معيار
هڪ شخص پنهنجي ٻنيءَ ۾ کوٽائي ڪري رهيو هو، جو هن کي سنگ مرمر جي هڪ بيحد خوبصورت ۽ من موهيندڙ مورتي هٿ آئي. هو ان کي هڪ شخص وٽ کڻي ويو جيڪو قديم شين جو وڏو قدردان هو. هن کانئس چڱي چوکي رقم جي عوض اها مورتي خريد ڪئي جنهن کان پوءِ هنن ٻنهي پنهنجو پنهنجو دڳ ورتو.
وڪڻڻ واو گهر ويندي دل ۾ چئي رهيو هو: ”ڪيتري نه حيثيت ۽ ڪشش آهي هن دولت ۾! سچ پچ ته مون کي وڏي حيرت آهي جو هڪ عقلمند انسان، ايتري وڏي رقم هڪ گونگي ۽ بيجان پٿر جي ٽُڪر عيوض ڪيئن ڏئي ٿو سگهي جيڪو هزارن سالن کان زمين ۾ پوريو پيو هو، جو ڪنهن جي خواب خيال ۾ به نه آيو هو!؟“
۽ بلڪل ان مهل خريد ڪرڻ وارو مورتيءَ کي غور سان ڏسندي دل ئي دل ۾ چئي رهيو هو: ”ڪيتري نه مقدس آهي اها سونهن جيڪا تو ۾ آهي، ۽ ڪيتري نه پياري آهي اها زندگي، جيڪا تنهنجي وجود مان بکي رهي آهي! تون ڌرتيءَ جي خاموش سيني ۾ ڪنهن اعليٰ ۽ مقدس روح جو خواب آهين، خدا جو قسم! منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي ته انسان ههڙي لطيف ۽ قيمتي بي بها شيءِ کي بي جان ۽ برباد ٿي وڃڻ واري دولت جي عيوض ڪيئن نه وڪڻي ٿو ڇڏي.“
•