انصاف
هڪ رات بادشاهه جي محل ۾ شادي هئي ۽ مهمانن جي اچ وڃ لڳي پئي هئي. ايتري ۾ هڪ شخص ايندڙن سان گڏ آيو ۽ بادشاهه کي ادب کي احترام سان سلام ڪيائين. موجود ماڻهن حيرت وچان ان ڏانهن ڏٺو، ڇو ته هن جي هڪ اک غائب هئي ۽ ڦٿل اک مان رت وهي رهيو هوس.
بادشاهه کانئس پڇيو: ”هيءُ توکي ڇا ٿيو؟“
هن شخص جواب ۾ عرض ڪيو: ”جهان پناهه! آءٌ چور آهيان. پنهنجي عادت مطابق اڄ رات اونداهيءَ کي غنيمت سمجهندي هڪ صراف جي دڪان ۾ چوري ڪرڻ ويس، مگر رستو ڀلجي پيس ۽ صراف جي بجاءِ ان جي پاڙيسريءَ ڪوريءَ جي دڪان ۾ گهڙي پيس. مان ڀڄڻ لاءِ موٽيس مگر اونداهي اهڙي ته غضب جي هئي جو هٿ نه ڏسي هٿ کي. اهڙي طرح ڪوريءَ جي آڏاڻي جي ٻاهر وڌيل ڪلي منهنجي اک ۾ لڳي ۽ مان هينئر سائين جن جي خدمت ۾ ان لاءِ حاضر ٿيو آهيان ته ڪوريءَ جي معاملي ۾ مون سان انصاف ڪيو وڃي.“
بادشاهه سپاهي موڪلي ڪوريءَ کي گهرايو ۽ حڪم ڏنائين ته ڪوريءَ جي اک ڪڍي وڃي.
ڪوريءَ چيو: ”جهان پناهه! توهان بلڪل صحيح فيصلو ڪيو آهي. انصاف جي گُهر به اهائي آهي ته منهنجي اک ڪڍي وڃي پر سائين جن کي منهنجو مؤدبانه عرض آهي ته مون کي پنهنجي روزگار ڪرڻ لاءِ ٻنهي اکين جي ضرورت آهي، ڇو ته جيڪو ڪپڙو مان اڻندو آهيان، ان جي ٻنهي ڪيِنُن کي انهن سان ڏسندو آهيان، البته هڪ موچي منهنجو پاڙيسري آهي جنهن کي مون جيان ٻه اکيون آهن، مگر هن کي پنهنجي ڪم لاءِ هڪ ئي اک جي ضرورت آهي. جيڪڏهن سائين جن چاهين ته هن کي گهرائين ۽ انصاف جو مانُ مٿانهون ڪرڻ لاءِ هن جي هڪ اک ڪڍرائي ڇڏن.“
بادشاهه انهيءَ وقت موچيءَ کي گهرايو ۽ جڏهن هو حاضر ٿيو، ته هن جي هڪ اک ڪڍرائي ڇڏيائين.
۽ اهڙيءَ طرح انصاف جي گُهر پوري ڪئي وئي.
•