آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ابراهم لنڪن (سوانح حيات)

ابراهم لنڪن جي زندگي جدوجھد، حوصلي ۽ اصولن تي بيھڻ جي هڪ شاندار ڪھاڻي آهي، جيڪا نہ رڳو آمريڪي تاريخ ۾، پر پوري دنيا ۾ جمھوريت ۽ انساني حقن جي حوالي سان هڪ مشعلِ راھہ بڻيل آهي. هي ڪتاب ان عظيم اڳواڻ جي سوانح حيات تي تفصيل سان روشني وجهي ٿو، جيڪو هڪ عام غريب خاندان مان اڀري، آمريڪا جي 16هين صدر طور تاريخ رقم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. لنڪن جي قيادت جو سڀ کان اهم ڪارنامو غلاميءَ جو خاتمو آڻڻ هيو، آمريڪي گهرو ويڙھہ دوران قومي اتحاد کي برقرار رکڻ ۽ جمھوريت جي بنيادي اصولن کي مضبوط ڪرڻ هو. هي رڳو هڪ عام ترجمو ٿيل ڪتاب ناهي، پر اسان جي نوجوانن جي لاءِ جاڳرتا جو هڪ اهم باب پڻ آهي. هن ڪتاب ۾ لنڪن جي قيادت، سندس سياسي حڪمت عملي، ۽ جمھوريت لاءِ ڏنل قربانين جو تفصيلي ذڪر آهي.

Title Cover of book Abraham Lincoln

علم ئي استاد

”انھن ڏينھن ۾ نالي ماتر اسڪول هوندا هيا. استاد ٿيڻ لاءِ بہ ڪنھن خاص لياقت جي ضرورت نہ هوندي هئي. فقط لکڻ پڙهڻ، حساب ڪتاب اچڻ ئي ڪافي هوندو هيو. تعليم جي نظام ۾ ڪا بہ شي اهڙي نہ هئي جنھن سان تعليم پرائڻ ۾ شوق پيدا ٿئي“. لنڪن

جن ماڻھن کي ابراهم لنڪن جو ٻاروتڻ ياد آهي، جڏهن ڏاکڻي انڊيانا ۾ پيرين اگهاڙي هلندو هيو. انھن هنجي باري ۾ ٻہ ڳالھيون ڪڏهن بہ نہ وساريون. هڪڙي ڳالھہ اها تہ ان زماني ۾ بہ هن جو قد، هن جي عمر جي لحاظ کان ايترو ڊگهو هيو جو هن جي پتلون ھميشہ لُنڊي نظر ايندي هئي ۽ کل جي پتلون جي مٿي ٿيل پانچن مان هن جي پيرن جا مُرا صاف نظر ايندا هيا. ٻي ڳالھہ تہ ابراهم جي هٿ ۾ هميشہ ڪو نہ ڪو ڪتاب ضرور هوندو هيو.
ان ٻي تاثر مان اسان ان ڳالھہ جو اندازو آساني سان لڳائي سگهون ٿا تہ ابراهم جسماني ۽ ذهني طور تي تمام تڪڙي وڌي رهيو هو. ذهني طور تي ان وقت تائين هن جي ذهن جا تھہ اڃان نہ کُليا ها، پر پوءِ بہ هو پنھنجين ساٿين کان سڀني کان وڌيڪ ذهين، سمجهدار ۽ هوشيار ڇوڪرو هوندو هيو. اڪثر ڪري هو ڪنھن مٿانھين واري جاءِ تي چڙهي ويھي رهندو هو ۽ گرجا جي پادري جي واعظ جي نقل ڪري، هٿ لوڏائي، تقريرون ڪندو رهندو هيو. هن جي انھي حرڪت جي ڪري ماڻھو کل کي نہ روڪي سگهندا هيا ۽ ايترو کلندا هيا جو ماڻھن جي پيٽ ۾ سور پئجي ويندو هيو. ڪڏهن ڪڏهن تہ هو جيڪي ڪتاب پڙهي ايندو هو، ان مان خاص پوانٽ وارا صفحا وڏي سنجيدگي سان دهرائيندو هيو ۽ ماڻھو وڏي شوق سان هن جي تقريرون ٻڌندا رهندا هيا.
هو طبيعت جي حساب سان ڏاڍو لڄوڻو ۽ ماٺيڻو ماڻھو هوندو هيو. پر ڳالھيون ڪندي ڪندي هن جي هٻڪ ختم ٿي ويندي هئي. هن کي ڪيئي لطيفا ۽ ٽوٽڪا ياد هوندا هيا. جن مان هو ٻڌندڙن کي لطف اندوز ڪندو هيو. ڪڏهن ڪڏهن تہ هو ويٺي ويٺي ڪنھن گهري سوچ ۾ ٻڏي ويندو هو. هن جي چھري مان ڳڻتي جا آثار نمايان طور تي نظر ايندا هيا. هو بلڪل فلسفي نظر ايندو هيو. فطري طور تي هو ڏاڍو نرم دل ۽ صلح پسند ماڻھو هيو. پر جيڪڏهن ڪو هن کي هرکائي وڙهڻ لاءِ آمادہ ڪندو هيو تہ پوءِ هو پوئتي موٽڻ وارن مان نہ هيو.
ابراهم لنڪن کي سڄي زندگي ان ڳالھہ جو افسوس رهيو تہ هنکي شروع کان ئي وٺي ڪنھن ريگيولر اسڪل ۾ پڙهڻ جو موقعو نہ مليو. جيڪو ڪجهہ هن پنھنجي ذاتي مطالعي مان ۽ تجربي مان سکيو هو، ان جو اظھار هو وڏي نھٺائي سان ڪندو هو.
صدارت جي اعليٰ عھدي تي فائز هئڻ کان پوءِ بہ هو پنھنجي ان تعليمي کوٽ جو ذڪر وڏي واقعي ڪندو هيو. سچ پڇو تہ اهو بہ هن جي مزاج ۾ وڏي پڻ هجڻ جو ثبوت هيو. نہ تہ جھڙي ريت هو تن تنھا پنھنجي ذاتي محنت، ذوق شوق ۽ رياضت سان انتھائي غربت ۽ جهالت جي ماحول ۾ پرورش ٿيڻ جي باوجود هن جيڪي اعليٰ قسم جو سھولتون پيدا ڪيون، جنھن اعليٰ دماغي تدبر ۽ تفڪر جو ثبوت هن پيش ڪيو، ٻيو ڪو بہ ماڻھو ان جي ويجهو بہ نہ پھچي سگهيو. جيتوڻيڪ انھن کي نہ صرف ننڍپڻ ۾ هر قسم جون تعليمي سھولتون ميسر هيون/مليون، پر انھن جي تربيت ۽ پرورش بہ بھترين ماحول ۾ ٿي هئي.
پنھنجي اسڪول جي تعليم جي باري ۾ هن پاڻ انتھائي خوبصورت انداز ۾ لکيو آهي تہ؛
”منھنجي اسڪول جي تعليم قسطن ۾ ٿي“. هن پنجن مختلف استادن وٽ علم پرايو هو. ٻن کان ڪنٽيڪي Kentucky ۾ ۽ ٽن کان انڊيانا ۾. پر هن جي تعليم جو سمورو عرصو هڪ سال کان بہ گهٽ جو آهي. ظاهر آهي تہ هڪ سال جي قليل عرصي/مدت ۾ ڪير ڪيترو پڙهي سگهي ٿو. هن جي انڊيانا وارن استادن جا نالا ڪرافورڊ-ڊورزي ۽ سوئني هيا. جڏهن تہ اسڪول جي ڪتابن ۾ انجيل، رياضي جو هڪڙو ڪتاب ۽ هڪڙو هِجي ڪرڻ وارو ڪتاب هيو. بس اهو ئي هيو هن جي درسي ڪتابن جو سرمايو.
ڇوڪرا ٿلھي تختي جي تراشيل بينچن تي ويٺا هيا. انھن تختن مان وڏي بينچ/ ميز جو ڪم وٺندا هيا. انھن تي ڪتاب، قلم ۽ مس جو ڪپڙيون رکيل هونديون هيون. استاد جي پٺين پاسي ڏانھن آتشڪدو هوندو هيو. جنھن ۾ سياري جي موسم ۾ باھہ پئي ٻرندي هئي. ان باھہ جي تئو جي ڪري استاد جي چيلھہ ۽ پھرئين قطار ۾ ويٺل شاگردن جي منھن ۽ ٽنگن کي سيڪ پيو ايندو هيو. جڏهن تہ پٺين قطار ۾ ويٺل شاگرد ويچارا سيءُ ۾ پيا ڏڪندا رهندا هيا. انھن جو ٽنگون ڏڪڻي ۾ ورتل هونديون هيون ۽ آنڱريون تہ اهڙيون ڏڪنديون هيون جو پلڪار يا ڪلڪ ڪنھن بہ ريت هٿ جي پڪڙ ۾ نہ ٿي آڻي سگهيا.
اهو اسڪول بہ لنڪن جي گهر کان چار ميل پري هيو. جن ڏينھن ۾ موسم خوشگوار هوندي هئي تہ هو پنھنجي ان پنڌ مان خوب مزو وٺندو هيو. جهنگل ۾ ننڍڙن نورئيڙن کي پڇ مٿي ڪري، اکروٽ کي اڳين ٽنگن سان جهلي، ڏندن سان ڪتريندي ڏسندو هيو، جيڪي هن جي پيرن جي آهٽ تي بہ نہ ڀڄندا هيا. پر جڏهن موسم خراب هوندي هئي تہ هن جي لاءِ اهو مفاصلو طئي ڪرڻ بہ انتھائي عذاب ٿي ويندو هيو. بارش يا برف جي ڪري هن جا ڪپڙا پسي/آلا ٿي ويندا هيا. ويندي هن جو سڄو جسم بہ ڀِڄي ويندو هيو. ڊينس هنيڪس Dennis ابراهم لنڪن جي ان حالت کي هن طرح سان بيان ٿو ڪري تہ:”جانور جي کل جا جوتا جنھن جي اندر کل جو پاتاوو لڳل هوندو هيو. هن جي پير جي حفاظت جي لاءِ ڪافي نہ هيو. بارش ۽ برف باري ۾ پاڻي هن جي جوتن ۾ اندر هليو ويندو هو ۽ هن جا پير سُن ٿي ويندا هيا“.
پر اهي سموريون تڪليفون، مصيبتون، هرروز جو اهو ڊگهو سفر ابراهم کي تعليم لاءِ اهو سڀ ڪجهہ برداشت ڪرڻو پوندو هيو. هو جيڪڏهن چاهي ها تہ اسڪول نہ وڃي ها، پر علم سان هن جو عشق هيو. هن جو وس پڄي ها تہ هو هر وقت پڙهندو ئي رهي ها. هن جي خواهش هئي تہ هن کي جيترو بہ وقت ملي پيو، هو ان مان گهڻي کان گهڻو سکڻ جي ڪوشش ڪري پيو. ابراهم جو هڪڙو ڪلاسي ”تيٿيهل بيان ڪري ٿو تہ؛ ابراهم هميشہ اسڪول ۾ سڀني کان اڳ ۾ پھچندو هيو. ڪلاس ۾ سڀني کان اڳيان ويھندو هيو. هو پنھنجي سڀني ڪلاسين جي ڀيٽ ۾ سڀني کان گهڻو ذهين، تيز ۽ هوشيار هوندو هيو. لفظن جي هجي ۽ انھن جي معنيٰ هن کي چڱي ريت ايندي هئي. هڪڙي دفعي هن هجي ۽ معنيٰ جي سبق ۾ هڪڙي عجيب حرڪت ڪئي. هن جي انگريزي ڪلاس جي هڪڙي ڇوڪري انگريزي لفظ ڊي فائيڊ جي هجي ڪري ٻڌائي رهي هئي. جڏهن هو ڊيD، ايE، Fايف، تائين پھتي تہ اتي ئي اٽڪي پئي. اڳيون اکر Iآئي جو هيو جيڪو هن کي ياد نہ پيو اچي. ”آئي“ انگريزي ۾ اک کي بہ چوندا آهن. جنھن وقت آئي تي اٽڪي پئي تہ ابراهم لنڪن هن کي اک ڏانھن اشارو ڪيو، ڇوڪري هڪدم اک جي اشاري سان آئي سمجهي ويئي ۽ جلدي سان ئي هن سڄي اسپيل ٻڌائي ورتي. ابراهم اهڙي قسم جون شرارتون اڪثر ڪري ڪندو رهندو هيو.
ڪنٽيڪي Kentucky جيان انڊيانا ۾ بہ اهڙي قسم جي مدرسي ٽائيپ اسڪولن جو عجيب طريقو رائج هيو. اهي اسڪول پراڻي دؤر جي اوڀر وارن مدرسن سان تمام گهڻو ملندڙ جلندڙ هيا. جھڙي نموني اوڀر وارن ملڪن جي مدرسن ۾ ڪيترائي ٻار تڏن يا نخن تي يا فرش تي ويھي پڙهندا هيا ۽ وڏي جوش جذبي سان لڏي لڏي، ڪنڌ ڌوڻي ڌوڻي پڙهندا هيا. اهڙي قسم جو طريقو هنن اسڪولن ۾ بہ رائج هيو. سڄو اسڪول فقط هڪڙي ئي ڪاٺ جي ٺھيل ڪيبن واري ڪمري تي مشتمل هوندو هيو. جنھن مختلف ڪلاسن جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ ويھي پڙهندا هيا. استاد هڪڙي وڏي لٺ هٿ ۾ جهلي سڄي ڪلاس جو پيو چڪر ڪاٽيندو هيو ۽ سڀني ڪلاس وارن کي هڪڙي وقت تي پڙهائيندو رهندو هيو. جڏهن هڪڙو ڪلاس پنھنجو سبق پڙهندو هو تہ ٻي ڪلاس وارا پنھنجو سبق ياد ڪندا رهندا هيا. انھن سڀني ڪلاسين جي گڏيل سڏيل آواز جي ڪري پري کان ائين لڳندو هو تہ ڪو مکين جو مانارو هجي، جنھن ۾ هزارين مکيون ڀون ڀون پيون ڪنديون هجن ۽ اها ڦڪڙي ڪلاڪن جا ڪلاڪ جاري رهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو شاگرد ان ڦڪڙي ۾ پنھنجو سبق بہ وساري ويھندو هيو. تہ پوءِ سزا جي طور تي هن کي وڏي چھنب واري ٽوپي پارائي ڪمري جي ڪنڊ ۾ بينچ تي اڀو بيھاريو ويندو هيو. جنھن ٽوپي جي پائڻ جي ڪري اهو شاگرد گهٽ ۽ مشڪرو وڌيڪ لڳندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن تہ ائين ٿيندو هو جو سال جي شروعات ۾ ئي جڏهن ڪنھن امير ماڻھوءَ جو دادلو يا ٽرڙو ٻار داخلا وٺندو هو تہ ان کي خبر ئي نہ پوندي هئي تہ استاد ڪير آهي ۽ شاگرد ڪير؟. اهڙي ريت استاد ويچاري کي پنھنجو روب ۽ اثر قائم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڏينھن لڳي ويندا هيا. ڇوڪرا استاد کي شاگرد ۽ شاگرد کي استاد سمجهندا هيا ۽ جڏهن هنن کي حقيقت جي پروڙ پئجي ويندي هئي تہ پوءِ ان ڳالھہ مان وڏو مزو وٺندا هيا.
مسٽر ڪرافرڊ تعليم سان گڏو گڏ تربيت جو بہ خيال رکندو هيو. ان ڪري هو اهڙو ڪم ڪندو هيو جو ڪنھن هڪڙي ڇوڪري کي ٻاهر موڪلي ڇڏيندو هو ۽ هن کي چوندو هيو تہ هاڻي تون هڪڙي نئين ڄاول ٻار جيان داخل ٿيندي. ڇوڪرو اندر ڪلاس ۾ داخل ٿيندو هو، ماستر صاحب ان جو سڄي ڪلاس سان تعارف ڪرائي ڇڏيندو هيو. اهڙي ريت ڇوڪرا ڪمري ۾ داخل ٿيندا هيا، سلام ڪندا هيا ۽ گفتگو ڪرڻ سکي ويندا هيا.
مسٽر دورسي Azel Dorsey جي اسڪول ۾ ابراهم صورتخطي ۽ سٺا اکر لکڻ سکيو. لنڪن جي پنھنجي هٿ جي پھرئين لکڻي، جيڪا ملي سگهي، اها هڪڙي شعر تي مشتمل آهي. جنھن جو ترجمو هي آهي؛

ابراهم لنڪن هٿ ۾ هن جي قلم
ٿئي وڏو انسان هي ڏسنداسين اسان.

ابراهم لنڪن جي نرم دلي ۽ دوستيءَ جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ هن انھن ڏينھن ۾ بہ جانورن سان ظالماڻي سلوڪ جي خلاف پنھنجي قلم سان زبردست مضمون لکيا. جانورن کي هميشہ جانور ئي سمجهيو پيو ويو آهي ۽ انھن سان هر قسم جو بي رحماڻو سلوڪ روا رکيو رکيو ويو. ان ڪري لنڪن جا هي خيال سردي ۾ ان سخت ۽ ڪٺور دل ماڻھن لاءِ حيران ڪندڙ هيا. اها ڳالھہ هن جي سمجهہ ۾ نہ ايندي هئي تہ جانورن تي ظلم ڪرڻ جو آخر مطلب ڇا هي؟. پر هن جا پختا دليل هن جي ساٿين کي سدائين ياد رهيا. ان جي نتيجي ۾ اهو چوڻ درست ٿيندو تہ انھن ارادي طور يا غيرارادي طور هن جو اثر قبول ضرور ڪيو هو.
لنڪن جي پھرئين ئي لکڻي مان ان ڳالھہ جو اندازو ٿي وڃي ٿو تہ ننڍپڻ کان هن جو لاڙو شعر و شاعري ڏانھن هيو. اسڪول جي ڏينھن کان وٺي ويندي بعد ۾ بہ هو طبع آزمائي ڪندو رهيو. پر هن جي اها ڪوشش/مشق بس شوق جي حد تائين رهي، ان کان اڳتي نہ وڌي سگهي. هنجي اسڪول جي ڪاپي ۾ بہ هن جي پنھنجن ئي هٿن اکرن سان ڪجهہ شعر مليا آهن.
لنڪن جا پراڻا دوست يا هن جا پاڙيسري لنڪن جي باري ۾ اهو چون ٿا تہ هو ”سست“ هيو. هن کي پنھنجي ڪم ۽ محنت کان وڌيڪ هن کي پنھنجي پگهار ۽ آرام ڪرڻ پسند هيو. ڊينس هنيڪس جيڪو هميشہ لنڪن جي تعريف ۾ اڳتي اڳتي هوندو هيو. هو بہ ماڻھن جي ان ڳالھہ سان متفق هوندو هيو. هن جو بہ اهو ئي خيال هو تہ ”ابراهم وڏو سست ڇوڪرو هيو، هر وقت بس ڪجهہ نہ ڪجهہ لکندو پڙهندو ۽ شاعري ڪندو رهندو هيو“.
هڪدفعي ابراهم پنھنجي پاڙيسري کي چيو هو تہ،”منھنجي پيءُ مون کي ڪم ڪرڻ ۽ محنت ڪرڻ تہ خوب سيکاريو هيو، پر هن مون کي پنھنجي ڪم مان لطف اندوز ٿيڻ جو گُر نہ سيکاريو هو“.
اصل ۾ ڳالھہ هي هئي تہ اهي ماڻھو پڙهيل لکيل نہ هيا. انھن جي نظر ۾ محنت مزدوري، هارپو ڪرڻ يا زمين تي ڪم ڪرڻ تہ ڪم جي زمري ۾ اچي پيو پر انھن وٽ لکڻ پڙهڻ کي بيڪار، ڪنھن نہ ڪم جو سمجهيو ويندو هيو. اهو ڪھڙو ڪم ٿيو جو اکين اڳيان ڪتاب جهليو بيٺو هجي، يا پين سان ڪيڙا مڪوڙا پيا ٺاهجن. يا وري ادب ڏانھن لاڙو جنھن ۾ شعرو شاعري ڪرڻ، هي اهي سڀ ڪم ڪٿي هيا، اهي ڪم نہ پر ”ڪم چوري“ هئي. ابراهم اٺن سالن کان وٺي مسلسل جسماني محنت ۽ مشقت جا ڪم تہ ڪندو رهندو هو، پر هو ان سان گڏو گڏ تعليم بہ پرائي رهيو هو ۽ پنھنجي دماغي ۽ ذهني صلاحيتن کي جلا بخشي رهيو هو. دماغي ۽ ذهني اعتبار کان هو ان وقت انڊيانا ۾ سڀني کان وڌيڪ مصروف ۽ هوشيار ڇوڪرو هوندو هيو. هو هڪ اهڙي مستقبل جي تياري ۾ مصروف هيو، جنھن جو تصور ان دؤر جا ماڻھو ڇا پيا ڪري سگهن، پر خود لنڪن کي بہ خبر نہ هئي.
ٽام لنڪن ابراهم جي باري ۾ عجيب الجهن ۾ ڦاٿل هيو. هو هڪڙي پاسي پنھنجي پٽ کان خوش بہ هو تہ وري رنجيده بہ. ابراهم جون عادتون، هن جي طبيعت، هن جو مزاج، هن جي ڪم ڪرڻ جا طور طريقا بہ ٽام جي سمجهہ ۾ نہ پيا اچن. پيءَ کي ان ڳالھہ جي گهرج هئي تہ هي ڇوڪرو مون سان گڏ ٻنيءَ تي هلي، هر ڪاهي، لوڙهو ڏيئي، رونبو هڻي، لابارو ڪري، جهار هڪلي، ڇٽ ڪري، ديرو کڻي، جهنگ هڻي ۽ اهڙي ريت ٻنيءَ ٻاري جا ٻيا ڪم بہ ڪري، پر هي صاحب تہ جڏهن بہ ڏسو تہ ڪتابن ۾ منھن وجهيو ويٺو آهي. يا وري جڏهن هر ڪاهي رهيو آهي تہ ڪتاب بہ هٿ ۾ جهليو بيٺو آهي. ماني کائون پيا تہ بہ ڪتاب پيو پڙهجي. آتشڪدي وٽ بہ ڪتاب ۾ جوھہ. ٽام لنڪن جيڪو پنھنجو نالو بہ وڏي مشڪل سان لکي پئي سگهيو. ان ڳالھہ تي هن کي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي. هن کي اها ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ ايندي هئي تہ آخر ڪتابن کي ايترو رٽڻ ۽ چٽڻ سان ماڻھو جي زندگيءَ ۾ ڪھڙو فائدو ايندو.
ابراهم ڏاڍو زندہ دل ۽ خوش مزاج ماڻھو هيو. جڏهن هو ڪم ڪندي ڪندي ڪنھن مٿاهين واري ٽڪري يا جاءِ تي چڙهي ويندو هو تہ هو ٻين مشھور سياستدانن/ ماڻھن جي نقل ڪري، هٿن جا اشارا ڪري، رڙيون ڪري تقرير ڪندو هو تہ ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ وارا ڇوڪرا پنھنجو ڪم ڪار ڇڏي هن ڏانھن متوجھہ ٿي ويندا هيا ۽ هن جي ڳالھين تي ايترو کلندا هيا جو کڻي بس ڪجي. لوهر جي دڪان تي، اسٽور يا اٽي جي چڪي تي، جتي هو ڪڻڪ پيسائڻ ويندو هيو، ماڻھو هن جي انتظار ۾ هوندا هيا تہ هو ڪڏهن ٿو اچي. لطيفن ۽ ٽوٽڪن سان ڀريل هن جي کل ڀوڳ واري گفتگو، هن جي بي فڪري ۾ گهڻو اضافو ڪندي هئي.
گهڻن ماڻھن جو خيال آهي تہ ٽام لنڪن پنھنجي پٽ ابراهم تي تمام گهڻو مھربان هوندو هيو ۽ هن لنڪن جي پڙهائي تي ڪڏهن بہ ڪو اعتراض نہ واريو. پر ڊينس هنيڪس جيڪو پيءُ پٽ ٻنھي جو تمام گهڻو دادلو هيو، ان جو بيان آهي تہ ٽام ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي پٽ جي ڪن مھٽ بہ ڪندو هيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن ٻاهرين ماڻھو جي سامھون پنھنجي چالاڪي ڏيکارڻ تي هن کي تلهڙ بہ لڳندي هئي.
جيڪڏهن ٽام لنڪن ابراهم تي سختي ڪندو هو تہ وري هن جي ويڳي ماءُ سارا بش هن جي پاس ٻڌندي هئي. هوءَ پڙهڻ لکڻ ۾ هن جي همت افزائي ڪندي هئي. هن جي مزاحيه ڳالھين تي هو گهڻو کلندي هئي ۽ لطف اندوز ٿيندي هئي.
هڪڙي دفعي ابراهم هڪڙي عجيب ۽ دلچسپ حرڪت ڪئي. هڪڙو ننڍڙو ڇوڪرو گپ ۾ پنھنجا پير ڀري اچي رهيو هو. ان کي ڏسي ابراهم کي شرارت سجهي. هن ان ڇوڪري کي پنھنجي ڪلھي تي کڻي ويھاريو، هن جو مٿو هيٺ ۽ ٽنگون مٿي ڪري، هلڻ لڳو. گپ وارا پير هن اچي پنھنجي ڪيبن جي ڇت سان لڳائي، ڇت تي پيرن جا نشان يعني پيرا ٺاهي ڇڏيا ۽ هن کي هڪڙي وک ائين کڻايائين. هن جي پيرن جا نشان ان گهر جي سفيد رنگ واري ڇت تي چٽا ٿي بيٺا. هن جي پيرن جا نشان ڏاڍا عجيب لڳي رهيا هيا. ائين لڳي پيو ڪو ابتو ان ڇت تي هليو آهي. جڏهن هن جي ماءُ سارا بش جي نظر ڇت تي پئي تہ هن کان ٽھڪ نڪري ويو، هو ايترو کلي جو ساڻو ٿي هيٺ ويھي رهي. هوءَ ابراهم جي ان حرڪت مان وڏو لطف اندوز ٿي. ڇو تہ ابراهم جو مقصد بہ فقط تفريح ڪرڻ ئي هيو. ان کان پوءِ هن هڪدم چونو ڪڍي وري ڇت کي سفيد ڪري ڇڏيو.
سارا بش سڌي ڳالھہ ڪئي هئي ماءُ ۽ پٽ جو دماغ هڪجھڙو ڪم ٿو ڪري. سارا بش ان ڳالھہ تي ڪڏهن بہ ابراهم کي نہ چيو هو تہ هو اڌ رات تائين ڇو ٿو جاڳي، ڇو ٿو پڙهي. ڇو تہ هو اڌ رات تائين پيو جاڳندو ۽ پڙهندو رهندو آهي يا وري ماني مھل بہ ڪتاب کولي پيو پڙهندو رهندو آهي.
سچي ڳالھہ اها آهي تہ لنڪن کي ڪنھن بہ قسم جي طاقت ڪتابن پڙهڻ کان نہ پئي روڪي سگهي. ڪتابن جي صفحن ۾ ٻڏي هو علم ۽ ڄاڻ جي دنيا ۾ پھچي ويندو هو. ڊينس هنيڪس جو بيان آهي تہ؛ ”12 سالن جي عمر کان پوءِ مون ابراهم کي ڪڏهن بہ ڪتابن جي بغير نہ ڏٺو. هو ائين ڪندو هو جو پنھنجي قميص جي کيسي ۾ ڪو نہ ڪو ڪتاب وجهي ڇڏيندو هو ۽ پتلون جي کيسي ۾ ڀڳڙا وجهي ڇڏيندو هو ۽ پوءِ ڪم تي هليو ويندو هو . هر هلائڻ يا زمين جي گڏُ ڪڍڻ لاءِ ٻنيءَ تي نڪري ويندو هو. منجهند تائين ان ڪم ۾ جنبيل رهندو هيو. جڏهن منجهند جي ماني جي موڪل ٿيندي هئي تہ هو ماڻھو ماني کائي وري آرام ڪندا هو. ابراهم ڪنھن وڻ جي هيٺان ويھي ڪو نہ ڪو ڪتاب پڙهندو رهندو هو. ڀڳڙا ڪڍي رڙڪيندو ويندو هو ۽ پڙهندو ويندو هو. جڏهن سج لھي ويندو هو تہ وري گهر واپس ايندو هو ۽ اچڻ سان ئي وري آتشڪدي جي ويجهو فرش تي ويھي ۽ ڀت سان ٽيڪ ڏيئي مطالعي ۾ گم ٿي ويندو هو.
اهي ٻيئي عادتون سڄي زندگي هن ۾ نظر آيون. مطالعو، ٽيڪ ڏيئي پڙهڻ. انھن ڏينھن ۾ هن جي مطالعي هيٺ هيٺيان ڪتاب هيا.
ايسوپ جون ڪھاڻيون Aesop's Fables، روبن سن ڪروسو Robinson Crusoe، پلگرمس پروگريسThe Pilgrim's Progres ۽ پارسن ويمز Parson Weems جو شھڪار ڪتاب واشنگٽن جي زندگيLife of Washington “. انھن ڪتابن کي هن ايترا دفعا پڙهيو هيو، جو انھن ڪتابن جا ڪيئي صفحا هن کي برزبان ياد ٿي ويا هيا. هڪڙو دفعو ائين ٿيو جو پارسن ويمز جو ڪتاب واشنگٽن جي بايو گرافي پڙهڻ جي لاءِ هو ڪنھن کان اهو ڪتاب اڌارو وٺي آيو. انھن ڏينھن ۾ برساتيون شروع ٿي ويون هيون. ڪيبن جي ڇت تان پاڻي ٽمندو هيو. هن ڪتاب جي ٽائٽل تي پاڻي جا ڦڙا پئجي ويا ۽ سرورق بلڪل خراب ٿي ويو هو. ان جو هرجاڻو ادا ڪرڻ جي لاءِ لنڪن کي ڪيترائي ڏينھن بکون ڪاٽڻيون پئجي ويون هيون.
وييمز جي تصنيف حياتِ واشنگٽن تي اڪثر ماڻھن سخت اعتراض واريا آهن. انھن ماڻھن خاص طور تي واشنگٽن جي الهڙ جواني جي ان واقعي تي اعتراض ڪيو آهي تہ هڪ دفعي واشنگٽن پنھنجي الهڙ جواني ۾ هن هڪڙي ننڍڙي ڪھاڙي سان چيريءَ جو هڪڙو وڻ ڪپي وڌو هو. پر بعد ۾ پاڻ ئي پنھنجي پيءَ سان ان ڳالھہ جو اقرار بہ ڪيو تہ وڻ هن ڪاٽيو آهي ۽ هو ڪوڙ ڳالھائڻ نہ پيو چاهي. (اسان ننڍڙي هوندي پرائمري جي هڪڙي ڪلاس ۾ گامون سچار جو سبق پڙهيو هيوسين، جنھن ۾ پٽ نئين ڪھاڙي وٺي اچو ٿو ۽ باغ ۾ وڃي، انب جو وڻ ڪٽي ڇڏي ٿو. پيءُ جي پڇڻ تي هن کي سچ ٻڌائي ٿو تہ هن اهو وڻ ڪٽيو آهي، جنھن تي پيءُ کي ڪاوڙ بدران خوشي ٿئي تہ تہ هن جي پٽ سچ ڳالھايو آهي).
ان ڳالھہ جي صحت تي ”حيات واشنگٽن“ جي نقادن، پنھنجي شڪ جو اظھار ڪيو آهي، پر سڀ ماڻھو ان ڳالھہ تي متفق آهن تہ واشنگٽن جي اهڙي ايمانداري ۽ هن قسم جي واقعن لنڪن جي خيالن تي تمام گهڻو گهرو اثر وڌو. هن جي مزاج ۾ سچائي ۽ ايمانداري جو جذبو برقرار رهيو.
حيات واشنگٽن، لنڪن جي سڄي زندگي کي متاثر ڪري ڇڏيو. هن بہ پنھنجي زندگيءَ کي ان سانچي ۾ اوتي ڇڏيو. جيتوڻيڪ اسان جيڪڏهن ان واقعي کي نظر انداز بہ ڪري ڇڏيون، جيڪو حيات واشنگٽن جي مصنف تخيل جا رنگ ڀري پيش ڪيو. تڏهن بہ هنن ٻنھين شخصيتن جي زندگي ڏاڍي دلچسپ ۽ هڪٻئي سان مشابھت رکي ٿي.
ٻيئي برطانوي نسل جا ماڻھو هيا. ٻيئي قدآوار مڙس هيا. واشنگٽن جو قد ڇھہ ڦٽ هڪ انچ هيو ۽ لنڪن جو قد ساڍا ڇھہ ڦٽ هيو. ٻيئي پنھنجي جوانيءَ ۾ ڏاڍا سٺا رانديگر هيا. ٻنھين پنھنجي شاگردي واري دؤر ۾ زمين جو ڪم سکيو هو. ٻيئي انتھا درجي جا ايماندار ۽ اصول پرست ماڻھو هيا.
لنڪن جي دؤر ۾ اهو رواج هوندو هيو تہ ڇوڪرا وڏي عمر تائين پنھنجي پيءُ جي تابع رهندا هيا. 21 سالن تائين قانون ۾ بہ اهو هو تہ ڇوڪرو پنھنجي پيءُ جي نگهباني ۾ رهندو هيو. ان ڪري اهو بہ والدين جي ملڪيت ئي تصور ڪيو ويندو هو. ان ڪري ٽام لنڪن پنھنجي ان والد جي حقن کان ڪڏهن بہ دستبردار نہ پئي ٿي سگهيو. جيڪو ڪجهہ ابراهم ڪمائي ايندو هو، اهو سڀ ڪجهہ پيءُ جي کيسي ۾ ويندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن تہ نوجوان ڇوڪرن کي پاڙي وارن جي زمين تي محنت مزدوري جي لاءِ موڪليو ويندو هو. جتي ٻين ڪمن ڪارين کان علاوہ انھن کي سوئر بہ ذبح ڪرڻا پوندا هيا. ان ڪم جي اجرت 21 سينٽ ڏهاڙي هوندي هئي. (هينئر هڪڙو سينٽ پاڪستاني 104.40 cent روپين جي برابر آهي). جيتوڻيڪ ابراهم جي ان ڪم ۾ ڪا بہ دلچسپي نہ هوندي هئي، پر پوءِ بہ هو وڏي بي دلي سان اهو ڪم سرانجام ڏيندو هيو. پراهڙي ڇوڪري لاءِ، جنھن شڪار ڪرڻ، فقط ان ڪري ڇڏي ڏنو هو، جو هو سمجهندو هو تہ ان ڪم ۾ جانورن جو رت وهي ٿو. يا وري جنھن بي زبان جانورن جي ظلم خلاف مضمون لکيا هجن، ان جي لاءِ جانورن کي ذبح ڪرڻ وارو ڪم ڏاڍو ڏکيو هيو.
ان غيرمناسب ڪم جو بہ هڪڙو پھلو هن کي ڏاڍو پسند هوندو هيو. جو اهڙي ريت، هن کي طرح طرح جون رانديون رهڻ، ڳائڻ وڄائڻ، نقل ڪرڻ، ٻھروپيئي جا ڪردار ادا ڪرڻ، تقريرون ڪرڻ، ٻيڙيون هلائڻ ۽ ڊوڙ جي راندين ۾ حصو وٺڻ جو ڀرپور موقعو ملندو هيو. ان ڪري هن کي نہ فقط جانور ذبح ڪرڻ جو ڪم ڪرڻو پوندو هيو، بلڪ پاڙي ۾ بہ جيڪڏهن اهڙي قسم جا ٻيا ڪم ٿيندا هيا هيا، مثال جي طور:ڪڻڪ جو ذخيرو ڪرڻ، ڪاٺ تختا ڪلھن تي کڻي اچڻ، ڳڙ پچائڻ، کاڌو تيار ڪرڻ، ٻيا اهڙا ڪم جتي جتي ماڻھن جو ميڙ گڏ ٿيندو هيو، هن کي پسند هيا. هو اهڙي قسم جي موقعن جي تلاش ۾ هوندو هيو. اهڙن ميڙاڪن ۾ ابراهم سڀني ماڻھن جي توجھہ جو مرڪز هوندو هيو. ماڻھو هن جي لطيفن، مشڪرين، ٽوٽڪن ۽ ڏاهپ ڀرين گفتن مان گهڻو لطف اندوز ٿيندا هيا. اهڙن ميڙاڪن ۾ جتي شراب عام جام هلندو آهي ۽ پيئڻ وارا مئڪشي جي موڊ ۾ اچي مست ٿي ويندا آهن، بهڪي ويل ماڻھن جي گفتگو جو انداز، انھن جون حرڪتون يا وري انھن جا خيال اڪثر ڪري فحاشي جو رخ اختيار ڪندا آهن. هي اهڙن ميڙاڪن جي جان هيو. هن جي بغير اهي محفلون بيڪار هيون، انھن ۾ ڪا بہ رونق، ڪا بہ کل ڀوڳ ۽ ڪا بہ مشڪري وغيرہ نہ هوندي هئي.
ابراهم جيتوڻيڪ پنھنجن ساٿين کي تفريح وارو سامان پھچائيندو هو يا انھن جي تفريح جو ڪارڻ بڻجندو هيو، پر هو پاڻ هميشہ انھن کان پري هوندو هيو ۽ سدائين پياسو رهيو. هن جون دماغي قوتون ۽ ذهني صلاحيتون، پنھنجن دوستن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي مقدار ۾ هيون. هن جي اندر ۾ علم جي حاصلات جي جستجو، مسلسل اڳتي وڌندي رهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن تہ هو ڪتابن جي تلاش ۾ پري پري تائين نڪري ويندو هو. اخبارون ان زماني ۾ نہ ايترو عام هيون ۽ نہ ئي وري سولائيءَ سان ملي سگهنديون هيون. ڪنھن بہ هڪڙي اخبار جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ، هن کي ميلن جا ميل پنڌ ڪرڻو پوندو هو. هاڻي هن جي اندر ۾ سياسي شعور بہ بيدار ٿي چڪو هو. هاڻي هو ڳوٺ جي خاموش ۽ ڄميل فضا کان نڪري ڪري ملڪ جي سياست ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو هو. شروع ۾ تہ هن کي ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۾ دلچسپي هئي. پر بعد ۾ هن کي وهگ Whig party” پارٽي جا خيال ۽ اصول وڌيڪ موزون لڳا.
هاڻي پنھنجي صدي جي چوٿائي واري عمر ۾ سياسي معاملن جي لحاظ کان هو وهگ Whig party” ۾ ئي رهيو. ان کان پوءِ هو 1850ع ۾ نيوري بلڪن پارٽي ۾ شامل ٿي ويو. ان ئي پارٽي هن کي آخرڪار آمريڪا جي ايوان صدر يعني وائيٽ هائوس تائين پھچايو. انھن ڏينھن ۾ ابراهم کي ٻن ڪتابن گهڻو متاثر ڪيو هو. انھن مان هڪڙو انڊيانا جي رياست جي ترميم ٿيل قانون جو ڪتاب ۽ ٻيو ڪولمبين ڪلاس بڪ. انھن ٻنھي ڪتابن کي هن وري وري ڪري وڏي توجھہ ۽ ڌيان سان پڙهيو. انھن ڪتابن مان پھرئين ڪتاب هن کي قانون جي مطالعي جو شوق ڏياريو ۽ هن ڪتاب هن جي دل ۾ آزادي جي اعلان ۽ ان ڪتاب جي مصنف ٿامس جيفرسن Thomas Jefferson جي عزت ويتر وڌائي ڇڏي. جيفرسن جي ان ڪتاب Declaration of Independence جي مطالعي مان لنڪن کي ٻين قانوني مسودن مثال جي طور: آمريڪي دستور جي پھرئين ڏهن ترميمن جي مطالعي جو شوق پيدا ڪرايو. هن ڪتاب هن کي اهو خيال ڏياريو تہ پراڻي اتر ۽ اوڀر جي مڙني علائقن، جنھن ۾ انڊيانا جي رياست بہ شامل آهي، انھن ۾ غلامي جي رواج کي غيرقانوني قرار ڏنو وڃي تہ سٺو ٿيندو.
انھن ڪتابن جي مطالعي مان لنڪن جي خيالن ۾ وڏو انقلاب آيو. هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ تہ هن جي ذهن ۾ علم جون نيون شاخون نڪري آيون هجن. هن جي ذهن ۾ هر هر ”ميثاق آزادي“ جا جملا اڀري پيا اچن.
”سڀني انسانن کي هڪجھڙو پيدا ڪيو ويو آهي. هن جي پيداڪندڙ هنن کي ڪجهہ اهڙا بنيادي حق ڏنا آهن، جيڪي انھن کان کسي نہ ٿا سگهجن. انھن حقن ۾ زندگي، آزادي ۽ خوشين جي حاصلات جي جستجو جو حق شامل آهن“.
ڪولمبين ڪلاسڪ بڪ The Columbian Orator هڪڙي قسم جي تدريسي/درسي ڪتاب آهي. هن ڪتاب کي ابراهم وڏي شوق سان پڙهيو. هن ڪتاب مان هن تاريخ ۽ جاگرافي جي باري ۾ هن کي گهڻن ئي اهڙين ڳالھين جي پروڙ پئي، جن مان هو اڄ ڏينھن تائين بي خبر هيو.
هن ڪتاب جي سھاري ئي هن گڏيل رياستن يا وري مڪمل اولھہ وارين زمينن مان نڪري ڪري، ڪائنات جي فضا ۾ هڪڙي گهري نظر وڌي. هن کي خبر پئي تہ هي زمين جنھن کي هو هيل تائين تمام گهڻو گهرو ۽ وسيع سمجهندو هو، نظام شمسي ۾ هڪڙي ذرڙي جي حيثيت رکي ٿي. چنڊ ۽ سج جھڙا هزارين سيارا فضا ۾ ننڍين ننڍين بتين جيان ٽمڪندا رهندا آهن.
پھريائين تہ ابراهم کليل آسمان جي هيٺان ليٽي ٽٽندڙ ستارن کي وڏي حيرت مان تڪيندو رهندو هو. هن جي ذهن ۾ سوال اڀرندا هيا تہ، ”اهي ڪٿان کان ٿا اچن ۽ ڪاڏي گم ٿي ٿا وڃن؟“. هن جي ذهن ۾ اهڙي قسم جا سوال اڀرندا رهندا هيا. هاڻي هن کي انھن سوالن جا جواب ملي چڪا هيا.
هڪڙي شام جو ابراهم پنھنجي پاڙي جي ڇوڪري ڪيٽي روبي Keti Rubi سان گڏ ڪنھن چشمي جي ڪناري تي ويٺو هيو. ٻنھين پنھنجا پير وهندڙ پاڻيءَ ۾ لٽڪائي ڇڏيا هيا، هنن جا پير پاڻيءَ ۾ پُسي رهيا هيا ۽ هي پاڻي جو مزو وٺي رهيا هيا. اولھہ پاسي ڳاڙهي رنگ جو سج لھي رهيو هو ۽ اوڀر پاسي چوڏهين جو چنڊ مزي سان آهستي آهستي اڀري رهيو هو. ٻيئي ان منظر مان لطف اندوز ٿي رهيا هيا. ابراهم ڪيٽي کي سمجهائڻ شروع ڪندي چيو تہ،“اصل ۾ نہ سج لھي رهيو آهي ۽ نہ ئي وري چنڊ اڀري رهيو آهي. اهو اسان جي نظرن جو ڌوڪو آهي“.
ہیں کواکب کچھ نظر آتےہیں کچھ،
دیتےہیں دھوکھ یھ بازیگر کھلا۔
اصل ۾ زمين لاٽون جيان پنھنجي محور ۾ گول ڦري رهيو آهي. ان ڪري ڏسڻ وارن کي ائين لڳندو آهي تہ اهي چنڊ ۽ سج، لھندا ۽ چڙهندا آهن. نہ تہ ٿيندو ائين آهي جو زمين جو هڪڙو حصو گول چڪر ڪاٽي ٻي پاسي هليو ويندو آهي ۽ سج چنڊ جي سامھون کان هٽي ويندو آهي. ان ڪري اهي سيارا اسان کي لھندي ۽ اڀرندي نظر ايندا آهن.
ڪيٽي پنھنجي سڄي زندگي نظام شمسي جو هي پھريون، سادو ۽ دلنشين سبق ڪڏهن بہ نہ وساري سگهي. ابراهم ۽ ڪيٽي هڪٻئي سان محبت نہ ڪندا هيا، اهي فقط هڪٻئي جا دوست ۽ ساٿي هيا.
وڏي ٿيڻ کان پوءِ بہ ڪيٽي جي ذهن ۾ انڊيانا جي جنگلي چشمن جي ڪنارن کان لنگهندي، ماضي جون يادون ياد ڪندي، اهي يادگار لمحا هن جي ذهن ۾ زندہ هيا.
Abraham Lincoln said:

“Books serve to show a man that those original thoughts of his aren't very new after all.”
"The greatest fine art of the future will be the making of a comfortable living from a small piece of land.
"I am not bound to win, but I am bound to be true. I am not bound to succeed, but I am bound to live by the light that I have. I must stand with anybody that stands right, and stand with him while he is right, and part with him when he goes wrong."