مقدس شهر
ننڍپڻ ۾ مون کي هڪ شهر بابت ٻڌايو ويو هو ته اتان جا سڀ رهاڪو مذهبي تعليم مطابق زندگي گهاري رهيا آهن. مون پنهنجيءَ دل ۾ چيو ته ”مون کي جلد کان جلد انهيءَ شهر ۾ پهچڻ گهرجي ته جيئن اتان جي مقدس برڪتن مان فائدو وٺي سگهان.“
جيئن ته شهر گهڻو ڏور هو، تنهنڪري مون مسافريءَ جو پورو پورو بندوبست ڪيو ۽ چاليهن ڏينهن جي سفر بعد ان شهر جي قريب پهتم. ٻئي ڏينهن جڏهن شهر ۾ داخل ٿيم ته ڇا ڏسان ته هر ماڻهو اک کان ڪاڻو ۽ ٽنڊو آهي. مون کي ڏاڍي حيرت لڳي. مون پنهنجي دل ۾ چيو ته ڇا هن مقدس شهر ۾ رهڻ واري هر شخص لاءِ ضروري آهي ته اهو ڪاڻو ۽ ٽنڊو هجي.
ان بعد مون ڏٺو ته ماڻهو مون کي به وڏي حيرت وچان ڏسي رهيا هئا. هنن کي منهنجي اکين ۽ هٿن سلامت هجڻ تي حيرت هئي.
هو پاڻ ۾ سُس پُس ڪري رهيا هئا جو مان هنن کان پڇيو ته ”ڇا هيءُ ئي اهو مقدس شهر آهي جتي جو هر ماڻهو آسماني ڪتاب جي تعليم مطابق زندگي گذاري ٿو؟“
هنن وراڻيو: ”هائو! هيءُ هي اهو شهر آهي!“
”توهان جي سڄي هٿ ۽ اک کي ڇا ٿيو آهي؟“
هنن کي منهنجي حالت تي وڏو رحم آيو ۽ هنن منهنجي اڻڄاڻائيءَ تي رحم کائيندي چيو: ”اچ! اسان توکي ٻڌايون ٿا.“
مان ماڻهن سان گڏوگڏ هلڻ لڳس. انهن مان هڪ شخص مون کي هيڪل ۾ وٺي ويو، جيڪو شهر جي وچ ۾ هو. جڏهن هيڪل ۾ داخل ٿيس ته مون ڏٺو ته هيڪل جي وچ ۾ بي نور اکين ۽ سڪل هٿن جو هڪ ڍير لڳل آهي. مون هنن کان انتهائي حيرت ۽ عجيب وچان پڇيو: ”توهان کي قّسم آهي پنهنجي پروردگار جو! مون کي ٻڌايو ته اهو ڪهڙو خوني حملي آور آهي، جنهن حملو ڪري توهان جا هٿ وڍرايا ۽ اکيون ڪڍرايون آهن؟“
هجوم منهنجي اڻڄاڻائيءَ تي حيرت جو اظهار ڪندي هڪ سرد آهه ڀري. انهن مان هڪ پوڙهو شخص منهنجي ويجهو آيو ۽ مون کي چوڻ لڳو: ”پاڻ سان هيءَ حالت اسان پاڻ ئي ڪئي آهي. الله تعاليٰ، انهيءَ برائي تي اسان کي فتحياب فرمايو آهي، جيڪا اسان تي نازل ٿي وئي هئي ۽ اسان انهيءَ کي پاڙون پٽي ڇڏيو آهي.“
انهيءَ کان پوءِ هو مون کي هڪ مٿانهين قربان گاهه طرف وٺي ويو. ماڻهو اسان جي پٺيان پٺيان هئا. قربان گاهه جي ويجهو پهچي ڪري هن پنهنجي آڱر سان هڪ آيت جي طرف اشارو ڪيو جيڪا قربان گاهه جي مٿان اُڪريل هئي ۽ مون کي ان جي پڙهڻ لاءِ چيو. لکيل هو: ”اگر تنهنجي سڄي اک توکي شڪ ۾ مبتلا ڪري ته تون انهيءَ کي ڪڍي اُڇل، ڇو ته تنهنجي لاءِ هڪ عضوي جو ضايع ٿيڻ، ان کان بهتر آهي جو تنهنجو سڄو جسم جهنم ۾ وڌو وڃي.“
هاڻ مون هنن جو راز لڌو. مون رڙ ڪري هنن کي چيو: ”ڇا توهان ۾ ڪائي عورت يا مرد اهڙو ڪو نه آهي جنهن جون ٻئي اکيون ۽ هٿ سلامت هجن؟“
جواب ۾ هنن ماڻهو وراڻيو: ”نه، اسان ۾ اهڙو ڪو به ڪو نه آهي، سواءِ انهن ٻارڙن جي جيڪي اڃا تائين انهيءَ عمر تائين ناهن پهتا، جو ڪتاب پڙهي انهيءَ جي حڪم تي عمل ڪري سگهن.“
جڏهن اسان هيڪل کان نڪتاسين ته مان انهيءَ مقدس شهر کان ڀڄي نڪتس، ڇو ته مان شعور جي عمر کي پهچي چڪو هوس ۽ ڪتاب پڙهي ٿي سگهيس.
•