نصيحت-1
۽ منهنجي نفس جي نصيحت ڪرڻ کان اڳ محبت مون لاءِ هڪ ڪچي ڌاڳي مثل هئي جيڪو ڀرسان کتل ٻن ڪوڪن جي وچ ۾ ڇڪيل هيو مگر هاڻ انهيءَ هڪ گهيري جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، جنهن جي ابتدا، انتها ــــ ابتدا، جيڪا هر جيوَ کي وڪوڙي ٿي ۽ آهستي آهستي ڦهلجي رهي آهي ته جيئن اڳتي جو به ڪائنات ۾ قدم رکڻ وارو هجي ته انهيءَ کي پنهنجي ڀاڪر ۾ پناهه ڏئي.
***
منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي ۽ ٻڌايو ته مان انهيءَ حسن تي نظر رکان جيڪو صورت، رنگ ۽ کل جي پٺيان لڪل آهي، جنهن کي ماڻهو مڪروهه سمجهن ٿا ۽ انهيءَ کي بصيرت جي اک سان ايستائين ڏسندو رهان، جيستائينڪ ان جو حسن مون تي ظاهر نه ٿي وڃي.
۽ پنهنجي نفس جي نصيحت ڪرڻ کان اڳ مان انهيءَ حسن کي گهٽ، وڌ ٿيندڙ شعلن جي صورت ۾ ڏسندو رهندو هوس جيڪي دونهين جي بادلن ۾ ڍڪيل هوندا آهن مگر هاڻ دونهون ڇڄي فنا ٿي ويو آهي ۽ مان صرف روشن شين کي ئي ڏسڻ لڳو آهيان.
***
منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي ۽ مون کي انهن آوازن تي ڪَن لڳائڻ سيکاريو جيڪي نه ڪنهن زبان مان نڪتا هئا ۽ نه ڪنهن نڙيءَ مان.
۽ پنهنجي نفس جي نصيحت ڪرڻ کان اڳ مان ڪنن جي گهٻراهٽ جو مريض هوس. جنهن کي گوڙ-گهمسان، دانهن، فريادن کان سواءِ ڪجهه به ٻڌڻ ۾ ڪين ايندو هو، مگر هاڻ مون کي خاموشيءَ تي ڪّن لڳائڻ اچي ويو آهي. هاڻ مان خاموشيءَ جي پکين کي زماني جا گيت ڳائيندي، فضا جون تسبيحون پڙهندي ۽ غيب رازن جو اعلان ڪندي ٻڌندو آهيان.
***
منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي ۽ ٻڌايو ته مان اهو شراب پِيان جيڪو اڃا نه بڻايو ويو هجي، نه پيالن ۾ اوتيو ويو هجي، نه هٿن ۾ کنيو ويو هجي ۽ نه چپن تي رکيو ويو هجي.
۽ پنهنجي نفس جي نصيحت ڪرڻ کان اڳ منهنجي اُڃ، خاڪ جي ڍير ۾ هڪ معمولي چڻنگ مثل هئي، جنهن کي مان کوهه جي ٿورڙي پاڻيءَ يا آويءَ ۾ پڪل مَٽ جي هڪ ڍڪ سان اجهائيندو هوس. مگر هاڻ منهنجو شوق، منهنجو پيالو، منهنجي اُڃ، منهنجو شراب ۽ منهنجي تنهائي منهنجو نشو ٿي وئي آهي، ان جي باوجود به مان ڍاپان نٿو ۽ نه ڪڏهن ڍاپي به سگهندس، مگر انهيءَ ڪڏهن نه به اجهامندڙ اڃ ۾ مون لاءِ هڪ لازوال مسرت آهي.
***
منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي ۽ ان خوشبوءِ کي سنگهڻ سيکاريو، جيڪا نه گلن مان ڦٽندي آهي ۽ نه آتش دانن مان اڀرندي آهي.
۽ پنهنجي نفس جي نصيحت ڪرڻ کان اڳ مان انهيءَ خوشبوءِ جو عاشق هيس جنهن کي مان باغن، شيشن ۽ عطردانن ۾ تلاش ڪندو هوس، مگر هاڻ مان اها خوشبوءِ سنگهڻ لڳو آهيان جيڪا نه دکائي ويندي آهي، نه اوتي ويندي آهي، ۽ پنهنجي سيني کي انهن پاڪ ساهن سان ڀرڻ لڳو آهيان جيڪي هن دنيا جي ڪنهن به باغ کان ناهن گذريا ۽ جنهن کي هن فضا جي ڪنهن به هوا پنهنجي ڪلهن تي ناهي کنيو.
***
منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي ۽ ٻڌايو ته جڏهن ڪو به اڻ سڃاتل آواز سڏي يا ڪوئي خطرو آواز ڏئي ته مان ”لبيڪ“ چوان.
۽ پنهنجي نفس جي نصيحت ڪرڻ کان اڳ مان انهيءَ سڏڻ واري جي آواز تي اٿندو هوس، جنهن کي مان سڃاڻندو هوس ۽ انهن رستن تي هلندو هوس جن بابت مون کي ڄاڻ هئي ته هي آسان آهن. مگر هاڻ ڄاڻَ مون لاءِ هڪ گاڏي بنجي وئي آهي، جنهن تي سوار ٿي مان اڻ ڄاتل منزل طرف ويندو آهيان ۽ آساني منهنجي لاءِ هڪ ڏاڪو بڻجي وئي آهي جنهن تي چڙهي ڪري مان خطري تائين پهچندو آهيان.
•