چريو
سردين ۾ هٿن سيڪڻ جي ارادي سان ڀِت کي ٽيڪ ڏيئي، باهه جي ڀرسان ويهي رهندو هو، هوا ۽ ٻين قدرتي عنصرن جون فريادون ۽ ماتم ٻڌندو هو ۽ موسمن جي تبديلين تي غور ڪندو هو، ننڍڙيءَ دريءَ منجهان، برف سان ڇانيل وادين ۽ خزان جي شڪار ٿيل وڻن کي ڏسندو هو، ڄڻ ته فقيرن ۽ محتاجن جي هڪ ٽولي هجي جيڪا هوا جي تيز ۽ تکن جهوٽن ۽ سرديءَ جي برفاني جهنگلن جي وچ ۾ ڪنجهي رهي هجي.
سياري جي ڊگهين راتين ۾ هو جاڳندو رهندو هو، ايتري قدر جو هن جا والدين سمهي رهندا هئا ۽ هو ڪاٺ جي الماڙي کولي انهيءَ مان ”دَورِ حاضر جو ڪتاب“ ڪڍي، ٽمڪندڙ ڏيئي کي آڏو رکي ان کي نهايت غور ۽ دلچسپيءَ سان پڙهندو هو. هو بار بار پنهنجي ستل پيءُ کي هراسيل نگاهن سان ڪنڌ ورائي ڏسندو هو، جيڪو هميشه هن کي انهيءَ ڪتاب جي پڙهڻ کان کيس جهليندو هو، ڇاڪاڻ ته پادري سادن ۽ اٻوجهه ڳوٺاڻن کي مسيحي تعليم جي باريڪين کي سمجهڻ کان پري رکندا هئا ۽ جيڪڏهن هو انهن جي حڪمن جي خلاف ورزي ڪندا ته انهن کي ڪليسا جي نعمتن کان محروم ڪيو ويندو.
اهڙيءَ طرح يوحنا جي جواني انهيءَ زمين ۾ گذري جيڪا عجائبات جو مجموعو هئي يا مسيح جي ان ڪتاب جي مطالعي ۾ جيڪو روشنيءَ ۾ روحانيت جو سرچشمو هو. هن جي خاموشي گهري غور جو نتيجو هئي. هو هميشه پنهنجي پيءُ جي گفتگو پوري ڌيان سان ٻڌندو هو مگر جواب ۾ هڪ اکر به ڪو نه ڪڇندو هو. ڪڏهن پنهنجن هڪ جيڏن دوستن سان ملڻ ٿيندو هوس ته به خاموش ويٺو رهندو هو ۽ هن جون نگاهون خلا ۾ کتل رهنديون هيون جتي شفق آسمان جي نيراڻ سان ڳلي ملي ٿي. جڏهن هو گرجا ۾ ويندو هو ته اتان غمگين واپس ورندو هو ڇاڪاڻ ته عيسائيت جي جيڪا تعليم هو اتان ٻڌي ايندو هو، اها ان تعليم کان بلڪل مختلف هئي جيڪا هو انجيل ۾ پڙهندو هو ۽ اهلِ ايمان ۽ انهن جي پيشوائن جي زندگي هن کي ان زندگيءَ جي بلڪل خلاف نظر ٿي آئي جنهن طرف مسيح پنهنجي پوئلڳن کي سڏيو هو.
بهار جي موسم آئي، ٻنين ۽ سرسبز ميدانن تان برف رجي پاڻي ٿي وئي، انهيءَ جو ٿورو گهڻو حصو جيڪو پهاڙ جي چوٽين تي ڄميل رهجي ويو هو اهو به رجي رجي ننڍين ننڍين شاخن جي شڪل اختيار ڪري ماٿرين ۾ جمع ٿي ويو ۽ ڇولين هڻندڙ دريائن جي روپ ۾ پنهنجي گڙ گڙاهٽ سان فطرت جي بيداريءَ جو اعلان ڪرڻ لڳو. بادامن ۽ صوفن جي وڻن ۾ گل ڦٽي آيا. چنار ۽ بيد جي شاخن ۾ گونچ ڦٽڻ لڳا، ميدان ۽ ماٿريون گاهن ۽ گلن سان ڀرجي ويون، يوحنا باهه سان قربت واري زندگيءَ کان ڪڪ ٿي پيو. هن پڻ محسوس ڪيو ته ڍور ڍڳا واڙي جي تنگيءَ کان بيزار ٿي پيا آهن ۽ سرسبز چراگاهن ۾ وڃڻ چاهن ٿا، ڇو ته گاهه جو ذخيرو ختم ٿي چڪو هو ۽ جَوَن جون ٽوڪريون به ختم ٿي ويون هيون. هو آيو ۽ گابڙن کي واڙي مان ڇوڙي جهنگل طرف ڪاهي ويو. هُن جي جبي ۾ دورِ حاضر جو ڪتاب لڪل هيو، ان خوف کان، ته متان ان تي ڪنهن جي نظر نه پئجي وڃي. هلندي هلندي هو هڪ چراگاهه ۾ پهتو، جيڪو واديءَ جي ڪناري گرجا جي ٻنين جي قريب هو. انهيءَ گرجا جي قريب جيڪو پهاڙ تي هڪ جنگي قلعي وانگر قائم هيو. گابڙا هيڏي هوڏي چرڻ لڳا ۽ يوحنا هڪ وڏي پٿر کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو. هو ڪڏهن واديءَ جي حسين نظارن ۾ گم ٿي ٿي ويو ته ڪڏهن انهيءَ ڪتاب جي سٽن ۾، جيڪي آسماني حڪومت جي اصولن ۽ قانونن جون ترجمان هيون.
جنهن ڏينهن جي هيءَ ڳالهه آهي اهو ڏينهن روزن جي مهيني جي آخري ڏينهنِ مان هڪ هو، ڳوٺ جا ماڻهو جيڪي روزن جي ڪري گوشت کان محروم هئا، نهايت بيچينيءَ سان عيد جو انتظار ڪري رهيا هئا. مگر يوحنا ٻين گهڻن ئي بکايل هارين وانگر، روزي جي ڏينهن ۾ ۽ عام ڏينهن ۾ ڪوئي فرق نه سمجهندو هو. هن جي ويجهو هن جي ساري زندگي هڪ ڊگهو روزو هئي. هن جي خوراڪ هميشه کان اٽي لپ هئي جيڪا پيشانيءَ جي پگهر سان ڳوهي ويندي هئي ۽ ٿورو ميوو جنهن کي هو خون دل جي عيوض خريد ڪندو هو. اهو ئي سبب جو هن جي گوشت ۽ لذيذ کاڌن سان دلچسپي ڪا نه هئي. روزي جي تڪليفن جو اگر اثر هيو به ته هن جي جسم ۾، نه ڪي جذبات ۾. ڇا لاءِ ته اهي هن جي حافظي ۾ ابن آدم جي دردناڪ ڪهاڻي ۽ ڌرتيءَ جي سيني تي انساني زندگيءَ جي انجام جا نقش چٽا ڪري ڇڏيندا هئا.
چين چين ڪندڙ جهرڪيون يوحنا جي مٿان لامارا ڏئي رهيون هيون، ڪبوترن جا ولر اُڏامندا وڃي رهيا هئا. گل هوا جي زور تي جهومي رهيا هئا ڄڻ ته سج جي ڪرڻن سان کيڏي رهيا هجن ۽ يوحنا ڪتاب جي مطالعي ۾ غرق هيو. هن ڪنڌ مٿي کنيو ۽ واديءَ جي آسپاس پکڙيل ڳوٺ ۽ شهر جي بُرجين کي ڏسڻ لڳو. هن جي ڪنن ۾ فصلن جا آواز گونجڻ لڳا ۽ هن پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون. هن جو روح زماني جي پرن تي سوار ٿي ڪري قديم يروشلم ۾ پهچي ويو جتي هو بازارين ۾ مسيح جي نقش قدم تي هلڻ لڳو. رستي ويندڙن کان مسيح متعلق پڇيائين ته جواب مليس:
ـــــ ته ”هتي هُن (مسيح) انڌن کي اکيون ڏنيون، ڪوڙهين کي صحت ڏني ۽ اتي ئي ماڻهن ڪنڊن جي تاج ٺاهي، هن جي مٿي تي رکيو.“
ــــــ ”انهيءَ ئي حال ۾ مسيح هجوم جي اڳيان واعظ ڪيو ۽ ماڻهن هن کي ٿنڀ سان ٻڌي ڪري کيس منهن تي چماٽون هنيون ۽ ڦٽڪن سان زخمي ڪيائون.“
ــــــ ”هن سڙڪ تي هن زنا ڪندڙن کي معافي ڏني ۽ اتي ئي صليب جي بار کان ڊڄي هو زمين تي ڪري پيو.
هڪ ڪلاڪ گذريو ۽ يوحنا، خدا سان گڏ انسان جي جسماني حيثيت تي افسوس ۽ روحاني برتريءَ تي فخر محسوس ڪندو رهيو. ايتري تائين جو منجهند ٿي وئي ۽ هو پنهنجي جاءِ تان اٿيو. هن چئني پاسي نظر ڊوڙائي، مگر پنهنجا ڍور هُن کي ڪٿي به نظر ڪو نه آيا. هو ان ميداني چراگاهه ۾ انهن جي غائب ٿيڻ تي حيران هو. هُن هيڏانهن هوڏانهن انهن کي ڳولڻ شروع ڪيو، آخرڪار هو ان رستي تي پهچي ويو جيڪو هٿ جي لڪيرن جيان ور وڪڙ کائيندو فصلن ۾ وڃي پيو. پري کان هن هڪ ماڻهوءَ کي ڏٺو جيڪو ڪارو لباس پايون هڪ باغ ۾ بيٺو هو. هو نهايت تيزيءَ سان هن ڏانهن وڌيو، جڏهن ان جي ويجهو پهتو ۽ اهو معلوم ٿيس ته هو گرجا جو پادري آهي ته سِر نِمائي نهايت ادب سان هن کي سلام ڪيو ۽ چيائين:
”مقدس پيءُ! توهان گابڙن کي ته هنن باغن ۾ چرندي ڪو نه ڏٺو؟“
پادريءَ هن ڏانهن ڏٺو ۽ پنهنجيءَ نفرت کي لڪائيندي مڪروه لهجي ۾ جواب ڏنو:
”هائو ڏٺو اٿم ۽ اُهي هِتي آهن ـــــ اچ ته توکي ڏيکاريان!!!“
يوحنا پادريءَ جي پٺيان هلڻ لڳو، ايتريقدر جو هو ٻئي گرجا ۾ وڃي پهتا. اتي يوحنا ڏٺو ته گابڙا رسين سان ٻڌا بيٺا آهن ۽ هڪ پادري انهن جي رکوالي ڪري رهيو آهي. هن جي هٿ ۾ هڪ ڏنڊو آهي، هيڏانهن ڪنهن به گابي ٿورڙي به حرڪت ڪئي ۽ هوڏانهن هن ان کي پٺيءَ ۾ ڏنڊو ٿي هنيو. يوحنا جڏهن پنهنجن ڦرڙن کي ڪاهڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته پادريءَ هن کي جبي کان پڪڙيو ۽ گرجا جي صفي طرف منهن ڪري زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو ته ”هي آهي ڏوهي ڌنار! مون هن کي پڪڙي ورتو آهي.“
اهو ٻڌي ننڍا وڏا پادري چئني پاسن کان نڪرڻ لڳا. سندس اڳ اڳ ۾ وڏو پادري هو جيڪو پنهنجي لباس جي ڪري ۽ چهري جي چمڪ سبب پنهنجن ساٿين ۾ معتبر ٿي لڳو. انهن سڀني يوحنا کي چئني پاسن کان گهيري ورتو، جهڙيءَ طرح فوجون پنهنجي دشمن تي ڪڙڪنديون آهن. يوحنا وڏي پادريءَ طرف ڏٺو ۽ هيڻي لهجي ۾ چوڻ لڳو:
”مون اهڙي ڪهڙي غلطي ڪئي آهي جو مون کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي؟ مون کي ڪهڙي ڏوهه ۾ پڪڙيو ويو آهي؟“
وڏي پادريءَ جي غضبناڪ چهري تي سنگدليءَ جا اهڃاڻ ظاهر ٿيڻ لڳا ۽ هن اهڙي لهجي ۾، جيڪو آري جي کرکراهٽ سان مشابهت رکندڙ هو، جواب ڏنو:
”تنهنجا ڦرڙا گرجا جو فصل کائي ويا ۽ هنن انگورن جي ولين کي خراب ڪري ڇڏيو. مون توکي ان لاءِ پڪڙيو آهي ته جيڪڏهن جانور ڪنهن شيءِ جو نقصان ڪن ته ان جو ذميدار ڌنار هوندو آهي.“
يوحنا رحم طلب لهجي ۾ چيو: ”مقدس پيءُ! هي بي عقل جانور آهن ۽ آءٌ غريب، جنهن وٽ ٻانهن جي ٻلهه کان سواءِ ڪجهه به نه آهي! مون کي ڦرڙن کي ڪاهي وڃڻ جي اجازت ڏيو. مان واعدو ٿو ڪريان ته هاڻي ڪڏهن اهي هنن چراگاهن طرف وٺي ڪو نه ايندس.“
وڏو پادري ڪجهه اڳتي وڌيو ۽ آسمان طرف هٿ کڻي چوڻ لڳو ته ”الله تعاليٰ اسان کي هن گرجا تي مقرر ڪيو آهي ۽ هن زمين جي سنڀال اسان جي حوالي ڪئي آهي جنهن کي مقدس يشاع منتخب ڪيو هو. ان ڪري اسان جو فرض آهي ته پنهنجي مڪمل قوت سان سڀني دروازن جي حفاظت ڪريون. هيءَ مقدس سرزمين انهيءَ باهه مثل آهي جيڪا پنهنجي قريب ايندڙ هر شيءِ کي جلائي رک جو ڍير ڪري ڇڏيندي آهي. اگر تو گرجا جي حدن کي اورانگهڻ جي ڪوشش ڪئي ته گاهه تنهنجي ڦرڙن جي پيٽ ۾ زهر بڻجي ويندو.“
ــــــ ”پر رنڊ روڪ جو هن کان وڌيڪ ٻيو ڪو به رستو ڪونه آهي جو اسان پنهنجن چوپاين کي اڱڻ ۾ ٻڌي ڇڏيون جيستائين ڪِ تون پنهنجي کيسي جي هڪ هڪ پائي نه ڪڍي ظاهر ڪرين.“
وڏي پادريءَ وڃڻ جي ارادي سان قدم وڌايو مگر يوحنا هن کي روڪي وڌو ۽ ايلاز ڪري چوڻ لڳس ته ”مقدس پيءُ! توکي انهن ڀلارن ڏينهن جو قسم جنهن ۾ مسيح کي تڪليف پهتي ۽ جنهن جي ڏک ۾ مريم ڳوڙها ڳاڙيا ته توهان مون کي منهنجا ڦرڙا ڪاهي وڃڻ ڏيو. مون سان سنگدليءَ جو رويو نه هلو. مان فقير ۽ محتاج آهيان ۽ گرجا عظيم ۽ بي نياز! هو منهنجي هن غلطيءَ کي معاف ڪري ڇڏيندو. منهنجي والدين جي ٻڍاپي تي رحم کائو.“
وڏي پادريءَ هن طرف متوجهه ٿي ڪري ڪنڌ ڌوڻيندي چيو: ”جاهل! گرجا توکي هڪ پائي به معاف ڪو نه ڪندي، چاهي تون فقير هجين يا مالدار! مون کي مقدس شين جو قسم نه ڏي، جو مان انهن جا راز ۽ رمزون توکان وڌيڪ ٿو ڄاڻان. جيڪڏهن تون اهو ٿو چاهين ته پنهنجن ڦرڙن کي ڪاهي وڃين، ته فصلن خراب ڪرڻ جي عيوض ۾ ٽي دينار فورا ادا ڪر!“
يوحنا گهٽيل آواز ۾ التجا ڪئي ته؛ ”مقدس پيءُ! مون وٽ ته هڪ آڌي به ڪونه آهي. مون تي مهرباني ڪريو! منهنجيءَ محتاجيءَ تي رحم فرمايو.“
وڏو پادري آڱرين سان پنهنجي گهاٽي ڏاڙهيءَ ۾ ڦڻي ڪندي چوڻ لڳو: ”وڃ! ۽ پنهنجي ٻنيءَ جو هڪ حصو وڪڻي ڪري ٽي دينار اسان جي خدمت ۾ حاضر ڪر! تنهنجي لاءِ بنا زمين جي هن جهان ۾ وڃڻ بهتر آهي ان جي نسبت جو تون قربانگاهه جي اڳيان پنهنجي پڪار سان يشاع جي غضب جو نشانو بڻجين ۽ آخرت ۾ انهيءَ دوزخ جي حوالي ڪيو وڃين جتي نه وسندڙ باهه ٻري رهي آهي.“
يوحنا گهڙي کن خاموش ٿي ويو. هن جون اکيون چمڪڻ لڳيون، چهرو روشن ٿي ويس ۽ رحم طلبيءَ جا آثارَ قوت ۽ ارادي جي علامتن ۾ بدلجي ويس. هڪ اهڙي آواز ۾ جنهن ۾ جواني جي عزم سان گڏوگڏ معرفت جو نغمو به شامل هيو، هن چيو:
”ته ڇا فقير، گرجا جي سونَ چاندي سان ڀريل خزانن ۾ اضافي ڪرڻ خاطر پنهنجي ٻني وڪڻي ڇڏي؟ جنهن مان هو پنهنجي لاءِ ماني پيدا ڪري ٿو ۽ جيڪي هن جي زندگيءَ جو واحد سهارو آهي! ڇا اهو ئي انصاف آهي ته يشاع عظيم کان پنهنجن بکين جانورن جا گناهه معاف ڪرائڻ جي لاءِ محتاج پنهنجي محتاجيءَ ۾ اضافو ڪري ۽ مسڪين بکيو رهجي وڃي.“
وڏي پادريءَ غرور کان پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيندي چيو ته ”يسوع مسيح اهو ئي فرمايو آهي ته جنهن وٽ دولت هجي بخشش ۽ عطا سان ان جي دولت ۾ اضافو ڪيو وڃي ۽ جنهن وٽ ڪجهه به نه هجي، ان کان جيڪي ڪجهه ان وٽ هجي، کسيو وڃي.“
يوحنا اهي لفظ ٻڌا ۽ هن جي دل سيني ۾ تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي. هن جي روح ۾ عظمت جو احساس پيدا ٿيو ۽ هن جو قد پهريان کان اوچو ٿي ويو، ڄڻ ته زمين هن جي پيرن هيٺان اڀري رهي هئي. هن پنهنجي کيسي مان انجيل ڪڍيو، جهڙيءَ طرح بچاءَ خاطر سپاهي تلوار ڪڍندو آهي ۽ بلند آواز ۾ چيائين: ”بي انصافي ڪندڙَو! توهان جو هن ڪتاب جي تعليم ۽ سبق سان کيڏو ٿا! زندگي جي شرارتن کي عام ڪرڻ خاطر هن جي مقدس شين کي اهڙيءَ طرح هٿيار بنايو ٿا! افسوس! صد افسوس توهان جي حال تي! جڏهن ابنِ آدم ٻيهر ايندو ۽ توهان جي ڪليسائن کي ڊاهي، هن جون سرون ۽ پٿر هن واديءَ ۾ اڇلي ڇڏيندو، توهان جن قربانگاهن، تصويرن ۽ مورتين کي باهه ۾ جلائي ڇڏيندو.
”حيف! صد حيف توهان جي قسمت تي، جڏهن مسيح جو پاڪ خون ۽ هن جي ماءُ جا پاڪ ڳوڙها سيلاب بڻجي ايندا، ۽ توهان کي جهنم جي گهراين ۾ وهائي کڻي ويندا. افسوس! صد افسوس توهان تي، اي پنهنجي لالچ جي بتن کي پوڄڻ وارَو! پنهنجي دل جي مڪروه اونداهيءَ کي ڪارن ڪپڙن ۾ لڪائڻ وارَو! توهان رات جي چرپر سان عبادت ڪيو ٿا، ليڪن توهان جو دليون پهاڙن وانگر بي جان آهن. نياز ۽ نوڙت سان قربانگاهن جي اڳيان جهڪو ٿا، ليڪن توهان جو روح خدا کان باغي آهي. توهان پنهنجي مڪروهائپ جي بنياد تي مون کي هن جڳهه تي گهيري رکيو آهي جيڪو توهان جي گناهن جي ٻوجهه هيٺ دٻيل آهي ۽ مجرم وانگر پڪڙي جهليو اٿوَ صرف معمولي اناج خاطر، جيڪو سج منهنجي ۽ توهان سڀني جي لاءِ هڪجهڙو پيدا ڪري ٿو. جڏهن مان توهان کي مسيح جو واسطو ۽ ان جي درد ۽ غم جي ڏينهن جو قسم ٿو ڏيان ته توهان منهنجو مذاق ٿا اڏايو. ڄڻ ته جيڪي ڪجهه مون چيو اهو بيوقوفيءَ ۽ جهالت کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. وٺو! هي ڪتاب وٺو ۽ مون کي ڳولي ڏيکاريو ته مسيح ڪڏهن عيب ڍڪيندڙ ڪو نه هو؟ هن کي پڙهو ۽ مون کي ٻڌايو ته مسيح جي زبان مان معافي ۽ درگذر جو جملو ڪاٿي ادا ڪين ٿيو؟ ڇا هن تقرير ۾، جيڪا هُن پهاڙ تي ڪئي هئي؟ يا انهيءَ واعظ ۾ جيڪو هيڪل ۾ هڪ زانيءَ تي ظلم ڪندڙن جي اڳيان ڪيو هو؟ يا جلجله تي، جتي هن ٽنگاس مٿان پنهنجا بازو ڦهلايا هئا ته جيئن انسان ذات کي پنهنجي آغوش ۾ وٺي؟ ڏسو! هنن جي گهرن ۾ بيمار درد ۽ غم جي بسترن تي ڦٿڪي رهيا آهن. هنن جي قيدگاهن ۾ مايوس انسانن جي زندگي فنا ٿي رهي آهي، هنن جي دروازن تي فقير ليلائي رهيا آهن. انهن جي رستي تي غريب سمهي رهيا آهن ۽ انهن جي قبرستانن ۾ يتيم ۽ بيواهه عورتون ڪُوڪاري رهيون آهن مگر اوهان آهيو جو سستيءَ ۽ ڪاهليءَ جي راحت سان همڪنار، زمين جي پيداوار ۽ انگور جي شراب سان نفس ۽ وات کي لذت ڏيئي رهيا آهيو! ڪڏهن توهان ڪنهن مريض جي عيادت لاءِ ناهيو ويا، ڪنهن قيديءَ جي اوهان خبر ناهي لڌي، ڪنهن بکئي کي کاڌو ناهي کارايو، ڪنهن غريب جي مدد ناهي ڪئي، ڪنهن غمگين کي دلاسو ناهي ڏنو. ڪاش! توهان انهن ئي ڳالهين تي بس ڪيو ها جيڪي توهان جي لاءِ آهن ۽ انهيءَ دولت تي شڪر ڪريو ها جيڪا توهان پنهنجين چالبازين ۽ مڪرن جي ذريعي اسان جي ابن ڏاڏن کان کسي ورتي آهي. مگر نه! توهان پنهنجا هٿ وڌايو ٿا اهڙيءَ طرح جيئن نانگ پنهنجي ڦڻ وڌائيندو آهي ۽ پوري قوت سان انهيءَ سرمائي کي دٻائي ٿا ويهو جيڪي بيوه عورتن پنهنجي هٿن سان پورهئي سان جمع ڪيو هو ۽ هاريءَ پنهنجي ٻڍاپي جي لاءِ محفوظ ڪري رکيو هو.“
يوحنا خاموش ٿي ويو ۽ ٿوري ساهه پٽڻ بعد فخر وچان پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري آهستي آهستي چوڻ لڳو: ”هتي توهان جي گهڻائي آهي ۽ مان اڪيلو. توهان کي جيئن وڻي تئين ڪريو. بگهڙ رات جي اونداهين ۾ غريب رڍ کي ڦاڙي کائي ٿو مگر هن جي رت جا داغ صبح ٿيڻ ۽ سج نڪرڻ تائين واديءَ جي پٿرن تي باقي رهجي ويندا آهن.“
يوحنا ڳالهائي رهيو هو ۽ هن جي آواز ۾ هڪ عجيب قوت هئي، جيڪا پادرين جي جسم جي حرڪت کسي رهي هئي ۽ هنن جي روح ۾ غم ۽ غصي جا جذبا اُڀري رهيا هئا. تنگ پڃرن ۾ بکين ڪانوَن مثل اهي غصي وچان ڏڪي رهيا هئا، ڏند ڪرٽي ڪرٽي پنهنجي پيشوا جي اشاري جو انتظار ڪري رهيا هئا ته جيئن هن کي پيهي سرمو ڪري ڇڏين، ايستائين جو هن پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي ۽ ان طوفان جيان خاموش ٿي ويو جيڪو ڊگهن وڻن ۽ فولادي مجسمن کي پاڙُون پٽڻ بعد ختم ٿي ويندو آهي، تڏهن وڏي پادريءَ رڙ ڪري حڪم ڏنو ته ”هن بدمعاش کي پڪڙيو ۽ هن جي هٿ مان مقدس ڪتاب کسي، هن کي گرجا جي اونداهي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪريو! جيڪو به الله جي پيارن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو آهي ان کي نه هت معافي آهي ۽ نه آخرت ۾!“
پادرين گڏجي يوحنا تي هلان ڪئي، اهڙيءَ طرح جيئن وحشي جانور شڪار تي جهٽ هڻندا آهن ۽ کيس کنڀي وڃي سوڙهي ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪيائون. اتي هنن يوحنا کي لتن ۽ مُڪن سان اڌ مئو ڪري وڌو ۽ ڪوٺڙيءَ کي تالو لڳائي هليا ويا.
يوحنا اونداهي ڪوٺڙيءَ ۾ اٿي بيٺو انهيءَ سورمي جيان، جنهن قيد ۾ پنهنجي دشمن کي هارايو هجي ۽ ان ننڍڙي روشندان مان جهاتي پائڻ لڳو جيڪو ڏينهن جي روشنيءَ ۾ چمڪندڙ واديءَ جي طرف هيو. هن جو منهن ٻهڪي اٿيو ۽ هن هڪ روحاني لذت ۽ سڪون محسوس ڪيو جيڪو هن جي جذبن تي ڇانيل هو. يوحنا جو جسم ظاهري طور ته ڪوٺڙيءَ ۾ قيد هو پر هن جو روح هوا جيان آزاد. پادرين جي مار هن جي جسم کي تڪليف ته پهچائي هئي پر هن جي جذبن کي ڇهيو به ڪين هو. ماڻهو، جي انصاف پسند آهي ته ڪو به ظالم هن کي تڪليف نٿو پهچائي سگهي. حق تي هجي ته ظلم هن کي فنا نٿو ڪري سگهي، ان ڪري ئي سقراط کلندي زهر جو پيالو پيتو ۽ مسڪرائيندي سنگسار ٿي ويو، پر جي اسين پنهنجي ضمير جي آواز جي مخالفت ڪنداسين ته هو اسان کي تڪليف پهچائيندو. هن سا دغا بازي ڪنداسون ته هو اسان کي ماري وجهندو.
جيڪو ڪجهه يوحنا تي گذريو ان جو اطلاع سندس پيءُ-ماءُ کي مليو. هن جي ماءُ لٺ ٽيڪيندي گرجا گهر پهتي ۽ مها پادريءَ جا هٿ چمي سندس قدمن تي ڪري پئي ۽ سندس اکيون سانوڻ جي بوند جيان وسڻ لڳيون. هن کان پنهنجي پٽ جي لاءِ رحم ۽ ان جي جهالت جي لاءِ معافي پنڻ لڳي. پادريءَ اکيون آسمان ڏانهن کنيون، ڄڻ ته هو ٻين کان اوچو ۽ مٿانهون هجي. چوڻ لڳو: ”مان تنهنجي پٽ جي ڪاوڙ ۽ بي ادبي ۽ هن جي چريائپ کي نظر انداز ڪريان ٿو پر گرجا جي مقدس حقن جي ادائگي ضروري آهي! اسان پنهنجي مهربانيءَ سان حقير انسانن کي معاف ڪري ڇڏيون ٿا مگر يشاع عظيم انهن کي ڪڏهن به معاف نٿو ڪري سگهي جنهن هن جي انگورن جي ولين کي تباهه ۽ پوک کي برباد ڪري ڇڏيو هجي.“
يوحنا جي ماءُ هن ڏي نهاريو. ڳوڙها هن جي ڳلن تان ڳڙي آيا جن تي ٻڍاپي سبب گهنج پئجي ويا هئا. هن پنهنجي ڳلي مان چانديءَ جو هار لاٿو ۽ وڏي پادريءَ کي ڏيندي چيائين: ”مقدس پيءُ، مون وٽ هن هار کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪين آهي جيڪو شاديءَ واري ڏينهن منهنجي پيءُ مون کي تحفي ۾ ڏنو هو. منهنجي سڪيلڌي پٽ جي ڏوهن جي عيوض ۾ گرجا هن کي قبول ڪندو؟“
مها پادريءَ هار وٺي کيسي ۾ رکيو ۽ ڪراڙيءَ ٿورائتي طور سندس هٿن کي چميو. مها پادريءَ چيو: ”هن زماني تي افسوس آهي جو ماڻهن ڪتاب جي معنيٰ بدلائي ڇڏي آهي، ڏوهه اولاد ٿي ڪري ۽ لوڙي پيءُ ماءُ ٿو. اي نيڪ بخت عورت! وڃ ۽ پنهنجي پاڳل پٽ جي لاءِ دعا ڪر ته الله هن جي گناهن کي معاف ڪري.“
يوحنا بنديخاني مان نڪتو ۽ پنهنجي مال يا ڍورن ساڻ، پنهنجي ماءُ سان گڏ، جيڪا پنهنجي ڪلهن تي سالن جو ٻوجهه کنيو لٺ جي ٽيڪ تي هلي رهي هئي، آهستي آهستي روانو ٿي ويو. جهوپڙيءَ ۾ پهچي ڪري هن جانورن کي واڙيءَ ۾ هڪلي ڇڏيو ۽ پاڻ دريءَ جي ڀرسان خاموش بيهي ڪري ڏينهن جي روشنيءَ جي عظمت ڏسڻ لڳو. ٿوريءَ دير بعد هن ٻڌو ته هن جو پيءُ پنهنجيءَ زال کي چئي رهيو هو ته ”ساره! تو هر ڀيري منهنجي مخالفت ڪئي، جڏهن به مون توکي چيو ته اسان جو پٽ چريو آهي، پر هاڻي مان توکي مخالفت ڪندي نٿو ڏسان، ڇو ته هن جي ان عمل منهنجي قول جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ معزز مها پادريءَ اڄ توکي ساڳي ڳالهه چئي آهي جيڪا سالن کان چوندو آيو آهيان.“
يوحنا الهندي طرف ڏسندو رهيو جتي سورج جي روشنيءَ سان رنگين ڪڪر تري رهيا هئا.
عيد آئي ۽ اهو عظيم الشان نئون هيڪل بنجي تيار ٿي ويو جو ”بشريٰ“ جي عمارتن ۾ ائين ٿي لڳو ڄڻ عوام جي گهرن ۾ بادشاهه جو محل. ماڻهو بيٺا هڪ پادريءَ جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا ته جيئن هن جي تعظيم ڪن. جڏهن کين پادريءَ جي پهچڻ جي خبر پئي ته قطارن جي شڪل ۾ سڙڪن تا اچي ويا ۽ هن کي شهر وٺي ويا، اهڙيءَ طرح جو چئني پاسن کان پادري ۽ نوجوان ذڪر ۽ ثناخوانيءَ ۾ مست هئا، دهل وڄي رهيا هئا، گهنٽين ۽ ڇيرن جي ڇمڪار کان فضا ٻهڪي رهي هئي. جڏهن هو پنهنجي گهوڙي کان لٿو ته عالمن ۽ شهر جي اڳواڻن مرحبائي لفظن سان هن جو استقبال ڪيو. جڏهن هو نئين هيڪل ۾ پهتو ته هن ريشمي لباس اوڍيو، جواهرن جڙيل تاج مٿي تي ۽ عصا هٿ ۾ کنئي، جيڪا قيمتي پٿرن ۽ عجيب و غريب نقش و نگارن سان سينگاريل هئي. هو ٻين پادرين سان گڏ منتر الاپيندو هيڪل جو طواف ڪرڻ لڳو. هيڪل جي چئني پاسن کان قيمتي خوشبوئن جي هُٻڪار هئي ۽ بيشمار شمعون روشن هيون.
انهيءَ وقت يوحنا ٻين ڌنارن ۽ ڪڙمين سان گڏ هڪ بلند گيلريءَ ۾ بيهي انهيءَ منظر کي غمگين نگاهن سان ڏسي رهيو هو. هن کي اهو سڀ ڪجهه ڏسندي مونجهه جو احساس ٿي رهيو هو ته هڪ پاسي چمڪدار ريشمي لباس آهن، سونا ٿانوَ، چانديءَ جا قيمتي ڌوپ دان ۽ مشعلون روشن آهن ته ٻئي طرف فقيرن ۽ مسيڪينن جو ڌڻ آهي جيڪو ننڍن ننڍن ڳوٺن ۽ ٻنين مان عيد جي مسرتن ۽ ڪليسا جي تعظيم ۽ تقدس جو اجتماع ڏسڻ آيو هو. هڪ پاسي عظمت، بخمل ۽ اطلس سان سجيل هئي ته ٻئي طرف غربت چتين لڳل لباس ۾ ويڙهيل! جتي هڪ طاقتور ۽ مالدار جماعت منترن جي ذريعي مذهب جي نمائش ڪري رهي آهي ۽ اتي ئي هڪ ڪمزور ۽ حقير ٽولو مسيح جي ٻيهر زندهه ٿيڻ تي دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهيو آهي ۽ خاموشيءَ سان دعائون گهري رهيو آهي، پنهنجي گرم ساهن جي زبان ۾، جيڪي هن جي ٽٽل دلين جي گهراين مان نڪري رهيا هئا، فضا سان سرگوشيون ڪري رهيا هئا. هتي حڪومت جا نمائندا ۽ قوم جا چڱا مڙس آهن، جن کي پنهنجي خاندان کان اها زندگي ورثي ۾ ملي آهي ۽ هوڏانهن غريب هاري جن کي فرمانبردايءَ ۽ عاجزيءَ جي عيوض اها زندگي ملي جيڪا انهيءَ ٻيڙيءَ مثل آهي جنهن جو ملاحُ موت جو فرشتو آهي، جنهن جا وَنجهه لهرن ٽوڙي وڌا آهن، جنهن جا سڙِهَه تيز ۽ تکين هوائن ڦاڙي وڌا آهن ۽ اها طوفان ۽ لهرن جي خوف ۽ غضب ۾ ڪنبي رهي آهي. هتي بي انداز ظلم آهي ۽ هوڏانهن انڌي اطاعت!
هنن ٻنهي جو خالق ڪير آهي ۽ مخلوق ڪير؟ ڇا ظلم اهو طاقتور وڻ آهي جيڪو بيمار زمين ۾ ئي پيدا ٿيندو آهي يا انڌي تقليد اها بنجر ٻني آهي جتي ڪنڊا ئي ڪنڊا ڄمندا آهن.
هي اُهي ئي ڏکائيندڙ فڪر ۽ تڪليف ڏيندڙ خيالات هئا جن ۾ يوحنا گم هو. هن ٻنهي هٿن سان پنهنجو سينو دٻايو ڄن ته ساهه هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو هو ۽ کيس خوف ٿيڻ لڳو ته متان ڪٿي سندس ڇاتي نه ڦاٽي پئي.
قصو ڪوتاه، تعظيم ۽ تقدس جي مجلس پوري ٿي ۽ ماڻهو وڃڻ جي ارادي سان ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳا. انهيءَ وقت يوحنا کي ائين محسوس ٿيو ته فضا ۾ هڪ روح آهي جيڪو هن کي ماڻهن کي نصيحت ڪرڻ تي اڀاري رهيو آهي. هن ميڙ ۾ هڪ طاقت آهي جيڪا هن جي روح کي تحرڪ ۾ آڻي هن کي سندس ارادي جي ابتڙ زمين ۽ آسمان جي آڏو تقرير ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري رهي آهي. هو اڳتي وڌي وڏي بالڪونيءَ ۾ آيو ۽ ڪڙڪدار آواز ۾ ماڻهن سان مخاطب ٿيو. ماڻهو هُن ڏانهن ڏسڻ لڳا ۽ هو هٿ آسمان ڏانهن کڻي چوڻ لڳو:
”ڏس! اي مسيح! هن زمين کي ڏس! جنهن ڪالهه پنهنجي عناصر جي چادر ڍڪي آهي. ڏس! اي امين هاري! چنهنڊار ڪنڊا هنن گُلن جو ڳلو گهُٽي رهيا آهن جن کي تو پنهنجي پيشانيءَ جي پگهر سان ريج ڏنو هو. ڏس! اي نيڪ ڌنار! خونخوارن جا چنبا هن ڪمزور رڍ جي ٻچن جون پاسريون چيري رهيا آهن، جن کي تو پنهنجن ڪلهن تي کنيو هو. ڏس! تنهنجو پاڪ رت زمين ۾ هليو ويو. تنهنجا گرم گرم ڳوڙها انسان جي دل ۾ خشڪ ٿي ويا، تنهنجا گرم ساهه، صحرائي هوائن ۾ فنا ٿي ويا ۽ هيءَ فضل جن کي تو پنهنجي پاڪ قدمن سان پاڪ ڪيو هو ميدان جنگ بڻجي ويا، جتي طاقتورن جا سُنبَ، ڪمزورن جي پاسرين کي چُور چُور ڪري رهيا آهن ۽ ظالمن جا چبنا ڪمزرون جا روح قبض ڪري رهيا آهن. هن اونداهيءَ جي چئني پاسن کان اٿندڙ بدقسمتن جي فرياد اُهي ماڻهو نٿا ٻڌن جيڪي تنهنجي نالي تي تخت تي ويٺا آهن ۽ ڏکايلن جون آهُون انهن مذهبي پيشوائن جي ڪنن تائين نٿيون پهچن جيڪي منبر تي بيهي ڪري تنهنجي تعليم کي عام ڪرڻ جا دعويدار آهن. اهي رڍ جا ٻچڙا جن کي تو ڪلمهء حيات جي تلقين لاءِ موڪليو هو، خونخوار جانورن جي شڪل اختيار ڪري پنهنجن چنبن سان انهيءَ رڍ جي ٻچڙن جي ٻانهن کي زخمي ڪري رهيا آهن، جن کي تو پنهنجي آغوش ۾ ورتو هو ۽ اهو پيغام جيڪو تو خدا جي سيني مان ڪڍي ڪري لاٿو هو، ڪتابن جي صفحن ۾ گم ٿي ويو آهي ۽ ان جي جڳهه هڪ خوفناڪ آواز اچي ورتي آهي جنهن جي خوف کان روح ڏڪي اٿيا آهن.
”اي يسوع مسيح! ماڻهن پنهنجي نالي جي عظمت لاءِ سهڻن پٿرن سان سينگاريل گرجا ۽ عبادتگاهون بڻايون آهن ۽ تنهنجي پيارن فقيرن جي جسمن کي سرد راتين ۾ اگهاڙو ڇڏي ڏنو آهي، فضا کي ڌوپ جي خوشبوئن سان مهڪائي ڇڏيو آهي ۽ اهلِ ايمان جي معدن کي تنهنجي نالي تي مانيءَ کان خالي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هنن يتيمن جي آوازن ۽ بيوهه عورتن جي فرياد ٻڌڻ کان پنهنجا ڪن بند ڪري ڇڏيا آهن.
”اي زندهه ۽ پاينده مسيح! وري ٻيهر موٽي آءُ ۽ مذهب فروشن کي پنهنجين هيڪلن مان هڪالي ڪَڍ، ڇو ته هنن عبادتگاهن کي انهن غارن ۾ بدلائي ڇڏيو آهي جن ۾ هنن جي فريب ڪارين ۽ چالبازين جا نانگ ور وڪڙ کائيندا رهن ٿا.
”اچ، ۽ انهن بادشاهن کان حساب وٺ جن ڪمزورن کان اهو سڀ ڪجهه کسي ورتو آهي جيڪو هنن جي ۽ خدا جي ملڪيت هو. اچ ۽ اچي انگور جي انهيءَ ول کي ڏس! جنهن کي تو پنهنجي سڄي هٿ سان پوکيو هو، هن جون ٽاريون هاڻي ڪيڙا کائي ويا آهن ۽ انهن شاخن ڪِري ڪِري مسافرن جا پير زخمي ڪري وڌا آهن.
”اچُ ۽ انهن ماڻهن کي ڏس! جن کي تو امن ۽ سلامتي ءَ سان گڏ رهڻ جي تعليم ڏني هئي. هاڻ اهي ماڻهو مفادن جي ڪري مختلف گروهن ۾ تقسيم ٿي ڪري وڙهن ۽ جهڳڙن ٿا، مارين ۽ ڪٽين ٿا، انهن جي انهيءَ جنگ جو شڪار اگر ٿيا آهن ته اهي آهن اسان جا غمگين روح، اسان جون ٽٽل دليون! عيدن ۽ تهوارن جي موقعن تي اهي همت ڪري پڪاري چون ٿيون؛ ته ’بزرگي آسمانن تي رهڻ واري خدا جي لاءِ آهي، سلامتي زمين جي لاءِ آهي ۽ مسرت انسان جي لاءِ.‘
”ته ڇا تنهنجي آسماني پيءُ جي عظمت انهيءَ ۾ آهي ته گنهگار چَپَ ۽ ڪوڙيون زبانون، انهيءَ جو نالو وٺن؟ ڇا زمين کي سلامتيءَ جي اها ئي صورت آهي جو بدقسمت هاري طاقتور جو وات ۽ ظالم جو پيٽ ڀرڻ لاءِ زمينن ۾ پنهنجيون قوتون فنا ڪن! ۽ ڇا انساني خوشي انهيءَ کي چئبو آهي ته تقدير جا ماريل مظلوم نگاهن سان موت کي ڏسن، جهڙي طرح قيدي پنهنجي آزاد ڪرڻ واي کي ڏسندو آهي.
”پيارا مسيح! اها سلامتي ڇا آهي؟ ڇا اها انهن ٻارڙن جي اکين ۾ آهي جيڪي سرد ۽ اونداهن گهرن ۾ پنهنجي بکايل ماءُ جي سيني سان چنبڙيل هوندا آهن؟ يا پٿرن جي فرش تي ستل انهن مفلسن جي جسمن ۾، جيڪي انهيءَ خوراڪ جي خواهش ته ڪندا آهن پر حاصل ڪري ڪونه سگهندا آهن جيڪا گرجا جا پادري پنهنجن ٿلهن متارن سوئرن جي اڳيان وجهندا آهن.
”اي حسن ۽ جمال جا ديوتا مسيح! اها خوشي ڇا آهي؟ ڇا اها آهي ته امير چانديءَ جي چند سڪن جي عيوض مرد جي قوت ۽ عورت جي عزت خريدي وٺي؟ يا هي ته اسان جسماني ۽ روحاني اعتبار کان، خاموشيءَ سان گڏ انهيءَ شخص جا غلام رهون، جيڪو سونَ جي چمڪاٽ، مُنڊين جي قيمتي پٿرن جي جهومر ۽ ريشمي لباسن جي چمڪ کان اسان جو اکيون چُنهجيون ڪري ڇڏينديون آهن، يا وري اهو ته اسان رڙيون ۽ ڪوڪون ڪندا رهون ۽ هو پنهنجي مسلح ڪارندن کي اسان جي عورتن ۽ ٻارڙن جي جسمن کي پِيهي وجهن ۽ اسان جي رت سان زمين کي ريج اچي.
”اي طاقتور مسيح! پنهنجو هٿ وڌاءِ ۽ اسان کي پنهنجي پناهه ۾ وٺ، جو ظالمن جا هٿ اسان کان وڌيڪ طاقتور آهن، يا ته موت کي موڪل جيڪو اسان کي قبر ۾ وٺي وڃي، جتي اسان تنهنجي صليب جي پاڇي، انهيءَ وقت تائين آرام سان سمهون جيستائين تون ٻيهر پيدا نه ٿئين! زندگي اسان لاءِ زندگي ناهي بلڪ هڪ عذاب آهي، دنيا هڪ اهڙي وادي آهي جنهن جي ڪنارن تي خوفناڪ بلائون آهن، وروڪڙ کائي رهيون آهن. مهينا ۽ سال به اسان لاءِ مهينا ۽ سال ناهن بلڪ تيز ترين تلوارون آهن جن کي رات اسان جي بسترن ۾ لڪايو ڇڏي ۽ صبح اسان جي مٿان ڇڪيو آڻي جهلي. جڏهن ته زندهه رهڻ جي خواهش اسان کي ٻنين ۾ وٺي ٿي وڃي.
”ڪرم ڪر، اي مسيح! انهن سڀني ماڻهن تي جيڪي تنهنجي ٻيهر ڄمڻ واري ڏينهن سان تنهنجي نالي جي ڪري چنبڙيل آهن، انهن جي ذلتن ۽ ڪمزورين تي رحم ڪر!“
يوحنا آسمان طرف منهن کڻي فرياد ڪري رهيو هو ۽ ماڻهو چئني پاسن کان هن کي گهيري بيٺا هئا. انهن مان هڪڙو ٽولو ته يوحنا کي محبت ۽ پسنديدگيءَ جي نگاهن سان ڏسي رهيو هو ۽ ٻيو غضب ۽ ڪراهت ڀريل نگاهن سان.
هڪ رڙ ڪري رهيو هو: ”هن جيڪي ڪجهه چيو! هي خدا کان اسان جي مظلومي جي فرياد ڪري رهيو هو ته اسان مظلوم آهيون!“
ٻيو چئي رهيو هو: ”هيءُ ذليل آهي! هن جي زبان باغي روح جي ترجماني ڪري رهي آهي!“
ٽيون نفرت ۽ بيزاريءَ جو اظهار ڪري رهيو هو: ”اسان اڄ تائين اهڙي قسم جي بڪواس پنهنجن ابن ڏاڏن کان ناهي ٻڌي ۽ نه هاڻي ٻڌڻ چاهيون ٿا!“
چوٿون پنهنجي پاسي واري سان ڪن ۾ سُس پس ڪري رهيو هو ته ”جڏهن مون ان جو آواز ٻڌو ته هڪ جادوئي ڌُرڙي محسوس ڪئي جنهن منهنجي سيني ۾ دل کي پريشان ڪري ڇڏيو. واقعي هن جي ڪلام ۾ هڪ عجيب قوت آهي.“ ۽ هو جواب ڏئي رهيو هو ته ”هائو! پر وڏا ماڻهو اسان جِن ضرورتن متعلق اسان کان بهتر ڄاڻن ٿا تنهنڪري انهن جي شڪايت ڪرڻ غلطي آهي.“
انهيءَ دوران چئني طرفن کان آواز بلند ٿي ڪري مَوجن جي گڙگڙاهٽ جيان ملي رهيا هئا ۽ هوا انهن کي پريشان ڪري رهي هئي. هڪ پادري آيو ۽ يوحنا کي پڪڙي سپاهين جي حوالي ڪري ڇڏيو. هو انهيءَ کي حاڪم جي حضور وٺي ويا. جڏهن هن کان سوال ڪيو ويو ته هن ڪو به جواب ڪو نه ڏنو، ڇو ته هن کي ياد هو ته مسيح پاڻ تي ظلم ڪرڻ وارن جي اڳيان خاموشي اختيار ڪئي هئي. قصو ڪوتاهه يوحنا کي هڪ اونداهي قيدخاني ۾ وڌو ويو جتي هو پٿريلي فرش تي پنهنجين ٻانهن کي وهاڻو بڻائي آرام سان سمهي پيو.
ٻئي ڏينهن يوحنا جو پيءُ حاڪم جي اڳيان پيش ٿيو ۽ پنهنجي سڪيلڌي پٽ جي چريائپ جي تصديق ڪندي چوڻ لڳو ته سائين! مون اڪثر اڪيلائپ ۾ هن کي بيبيندي ۽ انهن عجيب و غريب شين متعلق گفتگو ڪندي ٻڌو آهي جن جي ڪا به حقيقت ناهي! هو اڪثر راتين جو جاڳندو آهي ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ لفظن ۾ خاموشيءَ سان ڳالهيون ڪندو رهندو آهي، خوفناڪ آوازن سان، جيڪي ڪَاهِن جي منترن سان مِلندا جُلندا آهن، ظلمت جي پاڇولن کي پڪاريندو رهندو آهي. سائين! توهان پاڙي جي ڇوڪرن کان پڇو! جڏهن به اهي هن جي پاسي ۾ وڃي ويٺا، اهو ئي ڏٺائون ته هن جو عقل ڪن ڏورانهن ڏيهن ۾ گم آهي، اگر ڪا به ڳالهه ڪنهن به ڪئي ته هن جواب نه ڏنو! ۽ اگر ڳالهايو ته مبُهم لفظن ۾ جنهن جو اصل گفتگوءَ سان جو به تعلق ناهي. هن جي ماءُ کان پڇو! اها تمام ماڻهن کان وڌيڪ انهيءَ حقيقت کي ڄاڻي ٿي ته هن جو پٽ عقل ۽ احساس کان بلڪل بيگانو آهي. هن ڪيئي دفعا ڏٺو آهي ته هو کتل نگاهن سان افق کي گهوري رهيو آهي ۽ هزارين دفعا ٻڌو آهي ته هو وڏي توجهه سان وڻن، نهرن، گلن ۽ ستارن جي متعلق گفتگو ڪري رهيو آهي، جهڙيءَ طرح ننڍين ننڍين شين متعلق گفتگو ڪندا آهن. ڪليسا جي پادرين کان جاچ ڪرايو! ته هو ڪالهه انهن سان وڙهي پيو. هنن جي عبادت ۽ رياضت جي توهين ڪئي ۽ انهن جي بزرگيءَ جو انڪار ڪيو. سائين! هو چريو آهي، مگر مون تي ۽ پنهنجيءَ ماءُ تي جانِ قربان ٿو ڪري. ٻڍاپي جي ڏينهن ۾ اسان کي ماني ۽ ڪپڙو ڏئي ٿو ۽ اسان جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ پنهنجو پگهر وهائي ٿو. خدا واسطي، هن جي خطا معاف فرمائي اسان تي رحم کائو، هن جي چريائپ کي نظرانداز فرمائي، مامتا جون دعائون وٺو!
يوحنا کي آزاد ڪيو ويو ۽ ڀر پاسي جي ڳوٺن ۾ هن جي چريائپ جو چرچو عام ٿي ويو. ڇوڪرا هن جي ڳالهين تي چٿرون ڪرڻ لڳا ۽ ڇوڪريون همدرديءَ وچان چونديون هيون ته عالمِ انسان ۾ خدا جا ڪهڙا ڪهڙا شانَ آهن! هن جوان کي ڏسو! ڪيڏو حسين آهي، ليڪن ويچاري جو دماغ خراب آهي، هن جون اکيون ڪيڏيون حسين ۽ گهائيندڙ آهن، مگر روح بيمار ۽ ويڳاڻو اٿس.
انهيءَ گاهه ۽ گلن سان ٽمٽار وادين ۾ يوحنا پنهنجن وهٽن جي ڀر ۾ ويٺو هو، جيڪو انسانن جي تڪليفن ۽ مصيبتن کان بيزار ٿي سرسبز چراگاهن ۾ اچي ويا هئا. هو ڳاڙهين اکين سان انهيءَ ڳوٺ ۽ آباد ٻنين کي ڏسي رهيو هو جيڪي واديءَ جي ڪنارن سان پري تائين ڦهليل هئا. گهرا ساهه کڻي هُو بار بار چئي رهيو هو:
”توهان گهڻا آهيو ۽ مان اڪيلو، توهان جي دل جيڪو چاهي سو مون لاءِ چئو ۽ جيڪا دل چوي سا مون سان ڪيو. بگهڙ رات جي اونداهيءَ ۾ رڍ کي ڦاڙي کائي ٿو ليڪن هن جي خون جا نشانَ صبح ٿيڻ ۽ سج نڪرڻ تائين وادي جي پٿرن تي باقي رهجي ويندا آهن.“
•