ملائيشين جي “انگلش لا” (English-Lah)
هوٽل جو بئرو ڪم لاهي گهر وڃڻ وقت چوندو:
“I am going-Lah”
يا فوٽ پاٿ تان لنگهڻ وقت سيون وڪڻندڙ گهوريئڙو توهان کي شيون وٺڻ لاءِ چوندو:
“Very Cheap-Lah”
۽ اهو “لا” جو استعمال نه فقط بئرو، دڪاندار يا ڪلارڪ ڪري ٿو پر پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو پڻ. اها ٻي ڳالهه آهي ته هڪ سٺي انگريزي ڳالهائيندڙ، گهڻي تعليم وارو ماڻهو اسان ڌارين سان انگريزي ڳالهائيندي وقت ايتري Lah-Lah نٿو ڪري، پر اهو به پنهنجن سان انگريزي ڳالهائيندي وقت لا_لا جو گهڻو استعمال ڪري ٿو.
ملائيشيا پهچي ڪيترا مهينا ته سمجهه ۾ نه آيو ته رکي رکي جملي ۾ لا جو پڇ هتي جا ماڻهو ڇو ٿا ڳنڍين. پر پوءِ آهستي آهستي محسوس ٿيو ته اهو ڪجهه ڪجهه ائين آهي جيئن انڊيا پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ هڪ جيڏو فري ٿي ڳالهائڻ مهل جملي جي شروع ۾ ڪڏنهن ڪڏنهن “يار_يار” جو لفظ ٽنبين ٿا. ويندي انگريزي ڳالهائڻ وقت پڻ چوندا:
“Yar, where were you Yesterdy”
پر ملائيشيا جي Lah سان ننڍي کنڊ Yar جو ڪو مقابلو ڪري نه ٿو سگهجي. اهو لا ملائيشيا جي ماڻهن جا ڪيترائي مقصد پورا ڪري ٿو. هو لا وجهڻ سان جملي ۾ نهٺائي پيدا ڪن ٿا. ان ڪري Shut-up ۽Shut-uo-Lah ۾ اهو فرق ٿيو وڃي ته پهريون دڙڪو آهي ۽ ٻيو عرض نما جملو. جيئن سنڌيءَ ۾ چئجي “ماٺ_ڪر” ۽ “ڏس ماٺ ڪر نه.” “ڏس” لفط هڻڻ سان ڪجهه نرمي پئدا ٿئي ٿي.
هتي جا ماڻهو تعجب يا خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ لاءِ پڻ لا جو جملي ۾ استعمال ڪن ٿا. مثال طورSo Big-Lah _معنيٰ مار ايڏو وڏو! يا Thanks-Lah معنيٰ وڏي ”وڏي مهرباني”. وغيره وغيره.
مزي جي ڳالهه ته ملائيشيا جا ماڻهو نه فقط انگريزي ڳالهائيندي وقت Lah جو استعمال ڪن ٿا پر سندن ٻولي “ڀهاسا_ملائيشيا” ڳالهائيندي وقت ته هيڪاندو گهڻو ڪن ٿا. بلڪ اهو لا نڪتو ئي ملئي زبان مان آهي. ملئي زبان ۾ تعجب، احسان، خوشي يا منٿ ميڙ جو اظهار ڪرڻ لاءِ “لا” جو استعمال ٿئي ٿو.
هڪ انگريز چيو ته ملئي زبان ڪهڙي نه عجيب آهي. ڳالهائڻ مهل لڳي ٿو ته ڄڻ وڙهن ٿا. اسان انگريز ڪنهن کي انگريزي ۾ “جهٽ ڪر” لاءِ هميشه چونداسين ته Please be quick يا Kindly come here_ هتي “مهربان” يا “مهرباني ڪري” ضرور چونداسين. پر هي ماڻهو پليز يا ڪائنڊلي ته چون ئي نه ٿا. ٺلهو چوندا: چپات_ “جهٽ ڪر؛” ماري سني_“هيڏانهن اچک” تاق ماهو_ “نه کپي،” وغيره. ۽ اهو ڪيڏو رکو ۽ خراب ٿو لڳي.
کيس ٻڌايم ته هر مغربي ماڻهوءَ کي اسان جي مشرقي ٻولين سان اهو مسئلو درپيش اچي ٿو. پر حقيقت اها آهي ته اسان وٽ به پليز (مهرباني) يا Kindly (مهرباني ڪري) جهڙا لفظ آهن. جيئن ملئي زبان ۾ سيال، تولانگ، بوليح. پر اسان وٽ انهن لفظن جو گهڙيءَ گهڙيءَ استعمال ڪرڻ بدران جملي کي وڌيڪ جهيل سان ڳلهائڻ کي بهتر سمجهيو وڃي ٿو.
“ماٺ ڪر.” دڙڪو آهي يا عرض. اهو ٻڌندڙ ڳالهائڻ واري جي لهجي مان سمجهي سگهي ٿو. پر جي اڃان به نهٺائي سان چوڻ آهي ته پوءِ اسان وٽ شڪارپوري ۽ ٺٽوي “ني” لفظ وڌيڪ نرمائيءَ سان چون ٿا: “ماٺ ڪر ني.” اهڙي طرح ملائيشيا جا ماڻهو لا ڳنڍين ٿا. ان ڪري هو ٺلهو “چپات” چوڻ بدران “چپات لا” چون ٿا_ يعني “جهٽ ڪر ني”_ ۽ ان کي “پليز بي ڪئڪ” ئي سمجهڻ کپي. ساڳي طرح “تاق_ماهو” بدران “تاق ماهو لا” چئي لفظ “مهربان” يا “مهرباني ڪري” جو پورائو ڪن ٿا.
ڪي ڪي ملئي مرد ۽ عورتون جيڪي تمام گهڻو نياز ۽ نئڙٿ سان ڳلهائڻ جا عادي آهن_ عنايت بلوچ جيان، سي ايڏا لا، لا، ڪن ٿا جو جپان جي تڪئي ڪلام “انوني” يا سو_ديسڪا” جي به جاءِ ناهي.