ڪھاڻيون

غلامي

هي ڪتاب ”غلامي“ لبنان جي نامياري ليکڪ ۽ دانشور خليل جبران جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي جنهن جو سنڌيڪار پروفيسر عطاءُ الله ابڙو صاحب آهي.خليل جبران قانون، مذهب ۽ زماني جي غلط ريتن رسمن جي خلاف بغاوت جو آواز بلند ڪيو ۽ هڪ اهڙي معاشري جي قيام جي پُرزور حمايت ڪئي جنهن ۾ امن ۽ آشتيءَ جو راڄ هجي، جيڪو روحاني علوم سان آراسته هجي، جتي هر طرف دائمي خوشيون ۽ شادمانيون هجن ۽ پڻ هر طرف محبت جي حڪمراني هجي.
Title Cover of book غلامي

بي زبان جانور

بي زبان جانور

هڪ ڏينهن شام جو، جڏهن منهنجا خيالات منهنجي عقل تي غالب اچي ويا ته آءٌ گهر کان نڪتس ۽ شهر جي مختلف پاڙن مان گذرڻ لڳس. هڪ خالي جڳهه جي اڳيان پهچي ڪري، آءٌ بيهجي ويس، جنهن جون ڀتيون به ڪِري چڪيون هيون ۽ ٺلهه زمين جي طرف جهڪيل هئا. جڳهه جي حالت مان صاف ظاهر هو ته اها ڪافي عرصي کان غير آباد آهي ۽ ان مٿان ڪا تباهي نازل ٿيل آهي.
مون ڏٺو ته هڪ ڪتو مٽيءَ جي ڍير تي ستل، ڪمزور جسم وارو، زخمن کان چُور، جنهن کي بيمارين هڏن جو پڃرو بڻائي ڇڏيو هو. هن جون نگاهون اولهه طرف لهندڙ سج ۾ کتل هيون ۽ سندس اکين مان حسرت ۽ نااميدي بکي رهي هئي، ڄڻ ته اهو ڄاڻيندو هجي ته سج انهيءَ ويران جڳهه کان، جيڪو ڪمزور جانورن کي ايذائيندڙ ڇوڪرن جي پهچ کان ڏور هجي، پنهنجي وجود جي گرمي واپس وٺڻ شروع ڪري ڏني آهي ۽ انهيءَ ڪري هو ان کي ڏک ڀريل الوداعي نگاهن سان گهوري رهيو هو.
آءٌ آهستي، آهستي هن طرف وڌيس، پنهنجي دل جي انهيءَ خواهش سان، ته اگر مان هن جي زبان ۾ گفتگو ڪري سگهان ها ته هن جي تڪليفن تي هن کي دلاسو ڏيان ها ۽ هن مصيبت تي هن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيان ها، پر جڏهن هن جي ويجهو پهتم ته هن مون کان گهٻرائجي پنهنجي باقي بچيل سچيل قوت کي گڏ ڪري اها ڪوشش ڪئي ته هو پنهنجين ٽنگن جي سهاري ان جڳهه کان ڏور هليو وڃي جن کي بيمارين مفلوج ڪري ڇڏيو هو، ۽ موت هنن جي حفاظت ڪري رهيو هو، مگر هو پنهنجي جڳهه تان اٿي ئي ڪو نه سگهيو ۽ مون کي تڪڻ لڳو هڪ اهڙي نگاهه سان، جنهن ۾ رحم ۽ ڪرم طلبي جو مٺاس شامل هو، هڪ اهڙي نگاهه سان جنهن ۾ عاجزيءَ سان گڏوگڏ ملامت به موجود هئي، هڪ اهڙي نگاهه سان جيڪا بغير زبان جي پنهنجو ڏک درد بيان ڪري رهي هئي جيڪا انسان جي زبان کان وڌيل فصيح ۽ عورت جي ڳوڙهن کان وڌيڪ بليغ هئي.
جڏهن منهنجون نگاهون، هن جي غمگين نگاهن سان مليون، تڏهن منهنجي جذبات ۾ حرڪت پيدا ٿي ۽ احساسات بيدار ٿيا. مون انهن نگاهن کي مجسم ڪيو ۽ انساني ڪلام جو روپ پهرايو، اهي نگاهون چئي رهيون هيون:
”مون تي جيڪي ڪجهه گذري پيو اهو ئي مون لاءِ ڪافي آهي، مون انسانن جا جيترا ظلم برداشت ڪيا آهن ۽ بيمارين جون جيتريون تڪليفون سٺيون آهن، اهي مون لاءِ تمام گهڻيون آهن! وڃ! مون تي ۽ منهنجي سڪون تي رحم کاءُ! مون کي سج جي گرميءَ مان زندگيءَ جا ڪجهه لمحا حاصل ڪرڻ ڏي! مان اولادِ آدم جي ظلم ۽ سنگدليءَ کان ڀڄي ڪري، هن مٽيءَ جي ڍير تي اچي ڪريو آهيان، جيڪا انسان جي دل کان زياده نرم آهي، هن ويرانيءَ ۾ اچي لڪو آهيان، جيڪو ڀوَ ۾ هن کان گهڻو گهٽ آهي. مون کان پري ٿيءُ! تون به زمين جي انهن واسين مان آهين، جن جا فيصلا اڌورا ۽ انصاف کان خالي هوندا آهن. مان هڪ حقير جانور آهيان، مگر مون انسان جي خدمت ڪئي آهي، هن جي گهر ۾ هڪ مخلص ۽ وفادار رهيو آهيان، هن جي رفاقت ۾ مون حفاظت ۽ چوڪيداريءَ جا فرائض سرانجام ڏنا آهن، هن جي غم ۽ خوشيءَ ۾ برابر جو شريڪ ۽ هن جي غير موجودگيءَ ۾ هن کي ياد ڪندي ۽ هن جي آمد تي خوشيءَ ۾ نه ماپندو هيم. مون هن جي دسترخوان جي ٽڪرن تي قناعت ڪئي ۽ هن جي بچايل هڏين کي غنيمت سمجهيو، پر جڏهن ڪراڙو ٿي ويم، بيماريءَ منهنجي جسم ۾ پنهنجا چنبا داخل ڪري ڇڏيا، تڏهن هن مون کي پنهنجي در تان تڙي ڪڍيو، ۽ گهٽيءَ ۽ محلي جي بي رحم ڇوڪرن جو رانديڪو، بيمارين جي تيرن جو نشانو ۽ هر قسم جي غلاظت جو مرڪز بڻائي ڇڏيو.
اي آدم جي اولاد! مان هڪ ڪمزور جانور آهيان مگر مون ۾ ۽ تنهنجن انهن گهڻن ڪمزور ڀائرن ۾ هڪ خاص نسبت آهي، جن جون قوتون جواب ڏئي وينديون آهن، تڏهن هو مانيءَ جي هڪ هڪ ٽڪر جا محتاج ٿي پوندا آهن ۽ تباهه حاليءَ جي کڏن ۾ ڪري پوندا آهن.
مان انهن سپاهين مثل آهيان، جيڪي پنهنجي جوانيءَ ۾ پنهنجي وطن جي طرف کان وڙهندا آهن، ۽ موٽيل عمر ۾ هارپو ڪندا آهن، مگر جڏهن زندگيءَ جي خزان واري موسم شروع ٿي ويندي اٿن تڏهن هنن جا هٿ ۽ پير بيڪار ٿي پوندا آهن ۽ کين وساري ڇڏيو ويندو آهي.
آءٌ انهيءَ عورت وانگر آهيان، جيڪا پنهنجي جوانيءَ کي، جوان دل جي تفريح لاءِ سنواريندي سينگاريندي آهي، گهر واري بڻجي ٻارن کي پالڻ لاءِ راتيون جون راتيون جاڳندي آهي، وڏي عمر جي عورت بڻجي مستقبل جا معمار تيار ڪرڻ لاءِ مصيبتون ۽ تڪليفون برداشت ڪندي آهي، مگر جڏهن ڪراڙي ٿي ويندي آهي تڏهن مڪروهه شيءِ سمجهي ڪري کيس وساريو ويندو آهي.
”آه! اي انسان! تون ڪيڏو نه ظالم آهين، ۽ ڪيترو نه سنگدل!“
انهيءَ جانور ـــــ ڪتي ـــــ جون نگاهون ڳالهائي رهيون هيون ۽ منهنجي دل سمجهي رهي هئي! منهنجي ذهن جو اهو عالم هو جو ڪڏهن ته انهيءَ بي زبان جانور تي رحم کائي رهيو هيم ۽ ڪڏهن پنهنجي هم نسل يعني انسان جي خوفناڪ تصور تي ڏڪي پئي اٿيم.
جڏهن انهيءَ ڪتي پنهنجون اکيون ٻوٽيون، تڏهن مان هن کي پريشان ڪرڻ مناسب نه سمجهيو ۽ اتان کان هليو آيس.