مشرق مغرب کي غلط سمجهي ٿو
پاڻ وٽ ڪراچي واري سمنڊ_ڪلفٽن توڙي سئنڊس پٽ کي، سٺي بيچ چئي نٿو سگهجي. ڇاڪاڻ جو هڪ ته ٿورو ئي اڳتي گهڙن سان سمنڊ اونهو ٿيو وڃي ۽ٻيو ته سانوڻيءَ وارا ڇهه مهينا ته سامونڊي ڇتيون ۽ طاقتور ڇوليون تارُن کي به اونهي ۾ ڇڪيو وڃن. تنهن کان سواءِ جهاز مان فٽو ڪيل يا ڪنار تي آيل ماڻهن جو اڇلايل تيل ۽ ڪن ڪچرو سڄو ڪنارو خراب ڪريو ڇڏي ۽ اهو ڪن ڪچرو صحت لاءِ سٺو ناهي ۽ ڪڏنهن ڪڏنهن جسم تي ڦٽ، ڦرڙيون يا خارش ٿيو پون.
ان خيال کان ملائيشيا ۾ پورٽ ڊڪسن جهڙا ڪيترائي شهر آهن. جن جا ڪنارا صاف سٿرا ۽ تانگها هجڻ ڪري، ٿڌن يورپي ۽ آمريڪي ملڪن جا ماڻهو، ڏاڍو اچن ٿا. سرڪار پڻ ههڙين جاين کي هيڪاندو سهڻو ۽ فارينرن جي ڏانءَ وٽان رکيو آهي. ملائيشيا توڙي ڌارين ملڪن کان آيل مسافرن جي رهائش لاءِ ڪيتريون ئي وڏيون توڙي ننڍيون هوٽلون ٺهي ويون آهن. ۽ “انهيءَ ڏينهن اچي وڇڻ وارن” جي کاڌي خوراڪ لاءِ پڻ، سمنڊ جي ڪناري تي لڳو لڳ ڪيتريون ئي هوٽلون ۽ کاڌي پيتي ۽ سوکڙين سوغاتن جا دڪان ٺهي ويا آهن. وڻناوَ ته اهڙي ڪنهن هوٽل ۾ ويهي ناسي ايام (چڪن برياني) ۽ ساتي (ٻوٽي ڪواب) کائو يا ائين ئي رڌل يا پڪل سنگ، گجر کائو يا وري ڪو ميوو:پپيتو، چڪون، اسٽار فروٽ، دورئن يا ڪٺل وٺي مٿان ڪوڪاڪولا يا گلاب جو شربت پي پيٽ ڀريو.
گهر موٽڻ وقت نشاني خاطر پورٽ ڊڪسن جي نالي واري قميص، گنجي، ٽوپلو يا ڪا ٻي ڪکن، ڪانن جي ٺهيل شيءِ وٺي نڪرو. ڪيترا ماڻهو_فئمليون ، دوست اسڪول جا شاگرد شاگردياڻيون، مندر، مسجد يا گوردواري جا جماعتي ۽ ڪلبن جا ميمبر ٽولو ٺاهي هتي اچن ٿا. ڪي ڌار ڌار اڪيلا پڻ. کائڻ لاءِ پاڻ سان هڪ ديڳڙو ڀت جو ته ٻيو ڀاڄيءَ يا ڪنهن ٻوڙ جو پڻ کڻي اچن ٿا. وچ ۾ پاڻيءَ ۾ ترڻ لاءِ به پيا ويندا. جن کي ترڻ نه ايندو آهي اهي هوا ڀريل رٻڙ جا ٽائر دڪان تان مسواڙ تي وٺي ان جي مدد سان ترن. پورٽ ڊڪسن ۾ ڪجهه مسواڙي “اسپيڊ بوٽون” پڻ هلن ٿيون. ٻيڙين جا مالڪ سڄي ٻيڙيءَ جي مسواڙ ڏهه کن ڊالر وٺي پندهن ويهه منٽ پري پري تائين سمنڊ جو سير ڪرائين.
موڪل وارن ڏينهن تي ته پورٽ ڊڪسن ۾ ميلو متل هوندو آهي ۽ مغربي ملڪن جي مردن عورتن سان گڏ ملائيشيا ۾ رهندڙ ٽنهي قومن جا ماڻهو موجود هوندا آهن. هونءَ هتي جون چيني ڇوڪريون ته شهرن ۾ به جتي ڪٿي مني اسڪرٽ ۽ چڍيون پائي هلن. پر ملئي مسلمان ڇوڪريون جيڪي هونءَ اهڙي قسم جي ڊريس جي معاملي ۾ مڙيئي شرم ڪن ٿيون ۽ سڄي جسم کي ڍڪڻ لاءِ باجو ڪورونگ (چولي_ گوڏ) جهڙيون پوشاڪون پهرين سي به اهڙن هنڌن تي سئمنگ سوٽ/ سلپ ۾ بي هجاب فرنديون نظر اچن ٿيون. ڪنهن به ڪنڊ کان هتي جا سامونڊي ڪنارا اسپين، ڏکڻ فرانس ۽ سائوٿ آفريڪا سامونڊي ڪنارن کان گهٽ رنگارنگ ڏسڻ ۾ نه ايندا. جنهن رفتار سان ماڻهن ۾ هتي جي ڪنارن تي وندر جو گهڙيون گهارڻ جو شوق وڌي رهيو آهي ۽ هتي جي سرڪار پڻ ان لاءِ همت افزائي ڪري پيئي تنهن مان لڳي ٿو ته واپار وڙي ۽ قدرتي وسلين ۾ ته ملائيشيا يورپ کان زور ٿي ويو آهي، پر ٽوئرسٽ انڊسٽريءَ ۾ پڻ گوءِ کڻي ويندو.
ويجهڙائيءَ ۾ پورٽ ڊڪسن ۾ منهنجو هفتو کن رهڻ ٿيو. سامونڊي ڪنارن تي آيل مسافرن جو تعداد هر روز وڌيل نظر آيو ٿي. جنهن هوٽل_“منگ” ۾ رهيل هوس، ان کان وٺي ٻين ننڍين هوٽلن ، دڪانن ۽ پئڊين تي، خوب وڪرو ڪمائي هلي رهي هئي. پڪي رستي تان لهي سمنڊ ڏي مڙڻ واري هنڌ تي بيٺل هڪ ڪوڪا ڪولا وڪڻندڙ همراهه ٻڌايو ته هر روز هو فقط ٻن ڪلاڪن ۾ سئو کن بوتلون وڪڻي ٿو جنهن مان هن جو سٺو گذر ٿئي ٿو ۽ سندس پوڙهي پيءُ ۽ ماءُ سمنڊ ڪناري تي پڪل سنگ ۽ رڌل سپون وڪڻي روز ٽيهه پنجٽيهه ڊالر آرام سان ڪمايو وٺن. نه ته ٽي چار سال اڳ تائين جڏنهن اڃان سرڪار هن شهر ۽ سامونڊي ڪناري جي اشتهار بازي نه ڪرائي هئي، سندن ڪمائي مڇيون ڦاسائي وڪڻڻ مان فقط چند ڏوڪڙ ٿيندي هئي جو سمنڊ جي ڪناري تي رهندڙن جو ٻيو ڀلا ڪهڙو ڪمائيءَ جو ذريعو ٿي سگهي ٿو.
پورٽ ڊڪسن کان اسان جو شهر ملاڪا چاليهه کن ميل پري آهي ۽ اسان جي نيول اڪيڊميءَ جا ڪئڊٽ مختلف سامونڊي راندين_جهڙوڪ Surfing لاءِ هتي پورٽ ڊڪسن اچن ٿا. هن دفعي ساڻن گڏ هفتي کن لاءِ مون کي اچڻو پيو هو، جو آخري ڏينهن تي سندن امتحان (Tests) وٺڻا هئا.
شروع وارا پنج ڇهه ڏينهن شاگردن کي پنهنجي منهن پرئڪٽس ڪرڻي هئي سو مون لاءِ نه ڪم هو نه ڪار. ائين واندن وانگر وقت گذارڻ ۾ پورو هوندو هوس. پهريان ٻه ڏينهن ته ٽي وي ڏسندو رهيس ۽ هوٽل جي سئمنگ پول ۾ تري پوءِ ڪجهه دير اخبارون رسالا اچي پڙهندو هوس. ويجهڙائيءَ ۾ ڪراچيءَ کان منير چانڊيو ملائيشيا جي ٽوئر تي آيو هو. تنهن ڪجهه “ڊان” ۽ “بزنس رڪارڊر” اخبارون آڻي ڏنيون هيون ۽ سنڌيونيورسٽيءَ واري خان محمد پنهور پڻ پنهنجي رسالي “پارس” جا ڪجهه پرچا موڪليا هئا_سي غور سان پڙهندو رهيس. ٽئي ڏينهن هوٽل کان ٻاهر نڪري ڀر واري سمنڊ جي ڪناري تي چڪر هنيم جتي ٻين ڌارين ماڻهن کان علاوه منگ هوٽل ۾ مون سان گڏ رهيل فارينرن جا چهرا پڻ نظر اچي رهيا هئا ۽ ڪن سان ته هوٽل جي ورانڊن ۾ ايترا دفعا ڏيٺ ويٺ ٿي چڪي هئي جو سامهون اچڻ تي رسمي عليڪ سليڪ يا مرڪ ۽ هيلو پڻ چوڻو پيو ٿي. پاڻ سان سئمنگ ڪاسٽيوم (ڪڇو) آندو هوم سو صبح شام ٽي چار ڪلاڪ سمنڊ ۾ ترڻ ۽ ٽاڪورڻ طور هليو ويندو هوس. اهڙن هنڌن تي نه فقط جسم جي پر اکين جي به ٽاڪوڙ ٿيو وڃي.
سمنڊ تي ڪڏنهن ته هر وقت ساڳيا ساڳيا چهرا نظر آيا ته ڪڏنهن نوان نوان. هڪ ئي وقت چيني، انگريزي، ملئي ۽ تامل ڳالهين جا آواز ۽ ٽهڪڙا فضا ۾ گونجيل رهيا ٿي. ۽ سمنڊ تي مختلف رنگن، ڊيزائينن جا “سئمنگ_ڪاسٽيوم”ڪنول جي گلن جيان ترندي نظر آيا ٿي. مون ڪڏنهن ڪڏنهن پري تائين پکڙيل سمنڊ، آسمان، وڻن ٽڻن ۽ ساوڪ کي ڏٺو ٿي ته ڪڏنهن ڀر ۾ بيٺل همراهن جي جسمن جي بيهڪ ۽ نفسيات تي غور ڪيو ٿي. ڪي سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ اچي خوشي محسوس ڪري رهيا هئا. ڪي پنهنجي اگهاڙي بي ڊولي جسم تي خود ئي شڪي ٿي احساس ڪمتري محسوس ڪري رهيا هئا. ڪي پنهنجي سونهن کان با خبر هجڻ ڪري فخر ڪري رهيا هئا ته هر اهو ماڻهو جيڪو کين ڏسندو رهي ٿو سو ظاهر آهي ته ان جي مڃتا ۾ ووٽ ڏيئي رهيو آهي. ساڳيءَ طرح ننڍن ٻارن مان پڻ ڪي ته پاڻيءَ ۾ خوشيءَ سان ٿي آيا ته ڪي ڊڄي ڪناري تي بيهي ٿي رهيا. پوءِ مائٽن جي منٿن تي جڏنهن هڪ دفعو اندر اچي پاڻيءَ جو مزو چکيائون ٿي ته پوءِ وري ٻاهر نڪرڻ جو نالو نٿي ورتائون.
هونءَ ملائيشيا ۾ چوڌاري سمنڊ ۽ نديون هجڻ ڪري هن ملڪ جي هر باشندي ننڍي هوندي کان پڙهڻ، تيرهڻڻ يا گهوڙي سواريءَ جهڙا ڪم کڻي نه به ڪيا هجن پر ترڻ ضرور سکيو آهي. سو ههڙن هنڌن تي ويندي ننڍيون ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا، چوڌاري مڇين وانگر، پاڻيءَ ۾ تڙڳندي يا Float ڪندي نظر ايندا. انهن وچ ۾ ڪيترن مون کي هتي جو ئي انڊين سمجهي ڪو خاص ڌيان نه ٿي ڏنو. جن ڌاريون سمجهيو ٿي تن مان ڪن ڀڳل سڳل انگريزيءَ ۾ ملڪ جو نالو پڇيو ٿي جنهن سان منهنجو تعلق آهي. کين تعجب ۾ وجهڻ لاءِ مون ملئي ۾ جواب ڏنو ٿي ته Saya Datang Daripada Pakistan (يعني آئون پاڪستان کان آيو آهيان.) ۽ پوءِ خوشيءَ مان ڏند ڪڍي_خاص ڪري ملئي ماڻهن “باگوس_باگوس” (تمام سٺو، تمام سٺو) چيو ٿي وڌيڪ سوال ڪيا ٿي Boleh Cakap Melayu (ملئي ڳالهائي سگهين ٿو) ۽ جواب ۾ “يا. بوليح چڪپ بهاسا صديقت صديقت” چيو ٿي. ڪن ته اڃان به وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي ٿي ته هتي ڪيترن سالن کان آهيان، ڪٿي رهان ٿو، هي ملڪ ڪيئن ٿو لڳيم، ۽ ساڳي وقت مون به بابت حال احوال ورتا ٿي.
ائين پورٽ ڊڪسن ۾ رهڻ دوران_خاص ڪري آخري ٽن چئن ڏينهن ۾ کن_پل جون ملاقاتون ته ڪيترن سان ئي ٿيون. جن جو هن وقت تعداد ته ڇا پر پر سندن شڪليون به وسري ويون آهن_سواءِ ٻن ٽن همراهن_جيڪي شايد اڃان ڪجهه عرصو ڌيان ۾ رهن. جن سان ڪجهه تفصيلي ملاقاتون ۽ ڳالهيون ٿيو_انهن مان ٻن ڄڻن جو احوال هتي نموني خاطر لکڻ هن ئي وقت بهتر ٿيندو جيئن اڳتي هلي وقت جو “ايريزنگ هيڊ” منهنجي دماغ جي يادگيري واري چرخيءَ تان ويساري نه ڇڏي. انهن ۾ هڪ زينا نالي ملئي نوجوان ليڊي ڊاڪٽر هئي ۽ ٻيو سينگ لم نالي هڪ چيني پوڙهو پبلشر.
زينا لاءِ پهريان ٻه ڏينهن ته مون اهو ئي سمجهيو ته هوءَ ان منگ هوٽل ۾، جنهن ۾ آئون به ٽڪيل هوس، ڪم ڪار اسٽيورڊس آهي يا ٻارن جي سار سنڀال لهڻ واري آيا. اهو ان ڪري نه ته ڪا هوءَ شڪل ۾ ڪوجهي هئي يا سندس لٽا ڪپڙا سادا هئا. هر گز نه. بلڪه مختصر ڊريس سهي پر هوءَ جيڪو روز نئون “باجو منڊي” (سئمنگ ڪاسٽيوم) پائي ايندي هئي سوئي بيحد اوچو هو ۽ جيتوڻيڪ پهرين نظر ۾ ئي لڳو ٿي ته ملئي آهي پر عام ڇوڪرين کان گهڻو سهڻي ۽ سمارٽ هئي. رنگ کڻي ملئي ماڻهن جهڙو سانورو هوس پر سندس نقش پرڪشش هئا. سندس نهار ۾ ادا ۽ بي نيازي هئي جنهن جو نوٽس ڪيترائي مڪاني توري يورپي مرد به وٺي رهيا هئا. صبح توري شام جو جڏنهن سمنڊ تي انيدي هئي ته فل ميڪ اپ ۾ هوندي هئي. ائين نه لڳندو هو ته ڪو وهنجڻ لاءِ آئي هجي پر ڄڻ دعوت ۾ آئي هجي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٽرڙي قسم جي ميڪ اپ بدران کيس هلڪي ميڪ اپ ڪرڻ جو آرٽ آيو ٿي. لپ اسٽڪ کان وٺي اکين جي شيڊ جي نموني رنگ جي چونڊ ۾ سلجهيل لڳي ٿي. ۽ لڳو ٿي ته هوءَ ڪا عام ڇوڪري ناهي. پر ان هوندي به ماڻهو_خاص ڪري فارينر هن کي آيا يا نوڪرياڻي ان ڪري سمجهي رهيا هئا، جو هوءَ اڪيلو اچڻ بدران هڪ ٽن سالن کن جي گوري (آمريڪن) ٻار کي پاڻ سان وٺي آئي ٿي جنهن کي هر وقت پنهنجي نگهبانيءَ ۾ ترڻ سيکاريائين ٿي. ان ڪري ڪيترن ضرور اهو سوچيو ٿي ته هوءَ ڪنهن امير آمريڪن فئمليءَ جي بار جي آيا يا بيبي سٽر آهي. پر حقيقت ۾ اهو ٻار (ڇوڪر) سندس ئي هو جيڪو هن مون کي ٻئي ڏينهن ٻڌايو. جيتوڻيڪ پهرين ڏينهن به ڪيترائي دفعا هڪ ٻئي جي ڀر ۾ تري رهيا هئاسين يا رکي رکي ڪناري تي ٺهيل هڪ ملئي جي هوٽل ۾ گڏ ڪافي يا ڪوڪاڪولا پي رهيا هئاسين پر مرڪي فقط “هيلو” چوڻ کان وڌيڪ ڪا خبر چار نه ڪئيسين. ۽ هن به سمجهيو ته آئون هتي جو آهيان ۽ انهن مان آهيان جيڪي ڏينهنڪ اچي موٽي وڃن ٿا:
ٻئي ڏينهن تي صبح جو هوٽل ۾ نيرن بعد وهنجڻ وارو ڪڇو پائي، هٿ ۾ ٽوال کڻي، گذريل ڏينهن واري سمنڊ جي حصي Blue Lagoon ڏي وڃڻ لاءِ هوٽل جي پوئين در کان نڪري رهيو هوس ته هيءَ (ڊاڪٽر زينا) به ان وقت پنهنجي پٽ سان گلابي رنگ جي سنهڙي ڪڇي ۽ باڊيءَ ۾ اتي ملي. پاڻ ڪجهه وڌيڪ ئي پر ڪشش لڳي رهي هئي جو سمنڊ جي ڇولين سندس چهري جي ميڪ اپ کي اڃان ڊاٺو نه هو. پاڻ دستور موجب “هيلو” ڪري مرڪي ۽ مون به مرڪي هن ڏي تعجب مان ڏٺو ڇو ته جنهن نموني جو هوءَ ڏيک ڏيئي رهي هئي ان مان لڳو ٿي ته هوءَ هن هوٽل جي پورهيت ڇوڪري ناهي_جيتوڻيڪ هوءَ جسم ۽ عمر ۾ اهڙي هلڪي ڦلڪي ۽ ننڍي لڳي ٿي جهڙيون هن هوٽل جون ٻيون ملئي ۽ چيني ڇوڪريون. سندس هٿ جي ٻاچ ۾ پاتل ڊائمنڊ جي مهنگي منڊيءَ مون کي ويتر تجسس ۾ وڌو ته هوءَ ڪير ٿي سگهي ٿي. ان ڏينهن جيئن ئي هن کيڪاريو ته يڪدم هوٽل ڏي اشارو ڪري انگريزيءَ ۾ پڇيومانس: “ڊو يو ورڪ ديئر؟”
پاڻ انگريزي نه سمجهڻ جو عذر ڏيڻ بدران هڪدم انگريزي ۾ ئي وراڻيائين ته هوءَ ڪم ڪانه ٿي ڪري پر ڪجهه ڏينهن لاءِ موڪلون گذارڻ آئي آهي. اها به تعجب جي ڳالهه هئي ته جيڪو ماڻهو پنهنجي خرچ تي منگ جهري فائيو اسٽار هوٽل ۾ اچي رهي سو ڪو عام اهڙو تهڙو ته نه هوندو.
جيئن ته اسين ان وقت گڏوگڏ واڪ ڪري رهيا هئاسين سو ڳالهائڻ بهاني کائنس ٻار جو پڇيم.
“منهنجو ئي آهي” هن ايترو ڌيرج ۽ آرام سان چيو ڄڻ اها ڪا نئين ڳالهه نه هجي. آئون فلحال ماٺ ٿي ويس. پر ٽي ڏينهن اڳ تائين جيڪو ماڻهو منهنجي لاءِ ايترو اهم يا دلچسپ نه هوتنهن منهنجي ڇهين حواس کي هوشيار ڪيو ته هي ضرور ڪا غير معمولي شخصيت آهي. اهو سوچي رهيو هوس ته هينئر چچڙ ٿي کائنس پڇڻ بدران لنچ تي يا شام جو هوٽل ۾ ساڻس وڌيڪ خبرون چارون ڪيون وڃن ته ايتري ۾ پاڻ مون ڏي چتائي ڏسي پڇيو:
ڪهڙي هنڌ تي سئمنگ ڪرڻ جو ارادو آهي؟”
“سڄو سمنڊ ساڳيو آهي،” مون وراڻيو، “بس ائين ڪنارو ڏيو پيو وڃان. جتي موڊ آئي ته سمنڊ اندر گهڙي ويندس.”
“هتي جي اچين ته موسٽ ويلڪم. آئون ته هتي ئي ٿي وهنجان” هن چيو.
مون لاءِ ته ڪو فرق نه ٿو پوي. پاڻ تنهنجي ڪمپني رهندي. توکي انگريزي سٺي اچي ٿي ان ڪري خبرون چارون ڪري سگهندس.”
ان بعد وڌيڪ واڪ ڪرڻ بدران اسان سمنڊ ۾ اندر گهڙي پياسين جٿي اوسي پاسي کان ٻيا به ڪيترائي تري رهيا هئا. هن پنهنجي ٻار کي ٻانهن تي رٻڙ جا هوا سان ڀريل ٽائر چاڙهي کيس هيڏانهن هوڏانهن تڙڳڻ لاءِ ڇڏي ڏنو. رکي رکي پاڻ به تري ٿي ۽ منهن تي ڇندا هنيا ٿي ته مون سان به ڳالهين جو سلسلو جاري رکيائين ٿي.
“لوڪل آهين يا فارينر_؟” هن پڇيو.
“آهيان ته فارينر پر هتي رهئي به هاڻ ٻه اڍائي سال ٿي ويا اٿم. ٽن سالن جي مدي/ ٻول تي هتي آيو آهيان. لڳي ٿو ته ٽن سالن جو هڪ ٻيو ٽرم به هتي ئي ڪريان جو ملائيشيا مان اڃان بيزار نه ٿيو آهيان.” مون وراڻيومانس.
“مهرباني جو تون اسان جي ملڪ کي پسند ڪرين ٿو.” هن چيو.
“مسز زينا! توهان ڪٿي نوڪري ڪريو يا هائوس وائيف آهيو.” مون کائنس پڇيو.
“پليز مون کي رڳو زينا چئو. ڇو جو ٺلهي نالي وٺڻ کي آئون وڌيڪ ترجيح ڏيان ٿي. ۽ هونءَ به آئون مسز زينا نه رهي سگهي آهيان.”
“ائين به صحيح آهي پر ڇا پڇي سگهان ٿو ته توهان جي مڙس جو ڪو حادثو ٿي پيو؟”
“نه. هو مون لاءِ جيئري ئي مري چڪو آهي.”
“گذر سفر لاءِ ڇا ڪريو؟” مون پڇيومانس.
“نوڪري ڪندي آهيان. آئون ڊاڪٽر آهيان. ڪوالالمپور ۾ پنهنجي ڪلينڪ اٿم_فلاڻي روڊ تي.”
ايتري ۾ سندس پٽ سمنڊ جي ڇولين تي ڪجهه پرڀرو ٿي ويو هو تنهن کي پري وڃڻ کان منع ڪرڻ ۽ ويجهو اچڻ لاءِ رڙ ڪري ملئي زبان ۾ چيو:Jangan Perglah, Mari sini ۽ پوءِ وري مون سان مخاطب ٿي:
“منهنجو مڙس آمريڪن هو،” هن ٿڌو ساهه کڻي ڳالهه ڪئي،
“ان ڪري منهنجي ڇوڪر جا مهانڊا ان جهڙا آهن. ايم بي.بي.ايس هتان ڪوالالمپور مان ڪيم ۽ ان بعد سگهوئي ساڻس، هتي ئي ملاقات ٿي. هو هفتي کن لاءِ هتي ڪوالالمپور گهمڻ آيو هو. آئون پهرين ملاقات ۾ ئي منجهائنس ڏاڍو متاثر ٿيس. يا شايد آمريڪن جي نالي کان ننڍي لاڪون متاثر هيس_فلمون ڏسي ڏسي اهو سمجهڻ لڳي هيس ته هر آمريڪن مرد آئيڊيل ٿئي ٿو. ان کي اسان ماڻهن جي احساس ڪمتري به چئي سگهون ٿا، جنهن ۾ مون جهڙيون ڪيتريون ئي ڇوڪريون اڄ به مبتلا رهن ٿيون. هو اهو ئي سمجهن ٿيون ته هر آمريڪن سکيو ستابو، پئسي وارو ۽ سمجهدار ٿئي ٿو. آئون به هن آمريڪن سان ايترو گهرو ٿي ويس جو يڪدم شاديءَ جو فيصلو ڪيم. پر شاديءَ بعد ترت ئي خبر پئي ته هو ته ڪو هپي، ناڪارو ۽ بيروزگار موالي هو ۽ هتي چرس ۽ عمل جي پٺيان اچي نڪتو هو ۽ سندس مون سان نه پر منهنجي پئسي سان پيار هو. اسان جا ملڪ جدا،مذهب جدا، تهذيبون جدا، زبانون جدا_ويندي سوچون ۽ خيال به جدا جدا نڪتا. پر آئون کيس اهڙي حالت ۾ به ٺاهڻ ۽ جوڙڻ جي ڪوشش ڪندي رهيس. ڪمائي کيس آڻي ٿي ڏنم پر هو مون کي هر وقت هڪ گهٽ ذات ايشين سمجهي گاريون ڏيندو رهيو. بهرحال مون کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ضرور ٿيو ۽ کيس ڇڏي ڏيڻ جو فيصلو ڪريان ان کان اڳ هو ڇڏي هليو ويو. هاڻ گذريل ساڍن ٽن سالن کان ساڳي اڪيلي زندگي گذاري رهي آهيان_زندگي جيڪا بي معنيٰ ۽ بي مقصدي لڳيم ٿي. هر ڳالهه هڪ دوکو ۽ چالبازي سمجهيم ٿي،” هوءَ ٿورو غمگين ۽ اداس ٿي ويئي.
پر پوءِ شايد پاڻ ئي پنهنجي اداسي محسوس ڪري چپن تي ٿوري مرڪ آڻي چيو: “سو دئٽ. اجهو زندگي اها آهي.”
“اها ته آهي،” مون کيس چيو، “پر لڳي ٿو ته تو هيڪاندو گهڻو اثر ورتو آهي.”
“شايد.” هن فلمي ائڪٽريسن وانگر ڪلهي کي جهٽڪو ڏيندي غير يقينيءَ جو اظهار ڪيو.
“شايد نه پر بلڪل. آئون نٿو سمجهان ته تو جهڙيءَ کي ايترو جهٽ زندگيءَ جي بازي ۾ هار مڃڻ کپي جڏنهن تون پڙهيل ڳڙهيل آهين پئسي واري ڊاڪٽر آهين، سونهن سوڀيا ۽ ننڍي عمر واري آهين. يا ته لڳي ٿو توکي خبر ئي ناهي ته ماڻهن کي ڇا ڇا غم آهن. ۽ هو ايڏن غمن هوندي به خوش گذارين ٿا.”
“خوش ته آئون به گذارڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي. مريضن جي رڙين ۽ دوائن جي ڌپ کان پري نڪري هتي سڪون ۽ مزي جا چار ڏينهن گذارن اچان ٿي_ياشايد پنهنجو پاڻ کان ڀڄڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ کي دوکو ڏيان ٿي.”
اهو چئي هوءَ کلڻ لڳي. ۽ پوءِ هيڏانهن هوڏانهن جو ڳالهيون ڪندي رهي. خاص ڪري پنهنجي ڪلينڪ، ڪمپوزنگ (ڳوٺ) ۽ نوڪري واري شهر ڪوالالمپورجون. سندس زندگيءَ جو خواب ٽٽڻ ڪري کيس وڏو صدمو رسيل هو پر ان هوندي به هوءَ فطرتا کل مک لڳي ٿي جو رکي رکي چرچا پڻ ڪيائين ٿي. جڏنهن مون کيس ٻڌايو ته مون سندس گوري رنگ جو ٻار ڏسي ڇا سمجهيو هو ته پاڻ يڪدم چيائين: “اها ڳالهه هرڪو محسوس ڪري ٿو ته هيءَ پازيٽيوَ ڪاپي نيگيٽو مان ڪيئن نڪتي. هاڻ پنهنجي يا ڇوڪري جي ڳچيءَ ۾ ونهنجي خانه بربادي جو ڪهڙو بورڊ وجهي هلان.”
آخري ڏينهن موڪلائڻ وقت چيائين: “تون پاڻ ئي ٻڌاءِ ته مون کي ڇا ڪرڻ کپي. ڪي چون ٿا ته شادي ڪرڻ گهرجي ته ڪي ان کي خراب ٿا سمجهن.”
“هڪدم ڪا صلاح ڏيڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي پر توکي ائين بنا_سکان_جي_بيڙيءَ وانگر هيڏانهن هوڏانهن ترڻ بدران شادي ڪري سيبائتي زندگي گذارڻ کپي.”
“اهو ته صحيح آهي پر ڪير شادي ڪندو_؟
“دنيا ڪا بس ته نه ٿي ويئي آهي. تو جهڙي سهڻي لاءِ کوڙ عاشق نڪري پوندا.” مون کلندي چيومانس. هن به ٽهڪ ڏيندي چيو: “ڪو ملئي جهازي آفيسر منهنجي ڏانءُ جو ملنئي ته مون ڏي رجوع ڪجانس.” مون کائنس کان به وڌيڪ ٽهڪ ڏيئي چيومانس: “زينا مون تنهنجي ملڪ جي نوجوانن کي جهاز جو انجنيئر بنائڻ جو ٺيڪو کنيو آهي نه تو لاءِ مڙس ڳولڻ جو.”
“ڀلا ڪو پاڪستاني_؟”
“هينئر ٽيه کن ڊاڪٽر هتي آيا اٿئي. تون پاڻ ئي ڪا همت ڪري. شاديءَ جي دعوت تي مون کي به سڏجان.”
ان بعد اسان جي موڪلاڻي ٿي.
*____________*______________*
ڊاڪٽر زينا کان علاوه پورٽ ڊڪسن ۾ ٻي جيڪا ياد رکڻ جهڙي شخصيت ملي اهو هڪ چيني همراهه هو. سندس احوال پڻ اڃان تائين چٽيءَ طرح ياد اٿم. ۽ هتي ان ڪري به ڏيڻ مناسب سمجهان ٿو جيئن پڙهندڙن کي چينين جي زندگي جي ڄاڻ پوي ته اهي ماڻهو جيڪي اڄڪلهه سٺي پوشاڪ ۽ سٺي ڪار ۾ خوش پاش ۽ سکيا نظر اچن ٿا انهن ان اوج کي ماڻڻ لاءِ ڪيترا جهد پٽيا آهن ۽ ڪيڏي محنت ڪئي آهي. هو پنهنجو اباڻو وطن چين ڇڏڻ وقت ڪو امير نه هئا. بلڪه چين ڇڏيائون ئي غربت جي ڪري. پوءِ سنگاپور ۽ ملائيشيا توري برما، ٿائيلنڊ_جتي به پهتا ته ڏتڙيل حالتن ۾ ۽ پوءِ پيٽ ڀرڻ ۽ پئسي حاصل ڪرڻ خاطر محنت ۾ لڳي ويا. بکن ۾ به پڙهندا ۽ پورهيو ڪندا رهيا. گهٽ پگهار ۽ ٿوري نفعي تي به نوڪريون ۽ واپار ڪندا رهيا. جڏنهن پئسو هنن وٽ آيو ته ان کي اجاين خرچن، رسمن رواجن، ڏيک ۽ شوبازيءَ ۾ وڃائڻ بدران پنهنجي اولاد، پنهنجن مائٽن، پنهنجي ڪميونٽي ۽ ڳوٺ ۾ رهندڙ پنهنجن ذات ڀائين کي سڌارڻ ۽ اڳتي وڌائڻ پٺيان استعمال ڪيائون ۽ ڪندا رهن ٿا.
سنگاپور يا ملائيشيا ۾ رهندڙ چينين مان ڀلي ڪي به ڏهه سکيا ستابا چيني چونڊي کانئن ننڍپڻ جو احوال وٺو. انهن ۾ ڪو هڪ يا ٻه اهڙو کڻي هجي جنهن جا مائٽ مڇي مانيءَ وارا هجن باقي اٺ کن ضرور اهڙا هوندا جيڪي غربت ۾ ڄاوا نپنا هوندا. پوءِ هنن پڙهي نمبر کنيا ۽ پڙهڻ دوران پورهيا ڪيا. ٻٽيون ٻٽيون نوڪريون ڪيون. يا وري ڏٺائون ته پڙهائيءَ مان ڪو فائدو نٿو ٿئي ته هنر سکيائون ۽ درزي، واڍا، مڪينڪ ٿي پئسو ڪمايائون. سڀ کان وڏي ڳالهه ته پئسو ڪمائي خرچڻ ۽ عيش ڪرڻ بدران ان کي اڃان به وڏي ڳالهه ۾ لڳايائون. ڪو گئراج وارو هو ته ڪمائي ڪمائي فئڪٽري ورتي، فئڪٽريءَ بعد ٻيون فئڪٽريون جنهن ۾ پنهنجي ڪٽنب ۽ ڪميونٽيءَ جي ماڻهن کي نوڪريون ڏيئي خوشحال بنايائون. ۽ هُنن وري ساڳي وقت ان جي بدلي ۾ تمام گهڻي محنت ڪري پاڻ به ڪمايو ته ان مائٽ/ مالڪ کي به فائدو پهچايو.
اهو ئي سبب آهي جو چينين لاءِ مشهور آهي ته هو اڻ ورچ آهن ۽ تمام گهڻو پورهيو ۽ محنت ڪن ٿا. ان ڪري ملئي ۽ انڊين دڪاندار به چيني نوڪر/ پورهيت کي پاڻ وٽ رکندي عار محسوس نه ڪندو. ٻيو ته چينيءَ لاءِ مشهور آهي ته محنت سان گڏ پئسي کي ايترو بچائي رکي ٿو جو چئن سالن اندر چيني نوڪر پرايو دڪان ڇڏي پنهنجو شين جو گاڏو هلائي ٿو. ان بعد پيڍي (ڪئبن) ۽ پوءِ دڪان. ۽ جيسين پٽن پوٽن وارو ٿئي ٿو تيسين ڊپارٽمينٽ اسٽور يا وڏي ڪارخاني جو مالڪ ٿيو وڃي. جنهن ۾ سندس پٽ پوٽا ڏهٽا به روزگار ڪمائي سگهن ٿا.
چينين لاءِ اهو به مشهور آهي ته خرچ صفا نه ٿا ڪن. سڄي سال ۾ رڳو سال جا ٻه ڏينهن موڪل ڪن ٿا جن ۾ چڱيءَ طرح کائين پيئن ۽ پهرين. باقي سڄو سال پورهيو ڪن. ڇا جا برٿ ڊي ڇا جون سکائون، ڇا جا تحفا ڇا جو دعوتون. اهي ٻين ۾ ڀلي هجن جيئن اهي دعوتن ۽ تحفن تي خرچ ڪرڻ ۽ شيون وٺڻ لاءِ سندن دڪانن تي اچن.
اهڙي طرح چيني ڪار يا موٽر سائيڪل وٺي اوطاق اڳيان بيهاري رڳو ٽئڪس نه پيو ڀريندو آهي پر ان کي ڪمائيءَ جو ذريعو ٺاهي خوب استعمال ۾ آڻيندو ۽ ڪڏنهن گهمڻ لاءِ کڻي نڪرندو ته به چاهيندو ته رستي تان پئسينجر کڻندو وڃان جيئن پئٽرول جا ته پئسا نڪرن. ڪوشش ڪري ٻه ٽي ڀائر يا دوست گڏجي هڪ ڪار وٺندا جيئن ان کي سڀ چڱي طرح استعمال ڪن ۽ هر هڪ ڌار ڌار پئسو سيڙائي الڳ الڳ ڪار نه وٺندو. ڇو جو ڪار اهڙي شئي آهي جيڪا چاهي گهٽ هلي يا گهڻو، وڪڻڻ مهل پئسا ماڊل (سال) جي حساب سان ئي ملن ٿا. پوءِ ڇو نه ان کي چڱيءَ طرح ڪم ۾ آڻي گسائجي. بهرحال چيني_جيڪي اڄڪلهه جي خوشحال قوم ٿيندي وڃي، ڪنهن جادو يا سياست ڪري نه، پر محنت، پورهئي ۽سادگيءَ ۾ رهڻ ڪري خوشحال آهن.
پورٽ ڊڪسن جي منگ هوٽل ۾_جنهن ۾ آئون به رهيل هوس، جيڪڏنهن ڪو هر وقت ڪتاب پڙهندي نظر آيو ٿي ته اهو هو پنجهٺ سالن کن جو هڪ چيني همراهه مسٽر سينگ لم. ساڻس پهرين ڏينهن کا ئي عليڪ سليڪ ٿي ويئي_۽کائنس سندس احوال دلچسپيءَ سان پڇندو ۽ ٻڌندو هوس.
پاڻ 1920ع ۾ سنگاپور ۾ ڄائو هو. سندس پيءُ 1910ع ۾ (سندس ڄمڻ کان ڏهه سال کن اڳ) چين جي ڏاکڻي علائقي مان لڏي پيٽ گذر لاءِ سنگاپور ۾ آيو هو. ان سال سندس اباڻي چيني شهر ۾ سخت ڏڪار پيو هو جو کائڻ لاءِ ڪڻو به نه هو. سوچين وڏن جي ورثي ۾ مليل انڌي منڊي جاءِ وڪڻي ٻيڙيءَ جو ڀاڙو ڪري اچي سنگاپور کان نڪتو جتي انگريزن جي حڪومت هئي.
“بابي کي پگهار ايترو پورو پنو ملندو هو” هن ٻڌايو، “جو گهر جي ڀاتين جو هڪ وقت به چڱي طرح پيٽ ڀرجي نه سگهندو هو. هر مهيني پوري ٿين تي گهر جي مسوڙ جا ڇهه ڊالر مالڪ کي ڏيڻ اسان لاءِ وڏو مسئلو هوندو هو. مون کي ياد آهي ته ان ڪري اسان کي ڪيترائي گهر بدلائڻا پيا. ڪو به مالڪ وڌ ۾ وڌ ٻه مهينا ترسندو هو. ٽيون مهنو بنا مسواڙ جي پورو ٿيڻ تي سامان ڪڍي ٻاهر اڇلائيندو هو. ۽ پوءِ وري نئين گهر جي ڳولا ٿيندي هئي ۽ ڪنهن غريب علائقي ۾ هڪ يا ٻن ڪمرن وارو سستو گهر ملي ويندو هو جنهن ۾ ٻي ڪا سهوليت ڏسڻ اجائي سمجهي ويندي هئي بس اس ۽ مينهن کان مٿو ڍڪڻ لاءِ ڇت هجي.
هڪ گهر اسان وٽ ڪيترائي سال رهيو جنهن جو اڳيون حصو روڊ تي هجڻ ڪري دڪان طور ڪم اچي سگهيو ٿي. اهو نون ڊالرن جي مسواڙ تي مليو هو پر ان کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اسان وري دڪان وارو حصو چئن ڊالرن ۾ مسواڙ تي ڏيئي ڇڏيو جنهن کي ڪوئلن جو واپاري گدام طور استعمال ڪندو هو ۽ ڪوئلن جون ڳوڻيون ۽ ڇٻيون هر وقت رکيل هونديون هيون. انهن ڳوڻين ۽ ڇٻين وچ ۾ آئون ٽڪار (ملئي تڏو) وڇائي رات جو سمهندو هوس. اهڙي طرح مون ڪوئلي جي ڌوڙ ۾ ڇهه سال گذاريا. شڪر ٿو ڪريان ته دماغ يا دل جي ڌڙڪي_يا ڪنهن به اهڙي خطرناڪ بيماريءَ کان بچي ويس جيڪا چون ٿا ته ڪوئلي جي ڪاربان واري ڌوڙ سنگهڻ سان ٿئي ٿي.
“منهنجو پيءُ انگريزي جي هڪ کاتي ۾ ٽيهٺ ڊالر پگهار تي ڪلارڪ هوندو هو. تن ڏينهن ۾ مائرن جو هڪڙو ڪم گهر جي صفائي هوندو هو ۽ ٻيو ٻار ڄڻڻ. ان ڪري ههڙي هال ۾ به امان سورهن ٻار ڄڻيا ۽ ان ٻهر ۾ منهنجو پنجون نمبر هو.
“ٻارن جي ڌڻ ۾ هر سال ويجهه ٿيڻ ڪري بابي لاءِ سڀني جو پيٽ ڀرڻ مشڪل ٿي پيو. سو جيئن ئي ڪو ٻار مئنيوفيڪچر ٿي نڪرندو هو ته پالڻ لاءِ چاچن ماسين کي ورڇ ۽ واري موجب پارسل ڪيو ويندو هو. پوري پني کاڌي نه ملڻ ڪري ڪن ٻارن تي سندن چاچي يا ماسيءَ جا هٿ پهچڻ کان اڳ نمونيا، مليريا، سائي يا وڏي کنگهه جا هٿ رسي ويندا هئا ۽ هو جتان ايندا هئا اوڏانهن ترت ئي روانا ٿي ويندا هئا.
“منهنجي ماءُ جي نظر ۾ هڪ ڪٽنب ۾ چار ٻار ڪافي هئا. منهنجو پنجون نمبر هو سو جڏنهن منهنجي آمد ٿي ته آئون پهريون پلونگڙو ٿابت ٿيس جيڪو گهر ۾ رکڻ بدران ماسيءِ جي حوالي ڪيو ويس. خوشقسمتي يا بدقسمتيءَ سان منهنجي ماسيءَ جو مڙس انهن ڏينهن گهر جي اونداهي ڪمري ۾ ويٺو عمل ڏوڏي يا چرس جا ڪش هڻندو هو. ۽ ان جو دونهون ايڏو سخت ۽ طاقتور هوندو هو جو ڪمري ۾ ويٺي ويٺي مونتي به خمار چڙهڻ لڳندو هو. تن ڏينهن ۾ آئون ٻار هوس. ڪنهن به سٺائي يا خرابيءَ جي ڪا خبر نه هيم. ماسيءَ وارا مون تي ڪو به ڌيان نه ڏيندا هئا. ڇهن سالن جو جڏنهن ٿيس ته به منهنجن پالڻ وارن مون کي اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏيڻ لاءِ ڪا چرپر نه ڪئي.
“منهنجي ماءُ کي جيئن ئي ان ڳالهه جي کڙڪ پيئي ته هوءَ هلي آئي ۽ ماسيءَ کان منهنجي ٻانهن واپس وٺي آئي نه ته آئون به عمل ۽ چرس جو عادي ٿي وڃان ها ۽ پوءِ پڙهي يا ڪو هنر سکي وڏو ماڻهو ٿيڻ بدران رڪشا ڇڪڻ وارو ٿيان ها، يا ماڻهن جا ڪاڪوس ميڙڻ وارو يا وري رستي تي ويهي گورينگ سانگ (تريل ڪيلا) وڪڻان ها.
“۽ امان کي يقين هو ته آئون زندگيءَ ۾ ڪڏنهن به ڪامياب ٿي نه سگهان ها جو ڪمزور جسم ۽ گهٽ طاقت جي ڪري رڪشا ڇڪڻ جو ڪم مون کان نه پڄي ها. ۽ نه وري گونهه جو دٻو ڪلهي تي رکي ماڻهن جا ڪاڪوس ميڙي سگهان ها جو ٿوري ڌپ سهڻ جي به مون ۾ همت نه هئي ۽ هٻڇي وري اهڙو هوس جو تريل ڪيلا وڪڻڻ بدران هڙ کائي وڃان ها.
“اسان جي گهر ۾ کائڻ لاءِ ايترو گهٽ هوندو هو جو رات جو اڪثر کائڻ بنا سمهڻو پوندو هو. هڪ دفعي ته آئون ايڏو بکايل هوس جو پاڙي جي مائيءَ کان جڏنهن هڪ گجر ڪري پيو ته کيس ٻڌائڻ بدران لڪائي لڪائي گهر کڻي آيس ۽ رات جو جڏنهن سڀ سمهي رهيا ته ان کي باهه ۾ وجهي پچائي کاڌو هوم. اهو ته ٿيو هڪ ڏينهن، هر روز ته ڪو به پاڙيسري ائين گجر نٿو ڪيرائي.
“پر چوندا آهن ته مولا ڪنهن کي به ڇڏي نٿو. جڏنهن مون کي امڙ اسڪول ۾ داخل ڪيو ته ڏاڍي خوشي ٿي. اسڪول ويندي وقت هڪ بسڪٽن جي فئڪٽريءَ وٽان لنگهڻ ٿيندو هو جيڪي گاسليٽن جي دٻن جا خالي ٿيل دٻا صفائيءَ لاءِ ٻاهر ڪڍي رکندا هئا. ٻي يا ٽي ڏينهن اسڪول ويندي منهنجي دل ۾ آيو ۽ همت ڪري ٽن چئن دٻن جا ڍڪ کولي ڏٺم ته هڪ ۾ بسڪيٽن جي ڪجهه ڀرڪٽ بچي پيئي هئي. ان بعد هرروز اسڪول ويندي ڏهه ٻارهن دٻن ۾ ليئا پائي ڏسندو هوس ۽ ٽن چئن دٻن مان ضرور بسڪٽن جا بچيل ٽڪرا ۽ ڀرڪٽ نڪري ايندي هئي. ان مال مان مڙيئي کيسو ڀرجي ويندو هو. انهن ڏينهن ۾ اسڪول ويندڙ ڇوڪر لاءِ جنهن کي هميشه بکئي پيٽ تي رات جو سمهڻو پوندو هو، اها بسڪيٽن جي ڀرڪٽ وڏي دعوت هئي. ان ڳالهه کي پنجاهه سال گذري ويا آهن پر اڄ به مون کي چڱي طرح ياد آهي ته ڪنهن بسڪيٽ جي ٽڪري مٿان مٺاڻ Icing لڳل ذرو ڏسي مون کي ڪيڏي نه خوشي ٿيندي هئي. پوءِ ڪنڊ پاسي ۾ ويهي پهرين بسڪيٽن جا ذراذرا کائيندو هوس ۽ پوءِ مٿائن لڳل اهو مٺاڻ جو ذرو. ننڍپڻ جي پيل اها عادت اڄ تائين مون ۾ موجود آهي. اڄ به ڪا به ماني تيسين مڪمل نه سمجهندس جيسين ان سان گڏ ڪجهه مٺاڻ ذرو نه هجي.”
مسٽر سينگ لم کي مغربي پريس توري فلمن ۽ ٽي وي پروگرامن سان سخت شڪايت هئي؛ هو هميشه مغرب کي گهڻو پڏائين ٿا ۽ مشرق کي هيٺاهون ڏيکايرن ٿا. ڄڻ مشرق جا ماڻهو جاهل ڄٽ ۽ ڇسا هجن.
“انگريزي ادب توڙي تواريخ هميشه مغرب جي ڪاميابين کي وڌاءِ ۽ وڏاءَ سان لکيو آهي”، هن چيو، “هنن پنهنجن بادشاهن ۽ حاڪمن ساراهيو آهي. آئون چوان ٿو ڇا ترڪن ۽ عربن ۾ ڪو هوشيار ليڊر هو ئي ڪونه ڇا. ائين جي نه هجي ها ته هو اسپين تي ست سئو سال حڪومت نه ڪري سگهن ها. رومانيا بلغاريا کان مصر تائين ڪيئن ڪاميابي حاصل ڪن ها. ويندي موجوده تواريخ ڏسو ته چرچل، آئزن هاور، مونٽيءَ کي گهڻو پڏايو ويو آهي ۽ ياماشيتا، نهروءَ ۽ مائوءَ کي هيٺاهون، بيوقوف ۽ گهٽ ڏيکاريو ويو آهي. ۽ اسان جو نوجوان به پنهنجن کان ايترو واقف ناهي پر ڪنگ آرٿر ۽ سندس گول ميز، رابرٽ بروس ۽ ڪوريئڙي، آمريڪي خانه جنگي، مئگنا ڪارٽر، ڪولمبس، ڪڪ، ايلوس ۽ ويندي مائيڪل جئڪس کان چڱي طرح واقف آهي پر پنهنجن ايرانين، انڊين، عربن يا چيني حاڪمن ۽ سندن گهراڻن جي ٽڪي جي به خبر نه اٿس. ۽ اسان چينين کي ته آمريڪن بنهه گهٽ ذات، چرسي، موالي، چور، ٺڳ ۽ بي غيرت سمجهن ٿا. فلمن ۾ به چينين تي چرچا ڪندا. ويندي جان وين جهڙي آمريڪن ايڪٽر به ان معاملي ۾ پنهنجن آمريڪن کي ساراهيو آهي. The Green berets فلم ۾ هڪ ويٽنامي ڇوڪري کي ٻانهن کان جهلي سمجهائيس ٿو ته هو هن جي ڪارڻ ويٽنام ۾ جنگ جوٽيو ويٺا آهن. ان جنگ ۾ هو (آمريڪي) پنهنجي سر جون قربانيون ڏيئي رهيا آهن جيئن هو ڇوڪر امن امان جي دنيا ۾ وڏو ٿي سک جو ساهه کڻي سگهي.”
“ڄڻ چڱو جو ٻه سئو سال کن اڳ آمريڪا وجود ۾ آيو ۽ آمريڪن اسان کي اچي سيکاريو نه ته هزارين سال اڳ تائين اسان ڄڻ اونده ۾ ٿاڦورا پئي هنيا. بهرحال هاڻ اها ويٽنامي لڙائي ڪڏهوڪي ختم ٿي چڪي آهي. آمريڪن پڇ پٺيان وجهي جنهن نموني سان ويٽنام مان ڀڳا اهو سڄي دنيا ڏٺو ۽ ٻڌو. هاڻ کانئن ڪير پڇي ته ڪير طاقتور ۽ عقلمند هو. پاڻ آمريڪن يا اهي ويٽنامي جن کي هنن ڏٻرو ۽ جاهل ٿي سمجهيو. ويٽنامين کي جيتوڻيڪ ڪمزور، نستو، بي هٿيار، بي سرو سامان ۽ ڏتڙيل بنايو ويو. کين ائين ڀيلي ختم ڪيو ويو جيئن مڪڙ بيٺل فصل کي چٽ ڪري، سندن عورتن سان زوريءَ زنائون ڪيون ويون مردن جا هڏ گڏ ڀڳا ويا، سندن شهر ۽ وستيون تباه ڪيون ويون ته به هنن “گوري ماڻهوءَ” جو خواب پورو ٿيڻ نه ڏنو. ۽ اهو خواب ڇا هو_؟ سندن خواب هو ته ايشيا کي هيٺاهون ڏيکاري مٿس پنهنجي هلايون. افسوس رڳو ان ڳالهه جو ٿئي ٿو ته ويٽنامين جي ايڏي فتحيابي بعد به اسان جي پنهنجن ايشيائي ملڪن کين داد نه ڏنو. آمريڪن رسالن ۾ انهن آمريڪن جا لکيل مضمون پڙهي اڄ به اسين ويٽنامين کي نيچ ۽ خطرناڪ سمجهون ٿا.
“اهڙي طرح هو وري ٺوڙهو ائڪٽر يول برينر ڏسو جنهن King and I فلم ۾ بادشاهه جو رول ڪري اهو تاثر ڏنو آهي ته ايشيا جي ملڪن جا ههڙا حاڪم ٿين ٿا. مطلب ته مغربي پريس توڙي فلم انڊسٽريءَ مشرق جو صحيح روپ ڏيکارڻ بدران غلط پيش ڪيو آهي. ٻيا ته ٺهيو پر اسان جو پر متڙيو نوجوان به ان معاملي ۾ ڀٽڪيل آهي جو هو مغرب جون ئي فلمون ڏسي ٿو ۽ ڪتاب پڙهي ٿو.....”
مسٽر سينگ لم سان هوٽل جي ورانڊن ۾ ئي ٻه ٽي دفعا ملاقات ٿي ۽ هو اڪثر گهڻي پيئڻ ڪري سرور ۾ رهندو هو. پنهنجيون پرايون ڳالهيون جيڪي اينديون هيس ڪندو ويندو هو. فقط آخري ڏينهن هو هوش ۾ هو ۽ موڪلائڻ وقت زينا وانگر فقط اهوئي چيائين ته سندس ڳالهيون ڀلي پنهنجي سفرنامي ۾ لکان پر نالو بدلائي. جنهن لاءِ نه فقط ٻنهي سان واعدو ڪيم پر عمل پڻ ڪري رهيو آهيان.