داناءُ بادشاهه
ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ۾ هڪ وڏي دٻدٻي وارو داناءُ بادشاهه هيو. هن جي شان شوڪت ۽ دٻدٻي جي ڪري ماڻهو هن کان ڊڄندا هئا ۽ هن جي دانائيءَ جي ڪري هن سان محبت ڪندا هئا.
انهيءَ شهر جي وچ ۾ صاف ۽ مٺي پاڻي جو هڪ کوهه هو. سڄو شهر، جنهن ۾ بادشاهه ۽ سندس درٻاري به شامل هئا، ان کوهه جو پاڻي پيئندا هئا، ان لاءِ جو شهر ۾ ٻيو کوهه هو ئي ڪو نه.
هڪ رات جي ڳالهه آهي، سڄو شهر ننڊ پيو هو ته هڪ جادوگرياڻي خاموشيءَ سان شهر ۾ آئي ۽ هڪ عجيب و غريب پاڻياٺ جا ست ڦڙا کوهه ۾ وجهي چوڻ لڳي: ”هاڻي جيڪو به هن کوهه جو پاڻي پيئندو، چريو ٿي پوندو.“
ٻئي ڏينهن سڄي شهر وارن کوهه جو پاڻي پيتو ۽ جيئن جادوگرياڻيءَ چيو هو، تيئن چريا ٿي ويا، پر بادشاهه ۽ سندس وزير اهو پاڻي ڪو نه پيتو.
جڏهن اها خبر شهر ۾ پهتي ته ماڻهو گهٽيءَ گهٽيءَ، پاڙي پاڙي ۾ ڦرڻ لڳا ۽ پاڻ ۾ سُس پُس ڪرڻ لڳا ته ”اسان جو بادشاهه ۽ وزير چريا ٿي پيا آهن. اسان جو بادشاهه ۽ وزير پنهنجو عقل وڃائي ويٺا آهن. اسان هڪ چريي بادشاهه کي پاڻ مٿان حڪومت ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، اچو ته کيس تخت تان لاهيون.“
شام جو اهو احوال بادشاهه کي ٻڌايو ويو. هن هڪدم حڪم ڏنو ته سوني وٽي ۾، جيڪو هن کي پنهنجن ابن، ڏاڏن کان ورثي ۾ مليو هو، کوهه جو پاڻي ڀري اچن. فوراً حڪم جي تعميل ڪئي ويئي ۽ پاڻي بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو. بادشاهه وٽو پنهنجن چپن تي رکيو ۽ هڪ ٻه ڍڪ ڀري، وزير جي حوالي ڪيائين ۽ وزير اهو باقي بچيل پاڻي پِي ڇڏيو.“
جڏهن شهر وارن کي اها خبر پئي ته هنن خوشيءَ جا واڄا وڄايا ته بادشاهه ۽ سندس وزير کي وڃايل عقل واپس ملي ويو آهي.
•