِ هر قسم جون هوٽلون موجود آهن. سياسي ۽ سماجي حالتون پڻ بهتر ۽ سڌريل آهن. ان ڪري دور دراز کان ماڻهو بي ڊپا ٿي ڪولالمپور اچن ٿا. پوءِ ڪي خاص هلي ملي فقط ڪوالامپور گهمڻ لاءِ اچن ٿا. ڪي سنگاپور يا بئنڪاڪ ويندي واٽ تان ڪوالالمپور مان به ٿيندا وڃن ٿا. ڪي سرڪاري طرح ميڊيڪل، انجنيئرنگ، فئنانس، مئنيجمينٽ وغيره جون ڪانفرنس/ ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻ لاءِ اچن ٿا ۽ ڏينهن ٻن جي مختصر رهائش دوران شاپنگ به ڪن ٿا ته ڪجهه ڪجهه گهمڻ ڦرڻ به پسند ڪن ٿا.
هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڪوالالمپور ۾ ڏينهن ٻن لاءِ آيل همراهه کي ڪوالالمپور جون ڪهڙيون ڪهڙيون شيون ڏسڻ کپن. هتي جا نقشا ۽ گائيڊ بڪ ته ڪيتيرن ئي شين لاءِ لکن ٿا. پر ڪي جايون اهڙيون آهن، جيڪي اسان ايشيائي رهاڪن کي مزو ڏين ٿيون ته ٻيون وري يورپ آمريڪا کان آيل همراهن کي. ايشيا جا ڪيترائي ملڪ آهن ۽ وري هر ملڪ جي مختلف صوبن جي ماڻهن کي جدا جدا جايون مزو ڏين ٿيون. مثال جي ڳالهه آهي انڊيا کان آيل هڪ مدراسيءَ يا سري لنڪا کان آيل ڪنهن سلونيءَ کي ڪوالالمپور ۾ اچي رٻڙ جي پوک ڏسڻ مان ڪهڙو مزو ايندو ڇو جو اها هن لاءِ نئين ڳالهه ناهي. اها ته ڏکڻ هندوستان ۽ سريلنڪا ۾ به عام جام آهي. پر هندوستان جي علائقن يا يورپ آمريڪا کان آيل همراهن لاءِ اها نئين ڳالهه آهي ته ڪيئن صبح سوير عورتون وڻ جي ٿڙ کي چيهڪ ڏين ٿيون ۽ کير ٽيپو ٽيپو ٿي هيٺ ٽنگيل وٽيءَ ۾ گڏ ٿئي ٿو ۽ پوءِ اهي سڀ وٽيون هڪ وڏي ڊرم ۾ وجهي ان مان رٻڙ جون اڇيون چادرون ٺاهيون وڃن ٿيون_جيڪي پوءِ رٻڙ جي مختلف شين ٺاهڻ ۾ ڪم اچن ٿيون.
ساڳي طرح ڪوالالمپور شهر کان ٿورو پري سطح سمنڊ کان ڇهه هزار فوٽ کن مٿي جبلن جي چوٽيءَ تي Genting Highland نالي هڪ جڳهه آهي گهڻو مٿي هجڻ ڪري هتي تمام گهڻو سيءُ رهي ٿو. جيتوڻيڪ هيٺ سڄي ملائيشيا ۾ سڄي سال ۾ ڪو هڪ اڌ ڏينهن به ٿڌڪار نه ٿي ٿئي. هيءَ جڳهه ايڏو مٿي آهي جو عمارتن جي چوڌاري ڪڪر ترندا رهن ٿا. (ان ڪري اتي ٺهيل هڪ جوا جي اڏي کي (Casino in Cloud) “ڪڪرن ۾ جوا خانو” سڏجي ٿو.)
گنتنگ هاءِ لئنڊس تي مٿي هڪ ننڍڙي ڍنڍ ۽ باغيچو پڻ آهي. ملائيشيا جا ماڻهو هتي گهڻو ڪري پڪنڪ لاءِ اچن ٿا. يا وري ٻارن جي وندر لاءِ_ جو اتي ٻارن جون ڪيتريون ئي رانديون آهن. ويندي ٻارن جي چڙهڻ لاءِ مني ٽرين ۽ هلائڻ لاءِ ڪارون پڻ. سو هي جڳهه اهڙي آهي جيڪا بنا ڪنهن شڪ شبهي جي هتي جي ماڻهن جي لاءِ ته بيحد دلچسپ ۽ عجيب آهي، جو هو هتي ئي اچي سيءَ محسوس ڪن ٿا ته سيءُ ڇا آهي، پر هڪ ٿڌي ملڪ جي يورپي انگريز لاءِ ويندي اسان جي ڪوهه مري، ڪوئيٽا، ايوبيه، گلگت واري همراهه لاءِ هيءَ جاءَ ڪجهه به حيثيت نٿي رکي جو اتي جي ماڻهن ان کان به اتاهن جبلن تي وستيون ڏٺيون آهن ۽ ان کان به وڌيڪ سيءَ ۾ گذاريو آهي.
سنڌ ۾ رهي اسان به سياري ۾ ته سيءَ جو زور چکيو آهي. سو ويندي اسان لاءِ به سيءُ ڪو نئين ڳالهه ناهي. پر هاڻ هتي لڳاتار ٻه اڍائي سال کان مينهوڳيءَ واري موسم ۾ رهي رهي ٿڌڪار ۽ سيءَ لاءِ تانگهه واري حالت ۾ جڏنهن اتي پهتس ته برابر مزو آيو ۽ پنهنجي ملڪ جي سڪ ۽ ياد ويتر وڌي وئي. هوا ۾ اهو ئي هڳاءُ محسوس ٿيڻ لڳو جيڪو هلڪن سيئن ۾ سنڌ ۾ ٿيندو آهي. صبح کان وٺي شام تائين ويٺو هوس. دل ۾ چيم ته ڪوالالمپور ۾ سڀ ۾ هيءَ جاءِ معشوق آهي. ويتر مون لاءِ ته جبل جي ايڏي اتاهينءَ تي رهڻ جو به هڪ نئون تجربو ٿي لڳو. ٿي سگهي ٿو ٿڌي ملڪ جو ڪو باشندو يا ڪو اهڙو پاڪستاني جيڪو ڪوئيٽا يا گلگت کان آيل هجي، ان کي ڪوالالمپور ۾ هي شيءِ_ گنتنگ هاءِ لئنڊس ٽڪي جو مزو نه ڏئي پر آئون ته جڏنهن کان گهمي آيو آهيان تڏنهن کان چوندو وتان ته ڪوالالمپور ۾ ڪا شيءِ آهي ته اها گنتنگ هاءِ لئنڊس ئي آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو جڏنهن ڪئپٽن وسطڙو مون وٽ ملاڪا ۾ گهمڻ آيو، ته کيس ۾ به گهمائڻ لاءِ جبلن جا ور وڪڙ اڪارائي مٿي گنتنگ هاءِ لئنڊس تي وٺي آيس. مون کي پڪ هئي ته سئيدن جي مالمو يونيورسٽي کان آيل هي همراهه ڪوالالمپور جي اتاهين سرد جاءِ ڏسي مون وانگر خوش ٿيندو پر جڏنهن پڇيومانس ته هي جاءِ ڪيئن لڳي ته بنا ڪنهن تعجب يا تعريف جي وائڙن وانگر پڇڻ لڳو: “هتي مون کي ڇو وٺي ڇو آيو آهين؟”
شڪي ٿيندي چيومانس: “اهوئي ته هتي سيءُ ڪيڏو آهي ۽ جبل پڻ.”
ڪمال آهي هن ڳالهه جو مطلب سمجهي وراڻيو، “سيءَ ۽ جبلن ڪري ته سئيڊن کان ڀڄي هفتو ٻه موڪل لاءِ هتي آيو آهيان، ۽ تون اجايو هيڏو تيل ساڙي هتي وٺي آيو آهين.”
ان وقت مون کي احساس ٿيو ته واقعي هي همراهه ٻن سالن کان، هن کان وڌيڪ وڏا جبل ڏسي رهيو آهي، ۽ هن لاءِ ته هي سيءُ ڪجهه به ناهي جو هن وقت هي مون وٽ ڳوٺ ۽ پوسٽ آفيس “مچر” ضلع “نوشهروفيروز” کان نه پر دنيا جي ٿڌي ۽ جابلو ملڪ سئيڊن کان پيو اچي ۽ هن سيءَ کان وڌيڪ سيءَ، ته سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ پاسي اونهاري ۾ ٿئي ٿو.
سو ضروري ناهي ته هر ماڻهو ءِ ڪوالالمپور جي هر هڪ شيءِ سٺي ۽ ڏسڻ لائق هجي. بهرحال مون کي گنتنگ هاءِ لئنڊس کان پوءِ ٻئي نمبر تي هتي جي Batu-Caves (باتو غارن) متاثر ڪيو. هي غارون ڪوالالمپور کان ڏهه ڪلوميٽر کن ٻاهر جهنگل جي وچ ۾ آهن. سڀ کان وڏي غار ۾ هندن جي ديوتا سبرانيم جو مندر آهي. رستي تي ڀولڙن ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل ٽوئرسٽن جا انبوهه، ٻارن لاءِ ٽڪيون چاڪليٽ، ڀولڙن لاءِ چونئرا ڀڳڙا ۽ ديوتائن کي آڇڻ ۽ ڀانڀڻ ٻائي جي صحت وڌيڪ سڌارڻ لاءِ مختلف مال پڙا وڪڻڻ وارا جام ملندا.
ڏاڪڻين جي هيٺيان ڪيترائي مدراسين جا دڪان آهن جن تي ملڪي ۽ غير ملڪي ماڻهو انڊين کاڌا_خاص ڪري ڏکڻ هندوستان جا: دوسا، اڊلي، واڊلي، ڪيلي جي پن تي ڀت، دال گوبي، پالڪ ۽ گوشت جو ڇڊو ٻوڙ رکي کائيندا نظر ايندا. هر دڪان، هوٽل اڳيان ساون ۽ پڪل ناريلن جا ڍير نظر ايندا. آيل زيارتي ڪچن ناريلن جو کير (پاڻي) ۽ ملائي پنهنجي کائڻ لاءِ وٺن ۽ پڪل سڄا ناريل مٿي غار ۾ رکيل ديوتائن جي مورتين اڳيان رکن. چوڌاري هندو مرد ۽ عورتون گوڏين ۽ ساڙهين ۾، ايترا ته ڏسڻ ۾ ايندا، جو هي ٽڪرو ملائيشيا جو نه پر بنارس جو حصو لڳي ٿو. ڏاڪا چڙهي مٿي اونهي غار ۾ به ڪجهه اهڙو ئي ماحول لڳي ٿو. ٻاوا ٻانڀڻ آيل زيارتين کان پئسا، مٺايون ۽ ناريل وٺي پٿر جي مورتين اڳيان ڦيرائي، پنهنجي زبان ۾ ڪجهه منتر ڦيڻا پڙهي ان بعد هڪ ڦار ناريل ۽ ڪيلي جي وَٽَ طور همراهن کي واپس ڪرڻ ۾ مشغول نظر اچن ٿا.
غار ۾ چوڌاري اوندهه ڪري ڏيئا ٻرن. مٿي ڇت ۾ ٽارچ هڻڻ سان ڪئين هزار چمڙن جو ڳاڙهيون موتين جهڙيون اکيون چمڪنديون نظر اينديون. جيڪي ڏينهن جو اونڌا لڙڪي ننڊون ڪن ۽ سج لهڻ سان ٻاهر ڀڄي وڃن. صبح ٿيڻ کان اڳ وري سمهڻ لاءِ هتي موٽي اچن. ايترن سارن چمڙن جي هنگڻ مٽڻ ڪري رکي رکي سخت تکي ۽ سڙيل ڌپ اچي ٿي_ خاص ڪري غارن ۾ گهڙڻ وقت. پر پوءِ نڪ سگهوئي عادي ٿي ان ڌپ سان به صلح نامو ڪري ڇڏي. ان چُرپر جي ڇت ۾ هڪ هنڌ تان جبل جو وچ ڦاٽل آهي. ان مان مٿي نهارڻ سان ائين لڳي ٿو ڄڻ ڪنهن اونهي کوهه جي تري مان مٿي نهارجي.
هر سال هندن جي مذهبي ڏينهن_ٿائيپوسام تي ماڻهن جو هتي وڏو ميلو لڳندو آهي. جنهن ۾ هندو پوڄاري پنهنجيون مرادون پوريون ٿيڻ تي لوهي تارون ۽ ڪوڪا جسم ۾ چڀي ديوتائن کي ڀيٽ ڏين لاءِ مٿي تي مختلف سامانن جا ٿالهه رکي پيرين پنڌ سڄي شهر جي سرگس ڪري هنن غارن ۾ پهچندا آهن. ساڻن گڏ ڪيترائي تماشبين پڻ هوندا آهن.
بهرحال ڪوالالمپور ۾ هڪ ڏينهن يا گهڻن ڏينهن لاءِ ٽورسٽ، هيءَ چُن Lime Stone جي جبلن جون غارون ڪنهن وقت به ڏسڻ پاڻ سان هتي جون ڪيتريون ئي يادون وطن کڻي وڃي سگهي ٿو: مٿي چڙهڻ لاءِ سوين اڀا ڏاڪا، ڊگهي پڇ وارن ڀولڙن جو آزاد نموني سان ڊوڙڻ ڊڪڻ، دڪانن اڳيان ناريل کي ڀڃي کير ڪڍڻ، آيل زيارتين جو سبرانيم ديوتا اڳيان ادب سان جهڪڻ، ڏٽڻ مٽن نوجوان ٻاون جو ڪرڙي اک سان سهڻين ڇوڪرين ڏي نهارڻ، چمڙن جي آواز جي سنهي چر پر ۽ مُٽ جي تکي ڌپ، کليل جبل جي ڏر مان رکي رکي مينهن جا ڇاٽ ۽ ٿڌي هير جو اچڻ، يورپين جو وائڙن وانگر هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ ۽ فوٽو گرافي ڪرڻ، ملئي ڇوڪرن جو ۽ ڇوڪرين جو مهل ۽ ماحول مان فائدو وٺي ڏاڪڻين ۽ ڪنڊ پاسن تي روح رهاڻيون ڪرڻ_وغيره وغيره.
باتو غارن ۾ يا گينتنگ هاءِ لئنڊ تي پهچڻ ڪا ڏکي ڳالهه ناهي. بسون ٽئڪسيون جتان ڪٿان وينديون رهن ٿيون. پر جي توهان ڪنهن هوٽل ۾رهيل آهيو ته ان جو عملو به توهان کي کي توهان جي کيسي موجب بهتر سواري ٻڌائي سگهي ٿو.
*______________*___________________*
ڪوالالمپور جو قومي ميوزيم (ميوزيم نگارا) کي ڏسڻ لاءِ هتي جا سرڪاري توڙي غير سرڪاري گائيڊ بڪ گهڻو ڪجهه لکن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تواريخ جي شاگردن يا ان ماڻهوءَ لاءِ جنهن جو ٿورو يا گهڻو تواريخ جو مطالعو هجي يا هن ملڪ جي ڪجهه ڄاڻ هجيس يا ڄاڻ رکڻ چاهيندو هجي ته پوءِ هيءَ جڳهه بيحد دلچسپ آهي. نه ته ٻيو ڪو ماڻهو جيڪو گهران سنگاپور مان شاپنگ ڪرڻ جو سوچي نڪتو هجي ۽ پوءِ واٽ تي ڏينهن کن ساهي پٽڻ لاءِ ڪولالمپور ترسي پيو هجي اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ميوزيم (عجائب گهر) ڪهڙي اهميت رکي ٿو. ۽ ان ۾ رکيل پراڻيون ٺڪر ڀتر ۽ لوهه جون پراڻيون شيون ڏسي ته بور ئي ٿيندو ۽ پوءِ اهڙي وقت ۽ ڀاڙي وڃائڻ کان بهتر آهي ته هو تنڪو عبدالرحمان روڊ تي هليو وڃي. جتي گلوب سينٽر، هينڊري، رايل جويلرس، ڏيالچند، يونيورسل ڪارپيٽ وغيره جهڙا ماڊرن ۽ وڏا ڊپارٽمينٽل اسٽور آهن ته فوٽ پاٿ تي ڏهين ڊالرن جي شيءِ آخر ۾ سودو ۽ بحث ڪرن بعد ٽن ڊالرن ۾ ڏيڻ وارا هٽڙا پڻ_ جن تي ڳهه ڳٺا، ڪپڙا، قيمتي غاليچا، ريڊيو ٽئپ رڪارڊر، ڪتابن کان وٺي بوٽ گنجيون، جوراب، واچون انڊ پينون ۽ ٻيو ضرورت جو سامان ملي ٿو ۽ اگهه پڻ گهٽرائي سگهجي ٿو. جتي خريداري ڪندڙ ماڻهن جا چهرا، ڪپڙا، ڳالهائڻ جو ڍنگ/ نمونو ڏسي دل وندرائي سگهجي ٿي. بک لڳڻ تي مئڪڊونلڊ، ڪينٽڪي، هئمبرگر جا سستا دڪان آهن ته سنگ، گجر، ساتي ۽ ٻيون شيون اڃان سستيون وڪڻڻ وارا گاڏير پڻ. وڻي ته ڪنهن دڪان تان ڪوڪا ڪولا، سيون اپ، گلاب جو شربت يا ڪف سيرپ جهڙو روٽ بيئر وٺي پيئو يا ڳني جي رس واري کان تيه سينٽن جو آيرتيبو سان ڀريل گلاس. (روٽ بيئر ڪوڪا ڪول وانگر شربت جو قسم آهي ۽ نه بيئر جو ڪو قسم ۽ آريتيبو ڪمند جي رس جو ملئي نالو آهي. آير معنيٰ پاڻي ۽ تيبو معنيٰ ڪمند_يعني ڪمند جو رس) ان کان علاوه ملائيشيا م ڪينٽڪي، مئڪڊونالڊ يا ٻين آمريڪن يا ٻاهرن کاڌن جي دڪانن تي حلال گوشت هلي ٿو ۽ ان جي پڪ لاءِ هر دڪان ۽ هر شيءِ جي لفافي ٻاهران دتغگونگ حلال (Ditanggung Halal) لکيل نظر ايندو.
تنڪو عبدالرحمان روڊ تي ڪجهه انڊين ۽ پاڪستاني ريسٽورينٽ پڻ آهن جيئن بلال ريسٽورينٽ جي برياني مشهور آهي. شيراز هوٽل کاڌي ۽ رهائش کا مشهور آهي. ڪو اڪيلو آهي ۽ پنهنجي خرچ تي گهمي رهيو آهي ته پوءِ شيراز هوٽل جو تيهن دالرن م بنا ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرو يا پنجونجاهه دالرن ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرو بين مهنگين هوٽلن ۾ رهڻ کان بهتر آهي. شيراز هوٽل جا چڪن تڪا، نان ۽ ڪواب تمام مشهور آهن پر اهي شيون ان پاڪستانيءَ کي گهڻو مزو ڏئي سگهن ٿيون جيڪي ملائيشيا ۾ نوڪري يا واپار خاطر رهن ٿا ۽ کين پنهنجي وطن پاڪستان کان آئي گهڻو وقت ٿي ويو آهي. اهڙا ماڻهو هن هوٽل ۾ پنهنجي وطن جو سڪون پوريون ڪري سگهن ٿا. باقي هڪ اهڙو ٽوئرسٽ جيڪو هفتي يا پندرنهن ڏينهن لاءِ هنن ملڪن جي سير لاءِ آيو هجي ان لاءِ مئڪڊونلڊ يا هئمبرگر يا ڪينٽڪي فرائيد جي ڪڪڙ، يا هتي جي هوٽل ساتي (ٻوٽي ڪواب)، روٽي (اڦراٽا)، مرتباڪ ( قيمي جا اڦراٽا) سستا، لذيذ ۽ نئين شيءِ آهي. ڇو جو شيراز، اڪبر، بلال، عمر خيام جهڙين انڊين هوٽلن ۾ پنهنجي ملڪ جو کاڌو ته ملي ٿو پر تمام مهنگو پوي ٿو خاص ڪري ڪجهه ڏينهن گهمڻ لاءِ آيل همراهه لاءِ هنن هوٽلن جو کاڌو ايترو ڪو سستو ناهي جيئن چڪن تڪو پنجن ڊالرن جو_ يعني پنجٽيهه رپيا ٿيا ۽ پنهنجي ملڪ ۾ نائين رپئي ملي ٿو. ڪڪڙ جو جيرو فراءِ ٿيل يا ٻوڙ رڌل، ڪواب جو ڇهه کن شيخون، ٻوٽي ڪواب يا قيمي جو ٻوڙ_ هر هڪ ايتري جو ئي آهي. في نان يا افراٽو ٻن ڊالرن جو_ يعني تيرهن رپئي جو ٿيو. ٽماٽا، ونگي ۽ بصر جو ڪچومر (سلاد) پڻ ايترن ئي ڊالرن جو آهي. ڳائي، ٻاڪري، ڪڪڙ يا گانگٽن جي برياني پڻ پنجٽيهه رپين کن جي پليٽ آهي. بهرحال وري به ملائيشيا جون هي هوٽلون سستيون آهن. پر ان کان بهتر آهي ته ڪجهه ڏينهن لاءِ آيل پاڪستاني هن ملڪ جون مٺايون، کاڌا ۽ ميوا وٺي کائي ته اهي سستا به آهن ته هن لاءِ سٺو تجربو پڻ ٿيندو. پر جي ڪو شاهوڪار ماڻهو آهي_ پئسي وارو صاحب آهي ته پوءِ ان لاءِ دنيا جي ٻين وڏن شهرن وانگر ڪوالالمپور ۾ پڻ ڪيتريون ئي اتم ۽ اعليٰ هوٽلون آهن جتي رڳو آمليٽ بيضو ئي چاليهه کان پنجيتاليهه رپئي کان شروع ٿئي ٿو ۽ سلاد جي ساسر به سٺ ستر رپيا آهي.
بئنڪاڪ ۽ سنگاپور وانگر ڪولالمپور شهر جي پڻ اها خاصيت آهي ته ان ۾ گهٽ پئسي واري ماڻهوءَ لاءِ پڻ سستيون ۽ ساڳي وقت چڱيون هوٽلون آهن. ان ڪري ملائيشيا جي ٻين وڏن شهرن وانگر ڪوالالمپور پڻ هڪ غريب پرور شهر آهي ۽ ٽوئرسٽ، شاگرد ۽ ٿورن پئسن ۾ گهڻا ڏينهن گذراڻ واري لاءِ ڪوالالمپور هڪ آئيڊيل شهر آهي. ملائيشيا جي ٻين وڏن شهرن وانگر ڪوالالمپور ۾ پڻ هر شيءِ حلال ملڻ کان علاوه اها به خوبي آهي ته هتي ڪنهن به کاڌي ۾_ اٽي گيهه کان وٺي مرچن ۽ چانهه جي پتيءَ ۾ ملاوت ناهي. ان ڪري ڌاريون ٽوئرسٽ بي فڪر رهي ٿو ۽ کيس بيماريءَ جو ڊپ ڊاءُ نه ٿو رهي.
رهائش لاءِ پڻ ڪوالالمپور ۾ شيراز، امبسي هوٽل، ميڪسيڪو هوٽل ۽ ريلوي اسٽيشن جي هوٽل کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي سستيون جايون آهن. خاص ڪري شاگردن ۽ گهٽ پئسي ۾ گهڻو گهمڻ واري همراهه لاءِ. هڪ ته برڪ فيلڊ واري روڊ تي واءِ ايم سي اي YMCA آهي جنهن ۾ گذريل مهيني منهنجو به رهڻ ٿيو هو. ينگ مين ڪرسچن ائسوسيئيشن جو ههڙيون ڪلب نما هوٽلون دنيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ آهن: يوڪاهاما، هانگ ڪانگ کان وٺي ڪراچي ڪوالالمپور تائين. پوءِ ڪن ملڪن ۾ منجهن رهائش جو معيار سٺو آهي ته ڪن هنڌن جو سادو سودو. جيئن ته سنگاپور جي YMCA ته تمام سٺي آهي . پر ڪوالالمپور يا پينانگ شهر جي مڙيئي غنيمت آهي. بهرحال آهي تمام سستي. خاص ڪري شاگردن لاءِ يا انهن لاءِ جيڪي گهران ٿورا پئسا کڻي نڪرن ٿا. ڪار پارڪ ڪرڻ جو پڻ مفت بندوبست آهي. ڪمرن ۾ جيتوڻيڪ چوويهه ڪلاڪ روم سروس ڪانهي پر تڏنهن به ڪوسو ۽ ٿڌو پاڻي وهنجڻ توڙي پيئڻ لاءِ موجود رهي ٿو. ٻه ٽوال، ٿرماس، ٽي وي، فون، گڏيل وهنجڻ جاءِ جو هر ڪمري سان بندوبست آهي. هن ٽماڙ عمارت واري واءِ ايم سي اي ۾ هيٺ ريسٽورينٽ آهي. جنهن جي ماني چڱي سٺي ۽ سستي آهي. ان کان علاوه ٻاهر، روڊ جي ٻي پاسي پڻ ڪيتريون ئي انڊين، ملئي ۽ چيني هوٽلون ۽ دڪان آهن. جن تي کائي پي سگهجي ٿو. ميڪسيڪو، ليڊو جهڙيون رهائشي هوٽلون پڻ آهن_جيڪي YMCA کان به سستيون آهن، پر اخلاقي طرح ڪريل چيون وڃن ٿيون جو انهن جي قطار ۾ اگهاڙا مساج (مالش) گهر آهن.
واءِ ايم سي اي ۾ رهائش لاءِ مختلف قسم جا ڪمرا آهن. هڪڙا چئن ماڻهن جا وڏا ڪمرا آهن. ان جي مسواڙ فقط ڏهه ڊالر في ماڻهو آهي_يعني سٺ رپيا کن ٿي. ٻيو سنگل روم آهي جنهن ۾ ماڻهو اڪيلي سر رهي سگهي ٿو. سنگل رومن ۾ جيڪي ايئر ڪنڊيشنڊ بنا ڪمرا آهن انهن جي مسواڙ ارڙهن ڊالر آهي باقي ايئر ڪنڊيشنڊ واري جي چاليهه ڊالر آهي. اهڙي طرح ڊبل بيڊ وارن ڪمرن جي پنجاهه ڊالر آهي. بهرحال هي 1984ع ڌاري جون قيمتون آهن جڏنهن ملئي ڊالر (رنگٽ) ستين رپئي آهي ۽ آمريڪن ڊالر ويهين رپئي صرف. اڳتي هلي ڇا ٿيندو ان لاءِ چئي نه ٿو سگهجي.
هڪ رات واءِ ايم سي اي جي ريسٽورينٽ ۾ ماني کائي چانهه پيئڻ لاءِ ٻاهر هڪ مسلمان مدراسيءَ جي هوٽل ۾ اچي ويٺس جتي بيا به ڪيترا يورپين ويٺا هئا جيڪي مختلف ملڪن کان هتي گهمڻ لاءِ آيا هئا. منهنجي ٽيبل تي ٻه سئيٽزرلئنڊ جا ويهن پنجويهن سالن کن جا نوجوان ويٺل هئا. هو ڏهه ڏينهن کن بئنڪاڪ (ٿائلينڊ) ۾ رهي پوءِ هتي آيا هئا. ڪوالالمپور ۾ سندن اڃان پهريون ڏينهن هو. کانئن ڪوالالمپور جو حال پڇيم جنهن جي موسم ته بهتر ٿي لڳن. پر واءِ ايم سي اي جي رهائش مان مطمئن نه هئا. “اسان سئٽزرلئنڊ ۾ جيڪو گائيڊ بوڪ پڙهيو هو،” هنن ٻڌايو، “ان ۾ ته YMCA جي ڊارميٽري جي مسواڙ پنج ڊالر في ماڻهو لکيل هو ۽ هاڻ هي ڏهه ڊالر في ماڻهو پيا وٺن.”
“دراصل مهنگائي جتي ڪٿي وڌڻ ڪري هنن به پنهنجا اگهه وڌايا آهن.” مون کين چيو“پر تڏنهن به يورپ ۽ آمريڪا جي ڀيٽ ۾ هيءَ سستي آهي.”
“ها پر اسان ته اڃان به وڌيڪ سستائيءَ جو سوچي گهمڻ لاءِ نڪتا اهيون. هاڻ ايترو روز ڀريندا رهياسين ته اسان کي سوچيل ڏينهن کان اڳ موٽڻو پوندو.”
مٿين ڳالهه لکڻ جو مطلب فقط اهو آهي ته هي جو ماڻهو ولايتون گهمندا وتن ويندي پاڪستان ۾ به جيڪو يورپي آمريڪي نظر اچن ٿا سي ڪي سڀ پئسي وارا به ناهن. گهڻي پئسي سان ته هر ڪو گهمي سگهي ٿو پر ڪيترائي اهڙا به دنيا جي گولي تي گهمندا ڦرندا نظر اچن ٿا جيڪي ٿوري پئسي مان گهڻي کان گهڻو ولائت گهمڻ کي ئي آرٽ سڏين ٿا.