هڪ سياست دان ۽ بھترين وڪيل
پنھنجي سڄي وڪالت واري پيشي دوران هن جا ٽي دوست ٿي سگهيا هيا. پھريون جان ٽي اسٽوراٽ، ٻيون اسٽيفن ٽي لوگن ۽ ٽيون ماڻھو هن جو ساٿي وليم ايڇ هرن ڊن هيو. 1841ع ۾ لنڪن ۽ اسٽوارٽ هڪٻئي کان الڳ ٿي ويا. ان کان پوءِ لنڪن لوگن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لڳو. لوگن سڄي الينواءِ ۾ هڪڙو بھترين، هوشيار ۽ نالي وارو وڪيل هيو. هي تمام وڏو قانوني دماغ هيو. ننڍو قد، سنھڙو سيپڪڙو، مٿي تي ڳاڙهن وارن جو جهنڊ، لباس ۽ رهڻي ڪھڻي ۾ صفا لنڪن جيان لاپرواھہ پر پنھنجي ڪيس جي تياري وڏي محنت ۽ شوق سان ڪندو هيو. هن لنڪن کي بہ شوق ڏياريو تہ پنھنجي ڪيس جي تياري ۾ مڪمل طور تي ڌيان ڏيئي، محنت ڪري، قانوني ڪتابن جو مطالعو ڪري، ڪيس ريفرنس جا حوالا ڏيئي ۽ ڪيس جي مختلف رخن تي پنھنجو مڪمل ڌيان ڏيئي. ان ڪري لنڪن پنھنجي ڪيس جي تياري ۾ هاڻي گهڻي محنت ڪرڻ لڳو ۽ هڪڙي وڪيل جي حيثيت سان هن جي گهڻي سڃاڻپ بہ ٺھي وئي هئي ۽ هن جو نالو بہ ٿي ويو هو. لنڪن جي باري ۾ لوگن جو چوڻ آهي تہ هو هڪڙو سٺو وڪيل آهي. پر هن جي قانوني ڄاڻ تمام گهڻي غيرمعمولي نہ آهي. 1844ع جو لوگن پنھنجي پٽ کي پنھنجي ڪم ۾ گڏ کڻڻ جو فيصلو ڪيو. هاڻي لنڪن ٻيھر اڪيلو ٿي ويو. هن ان کان پوءِ پنھنجي دوست 25 سالن جي نوجوان بلي هرن ڊن کي پنھنجي پروفيشن ۾ گڏ ٿي ڪم ڪرڻ جو چيو.
هرن ڊن چوندو هيو تہ مان وڪالت جي ميدان ۾ اڃان سيکڙاٽ ئي هيس ۽ اڃان مون ۾ ڪا بہ صلاحيت نہ آئي هئي ۽ نہ ئي وري ڪو تجربو ئي ٿيو هو. ان ڪري جڏهن مسٽر لنڪن مون کي پنھنجي آفيس ۾ پاٽنر ڪرڻ جي آڇ ڪئي تہ مون کي هن جي ان ڳالھہ تي گهڻي حيرت ٿي. هن مون کي چيو تہ،”بلي مون کي تو تي اعتماد آهي. پر جيڪڏهن تون مون تي بہ اعتبار ڪري سگهين تہ مان تنھنجو پارٽنر ٿي ويندس“. ان کان پوءِ مون ان سٺي آفر کي قبول ڪري ورتو.
پيشڪش واقعي ئي مخلصاڻي هئي. پر لنڪن بغير ڪنھن نتيجي تي غور ڪرڻ جي اهو فيصلو نہ ڪيو هو. بلي هرن ڊن وڪيل جي حيثيت سان سيکڙاٽ ضرور هيو پر شھر جي وڏي حلقي ۾ هن جي وڏي ڄاڻ سڃاڻ هئي. ان ڪري هن جي ان پنھنجي حلقي جي ڪري اليڪشن ۾ حصو وٺڻو گهڻو سولو ڪم ٿي ويو هو. هن جو تعليمي معيار بہ لنڪن کان بھتر هيو. ٻين علمن کان علاوہ هن کي فلسفي تي بہ گهڻو عبور هيو.
انھن سڀني ڳالھين کان سواءِ هڪڙو ٻيو بہ نفسياتي مسئلو هيو. اهو هي هيو تہ هيل تائين لنڪن جن ماڻھن سان ڪم ڪندو رهيو هو، اتي هن جي حيثيت ٻي درجي جي ۽ وڌيل ماڻھوءَ جي هئي. ان ڪري هو هاڻي ڪنھن ٻي کي ثانوي حيثيت سان شريڪ ڪري پاڻ کي پنھنجي پھرئين پوزيشن ۾ رکڻ چاهي پيو. عمر ۽ تجربو بلي جو ابراهم جي ڀيٽ ۾ گهٽ هيو. ان ڪري هن کي پنھنجو پارٽنر ڪرڻ ۾ ابراهم جو اهو مقصد بہ پورو ٿئي پيو.
بلي سڄي زندگي ابراهم جو دوست رهيو ۽ هن جي دوستي تہ پَرَستِش جي حد تائين وڃي پھتي هئي. هو هميشہ ابراهم کي عزت سان مسٽر ابراهم جي نالي سان ئي سڏيندو هيو ۽ لنڪن هن کي پيار ۽ هجت منجهان مسٽر بلي سڏيندو هيو.
لنڪن پنھنجي لباس جي باري ۾ ڏاڍو ئي لاپرواھہ هوندو هيو. ان جي ڀيٽ ۾ وري بلي ڏاڍا صاف سٿرا ۽ سٺا ڪپڙا پائيندو هيو. نفاست پسندي ۽ خوش پوشاڪي هن کان پوءِ ختم هئي. ٻيئي وڏي ڪُنڊن وارا ٽوپلا (ڪائو بواءِ جهڙا) پائيندا هيا. ابراهم جو ٽوپلو پراڻو ۽ ميرو هوندو هيو ۽ بلي جو نئون ۽ صاف هوندو هيو.
لنڪن جي موت تائين هي ٻيئي هڪ ٻئي جا جان نثار دوست رهيا. ٻنھين جي وچ ۾ ڪو بہ لکت ۾ معاهدو نہ هيو. پر انھن جي وچ ۾ ڪڏهن بہ ڪو اختلاف نہ ٿيو. ٻيئي ڄڻا جيڪو بہ ڪمائيندا هيا، اهو هڪ ٻئي ۾ ئي سچائي سان ورهائي ونڊي ڇڏيندا ها. جيتوڻيڪ لنڪن جي گهرواري ميري ۽ هرن ۾ هميشہ چپڪلشي پئي ٿيندي هئي. پر اها دشمني ڪڏهن بہ هنن ٻن يارن جي وچ ۾ نہ اچي سگهي.
لنڪن جي لاءِ بلي جي رفاقت وڏي غنيمت هوندي هئي ڇو تہ لنڪن جا خانگي معاملا گهڻو خوشگوار نہ هيا. ڪجهہ خطن ۽ ڪجهہ تارن مان جيڪي حقيقتون ملن ٿيون، ان مان خبر پوي ٿي تہ ميري ۽ ابراهم هڪٻئي کي گهڻو پسند ڪندا هيا. هر معاملي ۾ هڪٻئي جا رفيق ثابت ٿيا. دماغي صلاحيت جي حساب سان بہ اهي ٻيئي هڪٻئي جي رفاقت جي لاءِ وڏو موزون هيا. پر ميري جي وڏائي، تکائي، ڪاوڙ ۽ بدمزاجي جي ڪري اڪثر گهر ۾ گهپي رهندي هئي. هن کي ابراهم جون ٻھراڙي واريون عادتون، حرڪتون ۽ ڄٽن وارا ڪم پسند نہ هوندا هيا ۽ هن کي ابراهم جون اهي عادتون بہ ٺپ نہ وڻنديون هيون، ان ڪري هوءَ هن تي ڇتي تنقيد ڪندي رهندي هئي. هن کي ابراهم جي اها ڳالھہ بہ نہ وڻندي هئي تہ هو ھميشہ فرش تي ليٽي ڀت تي ٽنگون مٿي ڪري/لڳائي پڙهندو هو. ميري جون بہ ڪجهہ عجيب عادتون هونديون هيون، پر ابراهم انھن جو ڪڏهن بہ دل ۾ نہ ڪيو يا وري انھن جي ناپسندي جواظھار ڪيو هجي. مثال جي طور کنوڻ جي لڳڻ ۽ جهڙ جي گجگوڙ جي ڪري هو صفا ڊڄي ويندي هئي. جڏهن بہ جهڙ ٿيندو هيو تہ ابراهم ھميشہ جلدي گهر موٽي ايندو هيو. تہ جيئن هو پنھنجي گهرواري جي خوف کي ختم ڪري سگهي.
شاديءَ کان پوءِ هو شروعاتي ڏينھن ۾ اسپرنگ فيلڊ جي گلوب واري هوٽل خاني ۾، چار ڊالر هفتي جي حساب جي ڪرائي سان، رهڻ لڳا هيا. هتي ئي هنن جو پھريون ٻار رابرٽ ٽاڊ لنڪن Robert Todd Lincoln آگسٽ جي مھيني سال 1843ع ۾ پيدا ٿيو هو.
ٻي سال هنن هزار ڊالر ۾ هڪڙو گهر خريد ڪري ورتو. ان کان پوءِ ان گهرتي هنن خرچ ڪري ان کي ٺھرايو بہ ۽ 1861ع ۾ ايوان صدر ۾ شفٽ ٿيڻ تائين، اهي هن ئي گهر ۾ رهيا پئي.
ان اسپرنگ فيلڊ واري گهر ۾ ئي هن جا ٻيا ٽي ٻارڙا بہ پيدا ٿيا. 1846ع ۾ ايڊوورڊ ڊ بيڪرEdward Baker Lincoln جنھن جي پيار جو نالو ايڊي Eddie هيو. جيڪو پھرئين فيبروري 1850ع ۾ ٽي بي جي بيماري وگهي مري ويو. وري 1950ع ۾ وليم ويليڪ"Willie" Lincoln, پيدا ٿيو ۽ بخار جي ڪري 20 فيبروري 1862ع وائيٽ هائوس ۾ گذاري ويو ۽ چوٿين اپريل 1853ع ۾ انھن جو آخري ٻار ٽامس Thomas "Tad" Lincoln, پيدا ٿيو، جنھن کي پيار مان ٽاڊ چوندا هيا. هي ويچارو بہ 18 سالن جي عمر ۾ 16 جولاءِ 1871ع ۾ گذاري ويو. هي ٻارڙو بہ جسم ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ جي ڪري يا ورم جي بيماري جي ڪري وفات ڪري ويو هو.
انھن ٻارڙن جي پيدائش سان ميري ۽ ابراهم جي روزمرھہ جي زندگي ۾ جيڪي شادي کان پوءِ چپڪلش هوندي هئي، اها گهٽ ٿي ويئي هئي. ٻنھين کي پنھنجن ٻارڙن سان ڏاڍي محبت هوندي هئي. ان پيار جو اهو نتيجو نڪتو جو سڀ ٻار دادلا ٿي ويا ۽ خراب ٿي ويا.
آچر جي ڏينھن جڏهن ابراهم انھن ٻارڙن کي پنھنجي آفيس وٺي ويندو هو تہ بلي هرن ڊن انھن ٻارن جي حرڪتن، شرارتن کان بيزار ٿي پوندو هو. هو چوندو هو تہ مسٽر لنڪن ٻارڙن کي صفا بگاڙي ڇڏيو آهي تو.
ابراهم تہ ڪونہ ڪو ڪتاب کڻي زور سان پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيندو هو ۽ اوسي پاسي کان بلڪل بي خبر ٿي ويندو هو. پر هي ٻارڙا آفيس جي ماحول ۾ اچي آفيس جي سڄي سامان کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيندا هيا. الماڙي مان ڪتاب ڪڍي انھن کي هيڏي هوڏي ڪري ڇڏيندا هيا. ميزن جي خانن مان شيون ڪڍي فرش تي ڪيرائي ڇڏيندا هيا. قلم جون نبون آتشڪدي جي باھہ ۾ وجهي گرم ڪري انھن جي بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ويتر اهي پينون بہ ساڙي ڇڏيندا هيا. ڪمري ۾ خطن وارن پنن کي فرش تي اڇلائي ڇڏيندا هيا ۽ وڏي مزي سان انھن پنن تي لتون ڏيئي، چڙهي، انھن تي گهمندا رهندا هيا.
بلي چوندو هيو تہ انھن جي عادتن کي صحيح ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪم ڪرڻ جي ضرورت هئي. پر ابراهم ۽ ميري هن کي ڪڏهن بہ ايئن ڪرڻ نہ ڏنو. شايد ان جو اهو بہ ڪارڻ هجي تہ ابراهم جو ننڍپڻ ڏاڍو تڪليفن ۽ مصيبتن ۾ گذريو هو. اڪثر هن پنھنجي پيءُ کان مار بہ کاڌي هئي. ان ڪري هو پنھنجي ٻارڙن تي ڪنھن بہ قسم جي سختي ڪرڻ نہ پيو چاهي. ان جي حد کان وڌيڪ نرمي ۽ پيار جو اهو نتيجو نڪتو جو ٻار خراب ٿي ويا. لنڪن سڀني ٻارڙن تي مھربان هوندو هيو. هو ٻارڙن جو بھترين دوست هيو. اڪثر واقعا ان ڳالھہ جي تصديق ڪن ٿا.