موت کانپوءِ ملاڪا کان مچر
“پاڻ مسلمانن ۾” حمزي ٻڌايو، “دفن ڪفن جي رسم تمام سادي سودي آهي_خاص ڪري اسين ملائيشيا جا مسلمان_جيڪي شافعي فرقي جا آهيون، سعودي عرب جي وهابين وانگر ڪا پڪي قبر به نه ٺاهيون ۽ نڪي تعريفي ۽ تواريخي ڪتبا قبر اڳيان رکون. پر اسان جي ملڪ ۾ رهندڙ چينين جي موتي فوتيءَ جي رسم ۽ خرچ پکو شاديءَ کان به وڌيڪ ٿئي ٿو. چينين جو اهو عقيدو آهي ته مري ويل، جيئرو، ۽ اڃان اڻ ڄاول_ٽئي هڪ ئي فئملي جا ميمبر آهن_جيتوڻيڪ اها ٻي ڳالهه آهي ته ٽئي مختلف دنيائن ۾ رهن ٿا ۽ جيڪي ڪجهه جنازي اڳيان ڪيو وڃي ٿو ان مطابق ئي کيس ٻي دنيا نصيب ٿئي ٿو. ان ڪري دفن ڪرڻ وقت ڪاغزن جا ڪوڙا ڇپيل نوٽ ساڙيا ويندا آهن_جن تي هزار ڊالر کان کان لک لک_ويندي ملين ڊالرن جو انگيل هوندو آهي. جيئن مرڻ بعد کيس ايتري ملڪيت ملي ۽ جيئن هو ان سان سٺو گذر سفر ڪري سگهي. نه فقط پئسا پر ان وقت ڪاغذن جون ٻيون به شيون ٺاهي ساڙين. مثال طور ڪاغذ جا ننڍا گهر، رانديڪن جيڏا ڪاغذ جا هنڌ بستر، کٽون، ڪرسيون ۽ ٻيو فرنيڍر، ٿانوَ ٿپا ويندي سواريءَ لاءِ ڪار (خاص ڪري مرسيڊيز يا ولوو ڪار ٺاهين) ۽ ڪاغذ جو هيلي ڪاپٽر يا هوائي جهاز پڻ. دفن ڪرڻ کان اڳ جنازي اڳيان ساڙيا ويندا آهن ۽ اهي ڪاغذ جون مختلف شيون ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ توڙي دنيا جي ٻين شهرن جي چائنا ٽائون ۾ عام ملن ٿيون. اهي گهر گاڏيون ويندي پني جا نوڪر چاڪر سستي اگهه کان وٺي اوچي ڪاغذن ۽ نموني جا ڳري اگهن وارا ملن. ڪي ڪي پنن جا گهر ته اهڙا سهڻا ۽ مڪمل نموني جا ٺهيل هوندا آهن جو ويندي انهن ۾ ڇٻر ۽ پينگهون، ننڍڙو ٻار ۽ مختلف برانڊن جي شراب جون پني جون بوتلون رکيل هونديون آهن. انهن شين جي سڙڻ سان مري ويل چيني همراهه کي ٻئي جهان ۾ پهچي ڪو هڙ حاصل ٿئي يا نه پر هن جهان ۾ ڪاغذ جي واپارين ۽ اهي شيون ٺاهي وڪڻندڙ جو چڱو ڀلو ٿئي ٿو. ڪنهن مند ۾ ماڻهو پٺيان ماڻهو مري ٿو ته ڪاغن جون اهي ساڙڻ واريون شيون وڪڻندڙن جا ڀاڳ کليو وڃن.
ان کان علاوه چينين جي جنازي تي روڄ راڙو پڻ چڱو ٿئي ٿو. ۽ جنازي جي هڪدم پٺيان وارين قطارن ۾ سندن ويجها مائٽ ڳوڻ جا چوغا پائي پار ڪڍي رئندا هلندا آهن. يا ان ڪم لاءِ ڀاڙي تي “روئڻا” پڻ ملن_جن جو ڪم روئڻ ۽ ڏک ظاهر ڪرڻ آهي_چاهي مرڻ وارو ڪير به هجي.
جنهن پيتيءَ ۾ چيني يا عورت جو جنازو کڄي دفنائڻ يا ساڙڻ لاءِ هلندو آهي اهي پڻ مختلف قسمن ۽ قيمتن جون ٿين. ڪي تمام اوچي ڪاٺ جون وڍ ٽڪ جي ڪم واريون ٿين ۽ شڪل صورت ۾ به نمونن نمونن جون ٿين. ڪي اهي ڪفن جو پيتيون ٻيڙيءَ جي شڪل جون ٿين. ڇو جو چيني پنهنجي اباڻي وطن چين کان سنگاپور، انڊونيشيا يا ملائيشيا آيا هئا ته ٻيڙين ۾ چڙهي آيا هئا ۽ کين ٻيڙيءَ جهڙي پيتيءَ ۾ دفن ڪرڻ جو اهو مطلب آهي ته متان مردو ٻئي جهان کان جيڪڏهن واپس وطن گهمڻ جي خواهش ظاهر ڪري ته هو ان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي وڃي سگهي ٿو. ڇو جو پنهنجي وطن وڃڻ لاءِ هو فقط ان طريقي جي سواري ۽ سفر کان واقف هوندو جنهن ۾ آيو هوندو.”
ڪئپٽن همزي اهي ڳالهيون ٻڌڻ دوران بشير وسطڙي کي سنڌيءَ ۾ چيم ته چڱو جو تون چيني نه ٿئين نه ته توکي هتي دفن ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪ ته PIA جي هوائي جهازن جو ڪاغذي ماڊل ساڙڻو پوي ها جيڪو توکي_تنهجي روح يا جسم کي ڪراچيءَ تائين کڻي وڃي. ان بعد بس سروس جي هڪ تيپ رڪارڊر لڳل بس پنن جي ڪئسٽن سميت ساڙني پوي ها جيڪا ڪراچيءَ کان نوشهري فيروز تائين ڍوئڻ ۾ مدد ڏئي ها. ۽ پوءِ اتان تنهنجي ڳوٺ مچر رسائڻ لاءِ هڪ مرزيل ٽانگي جو ڪاغذي ماڊل ساڙڻو پوي ها.
اها ڳالهه بشير کي نه وڻي ۽ دل ۾ ڪندي چيو:“توکي ساڙ آهي ته آئون گانن واري بس ۾ ڇو ٿو هلان. هالا مان وري ڪهڙا هندورا ٿا هلن. هن دور ۾ به هالا جي بس اسٽاپ تي جنازي کڻڻ جهڙيون کتارا بسون بيٺل هونديون آهن يا ٽٽر ٽانگا. سڄي واٽ تيڪون لاهيندا هلندا آهن.”
ڪئپٽن حمزي وچ م بچ بچاءُ ڪندي وڌيڪ ٻڌايو ته ڪيترن چينين جي جنازي تي پني جو ريڊيو، ٽي وي ۽ اڄڪلهه وي سي ار ۽ ڪئلڪيوليٽر ۽ ڪمپويٽر پڻ ساڙڻو پوي ٿو جيئن هو وندر توري واپار جون گهڙيون انهن ٽپڙن ذريعي آسائش ۽ سهولت ۾ گذاري سگهي. مرڻ بعد جنازي کي اِڪي ڏينهن گهر ۾ ئي رکيو ويندو آهي_يعني هڪ، ٽن يا پنجن ڏينهن تائين. جيئن فوتيءَ جا مائٽ سندس منهن ڏسڻ ۽ پنهنجو منهن مٿو پٽڻ لاءِ ايندا رهن ۽ اهو عرصو خوب ماني ٽڪي ۽ شراب هلندو ۽ اوڄاڳا ڪيا ويندا آهن. زال هوندي اهي ته مڙس ۽ مڙس هوندو آهي ته زال اخبارن م سندس فوتي سان گڏ اشتهار ڏيندي آهي ته تون ٻئي جهان ۾ هليو وئين. پنهنجي ياد ڇڏي ويو آهين. ڏک ڪندڙن جي لسٽ ۾ پٽن، ڌيئرن، ننهن ناٺين، پوٽن پڙپوٽن، ڏهٽن پڙ ڏوهٽن جا نالا هوندا آهن.
ڪو همراهه وڏي ڄمار جو پٽ، پوٽن، پرپوٽن وارو ٿي مرندو آهي ته اهو خوشنصيب سمجهيو ويندو آهي ۽ ان تي گهڻو روچ پٽڪو ڪرڻ ضروري نه سمجهيو ويندو آهي جو هن جي ويجهو اچڻ تي ڪنهن به بدروح جي همت نه ٿي ٿئي ۽ سڌو ساڙيل مرسيڊيز ڪار يا هوائي جهاز رستي جنت ۾ هليو وڃي يا ڪفن واري ڪاٺ جي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پنهنجي اباڻي وطن: سئم ڪانگ، سنگ تائو، يا شنگهائي هليو وڃي. باقي ڪو ننڍي عمر ۾_ٽيهن ورهن جي ڄمار اندر مري ٿو ته اها ڳالهه هن لاءِ ۽ ڪٽنب لاءِ خراب سمجهي وڃي ٿي.