جيجل جي شفقت کان محرومي
ٿامس ۽ بيٽسي بہ بيماري ءَ جي ور چڙهي ويا. اڌ ٺھيل گهر، سخت سيءُ، پوڙها ماڻھو، ڪير ڪيترو تڪيلف برداشت ٿو ڪري سگهي. بيماريءَ جي حالت ۾ نينسي انھن جي وڏي خدمت ڪئي پر موت ڪو بہ ٽارو نہ ڪيو. ٿامس ۽ بيٽسي سڪل پنن جي بستري تي ئي پنھنجي جان رب جي حوالي ڪري ڇڏي. ان وقت حالت ئي ڪجهہ اهڙي هئي جو دوا دارو تہ ٿي پري، پر ڪو ڍنگ جو بسترو ۽ آرام وارو گهر بہ ڪنھن جي نصيب ۾ نہ هيو.
ٽام ڪاٺ جا ٻہ عدد تابوت تيار ڪيا ۽ ٻنھي زال مڙسن کي هڪ ٻئي جي ويجهو ئي دفن ڪري ڇڏيو. اڃان هو ڪفن دفن کان پوري ريت فارغ ئي نہ ٿيو هو تہ نينسي جي حالت بہ خراب ٿيڻ لڳي. ڊاڪٽر بہ 35 ميل پري هيو. 35 ميل پنڌ ڪري وڃڻ وري 35 ميل پنڌ ڪري موٽي اچڻ ڏاڍو ڏکيو عمل هو. انھي دوران خبر ناهي تہ ڇا ٿي پوي. ٻہ ننڍڙا ٻارڙا ۽ بيماريون، ماڻھو جي سمجهہ ۾ ئي ڳالھہ نہ پئي اچي تہ هاڻي آخر ڪجي تہ نيٺ ڪجي ڇا؟. هن کي خبر هئي تہ موت هن دفعي بہ ٽارو نہ ڪندو. ڇو تہ ان منحوس ۽ قاتل بيماري جي چنبي مان اڄ ڏينھن تائين ڪو بہ نہ بچي سگهيو هو.
خزان جي موسم جي هن صبح جو آسمان چمڪي رهيو هو. سارا ۽ ابراهم جي پياري ماءُ انھن ٻنھي کي پنھنجي بستري جي ويجهو گهرايو. ٻنھي مرجهايل چھرن کي ڍوءُ تي ڏٺو. ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي پاڻ ۾ پيار ۽ محبت سان رهڻ جو واعدو وچن وٺي پنھنجون اکيون ھميشہ لاءِ ٻوٽي ڇڏيون. ٻيئي ٻارِڙا غم جي شدت کان نڍال ٿي هيٺ ڪري پيا. آخر تہ ماءُ جو وڇوڙو هو. هاڻي هي ڪيبن هميشہ جي لاءِ نينسي جي مامتا واري آواز کان محروم ٿي ويو هو. ڊينس هنيڪس اهو واقعو هن ريت بيان ڪيو آهي تہ؛
”او خدايا! مان اهي منحسوس گهڙيون ڪڏهن بہ وساري نہ ٿو سگهان، جڏهن نينسيءَ ڪاٺ جي ٺھيل هن گهر ۾ اسان کان منھن مٽي ويئي هئي“.
ڪيبن جي بچيل ڪاٺ مان هڪڙو بنڊ پيو هو، مون ۽ ابراهم ان بنڊ کي ڪٽڻ ۾ ٽام جي مدد ڪئي هئي. ٽام ڏڪندڙ هٿن سان ان مان نينسي لاءِ تابوت تيار ڪيو هو. مان ۽ ابراهم اهي تختا پڪڙي بيٺا هئاسين. ٽام انھن تختن تي ڪوڪا هڻي رهيو هو. مون کي ائين لڳو تہ ٽام ڪنھن نہ ڪنھن لاءِ اهڙي قسم جا تابوت پيو ٺاهيندو رهندو.
نينسي جي آخري خواب گاھہ اسان هن جهنگل ۾ اهڙي جاءِ تي ٺاهي، جنھنجي ويجهو کان ئي هرڻين جي جُهنڊ نڪرندو هو. هرڻين جي سادا دلي ۽ مصوميت نينسي جي فطرت سان ڪيڏي بہ ملندڙ جلندڙ هئي. نينسي بہ هڪڙي معصوم هرڻي هئي. جيڪا پنھنجي ٻن پيارن ٻچڙن کي ڇڏي هڪڙي ئي ڌڪ سان اسان کان گهڻو پري نڪري ويئي.
ابراهم جي عمر ان ڏينھن ۾ مشڪل سان 9 سالن جي ٿيندي. پر هو سڄي زندگي پنھنجي ماءُ جي آخري ڏهاڙن کي نہ وساري سگهيو.
بھار جي موسم جي پڄاڻي ٿي چڪي هئي. برفباري بند ٿي ويئي هئي. منحوس بيماري بہ جھڙي تڪڙ ۾ آئي هئي، اهڙي ئي تڪڙ ۾ گم ٿي وئي هئي. نينسي جي آخري آرامگاھہ وڏي سڪون واري جاءِ هئي. جڏهن ابراهم پنھنجي پياري ماءُ جي ياد ۾ بيقرار ٿيو هو تہ پنھنجي معصوم دل کي دلاسو ڏيڻ ۽ دل جي باھہ کي وسائڻ لاءِ ماءُ جي قدمن واري پاسي کان اچي بيھندو هو. ماءُ جي پيراندي کان هن کي وڏو سڪون ملندو هو.