ڪھاڻيون

غلامي

هي ڪتاب ”غلامي“ لبنان جي نامياري ليکڪ ۽ دانشور خليل جبران جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي جنهن جو سنڌيڪار پروفيسر عطاءُ الله ابڙو صاحب آهي.خليل جبران قانون، مذهب ۽ زماني جي غلط ريتن رسمن جي خلاف بغاوت جو آواز بلند ڪيو ۽ هڪ اهڙي معاشري جي قيام جي پُرزور حمايت ڪئي جنهن ۾ امن ۽ آشتيءَ جو راڄ هجي، جيڪو روحاني علوم سان آراسته هجي، جتي هر طرف دائمي خوشيون ۽ شادمانيون هجن ۽ پڻ هر طرف محبت جي حڪمراني هجي.
Title Cover of book غلامي

نصيحت-2

نصيحت-2

منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي ۽ ٻڌايو ته مان زماني جو اندازو پنهنجي انهيءَ چوڻيءَ سان نه ڪريان ته ”ڪلهه هيو“ ۽ ”صبحاڻي ٿيندو.“
۽ پنهنجي نفس جي نصيحت ڪرڻ کان اڳ مان ماضيءَ کي هڪ اهڙو زمانو سمجهندو هوس جيڪو ڪڏهن به واپس ڪو نه ٿو اچي ۽ مستقبل کي هڪ اهڙو وقت جنهن تائين مان ڪڏهن به پهچي ڪونه سگهندس، مگر هينئر مون ڄاڻي ورتو آهي ته موجوده پَل ئي ڪُل زمانو آهي ۽ انهيءَ ۾ ئي زماني جون اهي سڀ شيون لڌيون وڃن ٿيون، جن جي اميد ڪئي ويندي آهي، جن کي حاصل ڪيو ويندو آهي ۽ جن جي جاچ پڙتال ۽ تصديق ڪئي ويندي آهي.
***
منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي ۽ ٻڌايو ته مان جاءِ جو تعين اهو چئي نه ڪريان ته ”هِتي يا هُتي.“
۽ پنهنجي نفس جي نصيحت ڪرڻ کان اڳ جڏهن مان ڌرتيءَ جي ڪنهن هنڌ تي هوندو هوس تڏهن پنهنجو پاڻ کي ٻين سڀني جڳهن کان ڏور سمجهندو هوس مگر هاڻ مون ڄاڻي ورتو آهي ته جنهن جڳهه تي مان هوندو آهيان اها ئي ”ڪُل“ جڳهه آهي ۽ جيڪي فاصلو منهنجي قدمن هيٺان هوندو آهي، اهائي ڪُل مسافري آهي.
***
منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي ۽ ٻڌايو ته جڏهن ڳوٺ وارا آرامي ٿين، تڏهن آءٌ جاڳان، ۽ جڏهن اهي جاڳن تڏهن آءٌ سمهان.
۽ پنهنجي نفس جي نصيحت ڪرڻ کان اڳ ته مان پنهنجي ننڊ ۾ انهن جا خواب ڏسندو هوس ۽ نه اهي پنهنجي بي خبريءَ ۾ منهنجن خوابن جي نگراني ڪندا هئا، مگر هاڻ جڏهن به مان، پنهنجيءَ ننڊ ۾ ٻانهون کنڊيري اڏران ٿو تڏهن اهي منهنجي نگراني ڪن ٿا ۽ جڏهن به اهي پنهنجن خوابن ۾ پرواز ڪندا آهن تڏهن مان انهن جي آزاديءَ تي خوشيءَ وچان تاڙيون وڄائيندو آهيان.
***
منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي ۽ ٻڌايو ته مان تعريف سان خوش ۽ گلا ٻڌي ڏکارو نه ٿيان.
۽ پنهنجي نفس جي نصيحت کان اڳ جيستائين ڪو منهنجي ڪارنامن جي تعريف نه ڪندو هو يا ان مان ڪوئي عيب نه ڪڍندو هو تيستائين مان پنهنجن ڪارنامن جي قدر و قيمت کان بي خبر ۽ پريشان رهندو هوس، مگر هاڻ مون ڄاتو آهي ته ”وڻ، بهار ۾ گل ۽ گرمين ۾ ميوا ڏيندا آهن ۽ انهن کي تعريف يا خوشامد ٻڌڻ جي ڪا لالچ نه هوندي آهي. خزان ۾ انهن جا پن ڇڻي ويندا آهن ۽ سياري جي سخت سردين ۾ اهي سڙي ٺوڙها ٿي ويندا آهن، مگر تڏهن به انهن کي ٽوڪن ۽ خواريءَ جو ڪو خوف ناهي هوندو.
***
منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي. هن مون کي ٻڌايو ۽ مون تي ثابت ڪيو ته مان نه ته ڪمزورن کان وڌيڪ آهيان ۽ نه طاقتورن کان گهٽ.
۽ پنهنجي نفس جي نصيحت ڪرڻ کان اڳ مان انسان کي ٻن قسمن ۾ ورهايل سمجهندو هوس: هڪ ڪمزور مرد، جن تي رحم کائيندو هوس يا نفرت ڪندو هوس، ۽ ٻيو طاقتور مرد، جن جي اڳيان آءٌ جهڪندو هوس يا جن خلاف آءٌ بغاوت ڪندو هوس. مگر هينئر مون ڄاتو آهي ته مان انفراديءَ طور انهيءَ شيءِ مان پيدا ٿيو آهيان جنهن مان ٻيا انسان اجتماعي طور پيدا ٿيا آهن. انهيءَ اعتبار سان منهنجا جزا انهن جا جزا آهن، منهنجو ضمير انهن جو ضمير، منهنجا مسئلا انهن جا مسئلا ۽ منهنجي منزل انهن جي منزل آهي. هاڻ جيڪڏهن اهي ڏوهه جو ڪو ڪم ڪن ٿا ته ڏوهي مان به سڏبس ۽ جي هو ڪو نيڪيءَ جو ڪم ڪن ٿا ته انهيءَ تي مان به فخر ڪندس. جيڪڏهن هو اٿن ٿا ته انهن سان گڏ مان به ٿو اٿان، پر جي هو ويهن ٿا ته انهن سان گڏ آءٌ به ويهان ٿو.
***
منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي. هُن مون کي ٻڌايو ۽ سمجهايو ته جيڪو ڏيئو منهنجي هٿ ۾ آهي، اهو منهنجو ڪين آهي ۽ هيءُ جيڪي گيت مان ڳائي رهيو آهيان، اهي منهنجي اندران ناهن نڪتا.
۽ جيڪا به تون هيءَ روشني ڏسي رهيو آهين، اها مون مان ناهي نڪتي. آءُ صرف هڪ ڇڪيل تارن جي سارنگي آهيان ليڪن سارنگي نواز نه آهيان.
***
منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي.
منهنجا ڀاءُ!
۽ مون کي سيکاريو، پاڙهيو.
۽ تنهنجي نفس به توکي نصيحت ڪئي،
۽ توکي سيکاريو، پاڙهيو.
پوءِ تون ۽ مان هڪٻئي سان ملندڙ جلندڙ آهيون. اسان ٻنهي ۾ سواءِ هن جي ٻيو ڪو به فرق نه آهي، ته مان پنهنجيءَ دل جي ڳالهه چئي رهيو آهيان مگر تون پنهنجيءَ دل جي ڳالهه لڪائي رهيو آهين، ان ڪري منهنجي ڳالهه بي مزي ۽ تنهنجي ڳالهه نهايت وڻندڙ ۽ وڌيڪ اثرائتي آهي.

•••
(پورو ٿيو.)