رستن تي چڪر...
پرواهه ناهي پاڻ رهيل کڻي ڪنهن سستي هوٽل ۾ آهيون پر هي وڏيون هوٽلون مفت ۾ ڏسي ته سگهجن ٿيون. اندر سندن رسيپشن هال، لائونج ۽ شاپنگ آرڪيڊ وارا حصا_۽ انهن ۾ پٽ تي وڇايل ٿلهي ٻُر وارا غاليچا، ڇت ۾ ٽنگيل بلبن جا ڇٽ (Chandelier)، وهڻ لاءِ اوچي ڪاٺ، عاج ۽ گاديلن جا صوفا سيٽ ۽ خذمت لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندڙ سنهڙيون ۽ سمارٽ چيني ۽ ٿلهيون صحت مند ملئي ڇوڪريون.
ڀلا ٻيو ڪجهه نه ته انهن هوٽلن جو باٿ روم ته استعمال ڪري سگهجي ٿو. ٿڪُ ڀڃڻ لاءِ رسيپشن تي رکيل ڪوچن تي ڪجهه دير ويهي هوٽل وارن کي منجهائڻ لاءِ ڏيک ڏيئي سگهجي ٿو ته هوٽل ۾ رهندڙ ڪنهن همراهه جي اچي ملڻ لاءِ توهان انتظار ڪري رهيا آهيو.
پر جي توهان سرڪاري يا پنهنجي آفيس جي خرچ تي يا ڪنهن دولت مند واپاريءَ جي خرچ تي، سرڪاري دوري، ميٽنگ، سيمينار يا واپاري وزٽ تي انهن وڏين هوٽلن مان ڪنهن هڪ ۾ رهيل آهيو ته پوءِ چئينج خاطر انهن وڏين هوٽلن کي ڇڏي ڀر وارن رستن تي ڪنهن عام پر گراهڪن سان ڀريل چيني، ملئي يا انڊين جي ننڍي هوٽل ۾ ماني کائي سگهو ٿا.
هڪ دفعي “يونيورسٽي ٽيڪنالاجي ملائيشيا” جي سيمينار ۾ پيپير پڙهڻ لاءِ سندن ئي فل خرچ پکي ۽ دعوت تي فيڊرل هوٽل ۾ رهيو هوس. هڪ ڏينهن شام جو وقت گذارڻ ۽ ڪوالالمپور شهر جي رستن جائزو وٺڻ لاءِ ڀر واري رستي “بڪت بنتانگ روڊ” جي هڪ هڪ دڪان، هوٽل، ريسٽورينٽ، مساج گهر، ڊسڪوٿي ڪلب، سوشل ايسڪورٽ روم مان ليئو پائيندو، مختلف ڌپون (ڪٿي چيني رڌپچاءَ جون، ڪٿي ملئي ساتي گوشت ترجڻ جون، ڪٿي رنڊين نما مساج گرلس جي سستي ۽ ردي ميڪ اپ جون ته ڪٿي چيني دوائون ۽ دورئين ميوي جون) سونگهيندو ۽ انهن ئي هنڌن تي بتين جي روشني (ڪٿي هلڪي رونامنٽڪ، ڪٿي جنگ جي قيدي کي چريو بنائڻ جهڙي پنج سئو والٽن جي بلبن جي، ڪٿي ڳاڙهي چڪلي جي ڏيک جي ته ڪٿي جهرمٽ ڪندڙ رنگين مرچن جي) ڏسندو بڪت بنتانگ روڊ جي پوڇڙ وٽ جتي سلطان اسماعيل روڊ ڪراس ٿو ڪري، “ملڪ_ريسٽورانٽ) نالي هڪ هوٽل ۾ اچي ماني کاڌم. هيءَ هوٽل حيدرآباد جي اسٽيشن روڊ ۽ اسٽيشن واري علائقي وارين هوٽل جهڙي، هڪ مسلمان ملباريءَ جي هئي. در وٽ ئي روايتي دخل هو جنهن مٿان قران شريف جون آيتون ۽ ان پويان هوٽل جي مالڪ حاجي سليمان طرفان رکيل، وڏي ڏاڙهيءَ وارو مئنيجر حاجي عمر گراهڪن کان کاڌي جا پئسا اوڳاڙي رهيو هو. ڪنڊ تي رکيل جپاني ڪمپني سانيو جو ٽئبل فئن، فل اسپيڊ سان، سندس مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وار ايئن اڏائي رهيو هو جيئن هالي ووڊ جي فلمن ۾ بيابانن يا سمنڊ تي لڳل طوفانن جو Effect ڏيکاريندا آهن. لائوڊ اسپيڪر تي فل آواز تي تامل گانو:“انانڪاٽٽواريڪرين نان_نورپرين” هلي رهيو هو. دخل اڳيان، گراهڪن جي ڏند کوٽڻ لاءِ نغارن تي وڄت وارن ڏونڪن جهڙيون Tooth-Picks رکيل هيون. انهن مان هڪ ٽوٿ پڪ سان هڪ ٿلهو متارو تامل ڏندن مان ڦاٿل ڪڪڙ يا ڍڳي جي گوشت جا ريشا به ڪڍي رهيو هو ته ڀر ۾ رکيل ڏهه سينٽ وجهي ڳالهائڻ واري پبلڪ فون تان زور زور سان ڳالهائي رهيو هو. جيتوڻيڪ هو لا.ئوڊ اسپيڪر واري گاني کان به وڌيڪ زور سان ڳالهائي رهيو هو پر مون لاءِ اهو ڄاڻڻ مشڪل هو ته آيا هو تامل ۾ پيو ڳالهائي يا مليالم ۾. يا ٿي سگهيو ٿي ڏکڻ هندوستان جي اڃان به ڪا ٽين ٻولي ڳالهائي رهيو هجي. سندس رڙين سان وارو وٺائيندڙ رڙيون بئرن جون هيون جيڪي رکي رکي آيل گراهڪن جي پسند جو ڊش پريان ڪنڊ ۾ بيٺل بورچيءَ کي ٻڌائي رهيا هئا.
هوٽل جي مالڪ/مئينيجر کان گهڻو ئي چاهيم ته انٽرويو وٺان پر ٻاهر ويندي ٽاڻي به هي گوڙ شور برقرار هو. ۽ اهو گوڙ شور ئي ان وقت مون لاءِ هڪ نواڻ هو. فيڊرل هوٽل جي پر سڪون ۽ خاموش ماحول بعد هن “ريستوران ملڪ” (Restoran Malek) جي هنڀوڇيءَ سچ ته ڏاڍو مزو پئي ڏنو ۽ بيحد هوملي محسوس پئي ڪرايو. ويتر جڏهن بئري ٻوڙ مانيءَ سان گڏ سڻڀن هٿن سان پاڻيءَ جا ٻه گلاس اچي اڳيان ٽيبل تي هنيا ته واقعي لڳو ته بنا ٽڪيٽ جي ان رات حيدرآباد جي حبيب هوٽل، زميندار هوٽل، سلطان هوٽل، نعمت ڪده، ڪراچي هوٽل، جارج هوٽل_يا تلڪ چاڙهيءَ ۽ سول اسپتال جي آسپاس واري ڪنهن اوپن ايئر هوٽل ۾ پهچي ويو هجان. پيٽ ڀري ماني کاڌم پر جنهن ڳالهه لاءِ اندر گهڙيس ته هن هوٽل هلائيندڙ سان ڳالهه ٻولهه ڪريان، اهو پيٽ جو سور نه لهي سگهيو. مئنيجر کان وٺي بورچي بئرا فقط تامل، مليالم ۽ ملباري زبانون ڳالهائي ٿي سگهيا. اڙدو/ هندي يا انگريزي هنن لاءِ فارين لئنگيئج هئي.
اها سا خبر پيئي ته ڪوالالمپور ۾ هن هوٽل جون ٽي شاخون آهن. ٻه ته ان ئي روڊ تي ۽ ٽين سلطان اسماعيل روڊ تي. هن هوٽل جي خاص ورائٽي (ماني)_ برياني، ٻوڙ ۽ ماني آهي_ جيڪا مون کي تمام گهڻو وڻي_شايد بک ڪري يا وطن کان گهڻو عرصو پري رهڻ ڪري. يا شايد ٺهيل ئي ڪا سٺي هئي. اگهه پڻ مناسب هئس. شيراز ۽ اڪبر جهڙين هوٽلن کان به سستي هئي_شايد ايئر ڪنڊيشنڊ نه هجڻ ڪري لائيٽ جي بل ۾ بچت ٿيندي هجين. پر آيل گراهڪن کي “انانڪاٽٽواريڪرين ناننور پرين” گانو ٻڌائن لاءِ لائوڊ اسپيڪرن تي ڪجهه ته لائيٽ جو خرچ ضرور ٿيندو هوندن.
اتان نڪري ساڄي کاٻي وهندڙ رستي جو کاٻو پاسو ورتم جيڪو سلطان اسماعيل روڊ آهي. جنهن تي ان وقت وڏا اسٽور ۽ دڪان رات جو بند هجڻ ڪري، ماڻهن جي رش گهٽ هئي ۽ مانيءَ بعد واڪ ڪرڻ لاءِ غنيمت هو. ان وقت رات جا ڏهه ٿي رهيا هئا. سڄي ڏاينهن جي ٿڪ ڪري ننڊ به ڏاڍي پئي آئي. سڄو ڏينهن ڪا ڪوڏر نه هنئي هيم.پر يونيورسٽي جي ليڪچر هال ۾ مختلف شهرن ۽ ادارن کان آيل مهمان انجنيئرن جا پيپر ٻڌا هيم ۽ پنهنجو پڙهيو هوم. جنهن جو عنوان هو “ملائيشيا جا جهاز سازيءَ جا ڪارخانا”. مضمون ڪو خاص دلجوئي يا سچائي سان نه لکي سگهيو هوس. جنهن جو احساس هوم. ڪنهن ٻئي جي ملڪ ۾ رهي ان جي ڪنهن نازڪ مسئلي بابت لکڻ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون گول مول ڪرڻيون پون ٿيون جيئن متان ڪا تڪڙ ۾ لکيل ڪساري حقيقيت ڪنهن کي ڏکوئي وجهي. يا وري گهڻو ئي تعريف ٿيڻ ڪري ان کي ڪو چمچاگيري سمجهي. گذريل ڏينهن جون اهي ڳالهيون سوچيندي سوچيندي ڪافي اڳتي نڪري ويس. رستي جي ٻئي پاسي جهاز جي شڪل جهڙي هڪ بار نما ريسٽورينٽ هئي. جهاز به پورٽ ڪلانگ ايندو هو ته ڪيترائي خفتي اچي هتان نڪرندا هئا. خاص ڪري يورپي جهازين جي هيءَ دلپسند جڳهه هوندي هئي. هن وقت اها منهنجي سامهون هئي.
رستو ٽپي هوٽل اڳيان اچي بيٺس جنهن جي ٻاهرين ڀت مان ڪاٺ جي جهاز جو اڳيون حصو (فاڪسل) ٻاهر نڪتل هو جنهن جي ٻنهي پاسي پتل جو پالش ٿيل لنگر لڙڪي رهيو هو. جنهن به ان اسٽائيل جي هوٽل ٺهرائي آهي، ان جي آئيڊيا تعريف جوڳي آهي.
ريسٽورينٽ جي مٿان ڪا آفيس آهي، جو هڪ ٻه ڇوڪريون ٽپ ٽاپ ڊريس ۾ اندر وڃي رهيون هيون ۽ اهڙي هڪ ڄڻي ڪنهن انگريز سان گڏ ٻاهر نڪري رهي هئي. ان تي سوچڻ بجاءِ پتل جي لنگر کي غور سان ڏسڻ لاءِ ويجهو ٿي بيٺس. ايتري ۾ هڪ ڀريل جسم جو قداور همراهه منهنجي ڀرسان اچي بيٺو. هڪ ئي نظر سان سمجهي ويس ته تامل ته نه آهي جو هڪ ته قداور آهي ۽ ٻيو ته رنگ ۾ بنهه ڪارو ناهي. هو مون سان بلڪل لڳي بيٺو. مون کي لڳو ته هو مٿان لٿو آهي سو ڪجهه ڳالهائڻ خاطر انگريزيءَ ۾ پڇيومانس ته مٿي اهو ڇا آهي: آفيس يا ڪو مساج گهر.
“نه سر. Escort ايجنسي آهي. ساٿ ڏيڻ ۽ گڏ گهمڻ ڦِرڻ لاءِ مسواڙ تي ڇوڪريون آهن. تمام مهنگيون. في ڪلاڪ جا ٽيهه ڊالر مسواڙ. کيسو ان کان علاوه ٿيون ڪٽين.” هن سڄي ڳالهه انگريزيءَ ۾ ٻڌائي پوءِ اڙدوءَ ۾ پڇيو:
“هندي آتي هي؟”
“آتي هي.” وراڻيومانس.
“ٽئڪسي گهرجي_؟” هاڻ اسان اڙدو/ هنديءَ ۾ ڳالهائڻ لڳاسين. بلڪه هن جي هنديءَ مان لڳو ٿي ته پنجاب يا هريانا صوبي جو آهي.
“نه. تون ٽئڪسي ڊرائيور آهين ڇا_؟ مون پڇيومانس.
“ها، فرسٽ ڪلاس جڳهين جي خبر اٿم.” هن ٺهه پهه وراڻيو.
هيترا سال جهازن تي رهي پوءِ به پاڻ کي ان حد تائين اڻ ڄاڻ ۽ اٻوجهه سمجهڻ اجائي ڳالهه هئي. سمجهي ويس ته ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي (يعني ڀڙوو آهي) ۽ سينڍ ۾ ڪهڙي مارئي پيو ڳائي. (هن ڇوڪريون سپلاءِ ڪرڻ جو ڪم ڪيو ٿي).
کائنس سندس نئشنلٽي (ملڪ) پڇيم ته ڪوڙ ٻڌايائين ته هو“پاڪستان جو آهي”. اهو ان ڪري جو ڳالهائڻ ۾ جيتوڻيڪ هندي ۽ اڙدو هڪ جهڙيون ٻوليون آهن پر تڏهن به ڪي ڪي لفظ اهڙا آهن جي فقط اڙدوءَ ۾ آهن يا هنديءَ۾. سو جيئن آئون کيس سمجهي ويس ته هو پنجابي انڊين آهي تيئن هو به منهنجي ڳالهائڻ مان سمجهي ويو ته آئون هندي نه پر اڙدو پيو ڳالهايان ۽ ظاهر آهي پاڪستاني هوندس. مون کي اعتماد ۾ سوگهو ڪرڻ لاءِ هن جي اها اٽڪل سٺي هئي ته هو پاڻ کي منهنجي ئي ملڪ جو سڏائي. مون کي راضي ڪرڻ لاءِ هو منٿون ڪرڻ لڳو ته آئون هن سان هڪ واريءَ هلي ڇوڪريون ضرور ڏسان ۽ پنهنجي سستي هجڻ جو ثبوت ڏيڻ لڳو ته ٻه سئو ڊالر تمام گهٽ اگهه آهي.
هن کان اونداهي دنيا جون ڪيتريون ئي ڳالهيون پڇي سگهجن ها پر هڪ ته ٿڪل هوس ٻيو هو مون کان سگهارو هو. سوال جواب ڪرڻ جا به چوي ها ته ڇڏاءِ پنجاهه ڊالر. ۽ آئون ٻوڙ ماني کائڻ ۽ چانهه پيئڻ بعد کيسي ۾ باقي بچايل ٻه ڊالر ستر سينٽ کڻي ڪهڙيون ليلائون سرچائي ٿي سگهيس ۽ ڪهڙي ريسرچ يا ٿيسز مڪمل ڪرڻي هيم جنهن لاءِ هرو ڀرو سوال ويهي ڪريانس ها. جان ڇڏائڻ لاءِ چيومانس:
آئون پنهنجي دوست کي ڏسڻ لاءِ هيڏانهن اچي نڪتو آهيان. آئون ڪو ڌاريون پرديسي، جهازي يا ٽوئرسٽ نه آهيان. آئون هتي ئي رهان ٿو. “Saya Tinggal Di Sini”. کيس پڪ ڏيارڻ لاءِ آخر ۾ ملئيءَ زبان ۾ ٻڌايومانس. ان بعد لڳو ته هو ڪجهه ڍرو ٿيو. کيس ٻڏتر ۾ مبتلا رکي آئون ان بار نما ريسٽورينٽ “Ship” ۾ اندر گهڙڻ وارو هوس ته هن تجسس پيدا ڪرڻ لاءِ آخري ڪوڙڪو استعمال ڪيو.
“مسٽر! هڪ پاڪستاني ڇوڪري به سڃاڻان، واهه جي آهي. يقين ڪريو هڪ دفعو هلي ڏسو ته سهي. يا ڪجهه دير ترسو اچڻ واري هوندي.”
مون هن ڏي ٽوڪ واري نموني ڏسي مرڪيو. هن ان جو مطلب ڇا سمجهيو_نٿو چئي سگهان. يا ٿي سگهي ٿو ته هن به اهو ئي سمجهيو ته آئون چئي رهيو هجانس ته “گشا پيو هڻين.”
کيس ٻاهر ڇڏي آءُ اندر بار ۾ گهڙيس. اندر گهڙڻ سان سگريٽن جي دونهين ۽ بار گرلس آڌر ڀاءُ ڪيو. چوڌاري ٽيبلون سڀ ڀريل هيون جن تي ملڪ ملڪ جا اسان جا جهازي ڀائر ويٺل هئا. ڪن ڪن ٽيبلن تي هتي جو چيني ڇوڪريون پيئڻ ۾ سندن ساٿ ڏيئي رهيون هيون. اڌ کان وڌيڪ جهازي يورپ ۽ آمريڪا جا گورا هئا. ڪجهه اتر آفريڪي ملڪن يا گلف جي رياستن جا عرب لڳي رهيا هئا.
ايئر ڪنڊيشنڊ هوٽل جي ٿڌڪار پَسي دل اتي ئي بيهي ٿوري دير ٿڪ ڀڃڻ لاءِ چيو. ٻاهر مينهن وسڻ کان اڳ واري گهٽ ۽ گرمي هئي. هڪ ٽيبل تي ويهي ڪوڪا ڪولا جو آرڊر ڏنم ۽ ساڳي وقت کيسي ۾ هٿ وجهي پڪ ڪيم ته ٻه ڊالر ستر سينٽ ته موجود آهي يا ٻاهر واري شاهينگ ڳالهين ڪندي کيسو ڪٽي ورتو.
اوسي پاسي جي ٽيبلن تي ويٺل چار ڇوڪريون اکين مان منهنجي ٽيبل تي اچڻ لاءِ لامارا هڻڻ لڳيون پر جيئن ئي بئري وسڪيءَ جي پئگ بدران ٺونٺ جيڏي ڪوڪا ڪولا جي بوتل منهنجي اڳيان آڻي رکي ته انهن ۽ ٻين نهارڻ به ڇڏي ڏنو. ظاهر آهي بار ۾ ويهي مهنگي شراب بدران ڊالر يا سوا ڊالر جي ڪوڪا ڪولا پيئڻ معنيٰ پنهنجي کٽلپڻي جو کليو کلايو اعلان ڪرڻو ٿيو جيڪا ڳالهه نه هوٽل جي مالڪ کي وڻي سگهي ٿي نه ئي سندس رکيل ڪم ڪار ڪندڙ ڇوڪرين کي. بهرحال هنن کي ڪهڙي خبر ته جنهن ماڻهوءَ جي پنهنجي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بار ئي ٻيا کڻيو پيا هلن اهو ٻين جو ڇا کڻي سگهندو. پنهنجي خرچ تي “ملڪ هوٽل” ۾ ڊنر ۽ هتي ڪوڪا ڪولا پي اهو ئي وڏو ڪم ڪيم جو چاهيان ها ته اهي پئسا به بچائي رهائش واري هوٽل ۾ دعوت مطابق، پنهنجي ميزبان يونيورسٽي ملائيشيا جي کنڌي ۾ رات جي ماني به اتي کائي وٺان ها.
خير سائين، بڪت بنتانگ ۽ سلطان اسماعيل روڊن تي گذريل ٻن ٽن ڪلاڪن جي هلچل بعد هن هوٽل جي ائر ڪنڊيشنڊ هال ۾ فرحت وٺندي مزو اچي رهيو هو. ان هال کي صحيح معنيٰ ۾ ته ايئر ڪنڊيشنڊ چئي نٿو سگهجي جو اسان جي ٽيڪنيڪل ٻوليءَ موجب ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرو معنيٰ اهو ڪمرو جنهن ۾ مشين ذريعي هوا کي بهتر ۽ دل وٽان ڪيو وڃي يعني ٻاهر جي گهڻي ٿڌ هجي ته هوا کي گرم، جي گرمي هجي ته ان کي ٿڌو ڪري نه فقط وڻندڙ Pleasant ٽيمپريچر تي آندو وڃي پر هوا مان دز، دونهون ۽ ٻيون اڻ گهربل شيون ڇاڻي صاف ڪيو وڃي. ۽انکان علاوه هوا ۾ موجود گهم (Humidity ) کي گهٽائي يا وڌائي هڪ اهڙي مقرر حد تي آڻجي جيڪا صحت لاءِ بهتر هجي. سو ان حساب سان هن بار نما هوٽل کي فقط ٿڌو Cool چئي سگهياسين ٿي جو دز ۽ سگريٽن جو دونهون ايڏو هو جو هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ بار گرلس کي خبر ناهي هيستائين ٽي بي لڳي چڪي هئي يا پڪ لڳڻ واري هوندي.
ٻه چار ڍڪ ڪوڪاڪولا جا پي ٻاهر مليل ڀڙوي تي سوچڻ لڳس ته ڪيڏو استاد آهي. ملائيشيا هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ پاڪستاني تمام ٿورا ۽ ڳڻيل چونديل رهن ٿا جن جي باعزت ڌنڌي کان هر ڪو واقف آهي. پر اها ته ٿي مون کي يا ان کي خبر جيڪي هتي ڪافي عرصي کان لڳاتار رهيل آهن. باقي گهمڻ لاءِ ڏينهن اڌ لاءِ آيل پاڪستاني ته تجسس ۾ پئجي ويندو. جيئن گهڻو اڳ يورپي ۽ آمريڪي جهازي چوندا هئا ته ڪراچيءَ ۾ هر مشهور اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي ڇوڪري جسم جو سودو ڪري ٿي. ٿيندو ڇا هو جو استاد ڀڙوا ڪراچيءَ جي هوائي اڏي ۽ بندراگاهه تي آيل گورن ٽوئرسٽن کي هرکائڻ لاءِ سندن وڏن وڏن انگريزي اسڪولن جا نالا وٺي انهن جون ڇوڪريون آڻڻ لاءِ چوندا هئا ۽ پوءِ چڪلي مان نڪتل رنڊين کي ان اسڪول/ڪاليج جو يونيفارم پارائي پيش ڪندا هئا. ان سلسلي ۾ جهازن تي هڪ قصو مشهور پڻ هو. هڪ ڀيري گوري (انگريز) جڏنهن دلال سان اعتراض ڪيو ته هيءَ ڪهڙي ڪانوينٽ اسڪول جي ڇوڪري آندي اٿئي جنهن لاءِ تو ته چيو هو ته سينئر ڪئمبرج ۾ آهي پر ڄاني ته انگريزيءَ جو هڪ لفظ به ڪانه ٿي. ته ڀڙوي انگريز گراهڪ کي ٿڌو ڪندي چيو هو: “سر ڇا ڪجي ڪانوينٽ اسڪولن جي تعليمي زبان (medium of Instruction) پنجابي ٿي ويئي آهي.”
اهڙي ئي قسم جو هڪ اسڪئنڊل گذريل مهيني هتي ملائيشيا جي اخبارن جي پهرين صفحن جي سرخي هڪ آسٽريليا جي شهر ڪئنبرا لاءِ اشتهارن ۽ خبرن ذريعي مشهور ٿي هو ته اتي Girls-Escort جي نالي ۾ هلندڙ هڪ چڪلو پنهنجي گراهڪن لاءِ دنيا جي هوائي ڪمپنين جون ميزبان ڇوڪريون (ايئر هوسٽسون) مهيا ڪري ٿو جنهن ۾ ملائيشيا جي هوائي ڪمپني ايم.اي.ايس پڻ اچي وڃي ٿي.
ظاهر آهي ته ان هوائي ڪمپنيءَ جا واسطيدار اهو ٻڌي تعجب ۾ پئجي ويا ته هيڏي ڊسپلن، پگهار، سهولتن ۽ نيڪنامي هوندي اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ملائيشيا جون ايئر هوسٽسون پاڻ کي بدنام ڪن. ان سلسلي جي جانچ ۽ تفصيل حاصل ڪرڻ لاءِ هتي جي اخبار پنهنجو هڪ نمائندو ڪوالالمپور کان ڪئنبرا امنيو. جتي پهچي هڪ وڏي هوٽل مان ان ڇوڪريون مهيا ڪندڙ ايجنسي کي فون ڪيو جن واقعي جي تصديق ڪئي ته هو ملائيشيا جي ايئر ڪمپنيءَ جو ايئر هوسٽسون پڻ سپلاءِ ڪن ٿا. هڪ اهڙي ايئر هوسٽس سان رات گذارڻ لاءِ جڏهن پڇيو ته هنن کيس هائوڪار ڪندي چيو ته شام ڌاري ڪوالالمپور کان ايندڙ ايم. اي. ايس جي اڏام اچڻي آهي ۽ ڏهين بجي ڌاري ان جي ايئر هوسٽس سندس ڪمري ۾ پهچي ويندي.
“پوري ڏهين بجي،” اخبار جي نمائيندي بعد ۾ اهو احوال اخبار ۾ ڏنو،“ملائيشيا جي هوائي ڪمپنيءَ جو يونيفارم پهريل ايئر هوسٽس ڏسي مون کي ڏاڍو تعجب لڳو جو شام تائين آئون خاطري ڪري چڪو هوس ته نه ان ڏينهن ۽ نه وري ٻه ڏينهن اڳ تائين ملائيشيا جي اڏام ڪئنبرا اچڻي هئي. بهرحال فئسني ڊريس ۾ ان ايئر هوسٽس پهرين سوال جي جواب ۾ اهو ضرور ٻڌايو ته هوءَ ڪوالالمپور جي رهاڪو آهي پر جڏهن کائنس ڪوالالمپور بابت ٻه چار سوال پڇيم ته خبر پيئي ته هن کي ڪوالالمپور جي اهم رستن ۽ عمارتن جي ته خبر ناهي پر اها به خبر نه اٿس ته ڪوالالمپور جي هوائي اڏي جو نالو ڇا آهي ۽ اهو ڪٿي آهي.”
سو ان مٿئين ڪهاڻيءَ وانگر ٻاهر مليل همراهه جي ڪهاڻي به فراڊ لڳي رهي هئي. پر تنهن هوندي به خاطريءَ سان اهو چوڻ صحيح نه هو ته آيا هو سچ ٿي چوي يا ڪوڙ.
ڪوڪاڪولا پي ڪجهه دير بعد ٻاهر نڪتس ته ساڳيو همراهه وري اچي منهن پيو ۽ مال جو اگهه گهٽائڻ کان علاوه مون کي ترسڻ لاءِ چوڻ لڳو جو ان پاڪستاني ڇوڪريءَ جي اچڻ جو وقت ٿي چڪو هڳ. جان ڇڏائڻ لاءِ آئون ساڻس ائين ڳالهائڻ لڳس ڄڻ اندران گهڻو پي اچڻ ڪري سندس پهرين جون ڳالهيون ياد نه هجن. بندر روڊ جهڙي ڊبل وهندڙ رستي جي ٻئي پاسي کان رستو ٽپڻ وارن ماڻهن جي ميڙ ۾ هڪ ڪمزور سنهي ڇوڪري، ڪاري رنگ جي سوڙهي پجامي ۽ ڇريل ڪڙتي ۽ موٽرن لارين جي پيهه گهٽجڻ جو انتظار ڪري رهي هئي. مون ان ڏي نهاريو. ان ئي وقت هن قداور ۽ صحت مند دلال جي نگاهه پڻ هن تي پيئي. هڪدم پنهنجا هئڊا ڏند ڪڍي خوشيءَ مان چيائين: “اها پيئي اچي پاڪستاني ڇوڪري.” ۽ پوءِ هٿ جي اشاري سان هن کي سڏيو ۽ پنهنجي موجودگيءَ جو ٻڌايو. هوءَ رستو ٽپي اسان ڏي اچي ان کان اڳ آئون جان ڇڏرائي، پنهنجي هوٽل ۾ وڃڻ لاءِ اهوئي رستو ٽپي هن پاسي کان وڃي نڪتس. ان ڇوڪريءَ وٽان لنگهڻ مهل “هيلو” ڪري اڙدوءَ ۾ پڇيومانس:
“آپ ڪا نام ڪيا هي؟”
“رجني ڪور.”
“آپ پاکستان کي هين؟”
“نهين تو. جيپور کي.”
ايتري ۾ ٽرئفڪ وري گهٽ ٿي. هوءَ پنهنجي نٻل ۽ زماني جي ستايل جسم کي ڪوالالمپور جي هن روڊ تان گهلي ٻئي پاسي کان وڃي نڪتي. مون همراهه ڏي پٺيان مڙي هڪ نگاهه وڌي. هو خارن مان مون کي ڏسي رهيو هو. ڄڻ سندس ڪا چوري پڪڙي ويئي هجي. وس پڄيس ها ته جهيڙو ڪري ها يا پري کان بيهي گارگند به ڪري ها پر ان ئي وقت هوٽل مان هڪ بنگالي همراهه نڪتو تنهن سان ڳالهائڻ ۾ لڳي ويو. پڪ کيس اهو چئي رهيو هوندو ته هڪ بنگلاديش جي ڇوڪري آهي. اي ون. ٻه سئو ڊالر رات جا...وغيره وغيره.
پورن ڇهن مهينن کان پوءِ هڪ ڏينهن اخبار جي ننڍڙي خبرتي نظر پيئي: “زال کان خراب ڌنڌو ڪرائيندڙ گرفتار.” سريمتي رجنيءَ پنهنجي ظالم مڙس کي گرفتار ڪرايو، جنهن سان هو گذريل سال انڊيا ۾ اهو چئي شادي ڪري آيو هو ته هو هتي هڪ وڏي پگهار وارو آفيسر آهي. چيو وڃي ٿو ته ستيش داس هن کان اڳ به اهڙي دوکي بازيءَ سان انڊيا جي ڪيرالا ۽ بهار رياست مان ٻه ڇوڪريون وٺي آيو هو...” وغيره وغيره. خبر جي آخر ۾ سندس فوٽو ڏنل هو.