ڪھاڻيون

غلامي

هي ڪتاب ”غلامي“ لبنان جي نامياري ليکڪ ۽ دانشور خليل جبران جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي جنهن جو سنڌيڪار پروفيسر عطاءُ الله ابڙو صاحب آهي.خليل جبران قانون، مذهب ۽ زماني جي غلط ريتن رسمن جي خلاف بغاوت جو آواز بلند ڪيو ۽ هڪ اهڙي معاشري جي قيام جي پُرزور حمايت ڪئي جنهن ۾ امن ۽ آشتيءَ جو راڄ هجي، جيڪو روحاني علوم سان آراسته هجي، جتي هر طرف دائمي خوشيون ۽ شادمانيون هجن ۽ پڻ هر طرف محبت جي حڪمراني هجي.
Title Cover of book غلامي

غلامي

غلامي

ماڻهو زندگيءَ جو غلام آهن!
۽ هيءَ غلامي سندن ڏينهن کي ذلت ۽ خواريءَ جي ڪفن ۾ ويڙهي ٿي ۽ سندن راتين کي رت جي ڳوڙهن جي لهرن ۾ غرق ڪري ٿي.
منهنجي پهرين جنم کي ست هزار سال لنگهي چڪا آهن، پر اڄ تائين مون اَمُر مڃيندڙ غلامن ۽ زنجيرن جڪڙيل قيدين کان سواءِ ڪنهن کي ڪونهي ڏٺو. مون زمين کي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين، پنهنجن قدمن سان ماپيو، زندگيءَ جي اونداهين ۽ روشنيءَ جي چؤڦير ڦيرا ڏنم، مختلف قومن ۽ نسلن کي ٽولن جي شڪلين ۾، غارن کان نڪري محلاتن ڏانهن ويندي ڏٺو، پر هيل تائين بارَ وگهي جهڪيل ڪنڌ، هٿڪڙيون پاتل ڪراين ۽ بتن آڏو ٽيڪيل گوڏن کان سواءِ مون کي ٻيو ڪجهه نظر نه آيو آهي.
بابل کان پيرس تائين ۽ نينوا کان نيويارڪ تائين، آءٌ انسان جي ڪڍ ويس. مون پيرن جي نشانن سان گڏ ئي واريءَ تي سندس ٻيڙين جا نشان ڏٺم. ماٿرين ۽ ٻيلن کي نسلن ۽ صدين جي روڄ ۽ راڙي سان گونجندي ٻڌم.
آءٌ شاهي محلاتن، عبادتگاهن ۽ جلسي گاهن ۾ ويس. آءٌ شاهي درٻارن، قربانگاهن جي آڏو بيٺس ۽ ڏٺم ته نوڪرُ واپاريءَ جو غلام آهي ۽ واپاري سپاهيءَ جو، سپاهي امير جو، اميرُ بادشاهه جو، بادشاهُه پادريءَ جو غلام آهي ۽ پادري بت جو ـــــ ۽ بتُ مٽيءَ جو ٺهيل آهي، جنهن کي شيطانن ڳوهي، ٺاهي، مئل کوپڙين جي ڍير تي بيهاري ڇڏيو آهي.
آءٌ سرمائيدارن ۽ حاڪم جي ماڙين ۾ ويس ۽ فقيرن ۽ محتاجن جي جهوپڙين ۾ به! عاج جي مجسمن ۽ سونَ مان جڙيل ساز ۽ سامان سان سينگاريل اوطاق ۾ ويس ۽ مايوسيءَ ۽ موت جي پاڇن سان اٽيل ڪوٺڙين ۾ به ويس، پر هر هنڌ مون اهو ئي ڏٺو ته ٻارَ، ٿَڃ سان گڏ غلاميءَ جو زهر پي رهيا آهن. ڇوڪرا الف، ب، ٻ، سان نياز ۽ نوڙت جو سبق پڙهي رهيا آهن. ڇوڪريون بيوسيءَ ۽ مجبوريءَ جو تهه چڙهيل لباس اوڍي رهيون هيون ۽ عورتون اّمُر ۽ هيڻائيءَ جي هنڌ ۾ ليٽيون کونگهرا هڻي رهيون هيون.
آءٌ زماني سان گڏ ڪنجي جي ڪنارن کان فرات جي ڪَپرَ، تيل جي ڇوڙ، سينا جي پهاڙن، اٿينز جي ميدانن، روم جي گرجا گهرن، قسطنطنيه جي گهٽين، پيرس جي وندرگاهن ۽ لنڊن جي سهڻين عمارتن تائين ويس ۽ ڏٺم ته هر هنڌ غلامي، عظمت ۽ غُرورَ جي جلوسن سان گڏ هلي رهي آهي. ماڻهو، ان جي قربانگاهن تي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ڀيٽا ڏيئي رهيا آهن ۽ ان کي ”ديوتا“ جي نالي سان سڏي رهيا آهن. ان جي قدمن ۾ عطر ۽ شراب اوتي رهيا آهن ۽ کيس ”بادشاهه“ جو لقب ڏئي رهيا آهن. ان جي مورتين کي ڌوپ جو واس ڏيئي رهيا آهن. ۽ ان کي ”پيغمبر“ جي نالي سان منسوب ڪري رهيا آهن. ان جي آڏو ڪنڌ نوائي رهيا آهن ۽ ان کي ”قانون“ سان مشابهت ڏيئي رهيا آهن. ان جي ڪري پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن. هڪٻئي جو خون وهائي رهيا آهن ۽ ان جو نالو ”وطن پرستي“ رکي رهيا آهن، ان جي آڏو ڪنڌ نوائي رهيا آهن ۽ کيس ”ڌرتيءَ تي خدا جو پاڇو“ ڪوٺي رهيا آهن. ان سان عقيدت جي جوش ۾ پنهنجن گهرن کي ساڙي ٻاري رهيا آهن. پنهنجن ماڙين کي ڊاهي رهيا آهن ۽ ان جي واٽ ۾ ”رت ۽ پُونءِ“ هڪ ڪري رهيا آهن ۽ ان کي ”سرمائي ۽ واپار“ جو نالو ڏيئي رهيا آهن.
قصو ڪوتاهه، اها هڪ حقيقت آهي جنهن جا ڪيئي نالا آهن. هڪ جوهر آهي، جنهن جون ڪيئي صورتون آهن، پر اها اول کان آخر تائين هڪ بيماري آهي، جيڪا پاڻ سان قسم قسم جا آزار ۽ زخم کنيو ايندي آهي. انهن آزارن ۽ زخمن کي ٻار پنهنجن وڏن کان ورثي ۾ وٺندا آهن. انهن جو ٻج هڪ دور ٻئي دور جي مٽيءَ ۾ وجهندو آهي ائين جيئن هڪ فصل جو ٻج ٻئي فصل ۾ وڌو ويندو آهي.
***
غلاميءَ جا جيترا قسم ۽ روپ مون ڏٺا آهن، اهي تمام گهڻو عجيب ۽ غريب آهن.
(1) انڌي غلامي: جيڪا انسان جي حال کي سندن وڏڙن جي ماضيءَ سان ڳنڍي ڇڏيندي آهي ۽ ان جي نفس کي پيرويءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڪوڙهي روحن جي لاءِ هڪ نئون جسم ۽ ڪمزور هڏين لاءِ هڪ قلعي ٿيل قبر بڻائي ڇڏيندي آهي.
(2) گونگي غلامي: جيڪا مرد جي ڏينهن رات کي ان عورت سان جڪڙي ڇڏيندي آهي، جنهن کان هو نفرت ڪندو آهي ۽ عورت جي جسم کي ان جي مڙس جي بستري سان ڳنڍي ڇڏيندي آهي، جنهن کان هوءَ بيزار هوندي آهي. اهڙيءَ ريت انهن ٻنهي جي زندگيءَ ۾ اهو رشتو قائم ڪري ڇڏيندي آهي، جيڪو پير ۽ جُتيءَ جي وچ ۾ هوندو آهي.
(3) ٻوڙي غلامي: جيڪا فردن کي مجبور ڪندي آهي ته اهي پنهنجي ماحول جي پيروي ڪن. ان جي رنگ ۾ پاڻ کي رڱي ڇڏين ۽ ان جو لباس پائن، ان ڪري هو آوازن ۾ پڙاڏو ۽ جسمن ۾ پاڇن جي مثل ٿي ويندا آهن.
(4) منڊي غلامي: جيڪا پورهيت انسانن جي ڪنڌ تي، اٽڪلن ۽ بهاني بازن جي چڱ مڙسيءَ جو بار رکي ٿي، ۽ باهمت انسانن جي ارادن کي ڀاڙين جي خواهش جي حوالي ڪري ٿي ڇڏي ۽ اُهي پرزن جيان ٿيو وڃن، جن کي پهريائين آڱريون ڦيرائينديون آهن ۽ پوءِ روڪي ڀڃي ڇڏينديون آهن.
(5) اڌيڙ غلامي: جيڪا ٻارن جي روحن کي کليل فضا مان کڻي بدبختيءَ جي اهڙيءَ کڏ ۾ ڦٽو ڪندي آهي جتان ضرورت، جهالت جي ذلت، مايوسيءَ جي ڀاڪر ۾ گهر ٺاهيندي آهي ۽ اهي ٻار بدنصيبيءَ جي پاڇي ۾ پلبا، ڏوهارين جي زندگي گذاريندا، خواريءَ جي حالت ۾ مرندا آهن.
(6) ڪوڙهي غلامي: جيڪا شين کي سندن غلط ملهه ادا ڪري خريد ڪندي آهي ۽ انهن کي ابتڙ نالن سان سڏيندي آهي؛ ان ڪري هر عيارپڻي کي چالاڪي، لٻاڙ کي علم، ڪمزوريءَ کي نرم دلي ۽ بزدليءَ کي بي نيازي چوندي آهي.
(7) ڦڏي غلامي: جيڪا هيڻن جي زبان کي خوف کان حرڪت ڏيندي آهي؛ ان ڪري هو اهڙيون ڳالهيون چوندا آهن جن کي پاڻ به ناهن سمجهندا. هو اهو ظاهر ڪندا آهن جيڪو سندن دلين منجهه ناهي هوندو ۽ هڪ لٽي مثل ٿي ويندا آهن، جنهن کي مجبوريءَ جا هٿ کوليندا ۽ تهه ڪندا آهن.
(8) ڪٻڙي غلامي: جيڪا هڪ قوم کي ٻيءَ قوم جي قانونن تي هلائيندي آهي.
(9) شماريل غلامي: جيڪا بادشاهن جا تاج شهزادن کي پارائيندي آهي.
(10) ڪاري غلامي: جيڪا بيگناهه ڏوهارين جي اولاد کي ذلت ۽ خواريءَ سان ڳنڍيندي آهي.
۽ غلامي پاڻ غلاميءَ جي لاءِ آهي ۽ اها اّمَر قوت آهي.
***
جڏهن آءٌ قومن سان گڏ هلي هلي ٿڪجي پيس ۽ منهنجي نظر نسلن ۽ صدين کي ڏسندي ڏسندي بيزار ٿي پيئي ته پاڇن جي وادين ۾ اڪليو وڃي ويهي رهيم، جتي لنگهي ويل دَور جا پاڇا گم ٿي ويندا آهن.
اتي مون ڏٺو ته هڪ ڪمزور پاڇو، سج تي نظرون کپائي اڪيلو وڃي رهيو هو، مون کائنس پڇيو: ”تون ڪير آهين؟ ۽ تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
هن جواب ڏنو: ”منهنجو نالو آزادي آهي.“
مون وري سوال ڪيو: ”۽ تنهنجا پٽ ڪٿي آهن؟“
چيائين: ”هڪ کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو، ٻيو چريو ٿي مري ويو ۽ ٽيون اڃا پيدا ئي ڪونهي ٿيو.“
ائين چئي هو ڪوهيڙي پٺيان گم ٿي ويو.