ڪھاڻيون

غلامي

هي ڪتاب ”غلامي“ لبنان جي نامياري ليکڪ ۽ دانشور خليل جبران جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي جنهن جو سنڌيڪار پروفيسر عطاءُ الله ابڙو صاحب آهي.خليل جبران قانون، مذهب ۽ زماني جي غلط ريتن رسمن جي خلاف بغاوت جو آواز بلند ڪيو ۽ هڪ اهڙي معاشري جي قيام جي پُرزور حمايت ڪئي جنهن ۾ امن ۽ آشتيءَ جو راڄ هجي، جيڪو روحاني علوم سان آراسته هجي، جتي هر طرف دائمي خوشيون ۽ شادمانيون هجن ۽ پڻ هر طرف محبت جي حڪمراني هجي.
Title Cover of book غلامي

سڀ کان وڏو سمنڊ

سڀ کان وڏو سمنڊ

ڪالهه مان ۽ منهنجو روح وڏي سمنڊ ۾ وهنجڻ ۽ پنهنجي جسم تان دنياوي غلاظت ڌوئڻ وياسين. ڪناري تي پهچي ڪري اسان اڪيلائيءَ جو هڪ اهڙو پاسو تلاش ڪرڻ لڳاسين جتي ماڻهن جون نظرون اسان تي نه پون.
اسان جڳهه جي تلاش ۾ گهمي رهيا هئاسين جو اسان هڪ ماڻهو ڏٺو جيڪو مٽيءَ جي رنگ نما هڪ پهاڙيءَ تي ويٺو هو. سندس هٿ ۾ لوڻ جو هڪ ٿيلهو هو جنهن مان هو مٺيون ڀري ڀري لوڻ سمنڊ ۾ اُڇلي رهيو هو، منهنجي روح مون کي چيو ته ”هي شخص احساس ڪمتريءَ جو شڪار آهي. هي صرف زندگيءَ جي پاڇولن کي ڏسي ٿو. هن جون نگاهون اسان جي اگهاڙي جسم تي نه پوڻ گهرجن، اسان کي هتان هليو وڃڻ گهرجي، اسان هن جي سامهون نٿا وهنجي سگهون.“
اسان اها جڳهه ڇڏي ڏني ۽ اتان کان اڳتي وڌي وياسين ايتري قدر جو هڪ گهاڙيءَ ۾ پهچي وياسين. اتي اسان کي هڪ شخص سمنڊ ۾ پهاڙيءَ تي ويٺل نظر آيو. هن جي هٿ ۾ جواهرن جي جڙيل هڪ صندوقڙي هئي، جنهن مان هو مصريءَ جون ڳڙيون ڪڍي سمنڊ ۾ اڇلي رهيو هو. منهنجي روح مون کي چيو ته ”هي شخص احساس برتريءَ جو شڪار آهي ۽ اهڙين ڳالهين جي ظاهر ٿيڻ جي اميد رکي ٿو جيڪي حقيقت ۾ ڪڏهن به رونما نه ٿيون ٿين. هن کان هوشيار ٿيو، هن کي اسان جو اگهاڙو جسم نه ڏسڻ گهرجي.“
اسان اڳتي هلندا وياسين ايتري قدر جو سمنڊ جي ڪناري تائين پهچي وياسين. اتي اسان هڪ شخص کي ڏٺو جيڪو مئل مڇين کي چونڊي چونڊي شفقت ۽ همدرديءَ سان گڏ انهن کي ٻيهر سمنڊ ۾ وجهي رهيو هو. منهنجي روح مون کي چيو ته ”هي نرم دل انسان ضرورت کان وڌيڪ رحمدل ۽ مرده پرست آهي، جيڪو قبر جي مردن ۾ ٻيهر ساهه وجهڻ چاهي ٿو، اسان کي هن کان جلد از جلد پري ٿيڻ گهرجي.“
اسان انهيءَ جاءِ کان به اڳتي لنگهي وياسين ۽ هڪ ٻيءَ جڳهه تي پهتاسين، جتي اسان ڏٺو ته هڪ شخص پاڻيءَ ۾ پوندڙ پنهنجي پاڇي جي چوگرد ليڪون ڪڍي رهيو هو. ويرون آيون پئي ۽ انهن لڪيرن کي مٽائي پئي ڇڏيائون، اهو ڏسي اهو شخص اهو عمل بار بار دهرائيندو پئي رهيو. منهنجي روح مون کي چيو ته ”هي صوفي آهي، ۽ پنهنجن وهمن جا بت تراشي انهن کي پوڄڻ ٿو چاهي. اسان کي هن جي ڀر ۾ بيهڻ به نه گهرجي! اچ ته هلون!“
اسان هن کي پنهنجي پٺيان ڇڏي، هڪ ٻيءَ جاءِ تي، جتي هڪ ننڍڙي گهاڙي هئي، پهتاسين. اتي هڪ ٻئي شخص کي ڏٺوسين جيڪو پاڻيءَ جي مٿاڇري تان گجي لاهي لاهي سليماني پٿر جي هڪڙي پيالي ۾ وجهي رهيو هو. منهنجي روح مون چيو ته ”هي خيال پرست آهي جيڪو ڪوريئڙي جي تار مان پنهنجي پوشاڪ تيار ڪرڻ گهري ٿو. هيءَ به اسان جي اگهاڙي جسم جي ڏسڻ جي حقدار ناهي.“
اسان ٿورو ئي پري ويا هياسين ته اوچتو هڪ آواز اسان جي ڪنن ۾ آيو. ڪوئي چئي رهيو هو ته هي سمنڊ آهي ـــــ گهرو، ڪشادو ۽ خوفناڪ سمنڊ! جنهن طرف کان آواز آيو هو، اسان ڪنڌ ورائي ان پاسي نظر وڌي، ته ڏٺو ته، هڪ شخص سمنڊ جي طرف پُٺ ڪري بيٺو آهي، هن جي هٿ ۾ سڱ سان مشابهه هڪ سپي هئي جيڪا هن پنهنجي ڪن سان لڳائي رکي هئي ۽ پنهنجي پڙاڏي ٿيندڙ آواز ٻڌڻ لاءِ ويهي ويهي ٿي رهيو.
منهنجي روح مون کي چيو ته ”هي ماده پرست انسان آهي جيڪو ڪائنات جي انهن شين کان به منهن موڙي ٿو وٺي جيڪي هن جي عقل ۽ سمجهه ۾ نٿيون اچن مگر انهن بيڪار ۽ معمولي ڳالهين ۾ گم آهي جن جو دامن بالڪل خالي آهي، هلو هتان کان ڀڄي هلون.“
اسان ان کي به اتي ئي ڇڏيو ۽ هڪ ٻيءَ جڳهه آياسين. اتي هڪ شخص پهاڙين ۾ اونڌو پيو هو. هن پنهنجو منهن زمين ۾ لڪائي رکيو هو. مون پنهنجي روح کي چيو ته ”هيڏانهن اچو، هتي وهنجي ٿا وٺون، هي شخص اسان کي نٿو ڏسي سگهي.“
منهنجي روح پنهنجي مٿي کي انڪار ۾ ڌوڻيو ۽ وراڻيو: ”نه، هزار ڀيرا نه! هي شخص جنهن کي تون ڏسي رهيو آهين، الله تعاليٰ جي بدترين مخلوق آهي. هيءَ انڪار ۽ پليتيءَ جو پتلو آهي جنهن زندگيءَ جي غمن کان منهن موڙيو آهي ۽ زندگيءَ ۾ پنهنجين خوشين لاءِ پنهنجيءَ دل جا دروازا بند ڪيا آهن.“
منهنجي روح جي مُکَ تي ڏک ۽ مايوسيءَ جا اُهڃاڻ ظاهر ٿيا ۽ هن سخت تلخي ڀريل لهجي ۾ چيو: ”اچو ته هنن ڪنارن کان پري هلون. هتي ڪا به اهڙي ڍڪيل ۽ پرسڪون جڳهه ڪو نه آهي جتي اسان وهنجي سگهون. مان نٿو چاهيان ته هوا منهنجن سونهري زلفن، سان کيڏي، هيءَ فضا منهنجي شفاف سيني تان پردو هٽائي ۽ هيءَ روشني منهنجي مقدس جسم کي اگهاڙو ڪري.“
انهيءَ تي مون ۽ منهنجي روح انهيءَ وڏي سمنڊ کي ڇڏي ڪري هڪ ٻي ـــــ سڀ کان وڏي سمنڊ جي تلاش ۾ هلي نڪتاسين.