آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ابراهم لنڪن (سوانح حيات)

ابراهم لنڪن جي زندگي جدوجھد، حوصلي ۽ اصولن تي بيھڻ جي هڪ شاندار ڪھاڻي آهي، جيڪا نہ رڳو آمريڪي تاريخ ۾، پر پوري دنيا ۾ جمھوريت ۽ انساني حقن جي حوالي سان هڪ مشعلِ راھہ بڻيل آهي. هي ڪتاب ان عظيم اڳواڻ جي سوانح حيات تي تفصيل سان روشني وجهي ٿو، جيڪو هڪ عام غريب خاندان مان اڀري، آمريڪا جي 16هين صدر طور تاريخ رقم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. لنڪن جي قيادت جو سڀ کان اهم ڪارنامو غلاميءَ جو خاتمو آڻڻ هيو، آمريڪي گهرو ويڙھہ دوران قومي اتحاد کي برقرار رکڻ ۽ جمھوريت جي بنيادي اصولن کي مضبوط ڪرڻ هو. هي رڳو هڪ عام ترجمو ٿيل ڪتاب ناهي، پر اسان جي نوجوانن جي لاءِ جاڳرتا جو هڪ اهم باب پڻ آهي. هن ڪتاب ۾ لنڪن جي قيادت، سندس سياسي حڪمت عملي، ۽ جمھوريت لاءِ ڏنل قربانين جو تفصيلي ذڪر آهي.

Title Cover of book Abraham Lincoln

دُنگي منجهہ درياءُ

”مون کي اها ڳالھہ چوڻ ۾ ڪو بہ شرم محسوس نہ ٿو ٿئي تہ مون ٻيڙين تي هڪڙي معمولي مزدور جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو آهي. غريب ماڻھوءَ جي ٻار جيان مون هر قسم جي محنت مزدوري ڪئي آهي“. لنڪن.

ابراهم کي سڄي زندگي ٻيڙين هلائڻ سان دلچسپي رهي ۽ اها دلچسپي هن کي ورثي ۾ ملي هئي. ابراهم جي ڄم کان ڪجهہ عرصو اڳ ۾ جي ڳالھہ آهي تہ ٽام لنڪن هڪري ٻيڙي ٺاهي هئي. جنھن ۾ هو ڍورڍڳا، اناج ۽ ٻيو سامان لڏي، واپار جي سانگي مسي سي پي ۽ اوهيو کي پار ڪري نيو اورلينز New Orleans کڻي ويندو هو. سرحدي علائقن جا اهي ٻيئي وڏا درياءُ هوندا هيا. جتان ٿيندو سامان تجارتي منڊين تائين پھچندو هيو. مسي سي پي جي زرخيز وادين ۾ پيدا ٿيندڙ اناج ۽ ان جي کپت سڀ کان وڏي منڊي نيو اورلينز جي بندرگاھہ هوندي هئي.
سامونڊي زندگيءَ سان پنھنجي فطري شغف هجڻ جي باوجود بحري سفر تي وڃڻ کان اڳ ۾ ابراهم کي تمام گهڻي تربيت مان گذرڻو پيو. ان وقت هن جي عمر فقط سورنھن سال هئي. پر قد ڇھن ڦٽن کان بہ مٿي هيو. ڏسڻ ۾ هو هڪ قدآوار ۽ طاقتور ماڻھو نظر ايندو هيو. شروع شروع ۾ هن کي جيمز ٽيلر James Taylo پنھنجي مزدوري تي رکيو. ڪم هڪڙي ٻيڙي ٺاهڻ جو هيو ۽ جڏهن ٻيڙي تيار ٿي وڃي، تہ ان کي انڊرسن ڪريڪ Anderson River Creek ۽ اوهيو درياءُ جي ڪناري تي آڻي، ڪرائي تي هلائڻو هيو. ٻيڙي هلائڻ وارو ڪم تہ هن جي لاءِ غنيمت هيو، ڇو تہ اهڙو ڪم هن جي محبوب ڪمن مان هڪڙو ڪم هيو، پر هن جو اهو خواب هو تہ هو ڪنھن ماهر ملاح جيان پاڻي جو وڏو جھاز هلائي، پر ان کان اڳ ۾ هن کي ڪاٺ ڪاٽڻو هيو ۽ ان مان وري هن کي ٻيڙو ٺاهڻو هيو. اهو ڪم گهڻي حد تائين محنت طلب ۽ صبر آميز هيو. جيڪڏهن هن جي جاءَ تي ڪو ٻيو ماڻھو هجي ها تہ اهو ڪم ڪڏهوڪو ڇڏي هليو وڃي ها. پر ابراهم تہ پوئتي مڙي ڏسڻ جو ڪڏهن سوچيو بہ نہ هيو. ڪم جيترو ڏکيو هيو، اوترو ئي هن جي همت بہ وڌندي ويندي هئي.
ايڏي سخت محنت ۽ مشقت ڪرڻ جي باوجود، هن کي فقط 37 سينٽ ڏهاڙي مزدوري ملندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن تہ ائين ٿيندو هو، جو هو مسافرن کي پنھنجي ٻيڙي ۾ ويھاري اسٽيمر تائين پھچائي ايندو هو. ان ڪري هن کي ڪجهہ سينٽ وڌيڪ بہ ملي ويندا هيا. هڪڙي ڀيري ائين ٿيو جو ٻہ مسافر آيا، انھن کي ڏاڍي جلدي هئي ۽ انھن کي اسٽيمر تائين پھچڻو هيو سو اسٽيمر تائين پھچڻ لاءِ ٻي ڪا بہ ٻيڙي/سواري نہ هئي. ابراهم انھن کي پنھنجي ٻيڙي ۾ ويھاري اسٽيمر تائين پھچائي آيو. مسافر هن جي عجلت ۽ سچائي مان ايڏو متاثر ۽ خوش ٿيا جو انھن هن کي اڌ ڊالر جا ٻہ سڪا ٽپ ڏيئي ڇڏيا.
ابراهم سوچيو تہ هڪ ڏينھن کان بہ گهٽ وقت ۾ هڪڙو ڊالر ڪمائڻ هن جھڙي غريب ڇوڪري جي توقع کان تمام گهڻو مٿي آهي ۽ هن لاءِ ڪنھن نعمت کان قطئي گهٽ نہ آهي. انھن ڏينھن ۾ هڪڙو ڊالر بہ تمام وڏي رقم هوندي هئي. سترنھن سالن جي عمر ۾ ابراهم جو قد ڇھہ ڦٽ 2 انچ هيو. 19 سالن جي عمر ۾ هن جو قد ڇھہ ڦٽ ۽ چار انچ ٿي ويو. ڏسڻ ۾ سنھڙو سيپڪڙو، پر ايڏو طاقتور هيو جو انڊيانا جي سرحدي علائقي ۾ شايد ئي ڪو اهڙو ماڻھو هجي جيڪو هن سان مقابلي جي جرئت ڪري سگهي. جسماني خوبين کان علاوہ، اخلاقي اعتبار کان بہ ماڻھو ابراهم کي گهڻو پسند ڪندا هيا، هو تمام محنتي، ايماندار ۽ قابل اعتماد شخص هيو.
ابراهم جي شايد انھن ئي جسماني ۽ اخلاقي خوبين کان متاثر ٿي جيمز جينٽري James Gentry هن کي نوڪري جي آڇ ڪئي. ابراهم لاءِ اها نوڪري ڪنھن بہ نعمت کان گهٽ ڪانہ هئي. ان پيش ڪش تي ابراهم سوچي تہ زندگي ۾ اهڙا موقعا هر هر نہ ايندا.
جيمز جيٽري James Gentry ان علائقي جو سڀني ماڻھن کان وڏو ماڻھو ۽ امير ترين ماڻھو هو. هڪ هزار ايڪٽر جي زمين کان علاوہ، وسيع چراگاهن ۽ ان واديءَ ۾ هڪڙي وڏي دڪان جو بہ مالڪ هيو. ان دڪان ۾ ڳوٺ جا واندا واندا اچي گڏ ٿيندا هيا ۽ ابراهم انھن کي پنھنجي تقريري فن، لطيفن، ٽوٽڪن ۽ کل ڀوڳ سان متاثر ڪندو هو. جيمز جينٽري ابراهم کي چيو هو تہ هن جو ڇوڪرو ايلن Allen Gentry ۽ ابراهم ملي ڪري هڪڙي ٻيڙي تيار ڪن ۽ پوءِ ان کي واپار جي سامان سان ڀري نيو اور لينز تائين کڻي وڃن. ان ڳالھہ تي ابراهم وڏو خوش ٿيو. هن جي سامونڊي سفر جو خواب هاڻي ساڀيان ماڻي رهيو هو. ابراهم کي ڏهاڙي جي خرچ پکي کان علاوہ، 8 ڊالر مھيني جي پگهار کان علاوہ، واپسي جو ڪرايو ڏيڻ پڻ طئي ڪيو ويو هو. ان قسم جون ٻيڙيون بحري سفر لاءِ گهڻو استعمال ٿينديون هيون. اهڙيون ٻيڙيون تمام سادگي ۽ سٺي نموني سان ٺاهيون وينديون هيون.ڇو تہ اهي ڏاڍيون مضبوط هونديون هيون. اوهيو درياءُ جي ڪناري گهاٽو جهنگ هوندو هيو. جتي تمام وڏا مضبوط ڪاٺ جا وڻ هيا. ٻيڙي ٺاهڻ لاءِ ڪاٺ جا بنڊ ڪاٽيا ويندا هيا. جنھن جي ڊيگهہ ويھہ کان 80 ڦٽن تائين هوندي هئي. اهڙي ريت ٻيڙي جي لاڳت تقريبن هڪ ڊالر چورس ڦٽ ايندي هئي. اهي ٻيڙيون ڇا هيون، ڪاٺ جا ڄڻ تہ چرندڙ پرندڙ ڪمرا/گهر/ڪيبن هيا. جيڪي هڪ ئي وقت ڪنھن پساري جي دڪان، مال متاع جو واڙو، اسٽور روم وغيرہ جيان هوندا هيا. ان جون ڀتيون ايتريون مٿي هونديون هيون جو قزاقن يا سامونڊي ڌاڙيلن جون گوليون ٻيڙي وارن جي سينن تائين نہ ٿي پھچي سگهيون. ان زماني جي لحاظ کان اهي ٻيڙيون بار برادري جي ڪم لاءِ گهڻو موزون هونديون هيون. گنجائش جي حساب سان مختلف قسم فصل، مال متاع، ڍور ڍڳو، شراب جا ڊرم وڏي تعداد ۾ لڏيا ويندا هيا. ٻيڙي کي ڇڪڻ لاءِ گهڻن ماڻھن جي بہ ضرورت نہ پوندي هئي ۽ سامان سولائي سان ۽ حفاظت ۾ نيو اورلينز تائين پھچي ويندو هيو. لنڪن لاءِ ٻيڙي ٺاهڻ وارو ڪم نئون نہ هو. ايڏي وڏي ماپ جو ٻيڙو هُن هِن کان اڳ ۾ ڪڏهن بہ نہ ٺاهيو هو. پر ننڍين ننڍين ٻيڙين جي ٺاهڻ ۾ پنھنجي پيءُ جو ساٿ ڏيندو هو. هن کي چڱي ريت پروڙ هئي تہ وڻ جا بنڊ ڪيئن ڪاٽيا وڃن ۽ انھن کي ڪھڙي ريت سڌو يا هموار ڪيو وڃي ۽ ڪھڙي ريت ڪاٺين جا جوڙ مضبوطيءَ سان ويھاريا وڃن ٿا. جيمز جينٽري بہ ڪو سڌو ماڻھو نہ هيو. ان ڪري هن بہ ابراهم کي نوڪر رکڻ کان اڳ ۾ ان ڳالھہ جو چڱي ريت اندازو ڪري ورتو هو تہ ابراهم وڏي محنت، مشقت ۽ سچائي سان هن نوڪري جون سڀ گهرجون ۽ شرط پوريون ڪندو. ان ڪري هن ابراهم کي ٻين جوانن تي ترجيح ڏني.
انھن ڏينھن ۾ دريائي سفر بہ ڏاڍا خطرناڪ هوندا هيا. ڪاٺ جون معمولي ٻيڙيون، پرشور ۽ مست دريائن جي تيز وهڪرن ۽ لھرن جا ٿپڙ سھنديون هلنديون رهنديون هيون. ان دؤر جي ملاحن کي صرف رات جي اونداهين، زوردار موجن، طوفانن جي ڳڻتي نہ هوندي هئي. ان کان علاوہ جڳھہ جڳھہ تي سامونڊي ڌاڙيل، پنھنجي شڪار جي تاڙ ۾ ويٺا هوندا هيا. انھن سامونڊي شيطانن مان شايد ئي ڪو قسمت جو ڌڻي ۽ سخت جان بچي نڪري ويندو هو. نہ تہ اڪثر ڪري رستي ۾ مقابلو ڪندي ڪندي ايئن ئي درياءُ ۾ غرق ٿي ويندا هيا، جو نہ ڪڏهن انھن جو ڪو جنازو کڄندو هو ۽ نہ ئي وري ڪٿي ڪا انھن جي قبر هوندي هئي.
انھن ڌاڙيلن ۾ سڀني کان خطرناڪ ڌاڙيل مائيڪ فنڪ Mike Fink هيو. هن جي بادشاهت سڀني بحري رستن تي رائج هئي. مڙني بحري جھازن جا مسافر ۽ ملاح هن جي نالي ٻڌڻ سان ئي ڏڪڻي جو شڪار ٿي ويندا هيا. هن جو ٽولو وڏي حڪمت عملي سان سامونڊي مسافرن کي پيو لٽيندو هو ۽ جيڪي ماڻھو مقابلو ڪندا هيا، انھن کي وڏيون ازيتون ڏيئي ماريندا هيا ۽ جيڪي پڪڙجي پوندا هيا تہ انھن جا نڪ ۽ ڪن ڪپي ڇڏيندا هيا ۽ انھن جو اکيون ڪڍي ڇڏيندا هيا ۽ ان کان علاوہ ٻيون بہ حيواني ازيتون ڏيئي انھن کي موت جو مزو چکائيندا هيا.
اهو بلڪل شروعاتي دؤر جو ذڪر آهي. آهستي آهستي انھن بحري قذاقن جو دؤر گهٽ ٿيندو ويو. مائيڪ فنڪ جو ٽولو بہ پنھنجي موت پاڻ مري ويو. جنھن زماني ۾ ابراهم ۽ ان جي ساٿي ايلن 1828ع جو سفر جو سانباهو ڪيو تہ رستا انھن ڏينھن ۾ ايترا خطرناڪ نہ هيا. هنن کي ان ڳالھہ جو ڪو ڀوءَ نہ هيو تہ ڪو قذاق هنن جو نڪ يا ڪن ڪپي کڻي ويندو پر تنھن جي باوجود اهو سڄو سفر صفا خطري کان خالي بہ نہ هيو. مائيڪ فنڪ نہ سھي پر هن جا ٻيا ڀائر پوءِ بہ ان سامونڊي رستن تي شڪار جي تلاش ۾ پيا رولاڪيون ڪندا وتندا هيا ۽ اڪثر ڪري هنن کي ڪو نہ ڪو شڪار ملي ئي ويندو هو.
اهي سامونڊي لٽيرا پوءِ بہ قزاقن کان ڪجهہ گهٽ هيا ۽ ايڏا دلير ۽ خطرناڪ بہ نہ هيا. اڪثر ڪري ائين ٿيندو هو جو باربرادري ڪنھن سامان يا مسافرن کي کڻي هلندي، سامونڊي لھرن، شور ۽ ڇولين سان ملي هڪڙو ڊيڄاريندڙ آواز، ڀنل فضا ۾ گونجندي هئي. پر جڏهن ڪو سامونڊي لٽيرو مسافرن کي هشي ڏيئي مقابلو ڪرڻ لاءِ اتساهيندي چوندو هيو تہ؛
”بزدلو!توهان مان ڪو بہ جوان مرد مون سان مقابلي لاءِ تيار ناهي؟. آهي ڪو ماءُ جو لال جيڪو پنھنجي سر کان بيزار هجي، اهو ٻاهر نڪري اچي. مان سامونڊي ديو آهيان –ديو، اڌ انسان آهيان ۽ اڌ حيوان. ها ها ها. ڊڄڻا ڪنھن جاءِ جا. عورتن وانگي چوڙيون پائي گهر وڃي ويھي رهو يا اچي مردن جيان مون سان مقابلو ڪيو“.
مسافر پنھنجي مستي ۾ ٻيڙون هلائيندا رهندا آهن. انھن کي خبر هوندي آهي تہ اهي لٽيرا اهڙي قسم جون هشون ڏيندا رهندا آهن. ابراهم کي ڪاوڙ گهٽ ايندي هئي. جيمز جينٽري کي خبر هئي تہ ان قسم جي بحري سفر ۾ ڪا اهڙي قسم جي مصيبت اچي سر تي ڪڙڪي تہ هن جي پٽ ايلن جي مدد لاءِ ابراهم جھڙو پلھوان ساٿي موجود آهي. جيڪو ٻيڙي ۽ ان ۾ لڏيل سموري سامان جي حفاظت ڪرڻ پڻ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن هڪدفعي هو اوهيو جي ڪناري تي گهمڻ ڦرڻ وارن بحري قزاقن کان بچي ويا تہ پوءِ ننڍن وڏن لٽيرن جو مقابلو ڪرڻ سولو آهي ۽ هو آساني سان نيواورلينز تائين پھچي ويندا.
اڃان بھار جي موسم جو پھريون جهونڪو بہ نہ گهليو هو جو شاھہ بطوط جي سڪل پنن جو فرش زمين تي وڇائجي ويو هو. انھن پنن ۾ ڪٿي ڪٿي گلن جو ڍير بہ ٿيل هو. ائين لڳي رهيو هو جو ڄڻ قالين جو فرش وڇايل هجي. اڃان گلن جي بند ٿيل ڪالين ۾ موجود خوشبو صبح جي هوا کان منتشر ئي نہ ٿي هئي جو ابراهم ۽ ايلن پنھنجو جھاز پاڻي تي لاٿو. ٻيڙي ۾ نئين ڪاٺ جي خوشبو اڃان تائين اچي رهي هئي. هن ٻيڙي ۾ ٻنھين اناج، مال متاع ۽ واپار جو ٻيو سامان کپائڻ لاءِ سٿي ڇڏيو هو ۽ پنھنجي بحري سفر تي روانا ٿي ويا هئا.
اوهيو درياءُ جو هي حصو ڪنھن حد تائين پرسڪون هو. نيري رنگ جو شفاف پاڻي نرم ڪپھہ سان وهندو، ڪنارن تي ڦٽيل خودرو وڻن، گلن، ٻوٽن ۽ ٽٽل ٽاريون جھاز کي پنھنجي آغوش ۾ کڻي آهستي آهستي اڳتي وڌي رهيون هيون.
ان موسم ۾ ڪجهہ پکي پنھنجي نون آکيرن جي تلاش ۾ لڏ پلاڻ ڪندا نظر ايندا آهن. هنس پکي ۽ ٻين پکين جو ولر اتر طرف اڏرندي نظر پئي آيا. جنھن وقت سفيد رنگ جي هنس پکين جو ولر هنن جي مٿان ٻوليون ٻوليندا لنگهي ويا تہ نيرو آسمان ڄڻ تہ ويران ٿي ويو هجي. پري کان ٻگهہ پنھنجي شڪار لاءِ، مڇين تيِ پاڻي ۾ غوطا هڻندي نظر آيا. رات جو ڏيڏرن جي ٽان ٽان پاڻي جي آواز سان ٽڪرائجي سامونڊي سفر جي تنھائين ۾ اضافو ڪري ٿي ڇڏيو.
پر ابراهم ۽ ايلن ان صبر آزما سفر مان ڪڏهن بہ خفا نہ ٿيا. صبح کان شام تائين لھرن ۽ موجن جي سھاري پنھنجي ٻانھن جي ٻل تي ٻيڙي کي ڌڪيندا رهيا. رات جو واري واري سان ٻيڙي جي هڪڙي ڪنڊ ۾ ليٽي آرام ڪندا هيا. ننڊ تہ ڇا پر ٿڪاوٽ ۽ بيچيني کان ڇوٽڪاري لاءِ ٿوري دير لاءِ اک لڳي ٿي وين ۽ پوءِ وري هي تازو توانا ٿي، اٿي ويھي رهندا هيا. صبح ۽ شام اهڙي ريت پيا گزاريندا هيا. هاڻي اهي مسي سي پي جي دلدلي علائقي ۾ داخل ٿي رهيا هيا.
1811ع کان ئي آمريڪا ۾ ٻاڦ جي ٻيڙين جو رواج شروع ٿي ويو هو. ان وقت ابراهم جي عمر فقط ٻارنھن تيرنھن سال کن هئي. 1817ع ۾ سامونڊي سفر جي واسطي اٺ ٻاڦ تي هلندڙ ٻيڙيون تيار ٿي ويون هيون ۽ پوءِ وري ٻن سالن جي قليل عرصي ۾ ئي گهٽ ۾ گهٽ 60 ٻيون بہ ٻيڙيون تيار ٿي ويون هيون. سڙھہ واريون ٻيڙيون، معمولي ناو ۽ ٻين بار کڻڻ وارين ٻيڙين کان علاوہ جن تي مال متاح، اناج، سامان ۽ مسافر سوار هيا، ابراهم ۽ ايلن ڪجهہ وڏيون وڏيون ٻاڦ واريون ٻيڙيون بہ ڏٺيون. جن تي ڪاري رنگ جو دونھون نڪري آسمان جي نيري فضا ۾ گم ٿي رهيو هو.
جيڪڏهن ابراهم ۽ ايلن ڪجهہ سال اڳ ۾ لنگرانداز ٿين ها تہ هنن کي هڪڙي تمام خطرناڪ قسم جي ٻاڦ واري ٻيڙي ويسٽرن انجنيئر نظر اچي ها. هي ٻاڦ واري ٻيڙي آمريڪي فوج جي ملڪيت هئي. پري کان ازدها نانگ جي شڪل جي نظر اچي پئي. جڏهن هن جي چمني مان تيز سيٽي جو آواز ايندو هيو تہ مقامي خونخوار ماڻھن تي خوف کان ڏڪڻي تاري ٿي ويندي هئي. هن دفعي تہ ابراهم ۽ ايلن سان اهڙي قسم جو ڪو بہ دلچسپ واقعو پيش نہ آيو ۽ نہ ئي ڪو اهڙي قسم جو تجربو ٿيو ۽ هنن کي سفر جو مزو اچي ويو.
ان دؤر جو هڪڙو مشھور ڪتاب آهي ”دي نيوي گيٽر“"The Navigator," (ملاح) هن ڪتاب ۾ ان دؤر جي ملاحن ۽ جھاز رانن لاءِ مختلف هدايتون درج آهن. هي ڪتاب صدين تائين مستند سمجهيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ اهو هيو تہ مسي سي پي جي ڪنارن تي ڪڏهن ڪڏهن مٽيءَ جا هٿراڌو دڙا بہ ٺھي ويندا آهن. اهي دڙا/ڪنارا/بند جھاز رانن لاءِ ڪڏهن ڪڏهن انتھائي خطرناڪ ثابت ٿيندا آهن. اهڙي طري واريءَ/ريت جا ننڍڙا ننڍڙا متحرڪ جزيرا بہ قائم ڪري ويھندا آهن. ٿيندو ائين آهي جو ڪاٺ جا بنڊ ۽ وڏا وڏا وڻ پاڻي ۾لڙهي ويندا آهن. انھن تي وري سمونڊ جي مٽي جمع ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ جزيري جي شڪل اختيار ڪري ويندا آهن ۽ اهي جزيزه تيز ترين لھرن ۽ ڇولين جي اڳيان ريزه ريزه ٿي ويندا آهن ۽ ان جي ڪري اوسي پاسي جون ٻيڙيون ۽ ننڍا جھاز تباھہ ٿي ويندا آهن.
اها ڳالھہ وثوق سان تہ نہ ٿي چئي سگهجي تہ لنڪن انُ ڪتاب جو مطالعو ڪيو يا نہ، پر قياس آرائي ڪري سگهجي ٿي تہ هن اهو ڪتاب ضرور پڙهيو هوندو. ڇو تہ هو هر وقت ڪو نہ ڪو ڪتاب پڙهندو رهندو هو. ان کان علاوہ هن کي بحري سفر سان بہ دلچسپي هوندي هئي. ان ڪري يقينن هي ڪتاب هن جي معلومات ۾ اضافي جو ڪارڻ بڻيو هوندو.
نيواورلينز پھچڻ کان اڳ ۾ مادام ڊوشين "Madame Dosheen" جو علائقو ايندو هيو. لنڪن پاڻ ۾ صلاح مشوري کان پوءِ هتي پنھنجي ٻيڙي کي لنگرانداز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. بقول لنڪن جي تہ ٻيڙي ۾ جيڪو سامان لڏيل هيو، ان جي نوعيت ئي ڪجهہ اهڙي هئي جو اسان جي لاءِ هن علائقي ۾ قيام ڪرڻ انتھائي ضروري ٿي پيو هو. بس ان رات جو ئي قيام قزاقن لاءِ شب خون جو ڪارڻ بڻجي ويو.
سفر جي ٿڪاوٽ جي ڪري ٻنھي جو انگ انگ چور ٿي ويو هو. رات جو ٻيڙي جي ڪنھن ڪنڊ ۾ اک بند ڪري سمھي پياسين. بس ٿوري دير ۾ ئي رات جو هتان جا مقامي ماڻھو ٻيڙي ۾ ٽپي پيا. ائين لڳي پيو تہ اهي اسان ٻنھين جو خون ڪري ٻيڙي کي لٽي ويندا. پر انھن قزاقن کي ڪھڙي خبر تہ هي ٻيئي انھن ستن ڄڻن تي ڀاري هيا. سو ايلن ۽ ابراهم وڏي بھادري سان هنن سان مھاڏو اٽڪايو ۽ لٺن، ڏنڊن سان انھن کي ڪٽي ڪٽي، ماري ڀڄائي ڇڏيو. ڪجهہ تہ هڪدم ئي ڀڄي جان بچائي ويا، پر ڪن تي وري پنھنجي هٿن پيرن کي آزمائڻ پئي چاهيو، پر ابراهم جي حملي جو مقابلو ڪرڻ، موت کي دعوت ڏيڻ جي برابر هيو. پر پوءِ اهي بہ ڀڄي جان بچائي نڪتا ۽ ايلن تہ انھن جي پويان ٿورو ويو بہ، پر رات جي اونداهي ۾ پنھنجي منزل کان پري نڪري وڃڻ، مصلحت جي خلاف هيو. ان ڪري هو اتان ئي موٽي آيو.
ان کان پوءِ هنن هڪدم اتان لنگر کنيو ۽ ٻيڙي کي تڪڙي تڪڙي ڇڪڻ لڳا. صبح ٿيندي ئي هو ڪناري کان ڪافي ڏور نڪري آيا هيا. ابراهم جي اک جي مٿان زخم ٿي پيو هو. ان جو نشان سڄي زندگي نہ مٽيو. اهو ڌڪ هن ڪارن ماڻھن جي هٿان کاڌو هيو. ان ڌڪ جو نشان هن جي ڀرو جي مٿان سدائين لاءِ اڻ مٽ رهيو. پر هن جي دل ۾ ٿورو بہ پڇتاءُ نہ هيو. ڪارن ماڻھن لاءِ هن جي دل ۾ ڪڏهن بہ نفرت جو جذبو نہ اڀريو. هن کي خبر هئي رنگ ۽ نسل جو تعلق قذاقي ۽ شرافت سان ڪجهہ بہ نہ آهي. ڪيترائي گورا بہ قذاقي جي پيشي سان وابستا هيا ۽ اڪثريت ڪارن جي شرافت ۽ معقوليت سان زندگي گزاريندا هيا.
لنڪن سڄي زندگي ڪارن ماڻھن جي فلاح و بهبود لاءِ ڪم ڪندو رهيو. ان ڪري تقريبن 35 سالن کان پوءِ لنڪن ايمنسپيشن پروڪليميشن Lincoln Emancipation Proclamation تي دستخط ڪري آمريڪا جي رياستن جي هر ڪاري ماڻھوءَ کي غلامي جي زنجيرن مان آزاد ڪرايو.
نيواورلينز جي بندرگاھہ تي ابراهم ۽ ايلن جي تماشا طلب نگاهن لاءِ هڪڙي نئين ڳالھہ نروار ٿي هئي. ڏاکڻي انڊيانا جي جنگلن جي مقابلي ۾ نيواورلينز جو شھر جديد طرز تي تعمير ٿيل هو ۽ ضرورت جي هر شي سان آرائستہ هيو. ٻيڙين جون ميلن تائين ڊگهيون قطارون بندرگاهن جي ڪنارن جي سونھن بڻيل هيون. مختلف ملڪن جا ٻاڦي جھاز سامان سان سٿيل، فضا ۾ دونھون ڪڍندي بندرگاھہ تي اچي لڳندا هيا. اجنبي ملڪن جا ملاح، جن جي ڪنن ۾ سونيون واليون پيون لڙڪنديون هيون، اهي جھاز جي وڏن ۽ ٿلھن واڍن/رسن وارن ڄارن تي چڙهندي ۽ لھندي نظر ايندا هيا.
شھر جا گهر مختلف قسم جي خوبصورت رنگن سان سينگاريل هيا، پري کان ڪنھن شاندار انڊلٺ جو ڏيک ڏيندا هيا. گهرن جي ڄارين وارن درين تي انگور جون ۽ عشق پيچانHedera Heliy (هي هڪ ول جو قسم آهي) جون وليون چڙهيل هونديون هيون. جن جا خوبصورت رنگ برنگي گل ماحول کي کنيو بيٺا هيا. شھر جي گهٽين ۽ رستن تي مختلف قومن ۽ نسلن جا ماڻھو رهندا هيا. جن ۾ ڪي فرانسيسي، اسپيني ۽ ميڪسيڪو جا ماڻھو هيا. غلامن جو بہ هڪڙو وڏو انگ نظر ايندو هيو.
وڻ وڻ جي ڪاٺي هئي، الڳ الڳ ٻوليون هيون، ماڻھن جي گوڙ، هل ۽ ڌمچر سان گرجا جي گهنڊ جي ٽن ٽن جو آواز ملي جلي هڪڙو عجيب آواز پيدا ڪن پيا.
ابراهم ۽ ايلن جو ڪم جلدي ئي ختم ٿي ويو هو ۽ هو گهر واپس ورڻ جي تياري ڪرڻ لڳا. واپسي ۾ ابراهم کي ٻاڦ تي هلڻ واري جھاز ۾ وڃڻو هيو. اهو جھاز ٻہ ماڙ هيو. جھاز ڇا هيو، هڪڙو چڱو خاصو محل هيو ڄڻ. خوبصورت سينگاريل ڪمرا، قالين، ريشمي پردن سان گڏ هال ۾ ميزن، ڪرسين تي ويھڻ لاءِ الڳ الڳ ڪمرا. ابراهم هن جھاز کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. جھاز جو ڪيپٽن گريا هن آبي سلطنت جو بادشاھہ هيو. ابراهم جي دل ۾ بہ اهڙي ئي جھاز جي ڪيپٽن ٿيڻ جي تمنا جاڳي پئي هئي.
ابراهم ٻن مھينن کان پوءِ جون جي مھيني ۾ ڏاکڻي انڊيانا پھچي ويو. واپس ٿيندي ئي هن پنھنجي هڪڙي بااثر دوست وليم ووڊ William S. Wood کي پنھنجي واسطي هڪڙي شفارس ڪرڻ لاءِ چيو. ان واقعي جو ذڪر ووڊ ايئن ڪيو تہ؛ ”هڪڙي ڏينھن ابراهم منھنجي گهر آيو. هو ڏاڍو خاموش خاموش پئي لڳو ۽ ڪجهہ وري شرميلو بہ پئي لڳو. ائين لڳو تہ هو ڪجهہ چوڻ چاهيندو هجي، پر چوڻ ۾ ڪجهہ هٻڪائي رهيو هو. مان سمجهي ويو هئس تہ هو ڪجهہ چوڻ ٿو چاهيو. مون هن کان پڇيو،”ابراهم! ڇا ڳالھہ آهي، ڪھڙي پريشاني ٿئي“.
”چاچا سائين!“ ابراهم گهٻرائيندي چيو. ”مان چاهيان ٿو تہ توهان ڪنھن بندرگاھہ وڃي ڪنھن جھاز جي مالڪ سان منھنجي سفارش ڪري اچو، مان جھاز جو ڪيپٽن ٿيڻ چاهيان ٿو“.
”ابراهم!“. مون هن کي غور سان ڏسندي چيو. ”تنھنجي ننڍڙي عمر تنھنجي راھہ ۾ رڪاوٽ آهي. اڃان تون پورن 21 سالن جو بہ نہ ٿيو آهين. ايتري ننڍي عمر ۾ ڪير تو کي ايڏي وڏي عھدي تي رکڻ جي همت ڪندو“.
”مون کي خبر آهي، پر مان هاڻي کان ئي ڪم شروع ڪرڻ چاهيان ٿو“. ابراهم چاچي کي مطمئن ڪرڻ لاءِ چيو.
لنڪن جي ئي ڀلائي لاءِ هُن شخص، هن سادي ماڻھوءَ جي شفارش نہ ڪئي ۽ ابراهم سڄي زندگي ٻاڦ واري جھاز جو پائليٽ نہ ٿي سگهيو. ابراهم جا ڏينھن مزي وارا نہ پيا گذرن. هو ڪڏهن ڪڏهن تہ صفا مايوس ٿي ويندو هو، پر اها مايوسي ڪڏهن بہ هن جي دل آزاري جو ڪارڻ نہ بڻي. هو هر وقت پڙهندو رهندو هو. ان سان گڏ هو لطيفن، ٽوٽڪن ٻڌائڻ ۽ مشڪرين وارن ڪم ۾ محو هيو. پر هن کي زندگي بي مقصد لڳندي هئي. ان دوران هن جو گرگز خاندان سان بہ جهيڙو ٿي پيو هو. ان جو سبب اهو هيو تہ آرون گرگز بي Aaron Grigsby هن جي پياري ڀيڻ سارا سان شادي ڪري ڇڏي هئي. سارا جي پھرئين اولاد ٿيڻ واري موقعي تي هنن ماڻھن ڪنھن بہ قسم جا ڪي ضروري اپاءُ نہ ورتا هيا ۽ ابراهم جي پياري ڀيڻ سارا ويم جا سور برداشت نہ ڪري سگهي ۽ هو 20 سالن جي عمر ۾ ﷲ کي پياري ٿي ويئي. ابراهم کي سارا جي وڇوڙي جي ڪري ڏاڍي تڪليف پھتي هئي. هو سمجهندو هو تہ آرون جي غلفلت جي ڪري ئي هن جي ڀيڻ جو سر ويو. ان ڪري هو انھن سڀني ماڻھن سان ناراض هيو.
هن جي عمر جا 21 سال پورا ٿيڻ وارا هيا. انھن ڏينھن جي قانون موجب 21 سالن جا ٻارڙا قانوني طور تي پنھنجي والدين جي زير نگراني ۽ انھن جي ئي اختيار ۽ ضبط ۾ رهندا هيا. ان کان پوءِ اهي بالغ قرار ڏنا ويندا هيا. ان کان پوءِ اهي آزاد هوندا هيا، اهي جتي چاهين اتي وڃي سگهن پيا ۽ جيڪو چاهن ڪري سگهن پيا.
ان ڪري ابراهم جڏهن ٻڌو تہ هن جا والدين هڪڙو دفعو ٻيھر لڏ پلاڻ ڪرڻ چاهين ٿا تہ هن کي ڪا خاص پريشاني نہ ٿي. هن دفعي هي مرڪزي ايلينوس Logan County, Illinois جي وسيع ترين چراگاھہ/مرغزار جي علائقي ۾ قسمت آزمائڻ لاءِ وڃڻ چاهن پيا.
Abraham Lincoln said:
“I'm a success today because I had a friend who believed in me and I didn't have the heart to let him down.”
"Nearly all men can stand adversity, but if you want to test a man's character, give him power."
"I would rather be a little nobody than to be an evil somebody."
"I have been driven many times upon my knees by the overwhelming conviction that I had nowhere else to go. My own wisdom and that of all about me seemed insufficient for that day."