ٻه اکر
خليل جبران، جهموريه لبنان جي ڳوٺڙي بشريٰ ۾ 1883ع ۾ پنهنجي پهرين احتجاجي رڙ بلند ڪري هن دنيا ۾ اک کولي، ۽ انهيءَ ڏينهن ڊسمبر جي ڇهين تاريخ هئي.
خليل جبران هونئن ته لبنان جي مقدس صنوبر جي ڇانوَ هيٺ، دلڪش ۽ پرفريب فضا ۾ اک کولي، مگر هُن جي جواني نيويارڪ جي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتن جي پاڇي ۾ پروان چڙهي. جبران جي ذات ۽ شخصيت متعلق گهڻو ڪجهه چيو ويو آهي. ڪنهن هن کي صوفي، مفڪر ۽ مذهب پرست انسان، ته ڪنهن هن کي بدعتي، بدزبان، باغي، سرڪش ۽ آزاد خيال انسان سڏيو آهي. ڪن ماڻهن ته اهو چئي ڪري هن جا ڪتاب نذر آتش ڪري ڇڏيا ته هي تمام خطرناڪ، انقلابي ۽ زهريلا آهن ۽ انهن جو وجود نئين نسل لاءِ زهر قاتل ثابت ٿيندو، مگر ٻئي طرف اهڙا ماڻهو به موجود آهن، جن جون زبانون، جبران جي فڪر و نظر ۽ اندازِ بيان کي مسحور ڪُن چون ٿا ۽ هن جي جدت جي تعريف ڪندي نٿا ڍاپن. انهن جو چوڻ آهي ته جبران جي لفافي ٻولي ۾ جيڪو مٺاس ۽ مزو آهي سو ناقابل بيان آهي ۽ ان ۾ پڻ مقدس صحيفن جهڙي گهرائي ۽ گيرائي آهي.
خليل جبران جو هڪ ڪتابThe Prophet (پيغمبر)، چاليهن ورهين تائين، دنيا جي سڀ کان وڌيڪ وڪامندڙ ڪتابن مان هڪ هو، جنهن جون مجموعي طور تي 15 لکن کان وڌيڪ ڪاپيون وڪرو ٿيون ۽ پڻ دنيا جي ويهن مختلف زبانن ۾ ان جو ترجمو ڪيو ويو. ”پيغمبر“ خليل جبران جي انگريزي زبان ۾ سڀ کان اهم تخليق هئي، پر عربيءَ ۾ هن جي پهرين ناول ”ڀڳل کنٻڙاٽيون“ (The Broken Wings) کي سڀ کان بهترين تصنيف تسليم ڪيو ٿو وڃي ۽ هيءُ ”پيغمبر“ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عرصي تائين عالمي بهترين ڪتب فروشن جي فهرست ۾ شامل رهيو.
خليل جبران قانون، مذهب ۽ زماني جي غلط ريتن رسمن جي خلاف بغاوت جو آواز بلند ڪيو ۽ هڪ اهڙي معاشري جي قيام جي پُرزور حمايت ڪئي جنهن ۾ امن ۽ آشتيءَ جو راڄ هجي، جيڪو روحاني علوم سان آراسته هجي، جتي هر طرف دائمي خوشيون ۽ شادمانيون هجن ۽ پڻ هر طرف محبت جي حڪمراني هجي.
خليل جبران پنهنجي تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ٻن زبانن ۾ ڪيو آهي: عربي ۽ انگريزي! هن لبنان، شام ۽ ٻئي عالم عرب لاءِ عربيءَ ۽ اهلِ مغرب جي لاءِ انگريزيءَ کي ذريعهء اظهار بڻايو آهي. عربي زبان ۾ لکيل سندس هيٺيان ڪتاب گهڻو مشهور آهن:
(1) دمعـﺔ وايتسامـﺔ (2) الموسيقي (3) عرائس المروج (4) الارواح امتمرده (5) الاجخته المتڪسره (6) العواصف (7) ابدائع والطرائف (8) المراڪب، ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل هيٺان ڪتاب(1) The Mad Man (2) The Fore Rennur (3) The Prophet (4) The Sand and Foam ”المجنون“، ”السابق“، ”النبي“، ”رمل و ربد“ جي عنوانن سان عربيءَ ۾ ترجما ٿيا.
هنن ڪتابن کان علاوه خليل جبران ٻيا به ڪيترائي مضمون لکيا ۽ پنهنجين تصويرن جو البم ”الرسوم العشرون“ جي نالي سان پيش ڪيو.
سنڌي ٻولي ۾ پڻ خليل جبران جا هيٺيان ٻه ڪتاب The Prophet ۽ The Mad Man، ”پيغمبر“ ۽ ”فيلسوف“ جي نالي سان ترجمو ٿي چڪا آهن، انهن کان علاوه ”سپون“، ”پهاڙن ۾ پڪار“، ”انسان ۽ شيطان“، ”جڏهن مون آزادي گهري“ خليل جبران جي مختلف ڪتابن مان افسانا، مضمون ۽ چونڊ ٽڪرا ڪڍي مٿين نالن وارن ڪتابن ۾ پيش ڪيا ويا آهن.
جبران کي ننڍي هوندي کان ئي، مصوري ۽ فنونِ لطيفه سان گهري دلچسپي هوندي هئي. هن کي فنِ مصوريءَ ۾ به ڪافي مهارت حاصل هئي. سندس تصويرن جي نمائش بوسٽن ۾ ڪئي وئي. جبران فنِ مصوري جي وڏن مصورن، جهڙوڪ رودان ۽ ڪيونارڊ کان، شاعريءَ ۾ وليم بليڪ کان ۽ ادب جي ميدان ۾ نطشي کان متاثر هيو. 1908ع ۾ جبران پيرس ويو، جتي هن ”جامعه فنون“ ۾ داخلا ورتي ۽ ٽن سالن ۾ فن جي تڪميل ڪري امتيازي سند حاصل ڪئي ۽ انهيءَ ئي عرصي دوران، هن جي ماءُ ڪامله ۽ ڀيڻ سلطان، ڀاءُ پطرس ۽ پيءُ خليل، هڪٻئي پيٺيان سلهه جهڙي موذي مرض جو شڪار بڻجي فوت ٿي ويا. ان کان علاوه هن جي ٻي ڀيڻ مريانا جي شادي به ان ڪري ٿي نه سگهي جو جبران گهڻي عرصي تائين مالي لحاظ کان پاڻڀرو ٿي ڪو نه سگهيو. سندس فن جي بيقدريءَ، روزگار جي تنگيءَ، ڀاتين جي لاڳيتي ۽ بي وقتي موت، جبران کي بغاوت تي مجبور ڪيو. هو پنهنجين تحريرن ۾ زندگيءَ جي تلخ تجربن، ڪُوڙين ۽ سچين حقيقتن جو نقش چٽڻ لڳو، جا ڳالهه ڪيترن کي ڪو نه وڻي. جبران يورپ جا به ڪافي شهر گهميا، آخر 1912ع ۾ آمريڪا آيو ۽ نيويارڪ ۾ رهڻ لڳو، جتي هن 1931ع ۾ وفات ڪئي. هن جو لاش سندس وصيت موجب سندس آبائي ڳوٺڙي بشريٰ ۾ دفن ڪيو ويو.
عطاءُ الله ابڙو
ماڪ پبلڪيشن لاڙڪاڻو