مهاڳ
ٻي ٻوليءَ جي لکڻيءَ جو، پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي هڪڙي نيت اها به هوندي آهي ته ان لکڻيءَ ۾ اهڙن سياسي، سماجي، مذهبي، انساني يا ٻين اهڙن مسئلن جي ڇنڊڇاڻ ڪيل هوندي آهي، جي اسان جي پنهنجي ملڪ جا جيئرا جاڳندا ۽ ٻوساٽيندڙ مسئلا هوندا آهن.
هن ڪتاب جي ”چريو“ ڪهاڻيءَ ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته پادري مذهب جي نالي ۾ وڏا جاگيردار ۽ سرمائيدار بنجي ٿا وڃن ۽ سونَ ۽ چانديءَ جا ڍير ڪٺا ٿا ڪن. هو خيالي هستين جي نالي ۾ پورهيتن کي جاهل رکن ٿا ۽ هنن تي ڏمر ڪن ٿا، هنن مٿان وحشي ظلم ڪن ٿا، هنن کي وهمن ۾ ورتل، پيڙيل ۽ نپوڙيل بنائن ٿا.
خليل جبران جي خيال موجب، پادري مڪاريءَ ۽ منافقيءَ جا مجسما آهن. پادري ۽ حڪمران، هڪٻئي جا ڀيچي ۽ مددگار ٿيندا آهن ۽ گڏجي پورهيت کي پيڙيندا ۽ چيپاٽيندا آهن. ان ڪري پاڻ پورهيتن ۽ هارين تي وڌيڪ ڏچو ٿئي ٿو. جبران پادرين جي ظلمن ۽ قهرن جا داستان لکيا آهن.
هُو مذهبي پيشوائن جي خلاف، پنهنجي شاديءَ واري واقعي ڪري ٿيو. هُو بنيادي طرح مذهب جو مخالف نه ٿو ڏسجي، پر مذهبي پيشوائن ۽ مذهب جي نالي ۾ اٻوجهن ۽ پورهيتن کي ڦرڻ ۽ انهن تي ظلم ڪرڻ وارن جو جاني دشمن ۽ سخت مخالف ٿو ڏسجي، ۽ اهو شايد ان ڪري، جيئن پاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ واري ناول ”ڀڳل کنڀڙاٽيون“ ۾ لکيو اٿائين ته هن جو هڪ دولتمند جي ڌيءُ سلما ڪريميءَ سان پيار هو ۽ هُن سان شادي ٿيڻ واري هئس، پر ان وچ ۾ بيروت جي وڏي پادريءَ، سلما جي ٻانهن پنهنجي ڀائٽي لاءِ گهري، ۽ سلما جي پيءُ، مرضي نه هوندي به، صرف مذهبي خوف ۽ عقيدتمنديءَ ڪري، سلما جي ٻانهن پادريءَ جي حوالي ڪئي.
ان تي جبران پنهنجي پيار واسطي عملي طرح ڪجهه نه ڪيو ۽ اهڙي ڏاڍائيءَ ۽ نا انصافيءَ تي ڪو بغاوتي قدم ڪو نه کنيائين، جيتوڻيڪ هن جي دعويٰ هئي ته پيار انسان ۾ پهاڙ جيڏو حوصلو ۽ اڪيلي سر دنيا جو مقابلو ڪرڻ جو اتساهه پيدا ڪري ٿو. هو رڳو زباني شڪايتون ڪندو رهيو ۽ مذهب جي ٺيڪدارن خلاف ڪاغذ ڪارا ڪيائين.
مذهب طبقاتي سماج جي پيداوار آهي، ۽ جبران جو مذهبي ٺيڪدارن کي لوئڻ مان پڙهندڙ، هن جي طبقاتي شعور طرف اشارو سمجهي ٿو. هن کي طبقاتي سماج ۽ ذاتي ملڪيت جي مخالفت کي اوليت ڏيڻ کپندي هئي، ڇو ته جتي غير طبقاتي سماج هوندو ۽ ذاتي ملڪيت جي موڪل نه هوندي، اتي مذهب پاڻمرادو مٽجي ويندو.
”ڀڳل کنڀڙاٽيون“ ناول ۾ خليل جبران جو پنهنجو ڪردار، رضا تي راضي رهڻ ۽ قسمت جو لکيو سمجهي ماٺ ڪري ويهڻ وارو آهي. هن جو ڪردار، هن جي پنهنجي مذهب عيسائيت جي پيغمبر حضرت عيسيٰ جي ڪردار سان مشابهت رکي ٿو. ايئن ٿو لڳي ته هي ڄڻ بيحس، بيجان، ويچارو ۽ ڪمزور شخص هو، جنهن ۾ نه زندگيءَ جو اهڃاڻ ۽ نه زندگيءَ جو اتساه هو، نه جوش نه جولان، نه هلچل نه هنگامون، نه جاکوڙ نه جنگ، نه عمل نه چرپر، نه تنظيم نه تحريڪ، نه مقابلو نه مخالفت، برائيءَ کي خاموشي سان ڏسڻ Passive Resistance to Evil وارو ڪردار. حضرت عيسيٰ ظلم ڪرڻ وارن اڳيان ماٺ اختيار ڪئي. هن جي مٿي تي ڪنڊن جو تاج ٺاهي رکيائون، هن کي ٿنڀ سان ٻڌي منهن تي چماٽون هنيائون ۽ ڦٽڪن سان زخمي ڪيائون، هن کي صليب تي چاڙهيائون، پر هن جو هر حالت ۾ ڪاغذي بوتي جهڙو موٽ عمل رهيو. هن جي مقابلي ۾ اسلام جي پيغمبر جي ساري جيون عمل ۽ پتوڙ سان ڀرپور آهي، جنگ ۽ جاکوڙ جو عملي مثال آهي، هڪ هڪ ڏينهن تنظيم ۽ تحريڪ جو ثبوت آهي، مقابلا ۽ جنگ جا ميدان، سفر ۽ جاکوڙ جي زندگي، محنت ۽ هل هلان، گهر ٻار جي مسئلن کي منهن ڏيڻ، مشورا ۽ ڪچهريون، پنهنجي مقصد ۽ نظريي خاطر هٿ پير هلائيندو رهڻ.
هن دور جي تقاضائن لاءِ، اسان واسطي عيسائيت جي پيغمبر جي زندگي اسان لاءِ ڪا به رهنمائي مهيا ڪري نه ٿي سگهي.
چرپر ئي ته جيون آهي.
اسان جي ملڪ ۾ مذهب جي نالي ۾ زمينداري ۽ سرمائيداري جائز ٺهرائي، طبقاتي سماج قائم رکيو ٿو وڃي. مذهب ۽ شريعت جي اوٽ ۾ پورهيت، ننڍين قومن ۽ عورتن کي پراڻي زماني جي زنجيرن ۾ جڪڙيو ٿو وڃي، سياست ۾ ٽنگ اڙائي، عوام کي سياسي اپاهج بنائن ٿا، مذهب جي نالي ۾ انقلاب ۾ رڪاوٽون وجهن ٿا، ماڻهن کي اوسر جي شاهراهه وٺڻ بدران، وهم پرستيءَ جي پراڻن پيچرن جو ڏس ڏين ٿا، سائنسي سوچ ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کان پري رکڻ واسطي ماڻهن جي اکين تي جهالت جون پٽيون ٻڌن ٿا، عوام کي نظرياتي ساڃهه، قومي شعور ۽ سياسي سجاڳيءَ کان وانجهيل رکن ٿا. مذهبي پڳدار آمريت سان ها ۾ ها ملائي پنهنجا کيسا گرم ڪن ٿا.
هن ڪتاب جي هڪڙي ٻي لکڻي؛ ”مائٽن جو موت“ جبران جو هڪ تاثراتي مضمون آهي. ان ۾ هو پنهنجي ديس لبنان کان ست سمنڊ پري رهي، پنهنجي وطن کي ياد ڪري ٿو. ان ۾ هن لبنان جي رهاڪن جي جيڪا گذراني حالت ۽ سياسي غلاميءَ جي ڪيفيت ڏيکاري آهي، ۽ ان باري ۾ جيڪي انديشا بيان ڪيا آهن، هن وقت لبنان جي ان کان گهڻو وڌيڪ تباهي ٿي رهي آهي.
آمريڪي ۽ يهودي سازشن هيٺ، فلسطين کي پنهنجي ڌرتي ڇڏڻي پئي. هنن مان گهڻا لبنان ۽ خاص ڪري ان جي گاديءَ جي هنڌ بيروت ۾ اچي پناهگير ٿي ويٺا، پوءِ مٿين سامراجين اهڙو چڪر هلايو جو ٻارهن چوڏهن سالن کان بيروت جون گهٽيون ۽ رستا رت جون نديون ۽ تلاءَ بنجي ويا آهن. بيروت، جو دنيا جي خوبصورت ۾ خوبصورت شهرن مان هو، سو کنڊر ۽ قبرستان بنجي ويو آهي، ۽ لبناني سوچي رهيا آهن ته اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو اسان جي ڌرتيءَ تي قتل، خون ۽ تباهيءَ جي راند مچائي ويئي آهي ۽ اسان کي ماريو ۽ کاريو پيو وڃي، اسان ته پنهنجي انسانيت ۽ مهمان نوازي ڏيکاري، ڌارين کي پناهه ڏني، پر اسان جي ڌرتيءَ کي جنگ جو ميدان بنايو ويو آهي، جتي جدا جدا قومن ۽ جدا جدا مذهبن ۽ جدا جدا ٻولين جا ماڻهو لڙي رهيا آهن، اسان جي جنت جهڙي ديس کي دوزخ بنايو ويو آهي ۽ اسان لبنانين کي ناس ۽ نابود ڪيو پيو وڃي، انهن ڌارين کي جي وڙهڻو آهي ته وڃي پنهنجي ديس تان وڙهن، اسان جي زمين کي ڇو داغدار بنائي رهيا آهن!
هن وقت، جيڪي ڌاريون قومون ۽ قوتون، بيروت ۾ خونريزي، رتوڇاڻ ۽ تباهي مچائي ويٺيون آهن، سي هي آهن: سريا جون فوجون، يهودي ۽ اسرائيل جون فوجون، فلسطيني، گڏيل قومن جون امن فوجون، آمريڪا ۽ ٻين سامراجين جون فوجون.
ڌارين هتي جي اصلوڪن رهاڪن، لبنانين، کي به هڪٻئي جو ويري بنائي ڇڏيو آهي، ۽ انهن جون هيٺيون پارٽيون ۽ ٽوليون هڪٻئي کي قتل ڪنديون رهن ٿيون ۽ هڪٻئي جي رت جون پياسيون ٿي پيون آهن، مارونائيٽ عيسائي، فلينجز، لبناني فوج، سني، شيعا، ڊروز مسلمان، ڪرسيچين مليشا.
انهن خونريزن ۽ فسادن ڪري، ڏينهن رات جا چوويهه ئي ڪلاڪ بيروت ۾ ڌماڪا ٿيندا رهن ٿا، بم ڦاٽندا رهن ٿا، ماڻهن جون آهون ۽ دانهون ٿينديون رهن ٿيون، جايون ۽ عمارتون ڊهنديون ۽ ڍير ٿينديون رهن ٿيون، ڪڏهن باهين جا ڀڀڙ آهن ته ڪڏهن دونهين جا ڪارا ڪڪر، ماڻهو مرندا رهن ٿا، رت وهندو رهي ٿو، بک ۽ بيماريءَ جو راڄ آهي، ڪاوربار بند آهن، نه ملڪيت جي سلامتي آهي، نه عزت جي، نه روزگار جي ۽ نه حياتيءَ جي.
ساڳي حالت سنڌ جي اچي ڌارين ڪئي آهي. ان ڪري ئي ته چيو وڃي ٿو ۽ خبردار ڪيو وڃي ٿو ته ڪراچي بيروت ٿيندو پيو وڃي.
بيروت سميت لبنان جي هاڻوڪين حالتن ۾ خليل جبران ڪنهن کي به ياد ڪانهي. هن پنهنجن ماڻهن کي نه قومي شعور ڏنو ۽ نه طبقاتي شعور، پر سنڌ جي قومي شاعر شاهه لطيف اول ئي اسان کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي ته ٻاهريان، ڌُريان ئي ڌاريا آهن، اهي ڪڏهن به اسان جا سڄڻ ڪو نه ٿيندا، ان ڪري انهن کي هر حالت ۾ هتان ٽپڙ کڻائڻا آهن.
هاڻي هن ڪتاب جي باقي لکڻين جي باري ۾ عام رايو لکندس.
خليل جبران جي ڪهاڻيءَ يا ناول ۾ ڏسبو آهي ته هن جو هر ڪردار، گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي گفتگوءَ مان شاعر ۽ فيلسوف آهي، پوءِ اهو سڃو هجي يا سرمائيدار، مرد هجي يا عورت، پڙهيل هجي يا اڻپڙهيل، شهري هجي يا ڳوٺاڻو.
هو ڪهاڻي ۽ ناول لکندي هر ڳالهه، هر چيز، ۽ هر شخص جو بيان ڪندي، خوبصورت لفظن، رنگين ٻولي، سهڻين تشبيهن، سندر جملن، ٺهڪندڙ اصطلاحن ۽ موزن مثالن ڪتب آڻڻ ۾ ايترو غرق ٿو ٿي وڃي، جو اصل ۽ ڪم جي ڳالهه ڪرڻ هن کان وسريو وڃي، ان ڪري نه رڳو ڪهاڻيءَ جي رفتار ۾ رخنو پئجيو وڃي، پر ايتري ڊيگهه ۽ پٽاڙ واري لکڻي اهڙي ٿڪائيندڙ ۽ بيزار ڪندڙ ٿئي ٿي، جو پڙهندڙ جي مٿي ۾ سور پئجيو وڃي. عياشيءَ جي شوق ۾ ماڻهو هن کي پڙهي ۽ برداشت ڪري سگهي ٿو، جيئن مشاعرن ۾ ”واهه، واهه“ ڪرڻ هوندو آهي.
مون جڏهن ڪتاب ”پهاڙن ۾ پڪار“ ۾ خليل جبران جون ڪهاڻيون ترجمو ڪيون هيون، ته انهن ۾ اهڙا پٽاڙ ۽ ڊيگهه وارا ۽ غير ضروري ٽڪرا اورانگهيندو ويس، جنهنڪري اهي ڪهاڻيون پڙهڻ جهڙيون ٿي پيون.
عام طرح خليل جبران جون لکڻيون وعظ، نصحيت، فسلفي ۽ شاعريءَ جو مڪسچر آهن.
هي سنڌي ترجمو سادو، سلوڻو ۽ مناسب ٻوليءَ ۾ آهي.
جيئي سنڌ.
نجم عباسي
13 نويمبر 1987