وڏو ڏِڻ
شام ٿي ۽ اونداهيءَ سڄي شهر کي پنهنجيءَ چادر ۾ ويڙهي ڇڏيو. بلند ۽ عاليشان عمارتون برقي روشنيءَ سا جڳ مڳ، جڳ مڳ ڪرڻ لڳيون ۽ ماڻهو ڪرسمس جو نئون وڳو اوڍي سڙڪن تي نڪري آيا. انهن جا منهن خوشيءَ ۽ اطمينان وچان ٻهڪي رهيا هئا ۽ انهن جي وات مان شراب ۽ ڪباب جي بوءِ اچي رهي هئي. مگر مان اڪيلو، انهن سڀني هنگامن کان الڳ ويٺو انهيءَ هستيءَ متعلق سوچي رهيو هوس جنهن جي ياد ۾ هيءَ ڏينهن ملهايو پئي ويو. انهيءَ فارغ البال هستيءَ متعلق سوچي رهيو هوس جيڪو محتاج پيدا ٿيو، اڪيلو جيئرو رهيو ۽ ڦاهيءَ چاڙهيو ويو.
انهيءَ ٻرندڙ شعلي متعلق سوچي رهيو هوس جنهن کي ڪائنات جي روح، شام-ملڪ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڀڙڪايو ۽ اهو هڪ ٻئي پٺيان مختلف تهذيبن مان گذري ويل زماني جي مٿان ڦيرا پائڻ لڳو هو.
مان ڪمپني باغ پهتم، هڪ ڪاٺ جي ٺهيل بينچ تي ويهي ڪري خزان جي ساڙيل وڻن مان انهن سڙڪن کي ڏسڻ لڳم جيڪي ماڻهن سان ڀريون پيون هيون ۽ پري کان انهن آوازن کي ٻڌڻ لڳم، جيڪي ڪرسمس جي خوشين ملهائڻ وارن جي بي فڪر ۽ پُرمسرت هجوم مان اچي رهيا هئا.
هڪ ڪلاڪ تائين پنهنجي خيالن جي دنيا ۾ گم رهڻ کان پوءِ مون اک کنئي ته منهنجي سامهون بينچ تي هڪ ماڻهو ويٺو هو جنهن جي هٿ ۾ هڪ ڪاٺي هئي جنهن سان هو زمين تي ابتيون-سبتون ليڪون ڪڍي رهيو هو. مون پنهنجيءَ دل ۾ چيو ته ”هيءُ به مون جيان اڪيلائي پسند آهي.“ انهي کان پوءِ مون هن جي چهري کي غور وچان ڏٺو. ڦاٽل، پراڻن ڪپڙن ۽ ڊگهن ڊگهن وارن جي باوجود به هو جلال ۽ وقار جو مجسمو نظر اچي رهيو هو. هن محسوس ڪري ورتو ته مان هن کي غور سان ڏسي رهيو آهيان، اهڙيءَ طرح جو هو مون طرف متوجهه ٿيو. هن پرسڪون لهجي ۾ مون کي کيڪاريو ۽ مون کيس کيڪار جو جواب ڏنو.
ان کان پوءِ هو وري ڪاٺيءَ سان زمين تي ليڪون ڪڍڻ لڳو، ٿوريءَ دير بعد مان هن سان هم ڪلام ٿيس: ”ڇا توهان شهر ۾ اجنبي آهيو؟“
هن وراڻيو: ”هائو- ۽ صرف هن شهر ۾ نه، پر مان هر شهر ۾ اجنبي آهيان.“
مان کيس چيو: ”خوشيءَ جي اهڙن موقعن تي ماڻهن ۾ عام پيار ۽ همدرديءَ جا جذبات ڏسي ڪري اجنبي به پنهنجي غريب الوطنيءَ جون تڪليفون ۽ پريشانيون وساري ويهندو آهي.“
هن وراڻيو ته ”آءٌ اڄ جي ڏينهن ٻين ڏينهن کان وڌيڪ اجنبي هوندو آهيان.“ اهو چئي هو فضا ۾ گهورڻ لڳو، هن جون اکيون ڦاٽي ويون ۽ چپن ۾ چرپر پيدا ٿيس، ڄڻ ته فضا ۾ پنهنجي ڏورانهين ڏيهه جا اُهڃاڻ ڏسي رهيو هجي.
مان کيس چيو: ”اهڙن موقعن تي ماڻهو هڪٻئي سان مهربانيءَ ڀريو سلوڪ ڪندا آهن. دولت وارا محتاجن جو خيال رکندا آهن. طاقت وارا هيڻن تي رحم کائيندا آهن.“
هن وراڻيو ته هائو! ”مگر محتاج تي دولتمند جي مهرباني هڪ قسم جي خودپرستي ۽ هيڻي تي ڏاڍي جي مهرباني فخر ۽ برتريءَ جي هڪ صورت آهي.“
مون کيس چيو: ”توهان درست ٿا فرمايو مگر هڪ ڪمزور يا محتاج کي ڪهڙي ضرورت پئي آهي جو هو طاقتور يا دولتمند جي اندروني خواهشن جو اندازو لڳائي. بکايل، مانيءَ جا خواب ڏسندو آهي، ان متعلق ڪجهه به نه سوچيندو آهي ته اٽو ڪيئن ڳوهيو ويندو آهي يا ماني ڪيئن پچائي ويندي آهي.“
هن وراڻيو: ”وٺڻ وارو نٿو سوچي، مگر ڏيڻ واري کي سوچڻ کپي ۽ چڱيءَ ريت سوچڻ کپي.“
مون کي هن جي ڳالهه تي اچرج لڳو ۽ مان هن جي عجيب شخصيت ۽ پراڻي سراڻي لباس تي غور ڪرڻ لڳس. ٿوري دير خاموش رهڻ کان پوءِ مان هن ڏي ڏسي چيو ته ”توهان مون کي ضرورتمند معلوم ٿا ٿيو، اگر مان ڪجهه پئسا اوهان جي خدمت ۾ حاضر ڪيان ته قبول فرمائيندَو؟“
هن جي لبن تي غمگين مرڪ نمودار ٿي. هن وراڻيو: ”مان ضرورتمند ضرور آهيان، مگر روپين، پئسن جو نه.“
پڇيومانس: ”توهان ڇا ٿا چاهيو؟“
چيائين: ”مون کي هڪ ٺڪاڻو کپي. هڪ اهڙي جڳهه کپي، جتي مان آرام ڪري سگهان.“
مون کيس چيو: ”مون کان ڪجهه پئسا وٺو. ڪنهن هوٽل ۾ ڪرائي تي ڪمرو ملي ويندوَ.“
هن وراڻيو: ”مان هن شهر جي هڪ هڪ سراءِ ۾ ويم مگر مون کي ڪٿي به ٺڪاڻو ڪو نه مليو. مون هڪ هڪ دروازو کڙڪايو، مگر مون کي ڪو به دوست نظر ڪو نه آيو. مان هر هڪ هوٽل ۾ ويم، مگر ڪنهن به مون کي مانيءَ جو ڳڀو ڪو نه ڏنو.“
مون پنهنجيءَ دل ۾ سوچيو ته هي نوجوان به عجيب آهي، ڪڏهن ته دانائن جهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري ته ڪڏهن ديوانن جهڙيون، مگر ديوانگي جا لفظ اڃا منهنجي روح جي ڪنن تائين به ڪو نه پهتو هو ته هن مون ڏي گُهوري ڏٺو ۽ اڳي کان به بلند آواز ۾ چيائين: ”هائو مان برابر چريو آهيان ۽ جيڪو به مون وانگر هوندو، اهو پنهنجي گهر کان بي گهر، پرديسي ۽ مانيءَ ڳڀي جو محتاج هوندو.“
مون معذرت گهرڻ واري انداز ۾ کيس چيو: ”منهنجي اجائي خيال کي معاف ڪيو. مان نٿو ڄاڻان ته توهان ڪير آهيو؟ مون کي توهان جي ڳالهين تي گمان ٿي پيو هو، ڇا توهان منهنجي گهر رات گذراڻ گوارا ڪندؤ؟“
هن وراڻيو: ”مون هزار دفعا تنهنجو دروازو کڙڪايو، مگر تو هڪ دفعو به دروازو ڪو نه کوليو.“
مون کي هن جي چريائپ جو يقين ٿي ويو. مون کيس چيو: ”خير هاڻي اچو ته رات منهنجي گهر قيام فرمايو.“
تڏهن مٿو مٿي کڻي وراڻيائين ”جيڪڏهن تون مون کي سڃاڻي وٺين ته مان ڪير آهيان، ته ڪڏهن به تون مون کي دعوت ڪو نه ڏئين.“
مون کانئس پڇيو: ”توهان ڪير آهيو؟“
گهري وهندڙ پاڻيءِ جي گڙگڙاهٽ سان ملندڙ جُلندڙ آواز ۾ هن جواب ڏنو: ”مان انقلاب آهيان، جيڪو قومن جي پائمال ڪيل شين کي ٻيهر قائم ڪري ٿو. مان اهو طوفان آهيان جيڪو زماني جي بڻايل بتن کي پاڙؤن پٽي اڇلائي ٿو. مان اهو آهيان، جيڪو زمين تي امن ۽ سلامتيءَ جي لاءِ نه، پر قتل ۽ غارتگريءَ جي لاءِ آيو هجي!“
هو سڌو ٿي اٿي بيٺو. هن جو چهرو چمڪڻ لڳو ۽ هن پنهنجا ٻئي هٿ هوا ۾ بلند ڪيا. هن جي هٿ جي ترين ۾ ٽنبيل ڪوڪن جا نشان نمايان هئا. مان انهيءَ ئي وقت هن جي پيرن تي ڪري پيم ۽ دانهن ڪري چيم: ”مسيح ناصري!“
مون هن کي چوندي ٻڌو ته ”دنيا هنن رسمن سان گڏ منهنجي نالي تي خوشيءَ جو ڏينهن ملهائي ٿي، جيڪو زماني منهنجي نالي سان منسوب ڪري ڇڏيو آهي، مگر مان اجنبي آهيان. مشرق کان مغرب تائين دربدر ڦرندو وتان ۽ ڪائي قوم ناهي جيڪا منهنجي حقيقت کان واقف نه هجي!“
”لومڙين جي رهڻ لاءِ چرون آهن، پکين جي رهڻ لاءِ آکيرا آهن، مگر آدم جي اولاد جي مٿي ڇانءَ لاءِ ڪا به جڳهه ناهي.“
مون ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺو. مگر مون کي هر طرف دونهين ۽ دونهين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪين آيو، ۽ بي انتها گهراين مان نڪرندڙ آواز کان سواءِ مون کي ٻيو ڪجهه ٻڌڻ ۾ ڪين آيو.
•