ڪوالالمپور جي هڪ رات
انڊيا جي ڪئپٽن جئپال چيو:“اهو ته اجايو آهي، ملائيشيا ۾ رستي تي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ هوٽلون آهن جتي هر قسم جو کاڌو ۽ شئي شڪل ملي ٿي- خاص ڪري روٽي چنائي (اُڦراٽو) ته عام آهي- جيڪو رکو به کائي سگهجي ٿو ته ڪنهن ٻوڙ يا چانهه سان به.”
“پر فاروقيءَ کي اُفراٽا يا ٻي ڪا اهڙي گيهه واري شئي نه ٿي وڻي.” آصف ٻڌايو. آصف جهاز جو چيف انجنيئر آهي ۽ اهو پڻ ملاڪا جي اڪيڊمي ۾ اسان وانگر پڙهائي ٿو.
پوءِ اهو واقعي مسئلو ٿيو. ڪئپٽن مُکريءَ سان به سفر ۾ اهو ئي مسئلو آهي. هو ته هوٽل ۾ صفا رهي نه ٿو سگهي. هر وقت گهر جي ماني کائي. ان ڪري ٻئي شهر ۾ وڃڻ جو سانگو تڏنهن کڻندو آهي جڏنهن پڪ هوندس ته ان شهر ۾ سندس ڪو پاڪستاني يا هندوستاني دوست رهي ٿو. جيئن هن جي گهر ماني کائي سگهي.” درٻيلي جي ڪئپٽن مخدوم چيو.
“پر يار اسان کي وري ڪنهن جي گهر رهڻ ۾ سخت مونجهه ٿئي ٿي.” ڪئپٽن تيجپال چيو،“چاهي ڪنهن دوست جو هجي يا مٽ مائٽ جو. ان کان هوٽل جو ڪمرو وڌيڪ سهوليت وارو آهي.”
ان تي مون به کيس وارو وٺرائيندي چيو:“واقعي يار هوٽل ۾ رهڻ ۾ آزادي آهي. وڏي ڳالهه ته پاڻ هاڻ سڀ اهڙي عمر جي پيٽي ۾ اچي ويا آهيون جو پاڻ مان هر هڪ جنهن جنهن نموني سان رهيو آهي اهو ئي هن کي بهتر لڳي ٿو ۽ ان تي هو هريل آهي.”
پوءِ کلندي مون پنهنجي ويجهڙائي جو هڪ تجربو کين ٻُڌايو:
ٻه هفتا کن اڳ ڪوالالمپور ويو هوس.ان کان اڳ جڏنهن به اڪيلو يا فئملي سان ويو آهيان ته هوٽل ۾ ئي رهڻ ٿيو آهي. جيتوڻيڪ هاڻ ڪوالالمپور ۾ ڪيترائي ڄاڻ سڃاڻ وارا آهن پر انهن وٽ رهڻ کان نٽائيندو آهيان، خاص ڪري هڪ ملئي فئملي ته ڏاڍو چوندي آهي ته هوٽل ۾ رهي اجايو ٿو خرچ ڪرين- جيڪو واقعي گهڻو اچي ٿو ۽ هڪ ڏينهن جا سئو ڊالر ڏيندي ڏک به ٿيئي ٿو سو به هوٽل ۾ رات جا چند ڪلاڪ گذرڻا ٿا پون. باقي وقت شهر ۾ ڪمن ڪارين پٺيان گذري ٿو.
هڪ دفعي ته ڪوالالمپور ڇڏڻ وقت هن فئمليءَ جو گهر به ڏسي آيس ته جيئن ٻي دفعي هوٽل ۾ رهڻ بدران سندن گهر رهي پوان. سندن گهر ٻين عام ملئي گهرن کان وڏو هو- اٽڪل چار ڪمرا هئس ۽ فئمليءَ ۾ زال مڙس ۽ پنج کن ٻار هئا. پاڻ ڏاڍيون منٿون ڪيائون ته کين ڪا به تڪليف نه ٿيندي جو هڪ ڪمرو ته هميشه خالي رهي ٿو. چئن ڪمرن مان هڪ ۾ هو زال مڙس رهن ٿا، هڪ ۾ ٻئي وڏيون ڌيئرون جن مان هڪ ڪنهن آمريڪي انشورنس ڪمپنيءَ ۾ ۽ ٻي ايئر انڊيا جي آفيس ۾ نوڪري ڪري ٿي ۽ ٽين ڪمري ۾ ٽيئي پٽ رهن جيڪي اڃان اسڪول وڃن ٿا ۽ هونءَ به ڇوڪرا ته ڊرائنگ روم ۾ وڇايل گلم تي سمهي سگهن ٿا.
پر ان هوندي به مون کي اهو خيال پئي رهيو پئي ته متان کين ڪا تڪليف ٿئي. گذريل مهيني پاڪستان ايمبيسي ۽ ٻين آفيسن ۾ ڪم سانگي ڪوالالمپور اڪيلو وڃڻ جو پروگرام ٿيو ۽ سوچيم ته هوٽل ۾ رهڻ بدران هنن جي گهر رهي ڏسان. جي کين واقعي تڪليف نه ٿيئي ته پوءِ ٻئي دفعي فئمليءَ سان به ڪوالالمپور هنن وٽ ئي رهبو. بلڪه ڪڏنهن ڪڏنهن ڪنهن ڏورانهين سفر تي پينانگ يا الور اسٽار وڃڻو ٿيو ته ڪوالالمپور هنن وٽ رات ترسي، وڌيڪ سفر لاءِ ٻئي ڏينهن صبح جو نڪربو- جو مٿيان شهر ملاڪا کان پنج ۽ ست سئو ڪلوميٽر پري آهن ۽ يڪ ساهيءَ اتي پهچڻ ڏکيو آهي.
ڪوالالمپور وڃڻ کان ٻه ڏينهن اڳ هن ملئي فئمليءَ کي اطلاع طور هتان ملاڪا کان فون ڪيم. فون مسز سفوران ئي کنيو. دراصل منهنجي پهرين ملاقات به سفوران سان ئي ٿي هئي. ملائيشيا پهچڻ کان پوءِ پهريون دفعو ڪوالالمپور ۾ اچڻ وقت هڪ سنڌيءَ جي ڊپارٽمينٽ اسٽور- گلوب سينٽر ۾ ساڻس گڏجاڻي ٿي هئي. سندس عمر پنجيتاليهه سال کان پنجاهه سال ٿيندي. ساڻس گڏ پنڌرهن سورنهن سالن کن جو ڇوڪرو هو. سندن مڙس جو واپار ڪوالالمپور ۾ آهي ان ڪري ڪوالالمپور جي ئي هڪ علائقي ڪمپونگ- پانڊان ۾ رهن ٿا.
ملاڪا موٽڻ بعد پاڻ هڪ ٻه دفعو فون به ڪيائين پر کيس انگريزي جو هڪ لفظ به نه ٿي آيو ۽ مون کي اڃان ملئي زبان نٿي آئي جو ساڻس ڳالهائي سگهان. سندس مڙس مسٽر ذوالقفيءَ کي پاڻ ٿوري گهڻي انگريزي آئي ٿي يا وري وڏي ڌيءَ رحيما کي. ان ڪري اهي ترجمو ڪري خيريت پڇندا رهندا هئا. ۽ سال اندر سٺي فئملي دوستي ٿي وئي هئي. هنن کي هر وقت اهو خيال رهندو هو ته آئون پرديسي ٿي هوٽل ۾ ڇو ٿو رهان. جڏنهن ته هنن جو گهر ڪوالالمپور ۾ موجود آهي. سو ڄاڻ سڃاڻ کي سڄو سال گذرڻ بعد ان ڏينهن فون تي مسز سفوران کي خوشخبري ٻُڌايم ته اربع ڏينهن ڪوالالمپور اچان پيو ۽ رات توهان وٽ رهي ٻي ڏينهن ملاڪا موٽندس.
“سو سائين ڪوالالمپور ويس ۽ رات رهي ٻئي ڏينهن وريس.”
ڪئپٽن تيجپال پڇيو ته پوءِ ڇا ٿيو.
“پوءِ ڇا ٿيو- ؟” مون وراڻيو. “ٿيو ته ڪُجهه ڪونه. ٻين ملئي ماڻهن وانگر هي به تمام سادا ۽ مهربان هئا ۽ هنن ويچارن ته منهنجي تمام گهڻي ٽهل ٽڪور ڪئي پر سائين مون لاءِ ته ڄڻ سزا ٿي پئي، ۽ آئندي لاءِ توبهه ڪري واپس ملاڪا اچي نڪتس ۽ سوچيم ته ڪنهن هوٽل، سي مئن ڪلب يا واءِ ايم سي وغيره ۾ رهبو، يا ته انهي ڏينهن موٽي اچبو، باقي ڪنهن گهر ۾ نه رهبو.”
“ڇو ڀلا- ؟” آصف پڇيو.
“بس چڪر اهوئي عادت جو. مثال طور منهنجي عادت سوير سمهڻ جي پر منهنجي وندر لاءِ هي ويچارا ويٺا ڪچهري ڪن يا ٽي وي هلائين- اڃان ته کين وي سي آر جي فلم نه ملي جيتوڻيڪ منهنجي لاءِ ڪري هنن پنهنجي وڏي پٽ بحرالدين کي گهڻو ڊوڙايو ته ڪٿان پي- رامليءَ جي فلم جو وي سي آر ڪئسٽ وٺي اچ. آئون گهڻو ئي چوان ته مون کي فلم ناهي ڏسڻي پر هو ويچارا سمجهن ته شايد مون کي ڏسڻي آهي پر تڪلف پيو ڪريان. بهرحال خير ٿي ويو جو گهڻا تڻا دڪان بند ٿي ويا هئا ۽ پي- رامليءَ جي اهافلم جيڪا هنن گهرائڻ چاهي ٿي اها ملي نه سگهي نه ته ان خوف ۾ هوس ته جي فلم هٿ اچي ويئي ته ٻه اڍائي ڪلاڪ ٻيا به جاڳڻا پوندا. (پي- راملي ملئي فلمن جو وڏو اداڪار ٿي گذريو آهي جيئن ننڍي کنڊ ۾ دليپ ڪمار مشهور آهي. دليپ ته وري به فقط ائڪٽر آهي پر پي- راملي صاحب ائڪٽر هجڻ کان علاوه ڳائڻو، گانا لکڻ وارو، گانن جي ميوزڪ ٺاهڻ وارو، ڊائريڪٽر، هيرو ۽ مسخرو ٿي گذريو آهي. سندس نالي ڪوالالمپور ۾ هڪ رستو پڻ آهي.)
هن ملئي فئيملي جو گهر ته وڏو ئي هو پر عام ملئي گهرن وانگر سڄو ڪاٺ جو ٺهيل هو جيڪو بنا ڪنهن شڪ جي هتي جي موسم لاءِ آئيڊيل گهر آهي جنهن ۾ نه گهڻي گرمي ٿئي ٿي ۽ نه سيءُ. سيءُ ته هتي ڇا خاڪ ٿي سگهي ٿو جو هنن ٽراپيڪل ملڪن ۾ ٻارهو ئي سج چوٽي وٺي لنگهي ٿو ان ڪري گرمي رهي ٿي پر هر وقت جهڙ ۽ گهڻي مينهن پوڻ ڪري ڏينهن جو ڳپل حصو، موسم سٺي رهي ٿي. خاص ڪري مينهن جي وسڪاري بعد ٿوري دير هلڪي ٿڌڪار ٿئي ٿي جيڪا هتي جي ماڻهن لاءِ ڄڻ ٿڌ ۽ سردي ٿي. ان وقت يڪدم سئيٽر نڪري ايندا. نڪ ۽ ڇاتين تي وڪس يا ٽائيگر بام پيو لڳندو ته متان ٿڌ نه لڳي. متان ڇاتي نه وٺجي. يعني اسان وٽ سيارو سال بعد اچي پر هتي هر هفتي به اچي سگهي ٿو ته ڪڏنهن ڏينهن ۾ ٻه دفعا به- مينهن وسڻ بعد. هتي ملائيشيا ۾ ڪڪر ته هر وقت آسمان ۾ رهن ئي رهن ٿا ۽ جهڙ ڪري ظاهر آهي ايڏي گرمي نه ٿي ٿئي- خاص ڪري ماڻهو جيڪڏنهن اندر ڪمري ۾ ويٺو آهي ته موسم وڻندر لڳي ٿي. پر ايتري ٿڌڪار به نه ٿي ٿئي جو پنکو به نه هلائجي. پر هتي جا رهاڪو بنا پنکي جي عادي ٿي ويا آهن. ان ڪري ڪنهن ڪنهن گهر ۾ ڊرائنگ روم ۾ کڻي پنکو هوندو جيڪو ڏينهن جو گهرج موجب- ڪڏنهن ڪنهن کي گرمي محسوس ٿئي ته – هيڏانهن هوڏانهن ريڙهيو وڃي ٿو. سو اهڙيءَ طرح ڪوالالمپور جي هن گهرن ۾ به- جنهن ۾ آئون مهمان ٿي رهيس ڀت کان ڀت تائين غاليچا، ٽي وي، وي سي آر ۽ ٻيون سهوليت ۽ آسائش جو سامان ته ضرور هو پر پنکو فقط ڊرائنگ روم ۾ هو. سو به وچ تي رکيل ڊائننگ ٽيبل جي مٿان. يعني ويهڻ لاءِ صوفا سيٽ جيڪي پري ڀت سان لڳل هئا تن تائين پنکي جي هوا جو پهچڻ محال هو. گهر جي ماڻهن کي ته گرمي نه پئي ٿي پر پر مون کي سو ان ڏينهن ڪجهه زياده ئي لڳي رهي هئي جو ملاڪا ۾ سڄو سال ايئر ڪنڊيشنڊ آفيس جي ٿڌي ڪمري ۾ ويهڻ ڪري عادتون خراب ٿي چڪيون هيون. اسان جي ملاڪا واري گهر ۾ جيتوڻيڪ ايئر ڪنڊيشنڊ جهڙي شئي لڳل نه هئي پر اهو ملاڪا نار جي ڪناري تي ۽ مٿاهينءَ تي اڏيل هجڻ ڪري سخت گرميءَ ۾ به ٿڌو رهي ٿو. سو اهو ئي سبب هو جو هتي مون کي ڪجهه زياده ئي گرمي لڳي رهي هئي ۽ ذري ذري ڀت جي پاسي ۾ رکيل صوفن تان اٿي وچ تي رکيل ڊائننگ ٽيبل جي ڪرسين تي اچي ٿي ويٺس- جنهن مٿان ڇت جو پنکو شايد ٻن يا ٽن انگن واري ڍري رفتار تي ادل چاڪيءَ جي گهاڻي ۾ جوٽيل ڍڳي وانگر آهستي آهستي گول ڦري رهيو هو.
گهر جيئن ته ڪاٺ جو هو- يعني ڇتيون ڀتيون ته سهي پر پٽ به ڪاٺ جو هو- ڄڻ گهر نه هجي پر پراڻي زماني جو سلطاني ٻيڙو- جيڪي ائين ڪاٺ جا ٺهيل هوندا هئا ۽ درن مٿان ۽ درين تي ڳاڙها، آسماني ساوا بيلجمي شيشا لڳل هوندا هئا. اهڙن ٻيڙن مان ڪجهه اڃان تائين ڪن ڪن بندرگاهن ۾ نمائش طور موجود آهن. جهڙوڪ هانگ ڪانگ ۾، اسپين جي بندرگاهه بارسلونا ۾، آمريڪا جي بندرگاهه نيو اورلينس ۾. سو ان ڪاٺ جي فرش تي هلڻ وقت گهر جا ڀاتي ته پير کپائي کپائي آهستي هليا ٿي يا ته سندن ننڍي قد ۽ گهٽ تور ڪري ايترو آواز نٿي ٿيو پر مون ڏٺو ته منهنجي هلڻ ڪري هڪ ته آواز ڪجهه گهڻو ٿيو ٿي ۽ فرش ڪمزور ڪاٺ جي بنڊ وانگي لڏيو ٿي ۽ ٻيو ته منهنجي هلڻ وقت گهر جي سڀني ڀاتين جو ڌيان مون ڏي ڇڪجي ويو ٿي. جيڪي ڳالهين ۾ مشغول هئا سي به منهنجي هلڻ وقت ماٺ ڪري مون کي ڏسڻ لڳا ٿي. ٽين ڳالهه ته گهر جيتوڻيڪ ڪو گهڻو پراڻو نه هو پر ڪاٺ جي فرش ۾ ڪٿي ڪٿي اڏوهي لڳڻ يا پور ٿيڻ ڪري اهي هنڌ ڪمزور ٿي چڪا هئا. گهر جا ڀاتي ته انهن هنڌن کان ائين واقف هئا جيئن گهر ۾ عورت پنهنجي رڌڻي مان اوندهه ۾ نه به لوڻ مرچ ڳولي کڻي اچي. سو آٽوميٽيڪلي صحيح هنڌن تي پير رکي هلي رهيا هئا پر مون کي نه خبر نه هئي ۽ نه ڏسي سگهيس ٿي جو فرش مٿان غاليچو وڇايل هو. سو جيئن ئي منهنجو پير انهن ڪمزور ٽڪرن تي آيو ٿي ته سڄو جهڪي ٿي ويس ۽ انهن اڏوهي کاڌل هنڌن جو ڪاٺ چيچاٽ ڪري وڌيڪ ڇيتيون ڇيتيون ٿي ٿيو- جنهن جو افسوس مون کي هينئر به ٿي رهيو آهي. (هڪ ڳالهه هتي ٻُڌائڻ ضروري چاهيان ٿو ته ملئي اسٽائيل جي ڪاٺاڻي گهر جو پٽ زمين کان ٽي فوٽ کن مٿي رکيو وڃي ٿو جيئن مينهن ۽ ٻوڏ جو پاڻي هيٺيان لنگهي وڃي.)
ڪولالمپور ملاڪا کان سئو ميل کن مس آهي. ملاڪا ۽ ڪوالالمپور جي اڌ تي سريمبان شهر آهي. سريمبان کان ڪوالالمپور تائين رستو پنهنجي سپر هاءِ واي وانگر آهي_بلڪ ان کان به ويڪرو ۽ ايندڙ ويندڙ گاڏين لاءِ الڳ الڳ رستو اهي. باقي ملاڪا کان سريمبان تائين جيڪو رستو آهي اهو هڪ ته ٻٽو ناهي، ساڳي رستي تان گاڏين جي اچ وڃ آهي، ان ڪري ايترو تکو نه ٿو هلي سگهجي. رستو به سڌو هجڻ بدران ور وڪڙ وارو آهي ۽ ٽن چئن ڳوٺن مان ٿيندو وڃي ٿو: جهڙوڪ: لبوڪ، چينا، لنگي، رتنائو وغيره. سو ڳوٺن مان لنگهڻ ڪري ڪار خيال سان هلائڻي پوي ٿي. بهر حال ٻن ڪلاڪن ۾ ملاڪا کان ماڻهو ڪوالالمپور پهچي وڃي ٿو. آئون ڪوالالمپور پهچي ڪجهه شهر جا ڪم ڪار لاهي منجهند جي ماني به هوٽل تان کائي پوءِ هن ملئي فئملي وٽ ٻي بجي ڌاري پهتس. منهنجو ارادو هو ته سندن گهر پهچي کين اطلاع به ڪريان ته آئون ڪوالالمپور ۾ ئي آهيان ۽ جي موقعو لڳي ته اڌ ڪلاڪ کن اتي آرام ڪري پوءِ ٻين ڪمن لاءِ شهر ڏي نڪران جو ٻين عادتن سان گڏ منجهند جو گهڻو نه ته ڏهه منٽ، ننڊ ڪرڻ جي عادت اهڙي ته پيل آهي جو بس. پوءِ آفيس ۾ به روزانو ٽيبل تي مٿو رکي ڏهه منٽن لاءِ اها ننڊ ضرور ڪرڻي پوي ٿي. ويندي جهاز هلائڻ واري ڏينهن ۾ ۾ باٿ روم جو بهانو ڪري ڪنڊ پاسي ۾ ڪنهن بند ٿيل انجڻ يا پائيپ تي، يا جهاز جي پڇ تي ٺهيل ٻنوڙي تي مٿو رکي اها ڏهه منٽ ننڊ ضرور پوري ڪرڻي پوندي هئي. بهرحال گهر پهتس. مسز سفوران پاڻ ته ڪمري ۾ ستي پيئي هئي. سندس ننڍي پٽ کي سمجهايم ته کيس اٿاري نه. آئون وري پوءِ ايندس. پاڻ مون کي منهنجو رهڻ وارو ڪمرو ڏيکاريائين جيڪو گهر ۾ گهڙڻ سان پهريون در وٽ هو.
آندل هڪ وڳو، ٽوال، شيونگ جو سامان، پنهنجي ملڪ جي ايمبيسيءَ مان کنيل پراڻيون جنگ، نواءِ وقت ۽ مشرق اخبارون ڪار مان ڪڍي ٽيبل تي رکيم ۽ رب جا ٿورا مڃي دل ئي دل م خوش ٿيس ته ڊگهي کيڪار کڙيءَ کان جان بچي ۽ هاڻي ائين ئي پينٽ ۾ ئي ٿوري دير لاءِ منجهند جي ننڊ ڪري وٺان ٿو. پر ايتري دير ۾ سفوران جو پٽ، جيڪو مون جهڙي ولائتي مهمان کي ڏسي خوشي ۾ اهڙو ته ڪو منجهي پيو جو وڃي پنهنجي ماءُ کي اٿاري منهنجي اچڻ جو ٻڌايائين. (پاڻ وٽ گذريل ٻن صدين تائين يورپ ۽ انگلينڊ جا ماڻهو ٻاهر نڪرڻ ڪري اهي ولائتي ۽ فارينر سڏبا هئا پر هاڻ جڏنهن اسان جهڙي ٽين دنيا جي غريب ملڪن جا ماڻهو پورهئي ڪارڻ هيڏانهن هوڏانهن نڪرڻ شروع ٿيا آهن ته اهو ولائتي ۽ فارينر جو لفظ جو استعمال_صحيح معني ۾ استعمال ٿيڻ لڳو آهي ۽ نائيجيرين توڙي انڊين کي، سري لنڪن توڙي اسان کي ڌارين ملڪن ۾ فارينر، ولائتي_يعني ڌاريون سڏيو وڃي ٿو) بلڪ هاڻ ته يورپين کان وڌيڪ اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن جي نڪرڻ ڪري فارينر سان ڌيان ۾ ڪو گورو نه پر اسان جهڙو ڪارو اچي ٿو.
ماڻس ويچاري مهمان جو ٻڌي ٽپ ڏيئي اٿي ۽ هٿ منهن ڌوئڻ تي به وقت وڃائن بدران سڌو مون ڏي “هيلو! هيلو! سلامت داتنغ” (ڀلي ڪري آئين) چوندي آئي. ۽ آئون لاچار سمهڻ جو ارادو لاهي ٻاهر ڊرائنگ روم ۾ اچي ويٺس_جنهن جي اولهه ۾ منهنجو ۽ ٻيا بيڊ روم هئا. پنج ڏهه منٽ هوءَ خبر چار پڇندي رهي ۽ کيس مون ڀڳل سڳل ملئي زبان ۾ پنهنجو سڄو پروگرام سمجهايو ته شهر جا ڪم ڪار لاهي آيو آهيان. هينئر وري شهر ٿو وڃان ۽ شام جو پنجين ڇهين بجي ڌاري موٽي هتي اچي رهندس. ملاڪا وپس سڀاڻي ويندس.
ماني لاءِ بڌايومانس ته هينئر هينئر ٻاهران کائي آيو آهيان ۽ هوءَ رات جي مانيءَ جو به منهنجو فڪر نه ڪري.
“نه ائين وري ڪيئن ٿي سگهي ٿو. تون پنهنجي گهر ۾ رات جي مانيءَ ۾ ڇا ڇا کائيندو آهين ته ڪوشش ڪري اهو هتي به تيار ڪريون.”
ڪيترا ماڻهو کاڌي پيتي جا شوقين ٿيندا آهن. ان ڪري کين پرديس ۾ رهڻ ۾ به ڏکيائي ٿيندي آهي. ويندي مانيءَ جي وقتن جا به پابند هوندا آهن ۽ هڪ ويل به بنا ٻوڙ مانيءَ جي رهي نه سگهندا آهن. مون سان ائين ناهي. پر هن وقت کين جيڪڏنهن ٻڌائيندس ته مون مست جي نه ماني مقرر آهي ۽ نه مانيءَ جا وقت ته هوءَ هر گز يقين نه ڪندي. مون لاءِ ست رڇي يا ٺلها آراڙا ڀڳڙا ڳالهه ساڳي آهي. پر هتي هنن کي ڪجهه ٻڌائڻ ٿي چاهيم جيئن گهڻي تڪليف ۾ نه پون.
“آئون گهر ۾ ناسي (چانورن) يا ٺلهي روتي ڪوسونگ (هتي ملندر ٽيهه چاليهه سينٽن جو اڦراٽو) کائيندو آهيان.”
“روٽي ڪوسونگ (ٺلهو اڦراٽو) يا روتي تلور بيضي وارو اڦراٽو) ته هتان به ملي ويندو_ڀر واري گهٽيءَ ۾ هوٽل آهي. منهنجي وڏي ڌي رحيمان ڏٺي آهي. اها وٺي ايندي.”
مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ته اهاڙا ميزبان سٺا جيڪي هڪ ئي دفعو ڳالهه ٻڌي سمجهي ۽ مڃي وڃن.
“ڀلا هينئر ڪجهه ته کاءُ_”
“هينئر بلڪل ضرورت ناهي.”
“ڀلا منڊي_؟” (منڊي ملئي زبان جو لفط آهي_معني وهنجڻ).
“ها.” ان لاءءِ انڪار ڪرڻ خرب ڳالهه ٿيندي.
ملئي ماڻهن ۾ وهنجڻ ايترو عام ۽ گهڻو آهي جو اسان رڻ پٽن جي رهاڪن کي ته حيران ڪندڙ ۽ حسرتن ۾ وجهندڙ آهي. قدرت طرفان پاڻي ايترو گهڻو مليل اٿن جنهن جو ڪو ڪاٿو ئي ناهي. هڪ ته سڄو ڏينهن آسمان مان پاڻي ٿو وسي، ٻيو بنا گرُ ۽ مٽيءَ جي ندين نارن جو شفاف پاڻي. گهڻو ڪري ٻهاريءَ بدران به پاڻيءَ جي پائيپ سان گهر کي ڌوئي ڇڏيندا آهن. صبح ۽ سج لٿي مهل ته هر هڪ لاءِوهنجڻ (منڊي_Mandi) ڄڻ ضروري آهي. سج لٿي کان ٿورو اڳ تائين هر ڪو ٽوال جهليو بيٺو هوندو. پڇبو ڪيڏانهن_؟
وراڻيندو:“منڊي.”
۽ وهنجڻ به ڪو اهڙو تهڙو. هڪ اڌ بارديءَ مان نه پر گهٽ ۾ گهٽ هڪ اڌ وڏي ڊرم کي خالي ڪري وٺندا ۽ هتي جا ماڻهو وهنجڻ وقت جنهن ڪري سان پاڻي نائين ٿا سا به اسان جي ڪريءَ کان ٽيڻي چئوڻي ٿيندي_(يعني ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه يا ٽي ليٽر پاڻي اچي ٿو). ان سان جڏنهن وهنجندا آهن ته اوڙي پاڙي ۾ پاڻي جو شپڪو ٻڌبو آهي. اسان جهڙا ماڻهو جيڪي ننڍي هوندي سنڌ جهڙي وارياسي علائقي ۾ رهيا يا جهاز تي_جتي هر وقت مٺي پاڻيءَ کي قدر جي نگاهه سان ڏسڻ سيکاريو ويو ۽ ڦڙو به ضايع ڪرڻ تي پاپ جو ڊپ ڏنو ويو. اتي هي حال ڏسي اسان جهڙا وائڙا ڪيئن نه ٿين.
هڪ ٿڪاوٽ ڪري ٻيو هتي جي رسم ڪري مون ان گهڙيءَ اهو ئي مناسب سمجهيو ته منڊيءَ لاءِ انڪار ڪرڻ هتي ملائيشيا ۾ اهڙو گناهه جو ڪم آهي جهڙو پاڻ وٽ اَن نوُر يا کير پير ڪو ڏئي ته موٽائي ڏجيس. گرمي ته مون کي ڪجهه زياده لڳي رهي هئي ۽ ڪجهه ان خيال کان ته منهنجا مهربان ميزبان اهو نه سمجهن ته آئون ڪنهن اڻ سڌريل ملڪ جو آهيان. گهٽ ۾ گهٽ موهن جي دڙي تائين سنڌي وهنجڻ جا ايڏا سوقين هئا جو جپانين وانگر کين هر پاڙي ۾ ڪميونٽي باٿ (عام تالاب) پڻ هو. اها ڳڻ ڳوت ڪري ٽوال کڻي وهنجڻ جاءِ ۾ گهڙيس، جيڪا، گهر جو نقشو ٺاهيندڙ انجنيئر، سڄي گهر ۾ فقط هڪڙي ٺاهي هئي ۽ سا به گهر جي آخري ڪنڊ ۾. بلڪ اهو هتي جي جاين جو عام نقشو آهي جيڪو هتي جي واڍن جي دماغ ۾ ئي موجود هوندو آهي، جنهن لاءِ بشير ميمڻ جهڙي انجنيئر جي ضرورت نه ڪي ڊي اي کان پاس ڪرائڻ جو الڪو هوندو آهي. ملائيشيا جي انهن گهرن جي، انگريزي دوائن وانگر، هڪ Patent ڊزائين ٿئي ٿي.
ملائيشيا جا گهر ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجن ٿا. هڪ ته سڄا ڪاٺ جا ٿين. جن جو ڪاٺ جو پٽ زمين تي هجڻ بدران ٽي فٽ کن مٿي ڪاٺ جي پيل پاين تي ٿئي. ان مان اهو فائدو آهي ته نانگ بلائون ۽ جيت جڙا جيڪي هتي گهڻا ٿين ٿا انهن کان بچاءُ رهي ٿو ۽ ٻيو سخت مينهن جي ڪري وهندڙ پاڻيءَ کان مٿانهون رهي ٿو ۽ گهر هيٺيان ڇڏيل اها جاءِ اسٽور روم يا بُهري طور به ڪم اچي سگهي ٿي. يعني ڪاٺيون، ڪوڏر، سُپ، دٻا، ڌوپ ڇٽيون وغيره اتي رکي سگهجن ٿا ۽ ملائيشيا جا اهي ڪمپونگ_هائوس (ڳوٺاڻا_گهر) آهن.
ٻيا اوچي درجي جا، شهرن ۾ پاڻ جهڙا پڪا گهر ٿين_يعني بنگلو ٽائيپ کڻي نه به هجن پر سرن جا، يا پٿرن جا يا گچ ۽ گاري جا ٿين_يعني منجهن ڪاٺ تابوت وانگر استعمال نٿو ٿئي. ٽيان وچولي درجي جا ٻنهي جو مڪسچر ٿين_جهڙو هي گهر هو جنهن ۾ آئون مهمان ٿي آيو هوس. اهڙن گهرن جي وچ وارو حصو يعني ڪمرا مٿاهين تي ٿين ۽ ان حصي جو فرش پڻ ڊرامي جي اسٽيج وانگر مٿاهون ۽ ڪاٺ جي تختن جو ٿئي ۽ پويون حصو هيٺاهون ۽ پٽ جي ليول تي ٿئي. اهو هيٺاهون پٽ سيمنٽ ٽائلن يا سرن جو ٿئي. اڳئين حصي ۾ ڇٻر، گلن جون ٻاريون ۽ ڪار يا سائيڪل بيهارڻ جي جاءِ پڻ ٿئي. پويان اسٽور روم، رڌڻو، ڪاڪوس_وهنجڻ جاءِ ٿئي. سڄي پاڙي جي گهرن وانگر هن گهر جي بيهڪ پڻ ڪجهه ان قسم جي هئي. مين لوهي_گيٽ مان گهڙي ڪار بيهاري، چئمپل يا بوٽ اتي ئي لاهي اندرين گهر ۾ گهڙڻ لاءِ تي يا چار کن ڏاڪا چڙهڻا ٿي پيا_جن مٿان مينهن کان بچاءُ ڪارڻ اڏاوت هئي. اندرين گهر جو در پٽڻ سان وڏو ڊرائينگ_ڊائيننگ روم هو ۽ کاٻي پاسي وار ڀت ۾ ريل گاڏيءَ جي دٻن وانگر قطار ۾ ٽي ڪمرا هئا. جن جي آخر ۾ هڪ ڏاڪو هيٺ لهڻ سان وري هڪ وڏو ڪمرو ۽ هال هو جنهن ۾ گهر جي ڀاتين جي روزمره جي استعمال لاءِ هڪ ٻيو ڊائيننگ ٽيبل رکيل هو. پاسي کان ڪٻٽن ۽ تختن تي ٽام چيني، جست شيشي، چيني مٽي ۽ پلاسٽڪ جا ڪيترن ئي قسمن جا ٿانوَ_رڪيبن_ڪوپن، ڪرين کان وٺي ننڍن وچولن، وڏن ديڳڙن ۽ ٽفن باڪسن تائين، جيڪي روزمره جي رڌ پچاءَ ۽ ڪندورين کان شادين مرادين ۽ هري رايائن (عيد جي ڏينهن) تي ڪتب آڻڻ لاءِ رکيل هئا. ان قسم جي ٿانون جا ڍير ۽ اهري طرح ڪاٺ جي مندنن تي سينگاري رکيل اسان جي ڳوٺ ۾ فقط ماسي زليخان جي گهر هوندا هئا يا وري ملائيشيا جي سڀني ڪمپونگ_هائوسن (ڳوٺاڻن_گهرن) ۾.
ان بعد ٻه يا تي ڏاڪا کن هيٺ لهڻ تي وڏو شاهي رڌڻو ۽ ساڄي پاسي باٿ روم آيو ٿي. رڌڻي ۾ به ٿانوَ ٿپا ۽ ديڳڙا بلڪ ديڳڙن جو فئمليون يعني ننڍا وڏا ۽ تمام وڏا ديڳڙا ۽ تختن تي سيڌي جو سامان: چانور، داليون، ڀاڄيون، ائنڪر، ڊچ ليڊي، نيسپري ۽ ڪلم کير جا ڀريل يا خالي دٻا (يا منجهن ڪو ٻيو اَنُ مصالحو پيل)، ڪافي، مائلو، مارجرين، ۽ ڪيڪن ٺاهڻ جو سامان ۽ ٻيون رڌ پچاءُ جون سنهيون ٿلهيون شيون رکيل هيون. باٿ روم ۽ ڪاڪوس هڪ گڏيل نموني جو هو ۽ سڄي گهر کي Serve ٿي ڪيائين. سندس ڀتيون ۽ فرش اوچين اڇين سرن (ٽائيلن) جو هو. ٽب ڪموٽ پڻ جپاني ۽ اوچا هئا. باقي گهر جي ڇت وانگيان ڪاڪوس جي ڇت ڪاٺ جي نه پر جست جي مڙيل چادرن جي هئي جنهن مٿان رکي رکي هتي جو هر وقت وسندڙ ٽراپيڪل مينهن منهن مٿو پٽي رهيو هو.
گهر ۾ گهڙڻ سان ڊرائنگ روم جي کاٻي پاسي جيڪو پهريون ڪمرو هو اهو مون کي رهڻ لاءِ مليو هو. يعني هڪ ڪنڊ تي آئون هوس ته ٻي ڪند تي باٿ روم سو اوڏانهن وڃڻ لاءِ خاص ڪري شام جي وقت جڏنهن گهر جا سڀ ڀاتي اچي ويا ته ان وقت عجيب ٿي لڳو. ڄڻ فيشن شو جي اسٽيج تان لگهندو وڃان. ان وقت گهر جي ڀاتين مان ٻه پُٽَ ڊرائنگ روم ۾ پٽ تي سمهي ٽي وي ڏسڻ ۾ مشغول هئا، هيٺين ڏاڪي وٽ ننڍي ڌيءَ ماهه نوم ڪنهن ميز پوش تي آر ڀري رهي هئي ۽ ٻي ڌيءَ_رحيمان ڊاننگ ٽيبل تي بصر ۽ ڀاڄيون وڍي ماڻس سفوران کي رڌ پچاءَ ۾ مدد پئي ڪرائي ۽ ٿورو اڳيان سفوران پاڻ پٽ تي ويهي مڇي به صاف پئي ڪئي ته چلهه تي چڙهيل چانورن جي ديڳڙي جي باهه پئي ڏٺي. ڀر ۾ مڙسينس ذوالقفليءَ ان باهه مان سگريٽ پئي دکايو. ان سڄي مخلوق کي لتاڙيندو مون کي ڪاڪوس ۾ پهچڻو پيو ٿيو ٿي. پوءِ چاهي مون کي هٿ ڌوئڻا هجن ته به ٻيو ڪو ويجهڙائيءَ ۾ نلڪو نه هجڻ ڪري باٿ روم ۾ ئي پهچڻو پيو ٿي ۽ جنهن وقت پيرن جي ڌم ڌم ڪندو پنهنجي ڪمري کان باٿ روم تائين ويس ٿي ته پيرن جي کڙين جو اسٽيج جهڙي ڪاٺ جي تختن واري فرش تي اهڙو ته آواز ٿيو ٿي جو جيڪر ٻوڙا به ٻڌي وٺن. ۽ فلالحال زوالقفلي ۽ سفورن جا مدل ۽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻئي ڇوڪرا ٽي وي تان هفتيوار ايندڙ سيريز “ڊالاس” ڇڏي مون ڏي نهاريو ٿي. ننڍي ڌيءَ ماهه نوم آر ڀرڻ ڇڏي مون ڏي مهاڙ ڪئي ٿي. وڏيءَ رحيمان ٿوري دير لاءِ بصرن تان ڇري کڻي مون کي ڏٺو ٿي. سفوران باهه جي ڄڀيءَ تان نظر هٽائي منهنجن پيرن ڏي وڌيون ٿي. ذوالقفليءَ سگريٽ جا ڪش هڻڻ بند ڪري، ساهه روڪي مون کي لنگهندو ڏٺو ٿي.
بهرحال ڏينهن جي وقت مون کي ان پريڊ ڪرڻ جو به فڪر نه هو. پر پريشاني ان جي هئي ته رات جو پيشاب لاءِ جيڪا هڪ اڌ دفعو اٿڻ جي عادت آهي ان جو ڇا ٿيندو. ان وقت جيتوڻيڪ مون کي ڪير ائين اسٽيج تي پريڊ ڪندو ته نه ڏسندو پر رات جي ماٺوڙي ۾ تختن تي هيڏي ڳري همراه جي هلڻ جو آواز ته ضرور سڀني کي سڄاڳ ڪندو ۽ خاص ڪري اوندهه ۾ مون کي اهو ئي ياد نه رهندو ته ڪيترن قدمن کان پوءِ هڪ ڏاڪو آهي ۽ ڪيترن قدمن کان پوءِ ٻه ڏاڪا لهي رڌڻي ۽ ڪاڪوس واري پليٽ فارم تي پهچڻو آهي. ۽ رستي تي ڪهڙي هنڌ ۽ ڪٿي ڊائننگ ٽيبلن، ٽرافين ۽ ٿانون وارن ڪٻٽن ۽ ڪرسين کان پاسو ڪرڻو آهي. ۽ جي ٿو ڪنهن ٿانون واري ڪٻٽ، رئڪ يا مَندَن کي منهنجو ٿڏو لڳي ته_!پر اهي سڀ شيون:ٽيبل، ڪرسيون، ڪٻٽ، تختا، رئڪ ته هڪ هنڌ موجود هئا. ۽ ڌيان ۾ رکي رات جي اوندهه ۾ اهي Hurdles پار ڪري ٿي سگهيس پر منهنجي ڪمري جي در کان باٿ روم تائين پکڙيل ٻلين کان بچاءَ ڪرڻ ڪو سولو ڪم ته نه هو.
اسان واري ميزبان کي ٽي عدد ٻليون هيون. جن جي اتفاق سان ڊليوري هڪ ئي وقت ٿي هئي. ۽ خيراتي اسپتال جي گائني وارڊ وانگر_جنهن جا بيڊ وراندي ۾ پکڙيل هوندا آهن،ڪل يارهن پونگڙن سميت لنگهه ۽ رستن تي پکڙيون پيون هيون. پونگڙا رکي رکي ايندڙ ويندڙ جي پيرن ۾ وچڙيا ٿي يا ڊوڙي مائرن کان فيڊ ٿي ورتائون_جيڪي ڪنهن سکئي پير جي سست مجاور وانگر ٽنگون ٽيڙي سڌيون ٿي پيون هيون. مون چيو ته ڏينهن جي روشني ۾ اهو حال آهي ته رات جي اونداهي ۾ ته مٿاهن پير اچڻ لازمي آهي. ۽ يارنهن پونگڙن ۽ ٽن ٻلين کان هڪ ئي وقت پاڻ بچائڻ نا ممڪن ڳالهه آهي.
هڪ ٻيو مسئلو اهو پيدا ٿي پيو جو منجهند جو جنهن وقت مسز سفوران منڊيءَ (وهنجڻ) لاءِ چيو، ان وقت پڏڻ ٿي ٽوال ڪلهي تي رکي نه فقط وهنجي آيس پر اڳين (ظهر) نماز جي ٻانگ جو سڏ ٻڌي اها به اچي پڙهيم. جيتوڻيڪ اسان گنهگارن کان گهر ۾ به پنج وقت نماز پوري وقت تي پڙهي نه نٿي ٿئي. ۽ سفر يا مجبوري ۾ ته قضا به ڪري سگهجي ٿي. پر منهنجي ميزبان سمجهيو ته ڪو آئون پنج ئي نمازون مقرر وقت تي پڙهڻ جو ايڏو پابند آهيان جو سفر جو به خيال نه اٿم. نتيجي ۾ جيئن ئي ملو ٻانگ ڏي ته هي مصلو ۽ گوڏ کڻيو منهنجي اڳيان رکن ته “اقتوُ سمبهيانغ”_معني وقت نماز جو ٿي ويو. ملئي زبان ۾ نماز کي سمبهيانغ (Sembahyang) چون.
پتلون ۾ نماز پڙهڻ جي عادت اسان کي نه. ۽ سنڌ ۾ جيڪي گوڏيون استعمال ٿين ٿيون اهي هڪ ته ڊگهيون آهن ۽ ٻيو وچ تان کليل ٿين_ٽوال يا چادر وانگر. جن جي پوڇڙن کي چوڌاري ورائي ڳنڍ ڏيئي سگهجي ٿي. ۽ پوءِ گوڏ کلڻ جو امڪان ٿي نه ٿو سگهي. پر هي ملئي يا بئنگالي گوڏيون هڪ ته پڙن وانگر گول سبيل ٿين ۽ ٻيو بَرَ ۾ ننڍيون ٿين. سو جي چڱي طرح ڳنڍ ڏيئي ٻڌ ته گوڏ بنهه لنڊي ٿيو گوڏن تائين کڄيو وڃي. ٻي صورت ۾_ يعني ڳنڍ نه ڏي ته وري ذري ذري کلڻ جو انديشو رهي ٿو. بهرحال گهر جا ڪپڙا_شلوار قميص ته آندي هيم سو هڪ وقت ۾ جيئن تيئن ڪري هتي گوڏ (سارونگ) ۾ ڪمري جو در ٻيڪڙي نماز پڙهيم پر پوءِ جيئن ئي نماز جو وقت ٿئي ته ٻيو ڪو پڙهي يا نه پڙهي پر گوڏ ۽ مسلو مون کي ڏيئي چون “وقتو سمبهيانغ”. وچين نماز (عصر) نماز جي ٻانگ آئي ته به وقت سمبهيانغ چئي مون کي اٿاريائون. ۽ پوءِ شام جو سفوران جو مڙس_ذوالقفلي به اچي ويو سو سانجهي (مغرب) نماز تي مون سان گڏ هن جي حوالي به هڪ مصلو ڪيو وي ته وقتو (Waqtu)_ سمبهيانغ ٿي ويو. دل ۾ آيو ته سفوران ي ذوالقفليءَ کان پڇان ته هن گهر ۾ فقط مرن لاءِ نماز فرض آهي ڇا؟
هونءَ اها ڳالهه ضرور آهي ته ملائيشيا جا ملئي ماڻهو (جيڪي سڀ مسلمان آهن) نماز روزي ۾ اسان کان گهڻو پابند نظراچن ٿا. ۽ ڳوٺن ۾ ته گهر گهر ۾ ننڍو وڏو نماز ۽ قران پڙهي ٿو. منهنجي پنهنجي سروي ۽ مختلف ماڻهن کان ورتل انٽرويو مطابق هتي ماڻهن جو مذهب ڏانهن رجحان ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي. پوڙهن سان گڏوگڏ نوجوان ٽهي پڻ نماز روزي جهڙين ڳالهين تي گهڻو مائل آهي. جيڪا ههڙي مڪسڊ سوسائٽيءَ ۾ وڏي ڳالهه آهي. هتي جي شهر، هر ڳوٺ ۾ اڌواڌ غير مسلم ماڻهو: چيني ٻڌ، ڪرسچن ۽ انڊين هندو رهن ٿا. جيڪي رمضان ۾ به هلندي چلندي يا آفيس دڪانن تي کائيندي پيئندي ۽ سگريٽ ڇڪيندي نظر اچن ٿا. پر ان هوندي به ملئي مسلمان روزي جا پابند آهن. مرد ۽ ڇوڪرا ته ڇا پر ننڍي عمر جون ڇوڪريون پڻ_جيتوڻيڪ هتي جي موسم ڪا اهڙي مهربان به ناهي، جنهن ڏينهن يا جنهن وقت مينهن نٿو پوي، ۽ آسمان تان ڪڪر غائب آهن يا گهٽ آهن ته ٽراپيڪل سج جا ڌرتيءَ تي سڌا ايندڙ ڪرڻا جسم کي ساڙين ٿا. ۽ هتي جو روزو اسان جي اونهاري جهڙو کڻي سخت ناهي پر ته به ايترو سولو به ناهي جيترو اسان وت سياري ۾ ٿئي ٿو.
ڪيترن ملئي گهرن جا ڀاتي جماعت سان نماز پڙهن ٿا. گهر جو وڏو امام ٿي بيهي يا وري سڀ مسجد ۾ پڙهن. زالون به مردن سان گڏ مسجد ۾ وڃن. هو اڇن برقعن جهڙين سفيد چادرن سان پاڻ کي ڍڪي، پاسي کان ڌار صفون ٺاهي، نماز پڙهن. پر هن گهر ۾ اهو ڏسي کل به پئي آئي ته گهر جو ٻيو ڪو به ڀاتي نماز پڙهي يا نه پڙهي پر سڄو زور رڳو مون تي ۽ ذاولقفليءَ تي. بهرحال سهماڻي (عشاء) جي نماز لاءِ اٿڻ جي موڊ بلڪل نه هئي سو وقت سمبهيانغ (Waqtu-Sambahyang) ٻڌي به ماٺ ۾ هوس. اڌ ڪلاڪ رکي وري ٻيو دفعو جڏنهن چيائون ته محسوس ڪيم ته رات جي ماني سامهون ٽيبل تي لڳائي سڀ منهنجو انتظار پيا ڪن ته نماز پڙهان ته ماني شروع ڪجي. نتيجي ۾ هن دفعي ماٺ ڪرڻ بدران چيومان ته پوءِ ٿو پڙهان.
منهنجو اهو چوڻ، سڀ ماني کائڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيا ۽ مون کي دل ئي دل ۾ افسوس ٿيو ته اهري خبر هجي ها ته اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ پهريون دفعو پڇڻ تي ئي کين ٻڌايان ها ته منهنجي ڪري سڀني کي ايترو انتظار ڪرڻو نه پوي ها. پوءِ ياد آيم ته واقعي اهو سڄو اڌ ڪلاڪ رکي رکي سڀ مون ڏي ٽيڏي اک سان ڏسي رهيا هئا ته ڪنهن وقت اٿي نماز ٿو پڙهان جيئن پوءِ ماني شروع ڪجي.
نماز ته ڪنهن کي پڙهڻي هئي ڪنهن کي نه. يا ڪنهن کي اڳ ڪنهن کي ٿوري دير بعد. پر منڊي(وهنجڻ) ته هر هڪ ننڍي وڏي لاءِ اهم هو.اچڻ مهل ته ٿڪل ۽ پگهريل هوس سو وهنتس پر شام جو وري موٽيس ته ان وقت مسز سفوران جو مڙس ذوالقفليءَ منڊيءَ لاءِ مون کان پڇيو. کيس انگريزيء چڱي آئي ٿي سو انگريزي ۾ ئي ٻڌايومانس ته اڃان هاڻ باٿ ورتو اٿم. سو پاڻ وهنجڻ لاءِ مون کي “ايڪسڪيوز مي” چئي اٿيو ته جوڻس سفوران_جيڪا ان وقت پنهنجين پاڙي وارين سان در وٽ بيهي ڪچهري ڪري رهي هئي تنهن کيس ملئيءَ ۾ چيو ته پهرين هن مهمان کي ته وهنجڻ ڏي.
“پر الطاف چيو ته هو اڃان هاڻ وهنتو آهي”. ذوالقفليءَ کيس ٻڌايس.
“نه. هاڻ ته نه وهنتو آهي. منجهند مهل جڏنهن آيو هو ان وقت وهنتو هو. شايد تڪلف ٿو ڪري.” سفوران سمجهايس.
اهو ٻڌي زال مڙس ٻئي مون کي ٽوال ڏيئي وهنجڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳا. کين ڇا سمجهايان ته هنن وٽ ته آهي اڻ ميو پاڻي_ سو به گهٽيءَ گهٽيءَ ۽ گهر گهر ۾ موجود. ان ڪري ننڍي هوندي کان گهڻو وهنجڻ جا عادي ٿي ويا آهن. آفريڪا ۽ وچ اوڀر جي وارياسين ملڪن کان وٺي پاڪستان جي سنڌ بلوچستان ۽ هندوستان جي راجستان تائين ته ڪنهن کي وهنجڻ لاءِ هفتي ۾ هڪ دفعو پاڻي ملي وڃي ته به هو خوشنصيب آهي ۽ اسان جون وهنجڻ جو عادتون به ننڍي هوندي کان ان مطابق ٿي ويون آهن اسان پڙهي لکي پيا آهيون ۽ شهرن ۾ رهون ٿا ۽ هاڻ ويهين صديءَ جي آخر ۾ اسان جي ڳوٺن ۾ به لائيٽ ۽ پاڻي جا نلڪا لڳا آهن ته ڪو روز وهنجڻ نصيب ٿئي ٿو_سو به وهنجڻ مهل به پوري خيال سان نل هيٺان ٿي وهنجڻو پوي ٿو يا ننڍي ڪريءَ سان پاڻيءَ جي لار مٿي کان اوتڻي پوي ٿي جيئن ٿوري کان ٿورو پاڻي گهڻي کان گهڻو جسم ڇهي پوءِ پٽ تي وڃي ڪري. هنن وانگر وڏا ٽب ۽ ناديون ڀري اڌ باردين جيڏين ڪرن سان اڌ پاڻي جسم تي اڌ پاڻي جسم مٿان هوا ۾ اوتڻ جو ته خيال ۾ به سوچي نٿا سگهون.
بهرحال ان وقت وهنجڻ کان آخرڪار نٽائي ويس ۽ هڪ هڪ ٿي گهر جو ڀاتي وهنجندو رهيو. پر سانجهي نماز کان ٿوري اڳ منڊي (وهنجڻ) هتي نه فقط ضروري سمجهيو وڃي ٿو پر هڪ رسم ۽ ڪلچر به آهي جيڪو صدين کان نه فقط هتي ملائيشيا ۾ هلندو اچي پر ڏور اوڀر جي ٻين ملڪن:ٿائلينڊ ۽ تائيوان کان وٺي جپان ڪوريا جي مسلمانن توڙي ٻڌن، ڪرسچنن ۽ دهرين ۾ آهي. ان کان انڪار ڪرڻ معني هاڻ پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جي گلا ڪرائڻ. اسان لاءِ ته اها ڳالهه جيئن ته مٿي لکيو اٿم ته ڪا اهميت نه ٿي رکي. اڃان به صبح جو وهنجڻ وڌيڪ اهم سمجهيو وڃي ٿو. پر هنن ملڪن ۾ سمهڻ کان اڳ نه وهنجڻ نه فقط گدلائي ليکيو وڃي ٿو پر پنهنجي ملڪ لاءِ اهو “اميج” ڇڏڻو ٿيو ته پاڪستان جا ماڻهو ڪيترو نه پٺتي پيل آهن جن مان هڪ کي هو پهرين دفعو ڏسي رهيا آهن. هونءَ هتي جا ماڻهو اسان جي ملڪ جي ماڻهن کان تمام گهڻو متاثر آهن. کين خبر آهي ته اسان جي ملڪ جا ماڻهو ڪارون ۽ جهاز پيا ٺاهين، اسان جي ملڪ جا ڊاڪٽر دلين ۽ دماغن جون ڪامياب آپريشنون پيا ڪن. اسان جي ملڪ جا انجنيئر دريائن مٿان ۽ سمنڊن اندر بريڪ واٽر پيا ٺاهين. اسان جي ملڪ جا ماڻهو سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ادب ۾ نوبل پرائيز کان لينن پرائيز پيا کڻن_پاڙي جا طاقتور ملڪ ڊڄن پيا ته هي ماڻهو ائٽم بم نه ٺاهين_ پر اها ڪهڙي ترقي ۽ جديد پڻو چئبو جو هو سمهڻ کان اڳ وهنجڻ جهڙي اهم شيءِ نه سکيا آهن. اهڙا ماڻهو ڪيئن ڄاڻ وارا ۽ سڌريل چئي سگهجن ٿا.
ٿوري ٿوري دير کان پوءِ جيڪي پاڙي واريون ملئي عورتون مسز سفوران سان در وٽ ملڻ پئي آيون ۽ جن کي جڏنهن خبر ٿي پيئي ته ڪو ڌارئين ملڪ جو مهمان سندن پاڙي ۾ آيو آهي ته ويندي وقت پيرن جي پٻن تي بيهي هنن دريءَ مان ليئا پائي مون کي ڏٺو ٿي. اهي ٻئي ڏينهن منهنجي وڃڻ کان پوءِ جڏنهن پنهنجي ساهيڙي سفوران کان پڇنديون ته پاڪستاني ماڻهو ڪيئن آهن ته پڪ سفوران کين اهو ٻڌائي تعجب ۾ وجهندي ته عجيب ماڻهو آهن جو ڏينهن ۾ ٻه چار دفعا نه ٿا وهنجن پر سمهڻ مهل به نه ٿا وهنجن. خبر ناهي ننڊ ڪيئن ٿي اچين.
سو سائين سانجهيءَ مهل جيئن ئي مون کي منڊي لاءِ چيائون ته ٻڏل دل سان ٽوال هٿ ۾ جهلي بنا ڪنهن بحث ۽ وقت وڃائڻ جي، پنهنجي ملڪ جي مڙني ماڻهن تي ٿڌو ٿورو ڪرڻ ڪارڻ اٿي کڙو ٿيس. ۽ تختن جي ڪمزور پل جهڙي ڪاٺائي فرش تان هلندو اچي وهنجڻ جاءِ تائين نڪتس ۽ اڌ باردي مٿان نائي آنگ لاٿم_ جيئن پوءِ گهر جا باقي ڀاتي وارو وٺن. پر پوءِ صبح جو جڏنهن اٿڻ سان وري منڊي منڊي ڪيائون ته مون وري کين وٺ نه ڏنو ۽ چيومانَ ته سامان ڪار ۾ رکي چڪو آهيان ۽ “سايا باليق ملاڪا”_ آئون ملاڪا پيو موٽان.
“ڇو ڇو. ترس ته سهي. نيرن به نه کائي ويندي ڇا_؟” سڀني ڪورس انداز ۾ چيو. پر مون کين ٻڌايو ته آئون ڪوالالمپور جلد ڇڏي ملاڪا وقت تي پهچڻ چاهيان ٿو جيئن ڊيوٽيءَ تي وڃي چڙهان ۽ اڄوڪو ڏينهن موڪل ۾ نه سارجي.
“پر تو ڪالهه چيو هو ته اڄ موڪل وٺي آيو آهين هتان آرام سان ڏهين بجي ڌاري نڪرندين. ائين ته نه ڪر.” هو مون کي زور ڀرڻ لڳا.
“ها، اهو صحيح آهي جو مون سوچيو هو ته متان اک دير سان کلي. پر جيئن ته سوير ئي سڄاڳ ٿيو ويو آهيان ان ڪري اڄوڪو ڏينهن اجايو وڃائن نه ٿو چاهيان ۽ ڊيوٽيءَ ڪري اڄوڪو ڏينهن بچائي ٿو وٺان جيئن هڪ ڏينهن وڌيڪ وري موڪل ڪري سگهان.” مون کين سمجهايو.
هتي هر هڪ سال ۾ پنڌرنهن ڏينهن موڪل ملي ٿي ۽ هر ڪو ڪوشش ڪري موڪل جا ڏينهن بچائي گڏ ڪندو آهي جيئن سال جي آخر ۾ ڪيڏانهن پري_ پينانگ، ڪيداح، پيراق، ترانگانو وڃي سگهي. يا ويندي ڀر وارن ملڪن: انڊونيشيا، ٿائيلينڊ، سنگاپور، برما ۾ اهي موڪلون گذاري سگهي. کين اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي پر ان هوندي به پڪ ڪيائون ته مون کي سندن گهر ۾ چڱيءَ طرح ننڊ ته آئي يا نه.
کين اهو ته مون يقين ڏياريي ڇڏيو ته واهه جي گهاٽي ننڊ آئي ۽ هڪ اهو به سبب آهي جو تازو ۽ نئوبنو محسوس ڪري رهيو آهيان ۽ ڊرائيونگ ڪري ملاڪا تائين پهچڻ ۽ ڊيوٽي ڪرڻ ۾ ڪو به ٿڪ محسوس نه ڪندس. ملائيشيا جيتن جڻين جو ملڪ آهي. جيتوڻيڪ شهرن ۾ ايترا نه آهن پر ته به اسان لاءِ ته تمام گهڻا آهن جو اسان جي ملڪ جي ٻيلن ۾ به ايترا جيت نه هوندا. پر هتي جا ماڻهو جيتن ۽ انهن جي چڪن ۽ آوازن جا ايڏو عادي ٿي ويا آهن جو در درين تي ڄاريون هڻن بنا به سمهيو رهن. پر اسان جي ملڪ جي ماڻهن لاءِ هتي جي ههڙين هالتن ۾ رهڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. ان ڪري ڪوالالمپور ويندي وقت پاڻ سان ڄاري ۽ جيتن ڀڄائڻ جو اليڪٽرانڪ هيٽر کڻي نڪتو هوس. پر منهنجن مهربان ميزبانن اهو اڳهين ئي سوچي مون واري ڪمري جي دريءَ وٽ “چڪري” ٻاري ڇڏي هئي جيئن مڇر يا جيت جڻيا مون کي نه ستائين. سو ظاهر آهي مون واري ڪمري ۾ جيت يا مڇر ته بلڪل نه هو پر چچيون سي ضرور هيون_ جيڪي ڀتين ۽ ڇتين تي هلي رهيون هيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترن کي چچيءَ ڏسڻ سان ڪراهت ٿئي ٿي_ خاص ڪري هتي ٿلهين ٿنڀرين ۽ هيڊين چچين کي ڏسي. پر چچي ڪا اهڙي شئيءِ ناهي جيڪا ستل ماڻهوءَ کي مڇرن ۽ هتي جي جيتن وانگر چڪ هڻي. پر پنهنجي ملڪ ۽ هتي جي چچين م فرق آهي. ملائيشيا جو چچيون ڏيڏر وانگر زوردار رڙڪو ٿيون ڪن جو ستل اٿاريو ڇڏين.
ملائيشيا اچڻ تي اسان کي پهريون ته سڄو مهينو سمجهه ۾ نه آيو ته رات جو اهو آواز ڪير ٿو ڪري. مون سمجهيو اهو پڪ ڏيڏر جو آواز هوندو. اسان جي ٻئي پاڪستاني دوست چيف انجنيئر آصف غيور پڪ ڏيکاري ته اهو تڏ جو آواز آهي. گهر جي هڪ هڪ ڪنڊ ڪري ڳوليسين ته ڪا تڏ وغيره هجي ته ڀڄائجي پر رات جو وري ساڳي ٽر ٽر. پوءِ ڇا ٿيو جو هڪ فنڪشن ۾ ڪوالالمپور کان اسان جو پاڪستاني ظفر زبيري آيو. هو هتي ملائيشيا جي شپنگ ڪارپوريشن ۾ ٽي سال کن ڊائريڪٽر رهي چڪو آهي تنهن هتي جي جيت جڻن جي آوازن ۽ چڪن جي ڳالهه ڪندي چيو: ڏسو ته صحيح هتي جي چچي ڏيڏر وانگر ٽر ٽر ٿي ڪري ڏيڏر ڍڳي وانگر.” پوءِ اسان هڪ هڪ ڪري سڀني چچين کان گهر کي صاف ڪري ڇڏيو. پر هاڻ هتي هن گهر ۾ ٻين ملئي گهرن وانگر چچيون هيون. نه فقط هيون پر تمام گهڻيون هيون. جن رکي رکي اهڙي ته ٽر ٽر ڪئي ٿي جو اسان جهڙن ماڻهن لاءِ_ جن کي بهترين حالت ۾ به ننڊ تمام ٿوري ۽ هوائي قسم جي اچي ٿي_تن لاءِ اهڙي حالت ۾ سمهڻ نا ممڪن هو. هونءَ چچين کي هُش هُش ڪري هڪلڻ سان هنن ڪلاڪ ٻه ماٺ ڪئي ٿي. ۽ ائين ئي ڪيم پئي ته جيئن ڪلاڪ ٻه سمهي سگهان_ جيڪا ننڊ مون لاءِ تمام گهڻي کڻي نه، ته به چڱي خاصي ٿي سگهي ها پر اسان جي ميزبان مون واري ڪمري ۾ ماڻهوءَ جي قد جو جيڏو گهڙيال رکي ڇڏيو هو جنهن جو گرجا گهر واري گهڙيال جي گهنڊن جهڙو آواز مئلن کي کي به ڄاڳايو ٿي. منهنجي ميزبانن کي جي خبر هجي ها ته اهو گهڙيال مون کي ڊسٽرب ڪندو ته هو ڪڏنهن به مون واري ڪمري ۾ نه ٽنگين ها ۽ هن ڊرائنگ روم يا ٻئي هنڌ جتي اصل رکيل هو اتي ئي رهڻ ڏين ها. پر هنن منهنجي ڪمري کي سهڻو ٺاهڻ لاءِ اهو شو پيس (Show-Piece) رکيو هو_جيڪو پيس ته نه هو پر سڄي ساري آفت هئي. ٻيا گهڙيال ڪلاڪ بعد گهنڊ هڻن پر هن اڌ ڪلاڪ بعد به هنيا ٿي. ياد اٿم اسان جي ڳوٺ واري گهر ۾ ڪنهن زماني ۾ هڪ گهڙيال هوندو هو جيڪو پڻ لڏڪڻي (Penduleum) وارو هو. اهو هر اڌ ڪلاڪ کان گذرڻ تي اوترا ڌڪ هڻندو هو. پر اڌ ڪلاڪ بعد فقط هڪ ڌڪ هڻندو هو_ يعني خبر پوي ته اڌ ڪلاڪ گذري ويو. پر هن گهڙيال ته اڌ ڪلاڪ گذرڻ تي ته خبر ناهي ڪيترا ٺڪاءُ ٿي هنيائين. ڇو جو ڏهن، يارهن ۽ ٻارنهن تي به هڪ ٻئي پويان لڳاتار ايترا ته گهنڊ هنيا ٿي جو ڳڻڻ محال هو. پر ساڍن ٻارهن کان پوءِ هڪ تي فقط هڪ ۽ ٻن تي فقط ٻه نه پر شايد اوترا ڊزن ٺڪائن جا ڪيا ٿي. سو چچين کان علاوه گهڙيال جي ٺڪائين به منهنجي ننڊ ڦٽائي هئي.
وقت گذراڻ يا ننڊ کي ميڙڻ لاءِ مون هڪ دفعو بتي ٻاري ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو ٿي. پر ڏٺم ته ڇت ۾ ٻرندڙ بلب جي روشني نه فقط منهنجي ڪمري کي پر ڀر وارن سڀني ڪمرن کي روشن ڪري ٻين جي ننڊ ڦٽائي رکي. ڇو جو هتي جي ههڙن گهرن جون ڀتيون اسان جي گهرن وانگر پٽ کان وٺي ڇت تائين نه ٿين پر ڇتين کان فٽ ڏيڍ کن هيٺ تائين ٿين ۽ اهي ڇت کي ٽيڪ يا ٿنڀي ڏيڻ بدران فقط ٻن ڪمرن جي وچ ۾ پارٽيشن جو ڪم ڏين ٿيون. ان ڪري هڪ ڪمري جي روشني ۽ آوز ٻي ڪمري جي وچ ۾ پارٽيشن جو ڪم ڏين ٿيون. ان ڪري هڪ ڪمري جي روشني ۽ آواز ٻئي تائين هليو وڃي. بتي ٻرڻ ڪري ٻارن ۽ وڏن جي ننڊ ڦٽي ۽ مون بتي کني وسائي ڇڏي. پوءِ صبح تائين ائين ڄاڳندو رهيس.
مانيءَ لاءِ جيتوڻيڪ مون نه ٿي چاهيو ته ميزبانن کي ڪا به تڪليف اچي ۽ مون کي ڪو کاڌي جو شوق آهي. ان ڪري منجهند جي ماني ته ٻاهران ئي کائي آيو هوس. پر رات لاءِ به ايندي وقت کان ڪوشش ڪيم ته هو مون لاءِ ڪجهه خاص نه ڪن. پر ان هوندي به هنن ويچارن پنهنجي پر ۾ مون لاءِ ٽي چار مختلف ڊش کڻي ٺاهيا ۽ اصول مطابق مون لاءِ هر هڪ مان ڪجهه نه ڪجهه چکڻ ضروري هو پر بدقسمتيءَ سان انهن ۾ هڪ ٻه ته مڇيءَ جا ٻوڙ هئا. جيڪا الرجيءَ ڪري مون کي کائڻي نه هئي. ۽ ٻيا اهي ملئي ڊش هئا جيڪي سال سوا ملائيشيا ۾ گذارڻ بعد به اڃان انهن جو ذائقو ڀانءِ نه پيو آهي. بهرحال خوش قسمتيءَ سان ٽيبل جي هڪ ڪنڊ تي آمليٽ ۽ ڊبل روٽي به رکي هئي جنهن جو Status ٻين ڊشن جي مقابلي ۾ جيتوڻيڪ ٻين لاءِ هيٺاهون هو پر منهنجي پسند جي شيءِ هجڻ ڪري مون ان کي ريڙهي پاڻ اڳيان ڪيو. ميزبانن جي زور ڀرڻ تي ناريل جي کير ۾ رڌيل ٻوڙ ۽ ڪنهن وڻ جي پنن ۾ ٻاڦيل ڀت جهڙين شين مان گرانهه به ضرور چکيم پر پنهنجي دل ڪچي ڪرڻ ۽ سندن دل رکڻ ڪارڻ.
ملاڪا موٽڻ وقت اهو ئي سوچيندو آيس ته منهنجي پنهنجي عادتن ۽ رهائش جي اڍنگي اسٽائيل ڪري ميزبان ويچارن کي ڪيتري تڪليف رسي ۽ هاڻ آئيندي ڪنهن کي تڪليف ڏيڻ بدران، ماٺ ميٺ ۾ ڪنهن هلڪي سلڪي هوٽل ۾ رات گذاري اچبي يا وري رات جو ئي موٽي واپس پنهنجي ڪکن ۾ رهڻ لاءِ ملاڪا موٽي اچبو.