ٻاروتڻ جا معامرا
آچر جي ڪنھن شام جو اسان سڀني ڇوڪرن اها صلاح ڪئي تہ اسان پنھنجي زمين جي اهو حصو جيڪو سڀني کان گهڻو آهي، ان ۾ ٻج ڇٽي، ان کي کيڙيون. اها زمين ستن ايڪڙن تي مشتمل هئي. هن جا ٻيا دوست تہ زمين تي ڪڻڪ جوفصل پوکي رهيا هيا، پر مان ڪدو جو ٻج ڇٽي رهيو هئس. مان هڪڙي قطار ڇڏي، ٻي قطار تي ٻج ڇٽيندو پئي ويس. اهڙي ريت اسان سڄو ڏينھن زمين تي ڪم ڪندا رهياسين.
ٻي ڏينھن سومر تي صبح جو ئي آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڇانئجي ويو هو ۽ پھاڙن تي زبردست برسات ٿي هئي. جيتوڻيڪ وادي ۾ برسات جي هڪڙي بوند بہ نہ پئي هئي. پر جبلن جي پيچرن، گهٽن گهيڙن، واهوندن، اڏن، ليڪن مان پاڻي وهي هيٺ هن جي زمين تي اچي پيو. جنھن جي نتيجي ۾ ڪڻڪ ۽ ڪدو جو ٻج مڪمل طور تي لڙهي ويو ۽ زمين صاف ٿي ويئي.
هڪ اهڙي ئي طوفاني ٻوڏ جي ڪري هڪ دفعو ابراهم هڪڙي پھاڙي نالي تان هيٺ ڪِري پيو ۽ ٻڏندي ٻڏندي بچي ويو. اتفاق سان هن جو دوست آسٽن گولھراس Austin Gollaher هن سان گڏ هيو. هن هڪدم وڻ جو وڏو ٽار پاڻي ۾ هن ڏانھن اڇلائي ڇڏيو ۽ ابراهم ان ٽار کي مضبوطي سان جهلي ورتو. آسٽن وڏي احتياط سان ان ٽار کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندو ، هن کي ٻاهر ڪڍي آيو. اهڙي ريت ابراهم جو سر بچي ويو ۽ هن ناب ڪريڪ جي ميدانن ۽ زمينن ۾ ئي سڀ کان پھرئين وسيع پيماني تي دنيا جي پھرئين جهلڪ ڏٺي.
هن جي گهر جي سامھون هڪڙو روڊ نڪرندو هو، جنھن کي ڪمنبر لينڊ ٽريل سڏيو ويندو آهي. ان روڊ تان هر قسم جا مسافر لنگهندا هيا. واپارين، سوداگرن ۽ خانا بدوشن جا قافلا، نئين آبادين ۽ ڳوٺن جي تلاش ۾ لاڏائو ماڻھو هوندا هيا. مختلف رنگ ۽ نسل جا ماڻھو، هن جي گهر جي اڳيان اتان مٽي ويندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن زنجيرن سان ٻڌل غلام پڻ هن کي نظر ايندا هيا. هڪ دفعي ان ئي رستي تي هي هڪڙي سپاهي سان مليو، جيڪو 1872ع جي جنگ کان پوءِ فوجي ملازمت کان رٽائرڊ ڪري، پنھنجي گهر واپس وڃي رهيو هو. ابراهم ان فوجي کي هڪڙي مڇي بہ تحفي طور ڏني جيڪا هن پھاڙي ندي مان پڪتي هئي.
ابراهم انھن سڀني رنگ نسل جي ماڻھن سان ملندو، ملاقاتون ڪندو رهندو هيو. انھن سان ڪچھريون ڪري انھن جو ڳالھيون ٻڌندو رهندو هو. اهڙي ريت هن جي معلومات ۽ ڄاڻ ۾ ڪافي اضافو ٿيندو رهيو. انھن ڏينھن ۾ اهي مسافر هن جي باري ۾ چوندا هيا تہ هي چالاڪ ڇوڪرو ننڍي عمر ۾ ئي نيون نيون ڳالھيون ٻڌڻ، سکڻ ۽ پرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هي نين شين جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو وڏو شوقين آهي.
ڪجهہ عرصي کان پوءِ ان پاڙي ۾ اسڪول جو ماستر آيو. ان جو نالو زڪريا رائني هيو. هن ڪاٺ جي هڪڙي ڪوٺي ۾ ڳوٺ جي ڇوڪرن کي سڏ ڪري، گڏ ڪري، انھن کي اتي پڙهائڻ شروع ڪيو. ان ڪوٺڙي جو فرش ڏاڍو ڪِنو هيو. سڀئي ڇوڪرا گڏ ٿي ٺيٺ مڪتبي انداز ۾ زور سان رڙيون ڪري، لڏي لڏي پڙهندا هيا. ابراهم کي ان مدرسي ۾ زور زور سان لڏي پڙهڻ جي عادت ٿي ويئي ۽ اها عادت هن کي سڄي زندگي پيل رهي. هو وڏو ٿي بہ هميشہ زور سان رڙيون ڪري پڙهندو هيو.
ابراهم جي پيءُ ٽامس لنڪن کي پڙهڻ لکڻ ۾ ڪابہ دلچسپي نہ هئي. خود ابراهم لنڪن پنھنجي پوين تحريرن ۾ پڻ اهو لکيو آهي تہ؛ ”هو ننڍپڻ ۾ تمام گهڻو محنتي ۽ لاپرواھہ هيو. هن پڙهائي ڏانھن ٿورو بہ ڌيان نہ ڌريو هو“.
ٽام لنڪن تمام سٺو شڪاري هيو. ڊکڻ جو ڪم بہ تمام سٺو ڄاڻيندو هيو. ٻني ٻاري جو ڪم بہ تمام وڏي شوق سان، دل و جان سان محنت ڪري ڪندو هيو. پر هو ڪڏهن بہ هڪڙو سٺو هاري نہ ٿي سگهيو. هن کي قصا گوئي جو بہ وڏو ڏانءُ ايندو هيو. هو ڳالھين جو ڳھير هيو. هو جڏهن بہ ڪو قصو، ڪا ڪھاڻي يا لوڪ داستان ٻڌائڻ شروع ڪندو هيو تہ ماڻھو هن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويھي تجسس سان ٻڌندا هيا. ٽام لنڪن وڏي ڏکيائي کان پوءِ پنھنجي صحيح ڪري سگهندو هيو. پڙهڻ لکڻ يا تعليم پرائڻ جي ڳالھہ تي هو هميشہ ٺٺول ڪندو رهندو هيو.
ابراهم جي ماءُ نينسي هنيڪس لنڪن، انتھائي غريب، نادار ۽ اڻ پڙهيل گهراڻي سان تعلق رکندي هئي. پر هو طبيعتن وڏي نيڪ، ساده دل ۽ غيرمعمولي طور تي ذهين عورت هئي. گهڻن ماڻھن جو خيال آهي تہ هو ٿورو گهڻو لکي پڙهي سگهندي هئي. پر اها ڳالھہ يقين سان نہ ٿي ڪري سگهجي.
سارا ۽ ابراهم جي اُهائي محبوب امڙ هئي، جنھن وڏي اصرار سان انھن ٻارڙن کي اسڪول پھچايو. ڀلي گهڻا ڏينھن نہ پر ڪجهہ مھينا ئي تعليم حاصل ڪري وٺن. نہ تہ هنن جو پيءُ تہ سڀني تي ٽوڪون ڪندو هو.
اها سن 1816ع جي ڳالھہ آهي، جو نينسي اهو محسوس ڪرڻ شروع ڪيو تہ ٽام لنڪن ڪجهہ گم سم ۽ پريشان پريشان لڳي ٿو. ان ڳالھہ جي جڏهن گهرائي ۾ ويئي تہ هن کي خبر پئي تہ هن دفعي بہ هن جي زمين جا ٻيا ۽ نوان دعويدار پيدا ٿي ويا آهن ۽ هن دفعي بہ متان ٽام کي پنھنجي فصل تان هٿ کڻڻو نہ پوي. ٻي ڳالھہ تہ انھن ڏينھن ۾ هن جي مالي حالت پڻ خراب هئي. زمين تي هن دفعي پوک سٺي نہ ٿي هئي. ان کان علاوہ وڏي ڳالھہ تہ هو اڪيلو هو. ايڏي وڏي زمين جي پوکائي، وري لابارو ۽ ان جي سار سنڀار هن جي وس جي ڳالھہ نہ هئي. ٻيا هاري ڪافي مالدار هيا. عام رواج موجب انھن هارين وٽ پنھنجا ڪيترائي غلام هوندا هيا، جيڪي ڏينھن رات انھن جي زمينن تي ڪم ڪار ڪندا رهندا هيا. ٽام ويچارو تہ پاڻ ئي غريب ماڻھو هو، هو غلام خريد ڪرڻ يا وري انھن کان ڪم وٺڻ جي حيثيت ۾ بنھہ نہ هيو. ان ڪري ڏينھن و ڏينھن هن جي حالت ابتر ٿيندي پئي ويئي. ان ڪري هاڻي هو اڳي کان بہ گهڻو پنھنجن خيالن ۽ سوچن ۾ گم سم رهندو نظر پئي آيو.
درياءُ اوهيو Ohio River جي اتر ڏانھن انڊيانا جو علائقو هو. هي علائقو ڏاڍو زرخيز هيو. پر هينئر تائين تقريبن غيرآباد پيل هيو. ٽام جو خيال هو تہ ڇو نہ هڪ دفعو وري هن نئين علائقي ۾ قسمت کي آزمائجي. شايد هن دفعي تقدير هن جو ساٿ ڏيئي ۽ خراب ٿيل ڳالھہ وري ٺھي پوي.
ٽام ان نئين علائقي جي جائزي وٺڻ لاءِ اڪيلي سر ئي نڪري پيو ۽ نينسي سوچيندي ئي رهجي ويئي. هن جي ڏھہ سالن جي ازدواجي زندگي ۾ لڏ پلاڻ جو هي ٽينون مرحلو هيو. آخر اسان ڪيسيتائين اهڙي خانہ بدوشن واري زندگي جيئنداسين ۽ ڪيسيتائين پنھنجي پراڻيون زمينون ۽ گهر گهاٽ ڇڏي نون ۽ غيرآباد علائقن ۾ قسمت آزمائي ڪندا رهنداسين. ڪڏهن ڪڏهن تہ ائين محسوس ٿيندو هو جو ڄڻ تہ هنن جي قسمت ۾ ئي اها ئي خانہ بدوشي واري زندگي لکيل هجي.
هن سال حد کان وڌيڪ پارو پيو هو. ماڻھو، جانور، گهر، فصل، ميدان سڀ برف سان ڍڪجي ويا ها. سڄي ڪائنات سيءُ ۾ ڏڪي رهي هئي. ڄڻ تہ هر شي کي پارو پائي ويو هجي.
نينسي سوچي پئي تہ جيسيتائين ٽام انڊيانا Indiana جو جائزو وٺي ايندو، تيسيتائين سيءَ بہ گهٽ ٿي ويندا يا وري سيءُ جي موسم ئي ختم ٿي ويندي ۽ خزان جي موسم جي شروعات ٿي چڪي هوندي. فصلن ۽ زمينن تي مٽي پئي اڏامندي هوندي. ٻن معصوم ٻارڙن سان اجنبي علائقي ڏانھن سفر اهڙي غيريقيني موسم ۾ ڪنھن بہ ريت خطري کان خالي نہ هيو، بلڪ جان جوکي ۾ وجهڻ وارو ڪم هيو.
نينسي پنھنجي ڪمري ۾ اڪيلي ويٺي ڪمري جي ڇت کي تڪيندي رهندي هئي. جنگل جي تيز هوا ڪمري جي چمني سان ٽڪرائجي، سيٽي جي آواز پيدا ڪري هن جي تنھائي ۾ ويتر خوف جو اضافو پئي ڪيو. نينسي جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا ۽ هو نئين لڏپلاڻ واري عمل جو سوچي ڪافي حد تائين پريشان ٿيندي پئي ويئي.
پر ابراهم جي لاءِ اها لڏپلاڻ ڪنھن بہ ريت ڪنھن تفريحي عمل کان گهٽ نہ هئي. هن لاءِ اهڙي موقعي تي مستين ۽ شرارتن جو ڀاڳ کلي پيو هو. اهي ڏينھن هن جي لاءِ گذارڻ ڏاڍا ڏکيا ٿي ويا هئا. هن جي دل ڪري پئي تہ پر لڳائي، پري کان نظر ايندڙ برف سان ڍڪيل ميدانن تي اڏري وڃي پھچي ۽ هو پنھنجي نئين گهر جي خوشي ۾ ڪيبن جي پويان جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويو تہ جيئن ميلن تائين پري کان نظر ايندڙ انڊيانا Indiana جي ميدانن ۽ زمينن جي هڪڙي جهلڪ ئي ڏسي سگهي. جتي هن کي وڃي نئين بستي آباد ڪرڻي هئي. انھن ميدانن ۾ جنگلي جانور ۽ رڇ بہ هوندا. پر ابراهم کي انھن جي ڪا بہ پرواھہ نہ هئي. هو اٺن سالن جي لڳ ڀڳ جي عمر جو ٿي ويو هو ۽ بس چند ئي سالن ۾ هو بندوق ۽ ڪھاڙي سان انھن جانورن جو صفايو ڪنھن بردبار نوجوان وانگي وڏي ڦڙتي ۽ چالاڪي سان ڪري سگهندو.
ابراهم آڪٽوبر جي سج جي تيز روشني ۾ پنھنجين اکين کي بچائڻ جي لاءِ پنھنجي هٿ جي چنبي کي سڌو ڪري اکين جي اڳيان رکيو ۽ اتر ڏانھن پري تائين هڪڙي گهري نگاھہ وڌي. هي نيري رنگ جي ليڪ ڇا جي آهي؟. آسمان جو افقي ڪنارو آهي يا شايد درياءُ اوهيو آهي. جنھن جي ٻي ڇيڙي طرف انڊيانا جو علائقو شروع ٿئي ٿو.