ڪھاڻيون

غلامي

هي ڪتاب ”غلامي“ لبنان جي نامياري ليکڪ ۽ دانشور خليل جبران جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي جنهن جو سنڌيڪار پروفيسر عطاءُ الله ابڙو صاحب آهي.خليل جبران قانون، مذهب ۽ زماني جي غلط ريتن رسمن جي خلاف بغاوت جو آواز بلند ڪيو ۽ هڪ اهڙي معاشري جي قيام جي پُرزور حمايت ڪئي جنهن ۾ امن ۽ آشتيءَ جو راڄ هجي، جيڪو روحاني علوم سان آراسته هجي، جتي هر طرف دائمي خوشيون ۽ شادمانيون هجن ۽ پڻ هر طرف محبت جي حڪمراني هجي.
Title Cover of book غلامي

مائٽن جو موت

مائٽن جو موت

منهنجا مائٽ مري ويا ۽ مان زندگيءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل تنهائيءَ ۾ انهن تي ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهيان.
منهنجا دوست موت جي ننڊ سمهي رهيا ۽ انهن کان پوءِ منهنجي زندگي دک درد جو باب بڻجي وئي.
منهنجا مائٽ ۽ دوست زمين جو حصو بنجي ويا، ۽ منهنجي وطن جا پهاڙ رت ۽ ۽ ڳوڙهن ۾ ٻڏي ويا، مگر مان هتي اهڙيءَ طرح زندگي گهاري رهيو آهيان جهڙيءَ طرح هُن زماني ۾ بسر ڪندو هوس، جڏهن منهنجا مائٽ ۽ دوست زندگيءَ جي ڪلهن تي سوار هئا ۽ منهنجي وطن جا پهاڙ سج جي روشنيءَ سان روشن هئا.
منهنجا مائٽ بکن ۾ مري ويا ۽ جيڪو انهن مان بک وگهي ڪو نه مئو، انهيءَ کي تلوار سان ماريو ويو، ۽ مان هن ڏورانهين ڏيهه ۾ انهن ماڻهن ۾ هلي چلي رهيو آهيان جيڪي مسرت ۽ شادمانيءَ جي تصوير آهن، جيڪي پُرتڪلف کاڌا کائين ٿا ۽ بهترين مشروب پين ٿا، جيڪي شاندار بسترن تي فرحت ۽ آرام جي ننڊ سمهن ٿا، جيڪي زماني سان دل لڳي ڪن ٿا ۽ زمانو انهن سان دل لڳي ڪري ٿو.
منهنجا مائٽ نهايت ذلت جو موت مئا، مگر مان هتي عيش ۽ سلامتيءَ جي زندگي گهاري رهيو آهيان ۽ هيءُ اهو غم جو قصو آهي جيڪو منهنجي ذهن جي اسٽيج تي کيڏيو پيو وڃي.
جيڪڏهن مان پنهنجن بکين مائٽن سان گڏ بکيو هجان ها ۽ پنهنجي مظلوم قوم سان گڏ سور ۽ سختيون برداشت ڪيان ها ته ڏينهن جا قدم منهنجي سيني تي ايترا وزني ۽ راتيون منهنجي اکين ۾ ايتريون اونداهيون نه هجن ها، ڇاڪاڻ ته ڪو به مصيبت ۽ مجبوريءَ ۾ پنهنجن مائٽن جو ساٿ ڏيندو آهي ته هو هڪ اهڙي پوتر تسڪين محسوس ڪندو آهي جيڪا جذبهء شهادت سان ئي پيدا ٿيندي آهي، بلڪه هو پنهنجو پاڻ تي فخر ڪندو آهي ڇو ته بيگناهن سان گڏ بيگناهه ئي مرندو آهي، ليڪن مان پنهنجي بکي ۽ مظلوم قوم سان گڏ نه آهيان جيڪا موت جي جلوس سان گڏوگڏ شهادت، ڀلائيءَ ۽ بزرگيءَ طرف وڃي رهي آهي، بلڪه هت ست سمنڊ پار، سڪون جي پاڇي ۾ ۽ سلامتيءَ جي پاسي ۾ گهاري رهيو آهيان. هت مان مصيبت توڙي مصيبت جي ماريلن کان پري آهيان ۽ پنهنجي ڪنهن به شيءِ تي فخر نٿو ڪري سگهان. ايتريقدر جو پنهنجي وهايل ڳوڙهن تي به نه!
هڪ پرديسي، جو پنهنجي وطن کان تمام گهڻو پري هجي، پنهنجي بکايل مائٽن جي ڪهڙي مدد ڪري ٿو سگهي؟
ڪاش! مان ڄاڻان ها ته شاعر جي دانهن ۽ ماتم جو فائدو ڇا آهي؟
ـــــ اگر مان پنهنجي وطن جي باغن ۾ پڪل ميوو هجان ها ته بکايل عورت مون کي پٽي پنهنجي پيٽ جي باهه وسائي ها.
ـــــ اگر مان پنهنجي وطن جي فضا ۾ هڪ پکي هجان ها ته بکايل مرد مون کي شڪار ڪري منهنجي جسم جي ذريعي پنهنجي جسم کان قبر جو پاڇو پري ڪري ها!
ـــــ اگر مان پنهنجي وطن جي زمين ۾ ڪڻڪ جو سنگ هجان ها ته بکايل ٻار مون کي ڀڃي ها ۽ منهنجن داڻن سان موت جو هٿ پنهنجي سيني کان هٽائي ها!
مگر ڪيتري نه افسوس جي ڳالهه آهي جو مان پنهنجي وطن جي زمينن ۾ ڪڻڪ جو سنگ به نه آهيان ۽ نه پنهنجي وطن جي وادين ۾ پڪل ميوو ۽ اها ئي منهنجي بدقسمتي آهي. ۽ هيءَ اها ئي گونگي آزمائش آهي جيڪا منهنجي پنهنجي وجود کي رات جي پاڇولن اڳيان ذليل ۽ حقير ڪري رهي آهي.
هيءُ اهو ئي غمناڪ واقعو آهي جنهن منهنجي زبان تي تالو لڳائي ڇڏيو آهي، منهنجي هٿن کي جڪڙي ڇڏيو آهي ۽ مان هن حال ۾ بيٺو آهيان، جو نه مون وٽ ڪو عزم ۽ ارادو آهي ۽ نه عمل!
***
ماڻهو مون کي چون ٿا ته ”تنهنجي ملڪ جي تباهي دنيا جي تباهيءَ جي هڪڙي حصي کان سواءِ ٻيو ڇا آهي؟ ۽ تنهنجي ملڪ ۾ وهايل رت ۽ ڳوڙها ڇا آهن سواءِ انهيءَ ڳوڙهن ۽ رت جي درياءَ جي چند قطرن جي، جيڪو دنيا جي وادين ۽ ميدانن ۾ ڏينهن ۽ رات ڇوليون هڻندو رهي ٿو.
هيءُ سچ آهي! ليڪن منهنجي ملڪ جي بربادي، خاموش بربادي آهي. منهنجي ملڪ جي بربادي اهو گناهه آهي جنهن جي نتيجي ۾ نانگ ۽ ازدها جنم وٺن ٿا. منهنجي ملڪ جي بربادي انهيءَ غم مثل آهي جنهن ۾ نه گيت آهن، ۽ نه نظارا.
اگر منهنجي قوم ظالم حاڪمن جي خلاف ڀڙڪي اٿي ها، بغاوت ۽ سرڪشيءَ جي ڏوهه ۾ مارجي وڃي ها، ته مان چوان ها ته آزاديءَ جي راهه ۾ مرڻ غلاميءَ جي پاڇي ۾ جيئڻ کان بهتر آهي ۽ جو ڪوئي به تلوار جي هٿان موت کي ڀاڪر پائي ٿو اهو حق سان گڏ غيرفاني ٿي ٿو وڃي.
جيڪڏهن منهنجي قوم، قومن جي جنگ ۾ حصو وٺي ها ۽ هن جو هڪ، هڪ ٻچو ميدان-جنگ ۾ قربان ٿي وڃي ها ته مان چوان ها ته هيءَ هڪ تيز طوفان هو جنهن پنهنجي زور تي سُڪين توڙي ساين ٽارين کي هڪ ئي وقت ڀڃي اڇلي ڇڏيو آهي ۽ طوفاني شاخن ۾ دٻجي مرڻ ٻڍاپي جي جهوليءَ ۾ ساهه ڏيڻ کان بهتر آهي.
اگر زمين ۾ زلزلو اچي ها جنهن جي اثر کان منهنجو ملڪ اونڌو ٿي پوي ها ۽ منهنجا رشتيدار ۽ دوست مٽيءَ ۾ دٻجي وڃن ها ته مان چوان ها ته هي مخفي قانون آهن جيڪي انساني قوتن کان مٿي، هڪ طاقت جي اثر هيٺ حرڪت ڪري رهيا آهن، ان ڪري جهالت چئبي جو اسان انهن رازن ۽ رمزن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
مگر منهنجا مائٽ بغاوت جي ڏوهه ۾ ناهن مئا، انهن وڙهندي جان ناهي ڏني، ۽ نه انهن جو ملڪ زلزلن جي نتيجي ۾ مسمار ٿيو آهي، پر اهي غلاميءَ جي ڀينٽ چڙهيا آهن.
منهنجا مائٽ سوريءَ چاڙهيا ويا، جو انهن جا هٿ، سڄي، کٻي لڙڪيل هئا ۽ هنن جون اکيون فضا ۾ ڏسي رهيون هيون.
ــــــ اهي بي زبان ماريا ويا، اهڙيءَ طرح جو هو پنهنجن دشمنن سان بزدلن وانگر محبت ۽ پنهنجن چاهيندڙن سان منڪرن وانگر نفرت به ڪري نه سگهيا.
ــــــ اهي ان خاطر ماريا ويا ڇو ته اهي گنهگار ڪو نه هئا.
ــــــ اهي ان خاطر ماريا ويا ڇو ته هنن ظالمن تي ظلم ڪو نه ڪيو هو.
ــــــ اهي ان خاطر ماريا ويا ڇو ته اهي صلح پسند هئا.
ــــــ اهي هن ڌرتيءَ تي بکيا ماريا ويا، جنهن ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نهرون وهن ٿيون.
ــــــ اهي ان لاءِ ماريا ويا ته دوزخي بلائن انهن جي فصلن ۾ چرندڙ سڀني چوپاين ۽ انهن جو ذخيرو ڪيل سمورو اناج هڙپ ڪري ڇڏيو.
ــــــ اهي ان خاطر ماريا ويا ڇو ته زهريلن نانگن انهن جي فضائن کي پنهنجن زهريلن ڦوڪارن سان زهريلو ڪري ڇڏيو، جيڪا چنبيلي، گلاب ۽ صنوبر جي خوشبوئن سان هٻڪاريل هئي.
اي اهلِ شام! منهنجا ۽ توهان جا مائٽ مري ويا، مگر جيڪي انهن مان بچي ويا آهن، ٻڌايو! اسان انهن لاءِ ڇا ڪيون؟
اسان جون آهون ۽ دانهون انهن جي اُکڙندڙ آخري ساهن کي نٿيون روڪي سگهن ۽ اسان جا ڳوڙها انهن جي شديد اُڃ کي نٿا اُجهائي سگهن.
هاڻي ٻڌايو! اسان انهن کي بک ۽ اُڃ کان بچائڻ لاءِ ڇا ڪريون؟
ڇا اسان شڪ ۽ گهٻرائٽ، غفلت ۽ بي پرواهيءَ جي عالم ۾ هن نازڪ ترين حادثي کان اکيون ٻوٽي، زندگيءَ جي حقير ۽ معمولي ڪمن ۾ مشغول رهون؟
اي منهنجا شامي ڀائرو! اهو جذبو جيڪو توهان کي پنهنجي مرڻ ويجهو ڀائرن جي مدد واسطي اُڀاري ٿو، هڪ بي نظير مرتبو آهي جيڪو مون کي ڏينهن ۽ رات جي خاموشيءَ مان لطف اندوز ٿيڻ جو مستحق بنائي ٿو، ۽ اهو پئسو جيڪو تون پنهنجي طرف ڊگهيريل خالي هٿن تي رکين ٿو، اهو هڪ سونهري حلقو آهي جيڪو تنهنجي انسانيت کي، انسانيت کان بالاتر ۽ وابسته ڪري ٿو.