آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ابراهم لنڪن (سوانح حيات)

ابراهم لنڪن جي زندگي جدوجھد، حوصلي ۽ اصولن تي بيھڻ جي هڪ شاندار ڪھاڻي آهي، جيڪا نہ رڳو آمريڪي تاريخ ۾، پر پوري دنيا ۾ جمھوريت ۽ انساني حقن جي حوالي سان هڪ مشعلِ راھہ بڻيل آهي. هي ڪتاب ان عظيم اڳواڻ جي سوانح حيات تي تفصيل سان روشني وجهي ٿو، جيڪو هڪ عام غريب خاندان مان اڀري، آمريڪا جي 16هين صدر طور تاريخ رقم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. لنڪن جي قيادت جو سڀ کان اهم ڪارنامو غلاميءَ جو خاتمو آڻڻ هيو، آمريڪي گهرو ويڙھہ دوران قومي اتحاد کي برقرار رکڻ ۽ جمھوريت جي بنيادي اصولن کي مضبوط ڪرڻ هو. هي رڳو هڪ عام ترجمو ٿيل ڪتاب ناهي، پر اسان جي نوجوانن جي لاءِ جاڳرتا جو هڪ اهم باب پڻ آهي. هن ڪتاب ۾ لنڪن جي قيادت، سندس سياسي حڪمت عملي، ۽ جمھوريت لاءِ ڏنل قربانين جو تفصيلي ذڪر آهي.

Title Cover of book Abraham Lincoln

ارپنا:

پنھنجي ڀائرن جھڙي دلبر دوست
محترم ايڊووڪيٽ عاقب راڄپر صاحب
۽
سندس ننڍڙي حُسين عاقب راڄپر
جي نانءُ،
عاقب راڄپر سان ڪراچي بار روم ۾ سال 2000ع ۾ ملاقات جو شرف حاصل ٿيو، جنھن سان اڄ بہ احترام ۽ نيازمنديءَ جي نينھن سان جڙيل هي دوستيءَ ۽ ڀائپيءَ جو انمول رشتو قائم ۽ دائم آهي. عاقب سان گڏ سندس ننڍڙي پٽ حسين راڄپر سان بہ تاج پيپر سينٽر ۾ 2006ع ۾ ملاقات ٿي هئي. جڏهن حسين کي عاقب پنھنجي آفيس وٺي ايندو هو. هاڻي تہ ٻئي دوست ٿي ويا آهن.
اڄ جڏهن حُسين جا ڊان اخبار ۾ خط ڇپجن ٿا تہ مون کي ڏاڍي سرهائي محسوس ٿئي ٿي ۽ سڀاڻي جڏهن هن جا مضمون سڄي دنيا ۾ پڙهيا ويندا، تہ مون لاءِ ان کان وڌ ٻي فخر جي ڪھڙي ڳالھہ هوندي. مون کي خوشي ان ڳالھہ جي بہ آهي تہ عاقب راڄپر نہ فقط سٺو وڪيل آهي پر قومي ڌارا ۾، قومي خدمتن ۾ اسان سڀني دوستن کان تمام گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي. هو هڙا وڙان خرچ ڪري، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي بقا جي جنگ ۾ اسان سڀني دوستن کي آڳ ڏيئي ويو آهي. خاص ڪري ڪئنالن جي اشو تي، سنڌ جي سڀني وڪيل ڀائرن سان پھرئين ڏينھن کان وٺي ٻٻر لوءِ پھچي، اڃان تائين ان ڌرڻي ۾ ويھي ڌرتي ماتا جو ٿنج ملھايو. ٻٻرلوءِ کي سلام.

________ بلوچ صحبت علي