ڪھاڻيون

غلامي

هي ڪتاب ”غلامي“ لبنان جي نامياري ليکڪ ۽ دانشور خليل جبران جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي جنهن جو سنڌيڪار پروفيسر عطاءُ الله ابڙو صاحب آهي.خليل جبران قانون، مذهب ۽ زماني جي غلط ريتن رسمن جي خلاف بغاوت جو آواز بلند ڪيو ۽ هڪ اهڙي معاشري جي قيام جي پُرزور حمايت ڪئي جنهن ۾ امن ۽ آشتيءَ جو راڄ هجي، جيڪو روحاني علوم سان آراسته هجي، جتي هر طرف دائمي خوشيون ۽ شادمانيون هجن ۽ پڻ هر طرف محبت جي حڪمراني هجي.
Title Cover of book غلامي

انوکي زبان

انوکي زبان

منهنجي پيدائش جي ٽئين ڏينهن جي ڳالهه آهي، جو مان پنهنجي ريشمي پينگهي ۾ سُتو، هن نئين دنيا ۾ پنهنجي آسي پاسي هڪ عجيب ڏک ۽ غم وچان سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس.
منهنجيءَ ماءُ، دائيءَ کان پڇيو: ”اڄ منهنجي ٻچڙي جو ڪهڙو حال آهي؟“
هن وراڻيو: ”جي! ننڍڙو ٺيڪ ٺاڪ آهي، مان هن کي ٽي دفعا کير پياريو آهي. هن کان اڳ مون هِهڙو چنچل ٻار ڪڏهن به ناهي ڏٺو.“
اهو ٻڌندي ئي مون کي باهه وٺي وئي ۽ مون رڙ ڪئي: ”هيءَ ڪوڙ پئي ڳالهائي. امان، هيءَ ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي. منهنجو هنڌ سخت ۽ کهرو آهي. جيڪو کير هن مون کي پياريو آهي، ان جو ذائقو ڪڙو هو ۽ هن جي ڇاتيءَ جي بدبوءِ کان منهنجو نڪ ڦاٽو ٿي. مان وڏيءَ تڪليف ۽ مصيبت ۾ ڦاٿل آهيان، امان!“
پر نه منهنجيءَ ماءُ منهنجي زبان سمجهي ۽ نه منهنجي دائيءَ کي ڪجهه سمجهه ۾ آيو. جيڪي مون چيو، جنهن زبان ۾ هنن سان ڳالهيون ڪري رهيو هوس، اها ان دنيا جي زبان هئي جتان مان آيو هوس.
منهنجي جنم جي ايڪويهين ڏينهن ــــ ۽ انهيءَ ڏينهن مون کي يسوع مسيح جي پيروڪار بنائڻ لاءِ پادريءَ کي به گهرايو ويو هو. پادريءَ منهنجيءَ ماءُ کي چيو: ”مان توکي واڌايون ٿو ڏيان ته تنهنجو ٻارڙو پيدائشي عيسائي آهي.“
مون حيران ٿيندي پادريءَ کي چيو: ”جيڪڏهن اها ڳالهه آهي، جيڪا تون چئي رهيو آهين، ته سڀ کان وڌيڪ تنهنجي ماءُ کي جيڪا هن وقت ٻئي جهان ۾ آهي، تنهنجي ڪري بدبخت هجڻ گهرجي، ڇو ته تون عيسائي مذهب تي پيدا ڪو نه ٿيو هئين.“
پر جيڪي ڪجهه مون پادريءَ کي پنهنجيءَ زبان ۾ چيو، اهو هو سمجهي ڪو نه سگهيو.
ستن مهينن کان پوءِ هڪ نجومي اسان وٽ آيو ۽ منهنجي چهري کي دير تائين ڏسڻ بعد منهنجيءَ ماءُ کي چوڻ لڳو: ”تنهنجو هي پٽ هڪ داناءُ رهنما ٿيندو ۽ ماڻهو هن جي پيروي ڪندا ۽ هن لاءِ فرمانبرداريءَ جو ڳٽ پنهنجي ڳچيءَ ۾ پائيندا.“
مون وڏي آواز ۾ دانهن ڪئي: ”هيءَ اڳڪٿي غلط آهي. مان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻان ٿو. مون کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته مان موسيقيءَ جي تعليم حاصل ڪندس ۽ هڪ موسيقار کان سواءِ ڪجهه به نه بڻبس.“
اهو ڏسي منهنجي حيرت جي ڪائي انتها ئي نه رهي، جو هڪ شخص به منهنجي زبان ڪا نه سمجهي.
هن ڳالهه کي ٽيهه سال گذري چڪا آهن. منهنجي ماءُ، دائي ۽ پادري، خدا انهن سڀني جي روحن تي پنهنجي رحمت ڪري، مري چڪا آهن، مگر نجومي اڃا تائين زندهه ۽ وڏي آرام جي زندگي گذاري رهيو آهي.
ڪالهه مون هن کي هيڪل جي سامهون ڏٺو. منهنجي هن سان سلام دعا ٿي ۽ مون کيس ٻڌايو ته مان موسيقارن جي صف ۾ شامل ٿي ويو آهيان.
اهو ٻڌي هن وراڻيو: ”مون کي گهڻو اڳي پڪ هئي ته تون هڪ تمام وڏو موسيقار ٿيندين ۽ مون تنهنجي ماءُ کي تنهنجي مستقبل بابت اها خبر ٻالڪپڻي ۾ ئي ڏني هئي.“
مون هن جي ڳالهه تي يقين ڪري ورتو، ڇو ته هاڻي مان پاڻ انهيءَ دنيا جي زبان وساري چڪو آهيان، جتان آيو هوس.