جراحي
منهنجيءَ هڪ هوڙ ۾ ڪِيڙو لڳي ويو هو، جنهن مون کي پريشان ڪري وڌو. ڏينهن جو ساهه مٺ ۾ ڪيو پيو هوندو هوم ۽ رات جي سڪون ۾. جڏهن ڏندن جا ماهر آرامي هوندا آهن ۽ دوا خانا بند هوندا آهن تڏهن سور کان بيچين ٿي اٿي ويهندو هوم.
هڪ ڏينهن سور کان لاچار ٿي ڪري هڪ ڏندن جي ماهر وٽ ويم ۽ ان کي چيم: ”هن خبيث هوڙ کي ڪڍي اُڇل، ڊاڪٽر صاحب! هن مون تي ننڊ جو مزو حرام ڪري وڌو آهي ۽ منهنجين راتين کي آهه زاري ۾ بدلائي ڇڏيو آ.“
ڊاڪٽر انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چيائين: ”جڏهن اسان هوڙ جو علاج ڪري سگهون ٿا ته پوءِ ان کي ڪڍي اُڇلڻ جهالت جي ڳالهه چئبي.“ ائين چئي ڪري هن هوڙ کي هيڏانهن هوڏانهن لوڏڻ شروع ڪيو، ۽ ان جي پاڙن کي صاف ڪري عجيب و غريب طريقن کي آزمائڻ بعد جڏهن هن کي يقين ٿي ويو ته هاڻي هوڙ ۾ هڪ به جيت ناهي رهيو، تڏهن هن خالي جڳهه کي هڪ خاص قسم جي سونَ سان ڀري ڇڏيو، ۽ فخريه لهجي ۾ چوڻ لڳو: ”هاڻي تنهنجي هيءَ هوڙ تندرست کان به زياده مضبوط ٿي وئي آهي.“
مون هن جي تائيد ڪئي ۽ اشرفين سان ڀريل مُٺ، هن جي حوالي ڪري خوش خوش هليو آيم، مگر هڪڙو ئي هفتو مس گذريو ته بدبخت هوڙ ٻيهر سور ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هن منهنجي روح جي نغمن کي سڪرات ۾ نڪرندڙ خرخراهٽ ۽ دوزخ جي آهُن ۽ دانهن ۾ بدلائي ڇڏيو.
مان وري هڪ ٻئي ڊاڪٽر وٽ ويس ۽ محتاط انداز ۾ کيس چيم: ”هن خطرناڪ سونَ جي هوڙ کي ڪڍي اُڇل ۽ بلڪل تڪلف نه ڪجانءِ.“ ڊاڪٽر منهنجي اُها هوڙ ڪڍي، حالانڪ سور ۽ تڪلف جي لحاظ کان مون لاءِ اها هڪ ڀيانڪ گهڙي هئي، مگر حقيقت ۾ وڏي برڪت واري.
هوڙ ڪڍڻ کان پوءِ ڊاڪٽر چڱيءَ طرح سان جو جائزو ورتو ۽ انهيءَ کان پوءِ مون کي چيائين: ”هي توهان ڏاڍو ڀلو ڪيو. بيماريءَ هوڙ ۾ خوب پاڙ ورتي هئي ۽ ان جي ٺيڪ ٿيڻ جي ڪا به اُميد ڪا نه هئي.“
انهيءَ رات مان ڏاڍو آرام سان سمهيم ۽ اڄ تائين سک سان آهيان ۽ هوڙ جي نڪري وڃڻ تي خدا جو شڪر بجا آڻيان ٿو.
***
انساني معاشري جي وات ۾ ڪيتريون ئي ڪيڙن لڳل هوڙيون آهن. اُهي ڪيڙا هاڻي وڌي وڌي هڏي تائين پهچي چڪا آهن، مگر افسوس معاشرو تڪليف کان بچڻ لاءِ هوڙون نٿو ڪڍرائي، مگر دعا-سڳي تي ئي گذارو ٿو ڪري. هُو هنن کي مٿان کان صاف ڪرائي خالي جڳهن کي چمڪندڙ سونَ سان ڀرائي ٿو ڇڏي ۽ بس!
ڪيترائي علاج ڪرڻ وارا، انسانيت جي هوڙن جو علاج، پُرفريب، سونن ۽ چمڪندڙ دوائن سان ڪندا آهن ۽ ڪافي مريض پنهنجو پاڻ انهن اصلاح پسند حڪيمن جي مرضيءَ جي حوالي ڪندا آهن ۽ بيماريءَ جا ڏک سهي سهي خود فريبيءَ جي عالم ۾ مري ويندا آهن.
مگر جيڪا قوم هڪ دفعو بيمار پئجي مري ويندي آهي، اها ٻيهر زنده نٿي ٿئي ڇو ته دنيا جي سامهون پنهنجن اندروني مرضن جا سبب ۽ انهن اجتماعي دوائن جي حقيقت بيان ڪري جن کي استعمال ڪرڻ کان پوءِ قومون تباهيءَ ۽ برباديءَ جي اوڙاهه ۾ وڃي ڪرنديون آهن.
شام ملڪ جي رهواسين جي وات ۾ فرسوده، ڪاريون، گنديون ۽ بدبودار هوڙون آهن. اسان جي طبيبن به گهڻو ئي چاهيو ته انهن کي صاف ڪري سندن مٿان سونَ جو پاڻي چاڙهي ڇڏين، مگر جيستائين اهي هوڙون ڪڍي اڇلايون نه وينديون تيستائين نه مرض دور ٿيو آهي ۽ نه ٿيندو. ٻيو ته جنهن قوم جي هوڙ ۾ ڪيڙو لڳي ويو آهي، انهيءَ جو معدو به ڪمزور ٿي ويندو، ۽ گهڻيون ئي قومن هاضمي جي خرابيءَ سبب موت جو ٻل ٿي چڪيون آهن.
جيڪڏهن ڪو به اهل-شام جون ڪيڙي لڳل هوڙون ڏسڻ ٿو چاهي ته انهيءَ کي مدرسن ۾ وڃڻ گهرجي، جتي مستقبل جو انسان انهن مسئلن کي رٽِڻَ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي جيڪي هو هڪٻئي کان نقل ڪندا پيا اچن.
يا عدالت ۾ وڃڻ گهرجي، جتي ڀٽڪيل ذهانت قانوني احڪامن سان اهڙيءَ طرح کيڏي رهي آهي، جهڙيءَ طرح ٻلي، پنهنجي شڪار سان، يا اميرن جي محلاتن ۾ وڃڻ گهرجي، جتي ڏيکاءَ، ڪوڙ ۽ بناوٽ پنهنجو قبضو ڄمائي رکيو آهي، يا غريبن جي جهوپڙين ۾ وڃڻ گهرجي، جتي خوف، بزدليءَ ۽ جهالت پنهنجو قبضو ڄمائي رکيو آهي، ۽ ان کان پوءِ انهن سنهين سنهين آڱرين وارن ڏندن جي ماهرن وٽ وڃڻ گهرجي، جن وٽ نازڪ اوزار ۽ نشي آور سفوف آهن، جيڪي ڪيڙن لڳل هوڙن جي سوراخن ڀرڻ، انهن جي بيمار پاڙن کي صاف ڪرڻ ۾ لڳا رهن ٿا.
جڏهن ڪو به انهن سان ڳالهه ٿو ڪري، يا انهن کان فائدو حاصل ڪرڻ ٿو چاهي ته انهن کي انهن بزرگ وعظين مان ٿو لهي، جن جون زبانون فصاحت ۽ بلاغت جا گل وسائين ٿيون، جيڪي جماعتون ٺاهين ٿا، ڪانفرنسون ڪوٺائين ٿا ۽ جلسن ۾ پنهنجي شعلهء بيان تقريرن سان باهه ٻاري ڇڏين ٿا، جن جي تقريرن ۾ هڪ نغمو هوندو آهي ــــــ جنڊ جي پڙن جي مڪروه آواز کان وڌيڪ اُوچو ۽ جولاءِ جي راتين ۾ ڏيڏرن جي ٽان ٽان کان وڌيڪ دلڪش.
مگر جڏهن ڪوئي انهن کي چوي ٿو: ”اهل-شام وارا پنهنجي زندگي جي غذا ڪيڙن لڳل هوڙن سان چٻاڙيندا آهن، تنهڪري هنن جي هر گرهه ۾ زهريلي پاڻياٺ شامل ٿي ويندي آهي جيڪا هنن جي آنڊن کي بيڪار ڪري ڇڏيندي آهي.
تڏهن اهي جواب ڏيندا آهن ته برابر هائو! پر اسان هنن لاءِ هڪ نئين دوا ايجاد ڪري رهيا آهيون جيڪا تمام گهڻي نشي آور هوندي.
۽ چوڻ وارو جڏهن هيئن چوي ٿو ته ”هوڙ ڪڍرائڻ متعلق اوهان جو ڇا رايو آهي، تڏهن هو کلي ڏيندا آهن ۽ چوندا آهن ته پڇڻ وارو ڏندن جو شريفانه علاج ناهي سکيو.
۽ جڏهن ٻيهر هنن کان اهو سوال ڪيو ٿو وڃي، تڏهن هو اٿي بيهي ٿا رهن ۽ خفا ٿيندي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا ته ”هن دنيا ۾ ڪيترا نه تصور پرست رهن ٿا ۽ ڪيترا نه بي بنياد آهن انهن جا تصورَ.“
•