ڪھاڻيون

غلامي

هي ڪتاب ”غلامي“ لبنان جي نامياري ليکڪ ۽ دانشور خليل جبران جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي جنهن جو سنڌيڪار پروفيسر عطاءُ الله ابڙو صاحب آهي.خليل جبران قانون، مذهب ۽ زماني جي غلط ريتن رسمن جي خلاف بغاوت جو آواز بلند ڪيو ۽ هڪ اهڙي معاشري جي قيام جي پُرزور حمايت ڪئي جنهن ۾ امن ۽ آشتيءَ جو راڄ هجي، جيڪو روحاني علوم سان آراسته هجي، جتي هر طرف دائمي خوشيون ۽ شادمانيون هجن ۽ پڻ هر طرف محبت جي حڪمراني هجي.
Title Cover of book غلامي

او ساحره

او ساحره

او ساحره! هي تون مون کي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهي آهين؟ ان اڻانگي پٿريلي رستي تي، مان ڪيستائين تو سان گڏ هلان جيڪو اسان جي قدمن کي مٿاهينءَ طرف ته وٺي وڃي رهيو آهي، مگر اسان روحن کي کڏن ۾ ڌڪي رهيو آهي؟
ماءُ سان چبنڙيل ٻار وانگر، مون تنهنجو دامن پڪڙيو ۽ تنهنجي پٺيان لڳي پيس. مون پنهنجن سڀني خوابن کي وساري ڇڏيو ۽ تنهنجي ذات ۾ جيڪو حسن آهي ان تي نگاهون ڄمائي ڇڏيم. پنهنجي مٿان ڦيرا پائيندڙ پکين جي وڳر جي پاڇن کان پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيم ۽ تنهنجي جسم ۾ جيڪا مقناطيسي قوت لڪل آهي ان طرف ڇڪجي ويس.
ٿورو ڪِي، ٿورو ترس! ته جيئن تنهنجي صورت ڏسي وٺان، هڪ گهڙي مون ڏانهن نهار، ته جيئن تنهنجي اکين مان تنهنجي سيني جا راز ڏسي وٺان ۽ تنهنجن مهانڊن مان تنهنجي روح جا راز پروڙي وٺان.
ٿوريءَ دير لاءِ ترس، اي پَري! جو مان هلندي هلندي ٿڪجي پيو آهيان ۽ تنهنجو روح رستي جي ڀوَ کان ڏڪي اٿيو آهي. بيهه! جو اسان انهيءَ ٻه واٽي تي پهچي چڪا آهيون جتي موتُ زندگيءَ سان ڳلي ملندو آهي. هاڻ مان هڪ وک به اڳتي ڪو نه وڌندم. جيستائين منهنجو روح، تنهنجي روح جي ارادن کان، باخبر نه ٿي وڃي ۽ منهنجي دل جي خزانن کي ڏسي نه وٺي!
***
منهنجي ڳالهه ٻڌ، اي ساحره! ڪلهه تائين مان هڪ آزاد پکي هيم، جنهن نهرن مٿان لامارا پئي ڏنا ۽ فضا ۾ ڦيرا پئي پاتا ۽ شام جو وڻن جي ٽارين تي ويهي رنگ برنگي ڪڪرن جي بستيءَ جي محلاتن ۽ عبادتگاهن جو نظارو پئي ڪيو، جن کي سج ٽپهريءَ جو جوڙيندو ۽ لهڻ وقت ڪيري گم ڪري ڇڏيندو آهي، بلڪ منهنجي سوچ وانگر، اڪيلو مشرق کان مغرب تائين ويندو هو. زندگيءَ جي خوبين ۽ رمزن کان خوش ٿيندو هو ۽ هستيءَ جي رازن ۽ رمزن جو اندازو لڳائيندو هو. نه، بلڪ خواب وانگر، رات جي پرن هيٺيان ڊوڙندو هو ۽ دريءَ جي وٿين مان ستل حسينائن جي خواب گاهن ۾ داخل ٿي ڪري انهن جي جذباتن سان کيڏندو هو ۽ پوءِ وري نوجوانن جي پلنگن جي ڀر ۾ بيهي انهن جي خواهشن کي ڀڙڪائيندو هو ۽ ان کان پوءِ پوڙهن جي بسترن جي ڀر ۾ ويهي ڪري انهن جي سوچن جو اندازو لڳائيندو هو.
پر اڄ جڏهن ته، ساحره مان توکان واقف ٿي چڪو آهيان ۽ تنهنجن هٿن جي چمُين مون کي زهريلو ڪري ڇڏيو آهي، هڪ قيديءَ مثل ٿي پيو آهيان جيڪو زنجيرن ۾ جڪڙيل الائجي ڪاڏي وڃي رهيو هجي، بلڪ انهيءَ شرابي مثل ٿي ويو آهيان جيڪو شراب جو جام مٿي جامَ پي رهيو هجي ۽ انهن هٿن کي چُمي رهيو هجي جنهن هن جي چهري تي چماٽون هنيون هجن.
***
پر ٿورو ترس، اي ساحره!
ڏس! مون پنهنجون وڃايل قوتون واپس ورتيون آهن. انهن بندشن کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، جيڪي منهنجي پيرن ۾ پيل هيون، ۽ انهيءَ پيالي کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيو اٿم، جن ۾ مون اهو زهر پيتو هو، جنهن کي خوشگوار سمجهندو هوس.
هاڻي ٻڌاءِ ته اسان ڇا ڪريون ۽ ڪهڙي رستي تي هلون؟
آءٌ هاڻ ٻيهر آزاد ٿي چڪو آهيان. ڇا تون هاڻي مون کي پنهنجو هڪ آزاد ساٿي بنائڻ لاءِ تيار آهين، جيڪو ٽڪ ٻڌي کليل اکين سان سج کي ڏسندو ۽ پُرسڪون آڱرين سان ٻرندڙ ٽانڊن کي کڻندو هجي؟
مون ٻيهر، پنهنجون ٻانهون کولي ورتيون آهن. ڇا تون هڪ اهڙي نوجوان سان گڏ رهندينءَ، جنهن جا ڏينهن اهڙيءَ طرح گذرندا آهن، جهڙيءَ طرح باز جا ڏينهن پهاڙن ۾ ۽ جنهن جون راتيون اهڙيءَ طرح بسر ٿينديون آهن جهڙيءَ طرح شينهن جون راتيون جهنگل ۾؟
ڇا تون اهڙي شخص جي محبت تي گذارو ڪري سگهندينءَ، جيڪو، محبت کي ساٿي ته بنائي سگهي ٿو مگر آقا يا حڪمران نه؟
ڇا تون، ان دل جي عشق ٿيڻ تي قناعت ڪندينءَ جيڪا خواهشمند ته ٿي سگهي ٿي، مگر فرمانبردار نه؟ ڀڙڪي ته سگهي ٿي مگر رجي نه؟
ڇا تون روح جي اهڙن لاڙن کان خوش ٿي سگهين ٿي، جيڪي طوفانن اڳيان لڏي ته سگهن ٿا مگر پائمال نه، واچوڙن سان گڏوگڏ اٿي ته سگهن ٿا، مگر پنهنجيءَ جڳهه تان پٽجي نٿا سگهن؟
ڇا تون مون کي پنهنجو دوست بنائڻ پسند ڪندينءَ، جيڪو نه ڪنهن کي پوڄيندو هجي ۽ نه پاڻ کي پوڄرائيندو هجي؟
چڱو ته پوءِ هي آهي منهنجو هٿ، هن کي پنهنجي هٿ ۾ وٺ ــــــ ۽ هي آهي منهنجو جسم، هن کي پنهنجي نرم ۽ نازڪ ٻانهن ۾ ڀڪوڙ ۽ هي آهن منهنجا چپ، هنن کي هڪ لمبو، گهرو ۽ خاموش بوسو ڏي!