آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ابراهم لنڪن (سوانح حيات)

ابراهم لنڪن جي زندگي جدوجھد، حوصلي ۽ اصولن تي بيھڻ جي هڪ شاندار ڪھاڻي آهي، جيڪا نہ رڳو آمريڪي تاريخ ۾، پر پوري دنيا ۾ جمھوريت ۽ انساني حقن جي حوالي سان هڪ مشعلِ راھہ بڻيل آهي. هي ڪتاب ان عظيم اڳواڻ جي سوانح حيات تي تفصيل سان روشني وجهي ٿو، جيڪو هڪ عام غريب خاندان مان اڀري، آمريڪا جي 16هين صدر طور تاريخ رقم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. لنڪن جي قيادت جو سڀ کان اهم ڪارنامو غلاميءَ جو خاتمو آڻڻ هيو، آمريڪي گهرو ويڙھہ دوران قومي اتحاد کي برقرار رکڻ ۽ جمھوريت جي بنيادي اصولن کي مضبوط ڪرڻ هو. هي رڳو هڪ عام ترجمو ٿيل ڪتاب ناهي، پر اسان جي نوجوانن جي لاءِ جاڳرتا جو هڪ اهم باب پڻ آهي. هن ڪتاب ۾ لنڪن جي قيادت، سندس سياسي حڪمت عملي، ۽ جمھوريت لاءِ ڏنل قربانين جو تفصيلي ذڪر آهي.

Title Cover of book Abraham Lincoln

هر فن مولا Jack of All trades

”دڪان جو ڏيوالو نڪري ويو“. ابراهم لنڪن

ابراهم ايندڙ پنجن سالن تائين مختلف ميدانن ۾ پنھنجا جوهر ڏيکاريندو رهيو. اسٽور ڪيپر کان پوسٽ ماسٽر ٿيو. اتان کان وري اسٽيٽ پھتو ۽ اتان کان وري آخر ۾ ڪنھن جي چيمبر ۾ اچي ويٺو. پھريون ڪم ڇڏي هن کي هر ڪم ۾ ڪاميابي نصيب ٿي هئي. اصل ۾ دڪانداري هن جي طبيعت سان نہ پئي ٺھڪي. دڪان کولڻ مھل هن وٽ کيسي ۾ هڪڙو پئسو بہ نہ هيو. پر جڏهن هو 1837ع ۾ دڪان بند ڪري نيو سيلم کان اسپرنگ فيلڊ وڃڻ لڳو تہ تقريبن هڪ هزار ڊالرن جو قرضائي ٿي چڪو هيو.
پر هن کي آخر واپاري ٿيڻ جي خواهش ئي ڇو ٿي؟. شايد هن کي جيمس جنٽري انڊيانا واري جي سماجي حيثيت ۽ عزت جو خيال هو ۽ هو ان ۾ ڪجهہ ڏسي چڪو هيو.... ڇو تہ جنٽري بہ هڪڙو دڪاندار ئي هيو. ان ڪري هو بہ ان جيان ۽ ان جھڙي حيثيت حاصل ڪرڻ جي لاءِ دڪاندار ٿيڻ چاهي پيو. ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي تہ ان دڪانداري جي سلسلي ۾ هن کي مختلف ماڻھن سان روز ملڻ جو موقعو ملي پيو، جن کي هي پنھنجي قصن، لطيفن ۽ ٽوٽن سان وندرائيندو هيو. ان کان علاوہ دڪانداري ۾ گهٽ کان گهٽ محنت ۽ مزدوري کان گهڻو سٺي هئي. ان ڪم ۾ سڀ کان وڏو فائدو ابراهم کي اهو بہ نظر ايندو هيو تہ هن کي ڪتاب پڙهڻ جو گهڻي کان گهڻو وقت ملي ويندو هو. هو دڪان جي تختي تي اڌ سمھي، ٽنگون مٿي ڪري سامھون واري ڀت تي لڳائي، ٽيڪ ڏيئي ويھندو هو ۽ جيڪو بہ ڪتاب هن جي هٿ چڙهندو هو، هو اهو پڙهي پورو ڪندو هو.
ابراهم اڪثر ڪري چوندو هو تہ هو نيو سيلم ۾ ئي پنھنجي رهائش اختيار ڪرڻ چاهي پيو. ڇو تہ هو اتان جي ماڻھن کي گهڻو پسند ڪندو هو. هڪ دفعو تہ هن طئي ڪيو هو تہ هو لوهر جو ڪم سکي وٺي. پر پوءِ هن وري قانون پڙهڻ جو ارادو ڪيو. اهڙي ريت هن کي خيال آيو تہ قانون ۾ اعليٰ ڊگري کان علاوہ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
دڪان بند ڪرڻ کان پوءِ هن کي ٻيھر بيروزگاري ۽ بکن ڪاٽڻ تي مجبور ٿيڻو پيو. پر خدا وڏو ڪارساز آهي، ڪو نہ ڪو در کولي ئي ڇڏي ٿو. ان ڪري هن جي حيرت جي ڪا انتھا نہ رهي، جڏهن هن کي اها خبر پئي تہ هڪڙو ماڻھو دڪانداري جو پراڻو سامان هن کي ۽ هن جھڙي ٻي ڪنھن مفلس کي اڌارو ڏيڻ لاءِ تيار آهي. انڌي کي اکين جي نور کان علاوہ ٻيو ڇا کپي. ٻنھين سامان اڌارو وٺي ڇڏيو ۽ ٻنھين گڏجي سيڌي جو دڪان کوليو. پر ٻيئي ڄڻا اڃان بہ ويتر قرضائي ٿي ويا. هٽڙي بہ چٽ.
هن دڪان جي ڏيوالي نڪرڻ جو حال ايترا دفعا تہ ذڪر ٿي چڪو آهي جو هاڻي هنکي ابراهم جي هن سوانح حيات ۾ افساني جي حيثيت حاصل ٿي ويئي آهي. پر هي صحيح قصو آهي. لنڪن ۽ هن جو ساٿي وليم ايف بيري William Farquhar Barry ٻيئي نھايت ئي ناڪام دڪاندار ثابت ٿيا. بيري شراب جي نشي ۾ غرق رهندو هو ۽ ابراهم پنھنجي ڪتابن جي نشي ۾ گم. دڪان جي حالت هر روز ابتر ٿيندي پئي ويئي. ان ڪري ڪجهہ مھينن ۾ ئي ٻنھين دڪان جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو. تنھنجي باوجود ابراهم پنھنجي ايمانداري جي ڪري پنھنجي سموري قرض جي هڪ هڪ پائي ادا ڪري ڇڏي. پر ان قرض لاهڻ جي لاءِ هن کي سالن تائين سخت محنت، مشقت جا ڪم ڪرڻا پيا هيا.
رٽلج جي سراءِ خاني ۾ قيام ۽ طعام جي خرچ جي پورائي ڪرڻ لاءِ ابراهم کي ڪنھن روزگار جي سخت ضرورت هئي. هو هرڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار هو. تختا چيرڻ، ان صاف ڪرڻ، يا ويندي ايلس جي دڪان تي منشي گيري ڪرڻ.
ستين مئي 1833ع ۾ هن کي نيو سيلم جي پوسٽ آفيس ۾ پوسٽ ماسٽر جي نوڪري ملي ويئي. هي هڪ وقت جي پارٽ ٽائيم ملازمت هئي. جنھن ۾ هن کي پنجاھہ کان پنجهتر ڊالرن تائين ساليانو رقم ملي ويندي هئي. پر ان سان گڏ هنکي اها بہ سھولت هئي تہ هو ڳوٺ ۾ ايندڙ سڀئي اخبارون مفت ۾ پڙهي وٺندو هيو.
اخبارن ۽ خبرن سان ابراهم جي پراڻي لڳندي هئي. انڊيانا جي ڏينھن ۾ بہ هو فقط اخبار پڙهڻ جي لاءِ ڪيترن ئي ميلن جو پنڌ ڪري اخبار پڙهڻ ويندو هو. ان کان پوءِ هو واپس موٽي ڳوٺ جي چوڪ تي اچي ويھي رهندو هو، جڏهن هن جي چئني پاسن کان ماڻھن جو ميڙ ڪٺو ٿيندو هو تہ هو انھن کي اهي خبرون ٻڌائيندو هو، جيڪي هو اڳ ۾ پڙهي آيو هو. انڊيانا جا ماڻھو هن کي چرندڙ پرندڙ، هلندڙ ڦرندڙ، اخبار چوندا هيا.
لنڪن کي مقامي، ملڪي ۽ بين الاقوامي سياست سان هميشہ دلچسپي هوندي هئي. ان ڪري جيتريون بہ اخبارون هن جي هٿ لڳنديون هيون، اهي سڀ پڙهي وٺندو هو. ان زماني ۾ سينٽ لوئي کان نڪرڻ وارو سنگامون جنرل The Sangamo Journal پڙهڻ جو موقعو هن کي اڪثر ڪري ملندو رهندو هيو.
نيوسيلم ۾ پوسٽ آفيس جي نوڪري دوران هن کي اخبارن پڙهڻ جو گهڻو موقعو مليو. اڪثر ڪري ائين ٿيندو هو جو جيڪڏهن پوسٽ آفيس ۾ ڪا اخبار رهجي ويندي هئي، جنھن جو ڪو بہ مالڪ نہ هوندو هيو تہ اتي ڳوٺ جا رولو ڇورا گڏ ٿي ويندا هيا ۽ لنڪن انھن کي زور زور سان اخبار پڙهي ٻڌائيندو هيو.
ان دؤر ۾ هڪڙي اها بہ وندر هوندي هئي تہ هو پاڻ ڊاڪ کڻي ويندو هو ۽ پاڻ ئي ورهائيندو هو. انھن خطن کي هو پنھنجي ٽوپلي جي هيٺان رکي، مٿان ٽوپلو پائي ڇڏيندو هو. بعد ۾ وري هو پنھنجي وڪالت جا ڪاغذ، خط و ڪتابت ۽ ٻيون اهڙيون ضروري شيون، جيڪي ضرورت مھل هڪدم ملي وڃن، انھن کي ٽوپلي جي هيٺان رکي ڇڏيندو هو.
ائين لڳندو هو ڄڻ نيو سيلم 1829ع جي بستي الف ليليٰ جي افسانوي داستان جيان ڪو الا دين جو چراغ ٺاهي ڇڏيو هجي ۽ هن بستي جي قيام جو واحد مقصد صرف لنڪن جي آئنده زندگي جي واسطي بھتر موقعا مھيا ڪرڻ هيو. هي بستي جنھن جو نالو نيو سيلم رکيو ويو هو. لنڪن جي اچڻ کان فقط ٻہ سال اڳ ۾ ٻن ماڻھن James Rutledge and John M Camron. ملي جلي ڪري آباد ڪئي هئي. پر جڏهن لنڪن ان آبادي کي ڇڏي هليو ويو تہ هنجي وڃڻ جي فقط ٻن سالن جي اندر ئي هن بستي جو نالو نشان مٽجي ويو. جيئن ڪو لفظ غلط هجي ۽ ان کي ڊاهي سھي ڪري لکيو وڃي ۽ ان پوئين لفظ جو پوءِ ڪو وجود نہ رهي.
ائين لڳي ٿو ڄڻ ڪو طوفان يا زلزلو آيو هجي ۽ هتان جي ڌرتي تي ڪاٺ جي گهرن، دڪانن کي اجاڙي هلي ويئي هجي. ان کان پوءِ ڪنھن جادوگر ڄڻ ڪنھن جادوءَ جي منڊي کي رڳڙيو هجي ۽ بستي جا رهاڪو ڊرامائي ڪردارن جيان نمودار ٿي ويا هجن ۽ پوءِ وري هڪڙي ٻي ڪا ٻوڏ آئي، جنھن سڄي بستي کي هميشہ هميشہ جي لاءِ نظرن کان اوجهل ڪري ڇڏيو هجي.
هن بستي جا رهاڪو کڻي ڪھڙي بہ ڊرامائي انداز سان نمودار ٿيا هجن يا گم ٿي ويا هجن، پر جيسيتائين لنڪن هتي رهيو، انھن ماڻھن هن جي زندگي تي وڏي دير تائين هلندڙ گهرا اثر وڌا. انھن هن کي ابراهم لنڪن ٿيڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. مثال جي طور پھريون دفعو سنگامون جي سرڪاري سرويئر ابراهم کي اها پيشڪش ڪئي هئي تہ هو هن جي مددگار جي حيثيت سان روڊن جي ماپ، ٻنين جي حدبندي ۽ نئين بستي جي آبادڪاري ۾ هن جي مدد ڪري. ابراهم کي ان ڪم جي قطعي ڪا بہ ڄاڻ نہ هئي. ان ڪري هو پنھنجي اسڪول ٽيچر مينٽر گراهم وٽ ويو. ان وٽ رهي ڪري هن جيوميٽري، مساحت زمين و پيمائش جو فن سکي ورتو. گرهام رات دير تائين آتشڪدي جي ڀر ۾ ويھي ابراهم کي گب سن Robert Gibson جي ڪتاب عملي مساحت "The Theory and Practice of Surveying" ۽ فلنٽ Abel Flint جي ڪتاب سسٽم آف جيوميٽري "System of Geometry and Trigonometry, Together with a Treatise on Surveying" پڙهايو. گرهام جي گهرواري اڪثر ڪري شڪايت ڪندي هئي تہ منھنجو مڙس ۽ ابراهم رات جو دير تائين اهڙي تہ زور زور سان پڙهندا رهندا آهن جو مونکي سڄي رات ننڊ نہ ٿي اچي.
بعد ۾ گرهام پنھنجي شاگرد ابراهم جي باري ۾ چيو هو تہ،“مون پنھنجي سڄي استادي واري دؤر ۾ پنج هزار شاگردن کي پڙهايو، پر ابراهم جھڙو ذهين، محنتي ۽ علم سان شغف رکڻ وارو انسان مون نہ ڏٺو”.
گرهام کان ضروري تعليم/سکيا حاصل ڪرڻ کان پوءِ جلد ئي ابراهم پنھنجي نئين نوڪري تي لڳي ويو. مرڪزي الينواءِ ۾ روڊن جي ماپ، ٻنين جي حدبندي ۽ ميدانن جي سڃاڻپ جي لاءِ هو زنجير ۽ پيمائش جوٻيو سامان پاڻ سان کڻي زمينن ۽ ميدانن ۾ ماپ ڪندي يا حدبنديون ڪندي نظر آيو. هي سرويئر جي حيثيت سان مقرر ڪيو ويو هو. هن ڪم جي اجرت هن کي اڍائي ڊالر ۽ ٻہ زار هرروز جو ڀتي جي طور تي هن کي ڏنا ويندا هيا. پر اهو ضروري نہ هيو تہ اها اجرت ھميشہ هن کي ڪيش جي صورت ۾ ملي. اڪثر ڪري هن کي ان قيمت جون شيون ملي وينديون هيون. انڪري هڪ دفعو هن کي لومڙي ءَ جون ٻہ کلون معاوضي ۾ مليون هيون. انھن کي آرمز اسٽرنگ جي گهرواري صاف ڪري اهڙي ريت هن جي پتلون ۾ وجهي ڇڏيو جو جڏهن هو ٻنين ۾ ڪم ڪندو هو تہ هن جي ٽنگن ۾ ڪنڊا ۽ سڪل ٽارين جي رهڙ نہ ايندي هئي.
سو ويچارو ابراهم محنت ۽ مشقت ڪري پنھنجي قرض لاهڻ جي ڪوشش ۾ ڏينھن رات مصروف رهيو. پر هن کي ڪنھن بہ ماڻھوءَ قرض جي ڳري بار لاهڻ ۾ مدد نہ ڪئي. وقت گذرندو ويو، قرضدارن جي ڦڪڙي بہ وڌندي ويئي. آخرڪار انھن قرضاين ابراهم جو گهوڙو، ان جو هنو، زين ۽ زمين جي ماپ وارو سامان ضبط ڪري اهي نيلام ڪري آيا. اهو تہ اتفاق سان ابراهم جي دوست کي ان ڳالھہ جي سڌ پئجي ويئي تہ هن هڪدم وڃي نيلام ٿيندڙ شيون پاڻ خريد ڪيون ۽ لنڪن کي موٽائي ڏنيون.
1834ع جي اوائلي ڏينھن ۾ لنڪن هڪدفعو ٻيھر مجلس قانون ساز جي اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ڪيو. ڊيموڪريٽ ۽ وهگ Whig party” ٻنھين پارٽين جي متفق راءِ ۽ انھن جي مدد سان هو ڪامياب ٿي ويو. بائولنگ، ڊيموڪريٽ جي طرفان ۽ جان ٽي اسٽوارٽ وهگ Whig party” جي طرفان ابراهم جي حمايت ٿي رهي هئي. اسٽوارٽ John T. Stuart پاڻ اسپرنگ فيلڊ جو تمام وڏو وڪيل هيو ۽ بعد ۾ هن ابراهم جي وڏي مدد ڪئي. جڏهن ونڊيليا ۾ جنرل اسيمبلي جا اجلاس شروع ٿيندا هيا تہ ڪيترن ئي مشڪل مرحلن تي اسٽوارٽ John T. Stuart هن جي مدد ڪئي. ان ئي هن کي قانون پڙهڻ جي صلاح ڏني هئي. ان لاءِ هن ڪجهہ قانوني ڪتاب بہ هِن کي ڏنا هيا ۽ ڪيترن سالن تائين هن کي وڪالت ۾ ساٿي ڪري رکيو هو.
ابراهم ٻين ڪتابن کان علاوہ قانون جا ٻہ مشھور ڪتاب بليڪ اسٽون Sir William Blackstone جي ڪتاب نالي Commentaries on the Laws of England۽ پليڊنگس جو مطلعو پڻ شروع ڪري ڏنو هيو. 1834ع ۾ ابراهم ٻين ڪمن سان گڏ سرويئر جو ڪم پڻ سکي ورتو هيو. پر ويچارو ڪڏهن بہ ايترا پئسا گڏ نہ ڪري سگهيو جو هڪڙو سٺو سوٽ/وڳو ٺھرائي/سبرائي سگهي. الينواءِ جي دؤر جي صدر مقام ونڊيليا ۾ جنرل اسيمبلي جي هيٺين ايوان جو اجلاس ٿيڻ وارو هو ۽ ابراهم وٽ اهڙي قسم جي ڍنگ جا ڪپڙا بہ نہ هيا، جيڪي هو پائي ان اجلاس ۾ شرڪت ڪري سگهي. ان ڪري هن پنھنجي دوست ڪولمن اسموٽ Coleman Smoot کان 200 ڊالرن جو قرض کنيو ۽ زندگي ۾ پھريون ڀيرو درزي کان سبيل هڪڙو سوٽ 60 ڊالرن ۾ خريد ڪيو.
انھن ڏينھن ۾ صاف ۽ پڪا روڊ نہ هيا. ان ڪري اڪثر ڪري اهي ڌوڙ، دز ۽ مٽي سان ڀريل هوندا هيا. خاص طور تي نومبر جي آخر ۾ موسم جي مٽجڻ جي ڪري روڊن تي اڃان بہ خراب حالت هوندي هئي. ڪيمبرلينڊ Cumberland روڊ بہ اڃان تائين پوري ريت ٺھيل نہ هيو. اهو ئي روڊ ونڊيليا جي ڳوٺ مان نڪرندو هو.
جڏهن گپ چڪ، مٽي، ڌوڙ ۽ دز سان ڀڀوت گاڏيون ان دلدل مان نڪري ونڊيليا ڏانھن اينديون هيون تہ سواءِ ٻہ ماڙ ڪيپٽال عمارت جي، جنھن ۾ اسيمبلي جو اجلاس ٿيڻ وارو هو، ان کان علاوہ شھر ۾ ڪا بہ ٻي شي ڏسڻ جھڙي نہ هوندي هئي. گاڏين مان اسيمبلي جا ميمبر، رياستن جا نمائندا ۽ انھن جي گهروارا، لھندي نظر ايندا هيا، جيڪي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ ونڊيليا WANDELAايندا هيا. هي ڳوٺ انھن نون سياستدانن لاءِ بي رنگ ۽ غيردلچسپ ضرور هيو پر لنڪن جي لاءِ هي ڇھن سون جي آبادي وارو ننڍڙو ڳوٺ ترقي لاءِ تمام سٺو ثابت ٿيو. لنڪن ۽ اسٽوارٽ ٻيئي هڪڙي ئي هوٽل ۾ ترسيا.
لنڪن ان قانون ساز اسيمبلي جو اٺن سالن تائين ميمبر رهيو. ان سڄي عرصي جو تفصيلي ذڪر ڪرڻ هتي غيرضروري هوندو. ان لاءِ فقط ايترو بيان ڪرڻ ڪافي آهي تہ اهو لنڪن جي سياسي تربيت جو مرڪز هيو، جتي هو سياست جا ابتدائي سبق سکي رهيو هيو.
ڪيترا ماڻھو شايد اهو بہ چوڻ تي متفق ٿي وڃن تہ لنڪن پنھنجي عام زندگيءَ ۾ ڪاٺ جي بُنڊن مان تختا چيري ٺاهيندو هيو. سياست جي ميدان ۾ آيو تہ اهي سڀ داءُ پيچ بہ سمجهي ويو. ان جو مطلب اهو هيو تہ ”من ترا حاجي بگو، تو مرا قاضي بگو“. يعني جيڪڏهن ڪنھن مسئلي ۾ توهان جيڪڏهن ڪنھن جو ساٿ ڏيو ٿا، تہ توهان جي معاملي ۾ بہ اهو توهان جو ساٿ ڏيندو. اهڙي قسم جي ”باهمي مدد“ واري مراعتن جو تعلق قائم رکڻ بہ سياسي داءَ پيچ چورائي ٿو. ان ڪري اڄ بہ سياستدان اهڙي قسم جي بلڪ ان کان بہ وڌيڪ سنگين قسم جي سياسي مفاهمت ڪندا رهنداآهن.
اسيمبلي جي قانون سازي جي اٺن سالن جي ميمبرشپ جي دوران هن پنھنجو تمام گهڻو اثروسوخ پيدا ڪيو. هو اقليتي رهنما تسليم ڪيو ويندو هو. هن جو شمار اسيمبلي جي وڏن بااثر ميمبرن ۾ ٿيڻ لڳو ۽ جڏهن بہ هو ڪو قانون پاس ڪرائڻ چاهيندو هو تہ وڏي آساني سان ٻين ميمبرن کي راءِ ڏيڻ جي لاءِ آمادہ ڪري وٺندو هيو.
ان دؤر ۾ آمريڪا جون سڀئي رياستون (هن وقت 50 رياستون آهن) پنھنجي داخلي نظام مواصلات کي بھتر بنائڻ جي لاءِ بيچين هيا. انھن کي نون روڊن جي ضرورت هئي، انھن کي نون پاڻي جي شاخن جي ضرورت هئي. ان ڪري اهي آمد و رفت جي ذريعن کي بھترڪرڻ چاهين پيا. انھن سڀني منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪروڙن ڊالرن جي ضرورت هئي. رياستي خزانہ بلڪل خالي هيا. ٻين رياستن جيان الي نوائي ۾ بہ انھن مطالبن جي شدد سان گهرج ٿي هئي ۽ اڄ جڏهن اسان هن دؤر جي آمدني ذريعن، رياستي خزانن ۾ موجود رقم ۽ پوءِ انھن منصوبن جي لاڳت جو اندازو ڪيون ٿا تہ اهي مطالبا اسان کي غيرمناسب لڳن ٿا. مثال جي طور الي نوائي سرڪاري خزاني ۾ ڪل 2000 هزار ڊالر موجود هيا. هاڻي ٻن هزار ڊالرن جي رقم جي مقابلي ۾ اهڙن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ، جنھن جي تڪميل جي لاءِ ڪروڙين روپين جي ضرورت هجي. ڪٿان جي دانشمندي هئي.
لنڪن پنھنجي ميمبرشپ جي ٽين سال ئي پنھنجي سياسي حڪمت عملي جي ذريعي وڏي حد تائين انھن مطالبن تي ضابطو آندو. لنڪن جي حلقي مان 9 ميمبر چونڊجي آيا هيا. انھن سڀني جو قد 6 فٽ ڊگهو هو. پر لنڪن انھن سڀني کي قد ۾ ماري ويو هو. ان ڪري ماڻھو هن کي نولمبو جي نالي سان سڏيندا هيا. لنڪن انھن سڀني جو ليڊر هيو ۽ هن انھن جي مدد سان آهستي آهستي ايترو اثر پيدا ڪيو جو سڄي اسيمبلي ۾ هن جي پارٽي جو داٻو قائم ٿي ويو هو. ان ڪري هو باهمي مفاهمت سان جيڪو چاهي پيو اهو ڪرائي وٺي پيو. سو هن الينواءِ جي صدر مقام ونڊيليا سان اسپرنگ فيلڊ جي جاءِ مٽرائي ڇڏي. ٿيو ائين جو ڊيموڪريٽ بھتر مواصلاتي نظام چاهين پيا. لنڪن ۽ هن جي پارٽي حڪومت جي صدر مقام ۾ تبديلي جا خواهشمند هيا. ٻنھين پارٽين پاڻ ۾ مفاهمت ڪري ڇڏي ۽ اهڙي ريت ٻنھين جو مقصد پورو ٿيو.
اسپرنگ فيلڊ لنڪن جي ذاتي ڪوششن جي ڪري الينواءِ کي صدر مقام قرار ڏنو ويو. ان ڪري ئي الينواءِ جي ماڻھن لنڪن جو استقبال قومي هيرو جي حيثيت سان ڪيو.
ونڊيليا ۾ ئي لنڪن جي ملاقات جيمس شيلڊز James Shields ۽ اسٽيفن ڊگلس Stephen Douglas سان ٿي. جيڪو اڳتي هلي هن جو وڏو مخالف ثابت ٿيو. جيمس شيلڊز ، لنڪن کي آمھون سامھون جهيڙو ڪرڻ تي چيلينج ڪيو ۽ اسٽيفن ڊگلس سان گڏ 1850ع جي آخر ۾ تمام طويل تقريري مقابلا ڪرڻا پيا. هن جي تقريرن جي گونج سڄي آمريڪا ۾ هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ٻڌڻ ۾ پئي آئي.
شيلڊز ۽ ڊگلس ٻيئي غيرموزون ۽ وڏي حد تائين نامعقول انسان هيا. هڪڙي دفعي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سياستدانن جي اعزاز ۾ هوٽل ۾ هڪڙي دعوت ڪئي وئي. ڊگلس ۽ شيلڊز بدمست ٿي ماني واري وڏي ٽيبل تي چڙهي ويا ۽ ميز جي هڪڙي ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ٺينگ ٽپا ڏيندا رهيا. ٻي ڏينھن شيلڊز کي ماني وارن ٿانون جي ٽوڙڻ جي نقصان ۾ 600 ڊالرن جو بل ڀرڻو پيو. انھن ڏينھن ۾ ايترن ڊالرن ۾ تمام سٺي پوک پوکيل زمين خريد ڪري سگهجي پيئي.
لنڪن عملي سياست ۾ وڏي ڪاميابي سان حصو وٺندو رهيو. مواصلات جي نظام جي بھتري ۽ حڪومت جي صدر مقام جي تبديلي، هن جي ڪاميابين جا نمايان ثبوت آهن. پر ان جو مطلب اهو بہ نہ آهي تہ هو انھن معاملن ۾ گهيرجي گهر وڃي ستو پيو هوندو هو. يا هنجا پنھنجا جيڪي نظريا هيا، اهي هن نظرانداز ڪري ڇڏيا هجن. هو اڄ بہ عام ميڙاڪن ۾ تقريرون ڪري، انسداد غلامي جي متعلق پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندو رهندو هيو ۽ هو وڏي وضاحت سان پنھنجي ان موقف جو اظھار ڪندو هو تہ غلامي جي بنياد اڻبرابري ۽ ناانصافي تي رکي ويئي آهي. ان ڪري ان جي خلاف عملي قدم کڻڻ نھايت ئي ضروري آهي. پر ان سان گڏ هو اهو بہ چوندو هيو تہ جن رياستن ۾ اهو ارھہ زورائي/ڏاڍائي وارو قانون آهي، يا جن رياستن ۾ غلامي جو رواج وڌو هيو، ان جي باري ۾ وفاقي حڪومت، انھن رياستن ۾ انھن ڪارن قانونن وارن رواجن ۾ مداخلت ڪرڻ جو ڪو بہ حق نہ ٿي رکي سگهي. پر ڪانگريس گهٽ ۾ گهٽ ڪولمبيا جي ضلعي ۾ غلامي جي خاتمي جو قانون ضرور رائج ڪري سگهي ٿي.
اسيمبلي جي اجلاسن جو وچون عرصو لنڪن نيو سيلم ۾ گزاريندو هيو. اُتي ئي هڪڙي ڀورن وارن ۽ نيرن اکين واري خوبصورت ڇوڪري رهندي هئي. هن جو نالو اين رٽلج Ann Rutledge هيو. هن جي منڱڻو هڪڙي شخص نالي McNamar، جنھن جو پورو نالو ميڪ نميئر هيو، سان ٿيل هيو. ميڪ نميئر 1832ع ۾ پنھنجي گهريلو معاملن کي اڪلائڻ لاءِ اوڀرئين علائقي ڏانھن نڪري ويو هو. اهو طئي ڪيو ويو هو تہ جيئن ئي گهر جا معامرا حل ٿي ويندا تہ هو اتان واپس موٽي ايندو ۽ پوءِ اهي ٻيئي ڄڻا پاڻ ۾ شادي ڪري ڇڏيندا. شروع شروع ۾ اين کي ميڪ نميئر جا خط ايندا رهيا پر ان کان پوءِ هن خط و ڪتابت بہ بند ڪري ڇڏي هئي. ٽن سالن تائين هن ڪا بہ هِن جي پرگهور نہ لڌي هئي. هاڻي ماڻھن کي اهو خيال اچڻ لڳو تہ لڳي ٿو تہ ميڪ نيمئر جي نيت ئي بدلجي ويئي ۽ هو اين سان شادي نہ پيو ڪرڻ چاهي.
ڇا ابراهم جي دل ۾ اين پنھنجي محبت جا چراغ ٻاريا هيا. ڇا لنڪن اين کي شادي جي لاءِ چيو هو ۽ اين اها آفر منظور ڪئي هئي ياٺڪرائي ڇڏي هئي. پوءِ 1853ع ۾ اين جي اچانڪ موت جي ڪري ابراهم کي ايڏو گهرو صدمو ڇو پھتو هيو، جو هن جو ذهني توازن ذري گهٽ بگڙي ويو هو.
اهي سڀ سوال اهڙا هيا جو جن جي جواب ۾ جديد سوانح نگار ابراهم ۽ اين جي پيار کي ڪنھن افساني کان وڌيڪ اهميت نہ ٿا ڏين. انھن جي ويجهو اهڙي قسم جي عشق جون شاهديون، واقعا تاريخ ۾ ڪٿي بہ نہ ٿا ملن.
سوانح نگارن جي تہ ان انڪار جي ابراهم جي سوانح حيات ۾ عوام جي لاءِ ڪو ٻيو واقعو قابل قبول نہ ٿو معلوم ٿئي.
اين جي قبر تي جيڪو ڪتبو لڳل آهي، ان تي ايڊگرلي ماسٽر جا جيڪي شعر اخذ ٿيل آهن، انھن ۾ بہ ابراهم جو ذڪر آهي. اڄ ايترو عرصو گذري وڃڻ جي باوجود بہ ان ڳالھہ جو فيصلو ڪرڻ ناممڪن آهي تہ انھن ٻنھين جي دلين ۾ آخر ڇا هيو ۽ هڪٻئي جي لاءِ آخر ڪھڙا جذبا رکن پيا.
حالتون ۽ واقعا کڻي ڪجهہ بہ هجن پر ان ڳالھہ تي ڪو بہ شڪ نہ آهي تہ نيو سيلم کان ابراهم جي دلچسپي گهٽ ٿيندي ويئي ۽ جڏهن اپريل 1837ع ۾ نيو سيلم کي ڇڏي اسپرنگ فيلڊ وڃي وڪالت ڪرڻ جو ارادو ڪيو تہ هن جي عمر 28 سالن جي هئي.
پنھنجي پويان هو نيو سيلم ۾ تمام گهڻيون يادون ڇڏي وڃي پيو. ان دڪان جي ياد جنھن هن جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو هو. پوسٽ ماسٽر جتي هن کي هر قسم جي اخبار پڙهڻ جو موقعو ملندو هيو. ڪاٺ جا تختا چيرڻ، ڪڻڪ صاف ڪرڻ ۽ سرويري واري ڪم جون يادون، زندگي جي انھن تجربن ۽ يادن ۾ هڪڙي معصوم، خوبصورت ۽ پياري ڇوڪري بہ هئي، جيڪا نيو سيلم جي مڻين مٽي جي ڍير هيٺان ستي پئي هئي.
ان کان پوءِ ايندڙ ٻن سالن تائين نيو سيلم صفحه هستي کان ئي غائب ٿي ويو ۽ اڄ آمريڪا جي تاريخ ۾ فقط هن جو نالو ئي رهجي ويو آهي. باقي ڪجهہ بہ نہ رهيو.