عشق جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وڃڻ
ميري ٽاڊ سان ابراهم جي ملاقات هڪڙي دعوت ۾ ٿي هئي. عام طور تي اها روايت مشھور آهي تہ اسيمبلي ميمبرن جي اعزاز ۾، اسپرنگ فيلڊ ۾ هڪڙي وڏي دعوت رکي ويئي. سڀ مھمان، مرد توڙي عورتون هڪڙي وڏي هال ۾ گڏ ٿي ويا هيا.
ميڻ بتين جي روشني ۾ گلن سان سجايل ڪمرو ڏاڍو سھڻو لڳي رهيو هو. ان سڄي مجموعي ۾ سڀني کان وڌيڪ خوبصورت ڇوڪري مسز ايڊورڊز جي ڀيڻ ميري ٽاڊ Mary Todd هئي. ميري ٽاڊ گُداز جسم، نيرين اکين واري، اعليٰ تعليم يافتہ، شائستہ ۽ مھذب ڇوڪري هئي. ڊگهي قد وارو ابراهم هميشہ پنھنجي لباس جي ڪري ڪجهہ عجيب لڳندو هيو. هن جو لباس ڪڏهن بہ هن جي جسم تي نہ ٺھندو هيو. پر ابراهم هر محفل جي جان هوندو هيو. پنھنجي انداز ۾ جنھن وقت هو خوبصورت ۽ مزاحيه لطيفا ٻڌائيندو هو ۽ ماڻھن کي کلائيندو هو تہ ماڻھن کي وڻي ويندو هيو. ان ڪري سموري ميڙاڪي جو ڌيان هن ڏي ڌرجي ويندو هو. پر ميري ٽاڊ کي ڏسي هي ڪنھن خوبصورت دنيا ۾ گم ٿي ويو هو. پنھنجون سڀ ڳالھيون، لطيفا، چرچا، کل ڀوڳ هن کان وسري ويئي. هن جون نگاهون ميري ٽاڊ کان هٽن ئي نہ پيون. ميري جيڪا پاڻ هرڻي جيان سڄي ڪمري ۾ پئي ڦيرا ڏيئي، سا ڪڏهن اسٽيفن ڊگلس، ڪڏهن جيمس شيلڊز ۽ ڪڏهن وري ڪنھن ٻي نوجوان سان رقص پئي ڪيو. ابراهم وڏي دير تائين همت ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي تہ ڪنھن بہ ريت ميري سان ڳالھہ ٻولھہ ڪري وٺي پرآخرتائين هن همت نہ ٻڌي. نيٺ هن جي همت جوش کاڌو ۽ ميري ٽاڊ وٽ هليو ويو ۽ هن کي پاڻ سان رقص ڪرڻ جي آفر ڪئي، جيڪا ميري منظور ڪري ورتي هئي. بس اها هئي هن جي ميري سان پھرئين ملاقات.
دنيا ۾ شايد ئي ٻہ ماڻھو هڪٻئي کان ايترو مختلف هجن. جيترو ميري ۽ ابرهام هيا. لنڪن جو ڪل تعليمي سرمايو، لنڪن جي هڪڙي معمولي ڪتب جي سڄي سال کان بہ گهٽ جي پڙهائي تي مشتمل هيو. ميري ٽاڊ ان دؤر جي حساب سان اعليٰ تعليم جو زيور اوڍيو هو. هن ٻن وڏن پرائيوٽ ادارن کان تعليم ورتي هئي. هن کي فرانسيسي ٻولي بہ ايندي هئي. ان کان علاوہ ڊراما، رقص، موسيقي، ادب، آرٽ ۽ ٻين علمن تي بہ هن کي عبور حاصل هيو. جڏهن تہ لنڪن جو تعلق هڪڙي غريب گهراڻي سان هيو. ڪڏهن ڪڏهن تہ هو پاڻ بہ محسوس ڪندو هو تہ هنيڪس جو گهراڻو جنھن سان هن جي ويجهڙائي جي مٽي مائٽي هئي، ماڻھو ان کي سٺي نگاھہ سان نہ پيا ڏسن. ان جي برعڪس ميري ٽاڊ جو خاندان ڪنٽيڪي جي وڏن فيملين ۾ شمار ڪيو پئي ويو. پرابراهم سهل پسند، فراخ دل، بردبار ۽ درگزر ڪرڻ وارو سمجهيو ويندو هو. ميري وري نفاست پسند، فيشن ايبل، شاھہ خرچ ڪرڻ واري، ڪڏهن بہ نہ معاف ڪرڻ واري ۽ انتھا پسند جي مغرور ڇوڪري هئي. لنڪن جو خواهشون ۽ گهرجون تمام محدود هيون. هو ترقي ۽ عروج جو خواهشمند ضرور هيو پر ڪنھن حد تائين. ان جي برعڪس وري ميري ٽاڊ جي عروج پسندي جو ڪوئي ڇيھہ نہ هيو.
جنھن دؤر ۾ هن جي پرستارن جو ميڙاڪو هن جي چئني پاسن کان لڳل هوندو هيو، انھن ۾ لنڪن، ڊگلس ۽ جيمس شيلڊز بہ شامل هيا. ڪنھن ميري کان هڪڙي ڀيري پڇيو تہ هوءَ ڪنھن سان شادي ڪرڻ پسند ڪندي“؟. ميري ٽاڊ هر دفعي ان سوال جو اهو ئي جواب ڏنو تہ،” هو ان ماڻھوءَ سان شادي ڪرڻ پسند ڪندي جيڪو آمريڪا جو صدر ٿي سگهي“. لنڪن ۽ ڊگلز ۾ صدر بڻجڻ جون صلاحيتون موجود هيو. پر ائين چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو تہ ميري جيڪڏهن پاڻ چاهي ها تہ انھن ٻنھين مان ڪنھن بہ هڪڙي کي آمريڪا جو صدر ڪري سگهي پئي.
ڪيترن ئي تاريخدانن، ناول نگارن، ڊراما نويسن، ميري ٽاڊ جي شخصيت تي رومانوي افساني جو رنگين پردو چاڙهي ڇڏيو هو. ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي تہ هن جي شخصيت ۾ وڏي ڪشش هئي، جنھن لنڪن تي ڄڻ تہ ڪو جادو ڪري ڇڏيو هجي. ابراهم ميري جي حسُن جو ديوانو ٿي ويو هو. هاڻي هن تي غم يا ٿڪاوٽ جي ڪيفيت گهٽ طاري ٿيندي هئي. اهي اڪثر ڪري گڏ ويھي ادب ۽ سياست تي گفتگو ڪندا رهندا هيا. ميري جي ڀيڻ جي بيان مطابق تہ جڏهن لنڪن ميري سان ملڻ ايندو هو تہ هو اڪثري ڪري خاموش رهندو هو. ميري ئي گفتگو جي شروعات ڪندي هئي. لنڪن خاموشيءَ سان ويھي هن جي چھري کي تڪيندو رهندو هو. ائين لڳندو هو ڄڻ هن تي ڪنھن جادو ڪري ڇڏيو هجي.
هنن جي دوستي کي سال ٿي ويو هو، پر ان سڄي سال ۾ هي ڏاڍا خوش رهيا. خوشگوار بنيادن تي سال 1840ع ۾ ميري جي ڪيترن ئي مائٽن جي مخالفت جي باوجود هن جو منڱڻو ٿي ويو هو. ايڊورڊ جي گهروارن جو خيال هو تہ لنڪن ۽ ميري جو ڪو بہ جوڙ نہ ٿو ٺھي. ان کان پوءِ هڪڙو ٻيو سال بہ لنگهي ويو ۽ انھيءَ عرصي دوران ڪھڙا واقعا پيش آيا ۽ ٻنھين جي دلين ۾ ڪھڙو انقلاب پيدا ٿيو. ان جي باري ۾ ڪنھن کي بہ ڪا ڄاڻ ڪانھي. سردين جي موسم مٿان اچي پيئي هئي. ائين لڳي پيو تہ لنڪن جا جذبا بہ ٿڌ جي ڪري ٿڌا ٿي ويا هجن. ان ڪري پاڻ لنڪن 1841ع جي پھرئين جنوري جي تاريخ تي هن ميري سان تعلق ٽوڙي ڇڏيو هو.
ان کان علاوہ ٻہ سال ٻيا بہ مصيبتن، تڪيلفن ۽ مايوسين جا گذري ويا. ٻيئي ڄڻا ان عرصي ۾ ڏاڍو پريشان رهيا. لنڪن پھريان کان ئي طبيعتن غم پسند هيو. هن واقعي هن تي وڏو اثر وڌو. هو هاڻي خاموش رهڻ لڳو ۽ اڪثر ڪري پنھنجي ڪمري کان هفتن جا هفتا نہ نڪرندو هو. ان دوران هن جو پيچ هڪڙي معمولي خوبصوت ڇوڪري ”ميري اوون “ سان اٽڪي ويو. هن عشق تہ ويتر لنڪن کي مايوسي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو. هن جي پنھنجي فيصلي ڪرڻ جي قوت بہ جواب ڏيڻ لڳي. هن کي ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ هو آخر ڪري تہ ڇا ڪري؟.
هن جي همدرد دوست جوشا اسپيڊ بہ پنھنجي وطن ڪنيٽڪي واپس هليو ويو هو. لنڪن اسپيڊ سان صلاح جي لاءِ ڪنٽيڪي وڃڻ جو موڊ ٺاهيو. انھن ڏينھن ۾ اسپيڊ پنھنجي شھر جي خوبصورت ڇوڪري نيني بيني سان منسوب ٿي چڪو هيو. پر شادي جي معاملي ۾ لنڪن وانگي هن سان بہ مسئلو هيو. لنڪن اسپيڊ Speed کي سمجهايو تہ اهڙي قسم جي سستي تمام وڏي حماقت ۽ غلطي آهي. ائين لڳي ٿو اسپيڊ کي راضي ڪرڻ دوران پاڻ ابراهم کي بہ شادي جو خيال نہ آيو هجي. بعد ۾ جڏهن اسپيڊ هن کي لکيو تہ،“منھنجي شادي ٿي ويئي آهي ۽ هن جي ازدواجي زندگي خوشين سان ڀرجي ويئي آهي تہ هن کي ايڏي خوشي ٿي جو جنوري 1841 ع کان وٺي اڄ ڏينھن تائين اهڙي خوشي مون کي نہ ملي”.
خاص ڪري سنگامون جنرل جي ايڊيٽر سائيمن فرانسس جي گهرواري جي ڪوششن سان ميري ۽ ابراهم هڪدفعو ٻيھر هڪٻئي جي ويجهو اچي ويا. هُن هنن ٻنھين کي پنھنجي گهر ۾ گهرائي، انھن جي ملاقات ڪرائي ۽ پوءِ اهي اڪثر ڪري ان گهر ۾ ئي ملندا رهندا هيا. اتان کان ئي ”لاسٽ ٽائون شپ“ جي خطن جو سلسلو شروع ٿئي ٿو. جنھن جي ڪري ئي لنڪن کي شايد پنھنجي سر کان بہ هٿ ڌوئڻا پيا.