دنيا ۾ اچڻ
آچر جو ڏينھن هيو، سن 1809ع جي فيبروري جي 12 تاريخ جو ڊينس کي شايد ان ڳالھہ جو احساس بہ نہ ٿيو هو تہ ايڏي سيءَ ۾ اڄوڪي صبح جو آمريڪي تاريخ جو هڪڙو تمام وڏو ڏينھن ٿي رڪارڊ تي اچي چڪو هو.
هو تہ بس ان خوشي ۾ ئي مست هيو تہ ٽامس لنڪن Thomas Lincoln ۽ نينسي Nancy Lincoln جي گهر ۾ اڄ هڪڙي ٻارڙي جنم ورتو جنھن جو نالو هن ابراهم لنڪن Abraham Lincoln رکيو هو.
نينسي هينڪس جي سوٽ هئي. هينڪس، نينسي کان چند سال ننڍو هيو. انھن ٻنھين جي پالنا نينسي جي چاچا نالي ٽام ۽ چاچي نالي بيٽسي اسپيرو ڪئي هئي. ٻيئي ننڍي هوندي کان ئي ڀيڻ ڀاءَ جيان رهندا هيا ۽ انھن جي اڄ ڏينھن تائين سڳي ڀاءُ ڀيڻ جيان محبت هئي. اهو ئي سبب هيو جو نينسي وارن وٽ هن ٻار جي ولادت جي خبر هُلي وئي هئي. اهي ان معصوم ٻارڙي کي ڏسڻ جي لاءِ ايترو بيتاب ٿي ويا جو انھن سردي ۽ برف باري جي ڪا بہ پرواھہ نہ ڪئي ۽ گهران نڪري پيا.
نينسي جو بہ هينڪس ۽ پنھنجي چاچا ۽چاچي سان هڪڙو خاص تعلق جڙيل هيو ۽ هن جي اها خواهش هئي تہ هن جي معصوم ٻارڙي کي سڀ کان پھريائين اهي ٻيئي ڄڻا ڏسن.
جڏهن هي همراھہ ڊينس ٽيلون ۽ جهنگ کي لتاڙيندو ميدان تي پھتو تہ هنن کي لنڪن ڪيبن جي چمني کان نيري رنگ جو دونھون آسمان ۾ اڏرندي نظر آيو.
هن پنھنجي رفتار ۾ هاڻي ٿورو وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو هو. هو تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگهون کڻڻ لڳو هو. هن کي لومڙي جي کل جي ٽوپي پاتل هئي ۽ اُن جو پڇ هوا ۾ ڦڙڪي رهيو هو. هوسوچي رهيو هو تہ ننڍڙي معصوم ابراهم جو مھانڊو ڪنھن سان ملندو هوندو؟.ٿي سگهي ماءُ تي ويو هجي يا اهو بہ ٿي سگهي ٿو تہ پيءُ تي ويو هجي. هونءَ تي ڊينس کي ننڍڙن ٻارڙن سان گهڻي انسيت نہ هوندي هئي پر شايد نينسي جو ننڍڙو مھمان عام ٻارڙن کان مختلف هيو.
نينسي جو گهر، لنڪن ڪيبن، هڪڙي ڪمري جو ننڍڙو گهر هيو. ڪمري جي آتشڪدي ۾ ڪاٺيون ٻري رهيون هيون، باھہ ٻري رهي هئي ۽ باھہ مان نڪرندڙ نيري رنگ جو دونھون، چمني مان نڪري ڳوٺ جي آسمان ۽ سرد فضا ۾ گم ٿي پئي ويو. ڪمرو باھہ جي ڪري روشن ۽ ڪنھن حد تائين گرم بہ هيو. ڊينس جهلي هٽائي ڪمري ۾ داخل ٿيو. هن جون نگاهون نينسي جي مسڪرائيندڙ چھري تي پيون. هن جي چھري تي ٿڪاوٽ جا آثار نظر اچي رهيا هيا. ڪمزور چھري کي ممتا جي جذبن وڏي دل وارو ڪري ڇڏيو هو. ڊينس جون نظرون نينسي کان هٽي ڪري، پھريون ڀيرو ننڍڙي معصوم ابھم ٻارڙي تي پيون، جيڪو هڪ ڏينھن آمريڪا جو محبوب ترين صدر ٿيڻ وارو هو.
ڪيترن سالن جي گذري وڃڻ کان پوءِ ڊينس هاڻي پوڙهو ٿي چڪو هيو. پر هن جي ذهن تان سردين جي اها صبح اڄ بہ نہ نڪتي هئي. هو وڏي شوق سان انھن ڳالھين کي تخيل جي رنگ ۾ سمائي پيش ڪندو هو. ماڻھن کي خبر هئي انھن ڳالھين مان گهڻيون ڳالھيون سچيون بہ هيون، پر ڪجهہ وري ڳالھہ مان ڳالهڙو ٺاهڻ جي لاءِ ڊينس پنھنجي ڳالھہ ۾ مرچ مصالحا ملائي پيش ڪندو هو. پر ان جي باوجود ماڻھو ڊينس جي ڳالھين مان ڪڏهن بہ بيزار نہ ٿيا. ڊينس پنھنجون ڳالھيون ڪڏهن بہ نہ وساريون. ڇو تہ جڏهن هو پنھنجي مخصوص ٻھراڙي واري لھجي ۾ ڳالھائيندو هو تہ اهي ڳالھيون ماڻھن کان ڪڏهن بہ نہ وسريون.
نينسي پنھنجي بستري تي ليٽيل هئي. ٽام آتشڪدي ۾ باھہ کي وسامڻ نہ پئي ڏنو. هن ماءُ ۽ ٻارڙي جي مٿان کل جو ٺھيل هڪڙو ڪمبل وجهي ڇڏيو هو. ٻاهر جي ڀيٽ ۾ ڪمري ۾ ڪجهہ مڙئي سيءُ گهٽ هيو.
چاچي بيٽسي اسپيرو ڪافي مصروف نظر اچي رهي هئي. ننڍڙي ابھم ٻارڙي جي سار سنڀار جو سڄو ڪم هن جي سر تي اچي پيو هو. ان ڪري هو ان جي هر انتظام ۽ بندوبست ۾ مصروف هئي. ٻارڙي لاءِ ڪپڙا سبڻ، هن جي ماءُ جو خيال ڪرڻ ۽ هن لاءِ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ وغيرہ. ڪيترا اڻکٽ ڪم هيا جيڪا چاچي بيٽسي اسپيرو کي ڪرڻا هيا. هن تڪڙ تڪڙ ۾ پنھنجي ڏوهٽي جي لاءِ قميص سبي ورتي هئي ۽ ان سان گڏ هڪڙي ڪانچ پڻ سبي ڇڏي هئي. پوءِ هن کي وڏي احتياط سان هڪڙي ڪمبل ۾ ويڙهي ڇڏيو هو.
نينسي جي لاءِ هُن هڪڙي شيشي ۾ جهنگلي ماکي وجهي، ان ۾ ڪجهہ خشڪ ميوو پڻ ملائي، ان کي باک تي پچائڻ لاءِ رکي ڇڏيو هو. ان کانپوءِ هو گهر جي ٻين ڪمن ڪارين ۾ لڳي ويئي هئي. ڊينس وڏي خوشيءَ سان ننڍڙي کي پنھنجي جهولي ۾ کنيو بيٺو هو. جيڪو چيري جي ميووي جيان هيو. نينسي ڏڪندڙ آواز ۾، سس پس ڪندڙ انداز سان ڳالھائيندي چيو،”ڊينس! ٿورو هوشياري سان، تون پھريون مرد آهين، جنھن هن کي ڏٺو آهي، ڪٿي هو ڊڄي نہ وڃي“.
ڊينسDennis جي جهوليءَ ۾ ٻارڙو روئڻ لڳو. ڊينس هن کي وندرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ ڪجهہ گهڙين کان پوءِ مچي ويندڙ ابراهم کي چاچي Betsi Sparrow جي هنج ۾ ڏيندي چيو،”تہ چاچي! هي تہ سڄي زندگي روئيندو رهندو“.
ڊينس جا چيل لفظ شايد سچ ئي ثابت ٿيڻا ها. لنڪن جا گهروارا غريب ۽ ڏاڍا سادا هيا. خاص طور تي هينڪس جو خاندان تہ نھايت ئي شريف، سادو ۽ نيڪ هيو. انھن کي ڪڏهن بہ اهو خواب ۽ خيال ۾ نہ هيو تہ هي ڇوڪرو هڪ ڏينھن دنيا جي وڏن ماڻھن جي لسٽ ۾ ايندو.