آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ابراهم لنڪن (سوانح حيات)

ابراهم لنڪن جي زندگي جدوجھد، حوصلي ۽ اصولن تي بيھڻ جي هڪ شاندار ڪھاڻي آهي، جيڪا نہ رڳو آمريڪي تاريخ ۾، پر پوري دنيا ۾ جمھوريت ۽ انساني حقن جي حوالي سان هڪ مشعلِ راھہ بڻيل آهي. هي ڪتاب ان عظيم اڳواڻ جي سوانح حيات تي تفصيل سان روشني وجهي ٿو، جيڪو هڪ عام غريب خاندان مان اڀري، آمريڪا جي 16هين صدر طور تاريخ رقم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. لنڪن جي قيادت جو سڀ کان اهم ڪارنامو غلاميءَ جو خاتمو آڻڻ هيو، آمريڪي گهرو ويڙھہ دوران قومي اتحاد کي برقرار رکڻ ۽ جمھوريت جي بنيادي اصولن کي مضبوط ڪرڻ هو. هي رڳو هڪ عام ترجمو ٿيل ڪتاب ناهي، پر اسان جي نوجوانن جي لاءِ جاڳرتا جو هڪ اهم باب پڻ آهي. هن ڪتاب ۾ لنڪن جي قيادت، سندس سياسي حڪمت عملي، ۽ جمھوريت لاءِ ڏنل قربانين جو تفصيلي ذڪر آهي.

Title Cover of book Abraham Lincoln

نيوسيلم ۽ بليڪ هاڪ جي جنگ New Salem

”...پوءِ مان نيوسيلم هليو ويس. جتي هڪڙي دڪان تي منشي ٿي ويس. ان کان پوءِ بليڪ هاڪ جي لڙائي شروع ٿي ويئي. مون کي رضاڪارن جي هڪڙي دستي جو سردار چونڊيو ويو. ان ڪاميابي تي مون کي حد کان وڌيڪ خوشي ٿي“. ابراهم لنڪن

جولاءِ 1831ع جي آخري ڏينھن ۾، ابراهم جڏهن نيو سيلم پھتو تہ هن کي اتان جو ماحول اجنبي نظر آيو. هتي نہ ڪو وسيلو هو ۽ نہ ئي هن لاءِ ڪو سھارو هيو. بس بي سرو ساماني جي عالم ۾ هو اتي پھچي ويو هو. هن کي تہ ڪو بہ سٺو هنر بہ نہ ايندو هو. هارپو، معمولي نموني ٻيڙين ٺاهڻ جو ڪم، يا وري واڍڪي جي ڪم مان ڇا ٿو ٿئي؟. هن کي پنھنجي زندگي ڪنھن نہ ڪم جي، بي مصرف ۽ بي مقصد لڳندي هئي. هن کي خبر ئي نہ هئي تہ هو ڇا ٿو ٿي سگهي. يا قدرت هن کي ڇا ٿي ڪرڻ چاهي. پر هن ڳوٺ ۾ ڇھہ سال گذارڻ کان پوءِ هن هڪڙي ٻي جاءِ تي وڃي، هڪڙي وڪيل جي حيثيت سان قسمت آزمائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڇو تہ ان وقت تائين هو هڪڙو ڪامياب وڪيل ۽ قانوندان جي حيثيت سان ڪافي مشھور ٿي چڪو هو.
ڳوٺ جي سياسي ۽ سماجي زندگي ۾ هن هڪڙو خاص مقام حاصل ڪري ورتو هو. هو آهستي آهستي ۽ ڪنھن غيرمحسوس طريقي سان پنھنجي منزل ڏانھن وڌي رهيو هيو. جيڪا هن جو مقدر بڻجي چڪي هئي. آگسٽ جي مھيني ۾ صدر جي سيٽ لاءِ اليڪشن ٿيڻ وارا هيا. ابراهم ان ننڍڙي ڳوٺ ۾ ويو، جتي هن ڏٺو تہ اتي اليڪشن جون تياريون وڏي ڌوم ڌام سان ٿي رهيون آهن. ابراهم جي اڪثر سوانح نگارن جو اهو خيال آهي تہ ان اليڪشن ۾ هن اسڪول جي ماستر مينٽر گراهم Mentor Graham جي مدد ڪئي، هن جي لاءِ هن ووٽ گڏ ڪيا، پر اسان جو خيال آهي تہ هن ائين نہ ڪيو. ابراهم گراهم جي لاءِ ووٽ گڏ نہ ڪيا.پر هن شايد پاڻ پھريون ڀيرو پنھنجو ووٽ وڌو هيو. جڏهن ماڻھو ووٽ وجهڻ لاءِ ڪمري ۾ داخل ٿيندا آهن تہ هڪڙي ماڻھوءَ جي لاءِ ووٽ وجهڻ کان اڳ ۾ انتظار جا لمحا تمام وڏا طويل ۽ ڏکيا ٿيندا آهن. ڄڻ تہ وقت جي رفتار گهٽجي ويندي آهي. ڪجهہ ماڻھو تہ بيزار ٿي ويندا آهن. ابراهم اهڙي ماحول ۾ پنھنجن لطيفن، ٽوٽڪن ۽ کل ڀوڳ واري سلسلي کي اڳتي آڻي رکيو ۽ ماڻھن کي وندرائيندو رهيو. ماڻھو هن جون ڳالھيون وڏي شوق سان ٻڌندا رهندا هيا. کلي کلي ماڻھو ساڻا ٿي پوندا هيا يا وري هنن جي پيٽ ۾ سور پئجي ويندو هيو. ابراهم جي ان لطيفي کي ماڻھو شوق سان ٻڌندا هيا تہ ڪيئن هڪڙو پادري صاحب وڏي محويت سان پنھنجي واعظ ۾ مصروف هيو ۽ پوءِ ڪيئن هڪڙي ڪرڙي هن جي پتلون جي پانچي مان اندر اچي ويئي.
هن ڳوٺ جا ماڻھو بہ هاڻي ابراهم تي ساھہ صدقو ڪندا هيا. اهڙو زندہ دل ۽ ظريف ماڻھو انھن پھريان ڪٿي ڏٺو هو. ابراهم کي ڪجهہ هفتا ٻيا بہ پنھنجي دڪان جي سامان جي اچڻ جو انتظار ڪرڻو پيو. اهو سامان ڊينٽن آفٽ Denton Offut پاڻ سان گڏ کڻي اچڻ جو واعدو ڪيو هو. جيسيتائين سامان اچي، تيسين هن گهمي ڦري سڄي ڳوٺ جو جائزو وٺي ڇڏيو هو. هي هڪڙي بلڪل ننڍڙي نئين بستي هئي. جنھن کي جيمس اٽلج ۽ جان ڪيمرون ٻہ سال اڳ ۾ آباد ڪيو هو. انھن ٻنھين ئي هن ڳوٺ ۾ ڪاٺ جي چيرائي لاءِ آرو مشين ۽ اٽي جي مشين (کري) لڳائي هئي. هن ڳوٺ جي وچ ۾ هڪڙو رستو هيو ، جنھن جي ٻنھي پاسن کان گهر ۽ ماڻھن جو ٻنيون هيون. جتي هرٻارڙا ۽ عورتون هر وقت مٽر گشت (هوا خوري ڪرڻ) ڪنديون رهن ٿيون. آهستي آهستي هي ڳوٺ وڌندو ويجهندو ۽ ڦهلجندو ويو. جلد ئي ڳوٺ ۾ لوهر، موچي ۽ ڊکڻ بہ اچي ويا. ٻہ ڊاڪٽر بہ هن ڳوٺ ۾ اچي ويا. جيڪي ننڍين ننڍين بيمارين جو اعلاج آساني سان ڪري ويندا هيا ۽ ٽٽي پيل، ڀڄي پيل هڏ جي اعلاج جا بہ ماهر ڊاڪٽر هيا.
پساري وليم ڪليري جي دڪان تي تہ هروقت وڏو ميڙو متل رهندو هو. ميٿوڊسٽ ۽ پٽيسٽ گرجا گهرن ۾ بہ اها رونق ڪٿي هئي جيڪا ان پنساري جي دڪان تي هوندي هئي.
ڪجهہ هفتا ٻيا بہ گذري ويا جو ڊينٽن آفٽ Denton Offut دڪان جو سامان وٺي موٽي آيو. اتي وڃي هن ڏٺو تہ هن جي دڪان جو منشي هتان جي ڳوٺ وارن ماڻھن جي نظر ۾ هڪڙو عظيم انسان بڻجي ويو آهي. لنڪن جي اخلاق، ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ هن جون عادتون ئي اهڙيون هيون، جو اجنبي کان اجنبي ماڻھو بہ تمام جلدي هن سان بي تڪلف ٿي ويندو هو. ڳوٺ جا ماڻھو تہ ابراهم کي تمام گهڻو پسند ڪندا هيا. پر اڃان هن کي پنھنجي نالي جي سڪي کي چمڪائڻ لاءِ ڪجهہ آزمائشن مان گذرڻو هيو.
ڳوٺ جي اوسي پاسي ۾ هڪڙو آوارا، رولو نوجوان ڇوڪرن جو ٽولو هيو. جيڪو پاڻ کي ڪليريز گروو بوائز Clary's Grove Boys سڏرائيندو هيو. کائڻ پيئڻ عيش ڪرڻ، مستي ۾ اچن تہ ماڻھن کي پادر بہ هڻن. هر آچر جو تہ هي پنھنجا گهوڙا ڀڄائيندا هيا، گهوڙن تي هنٽرن جو وسڪارو ڪندا وتندا هيا ۽ ڪليري جي هٽ تي ايندا هيا. ڪليري جو هٽ ڊينٽن آفٽ Denton Offut جي هٽ کان فقط 30 قدمن جي مفاصلي تي هيو. ڪليري جي دڪان تي هنن جو ميلو لڳندو هو ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻھوءَ کي اهي ڇوڪرا پيا تنگ ڪندا هيا. انھن کي اشتعال ڏياريندا هيا ۽ ڳالھہ وڃي جهيڙي تائين پھچندي هئي.
آفٽ پاڻ تہ ننڍڙي قد جو ۽ ڊڄڻو ماڻھو هو. ڦوڪو ڏيو تہ اڏامي وڃي. انھن اوباش ڇورن سان ڪھڙو ٽڪر کڻي ها. پر هن کي ابراهم تي وڏو يقين هيو. ان ڪري هن هڪدم وڏي آواز سان ڪامينٽري شروع ڪئي تہ هن جو ملازم ابراهم ان ميڙاڪي جي هر ماڻھو کي ڪشتي راند ۾ چيري ڦاڙي سگهي ٿو. ماري ماري انھن جو مھانڊو ئي مٽائي سگهي ٿو. ان ڪري هن پنھنجي طرفان ئي ابراهم تي پنجن ڊالرن جي شرط رکڻ جو اعلان بہ ڪيو. جلدي ئي آفٽ کي شرط ٻڌڻ وارا بہ ملي ويا.
جيڪ آرمز اسٽرانگ Jack Armstrong ان سڄي گروھہ ۾ وڏو طاقتور ماڻھو سمجهيو ويندو هو. اهو مشھور هو تہ 20 ميلن جي مفاصلي تائين ڪو بہ آرمز اسٽرانگ کي شڪست نہ ٿو ڏيئي سگهي. ڳوٺ جي عوام ۾ ان ڳالھہ کان پوءِ ٿوري چرپر ۽ سس پس ٿي ويئي تہ آرمز اسٽرانگ ۽ نوجوان ابراهم ۾ ڪشتي جو مقابلو ٻڌجي ويو آهي. جلدي ئي اهي ٻيئي ڄڻا آکاڙي ۾ لھندا ۽ پنھنجي طاقت جو مظاهرو ڪندا. ڪشتي جو مقرر وقت جيئن جيئن ويجهو ايندو پئي ويو، تئين تئين ڳوٺ جي ماڻھن ۾ جوش ۽ ولولو بہ وڌندو ويو ۽ ماڻھو راند جي کٽڻ ۽ هارائڻ تي پاڻ ۾ شرطون لڳائي سٽي بازي لڳائڻ لڳا.
ان مشھور ملھہ ۾ ابراهم جي ايندڙ سياسي زندگي ۾ تمام گهڻو اثر پوڻ وارو هيو. آچر جي منجهند، ملھہ جو وقت مقرر ڪيو ويو. سڄي ڳوٺ جا ماڻھو ميدان جي چئني پاسن کان قطار ڪري بيٺا هيا. جيڪ ۽ ابراهم ٻنھين پنھنجون قميصون لاهي ڇڏيون هيون. پينٽ پاتل، چيلھہ تائين اگهاڙا اهي ٻيئي ڄڻا هڪٻئي کي زير ڪرڻ جي ڪوشش ۾ داءُ پيچ لڳائڻ لاءِ هٿن ۽ پيرن جو زبردست استعمال ڪرڻ لڳا. جيڪ هون تہ قد ننڍو هيو پر هو مضبوط جسم جو مالڪ هيو. هن ۾ ڍڳي جيتري خون خوار طاقت هئي. هن جو ورزشي جسم ۽ ڏورا اس تي چمڪي رهيا هيا. ابراهم ڊگهو ۽ طاقتور ماڻھو هيو پر هن کي اهو بہ احساس هيو تہ هن جو حريف بہ ڪو گهٽ طاقتور آهي.
هن ملھہ جي باري ۾ تمام گهڻا قصا مشھور آهن ۽ ان تي ڪي اعتراض ۽ اختلاف بہ آهن. پر هڪڙي ڳالھہ انھن سڀني ڳالھين يا قصن ۾ مشترڪ آهي ۽ اها هي آهي تہ ٿوري دير تائين تہ تمام وڏي پايئي جو مقابلو ٿيڻ لڳو پر آخر ۾ ابراهم جيڪ کي مٿي کڻي هيٺ سٽيو. جيڪ جي ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪليريز گروو Clary's Grove Boys جي ٻالڪن گڏجي ابراهم کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. ابراهم وڏي همت سان زور لڳائي اٿي بيھي رهيو ۽ سڀني ماڻھن کي چوڻ لڳو تہ هو هنن سڀني سان ڪشتي وڙهڻ جي لاءِ بہ تيار آهي. پر شرط اهو آهي تہ هڪڙو هڪڙو ڪري ان مقابلي ۾ لھي. هو اڃان اها گفتگو ڪري ئي رهيو هو تہ آرمز اسٽرانگ وڏي معقول ڳالھہ جو ثبوت ڏنو. هن جڏهن ڏٺو تہ هن جي ماڻھن ابراهم کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ اهي هن تي حملو بہ ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هو جلدي سان اٿي بيھي رهيو ۽ پنھنجن ساٿين کي ڌڪو ڏيئي پري ڪري ڇڏيو ۽ ابراهم سان وڏي گرمجوشي سان ملي ڪري هن جي ڪاميابي تي هن کي دلي مبارڪ ڏيئي وڏپڻي جو مظاهرو ڪيو.
ان کان پوءِ آرمز اسٽرانگ ۽ هن جي گهرواري وڏي عرصي تائين هن جا دوست رهيا ۽ ابراهم جي مڙني سياسي معاملن ۾ هن جو هر وقت ساٿ ڏيندا رهيا.
ڳوٺ جي ماڻھن جي نظرن ۾ ابراهم جي اهميت اڃان بہ گهڻي وڌي ويئي هئي. بعد ۾ هن اهو بہ ثابت ڪري ڇڏيو تہ هو شھسواري ۽ ٻين مرداڻن ڪرتبن ۾ ڳوٺ جي ٻين سڀني ماڻھن کان وڌيڪ ماهر آهي. ڳوٺ جي سڀني ماڻھن هڪ راءِ ٿي هن کي پنھنجو ليڊر چونڊيو. ابراهم عام رواج جي مطابق نہ شراب پيئندو هيو، نہ جووا کيڏندو هيو ۽ نہ ئي وري ان قسم جي سماجي عيبن ۾، جن کي انھن ڏينھن ۾ تفريح سمجهيو ويندو هو، شرڪت ڪندو هو، پر ان احتياط ۽ پرهيز جي باوجود هن جي شھرت ۽ مقبوليت ۾ ڪا کوٽ نہ آئي.
اها ڳالھہ صحيح آهي تہ سرحد جا ساده ڳوٺاڻا جسماني طاقت سان مالا مال هوندا آهن. طاقت جي نمائش کي پسند ڪندا آهن. پر ان سان گڏ اهي ذهني ۽ دماغي صلاحيتن جو پڻ قدر ڪندا آهن. ان ڪري هن ڳوٺ جا تقريبن اڌ درجن پڙهيل لکيل ماڻھو ابراهم جي دماغي صلاحيتن کان گهڻو واقف هيا ۽ متاثر ٿيا.
اسڪول جي ماسٽر گراهم ابراهم کي رياضي ۽ ٻيا قائدا سيکاريا هيا. جيڪ کي مڇيءَ جي شڪار جو ۽ حوال ڪٽڻ جو، ڪجهہ وڌيڪ شوق هوندو هيو. هن کي تمام گهڻا شعر ياد هوندا هيا. هن ابراهم کي شيڪسپيئر جا ڊراما ۽ رابرٽ برنس جي شاعري پڙهڻ ۾ مدد ڪئي هئي.
ڳوٺ جي محفلن ۽ ميڙاڪن ۾ ابراهم کي ڳالھائڻ جو موقعو مليو. هتي ئي هن جي تقرير جا رنگ نکري نروار ٿيا. انھن ئي محفلن ۾ هن جي مدلل ۽ سنجيدہ تقريرن کي ٻڌي ڪري جيمس رٽليج ۽ ڊاڪٽر فرانس رينجر ابراهم جي مقرر صلاحيتن کان تمام گهڻو متاثر ٿيا ۽ انھن محسوس ڪيو تہ ابراهم کي بس ٿوري محنت ۽ مھارت جي ضرورت آهي. نہ تہ هن ۾ هڪڙي اعليٰ مقرر جون سموريون خوبيون فطري طور تي موجود آهن.
هونءَ تہ هر معاملي ۾ ابراهم پيش پيش هوندو هيو ۽ هن هر معاملي ۾ ڪامل ۽ ڪمال جي مھارت جو ثبوت ڏنو هو، پر گهٽ ۾ گهٽ هڪڙي معاملي ۾ هو پنھنجي اهليت ثابت نہ ڪري سگهيو. اصل ۾ فطري طور تي بہ هن کي تجارت سان ڪو لڳاءُ نہ هوندو هيو. آفٽ جو دڪان هن جي مڙني صلاحيتن، ناماچاري جي باوجود نہ مچي سگهيو. اصل ۾ ڳالھہ اها هئي تہ ابراهم کي خريد و فروخت يا ڌنڌي ڌاڙي ڪرڻ واري معاملي جي مقابلي ۾ ڪتابن سان وڌيڪ لڳاءُ هوندو هيو. سڄو ڏينھن دڪان تي ٽنگون ديوار سان لڳائي، اڌ شڪل ۾ ويھي، ڪتاب پيو پڙهندو رهندو هيو. لوڻ، صابڻ، کنڊ جي کپت يا گراهڪن ڏانھن هن جو ڪو بہ ڌيان نہ هوندو هيو.
ماڻھو ابراهم جي ديانتداري، ايمانداري کان وڏو متاثر هيا. ان کان علاوہ هن جي تقرير جي فن ۽ لطيفن ٻڌائڻ جي انداز کان پڻ. پر لطيفن ٻڌائڻ سان يا تقرير ڪرڻ سان ڪٿي ٿا دڪان هلي سگهن. نتيجو اهو نڪتو جو دڪان آهستي آهستي گهٽ هلڻ لڳو ۽ ڦِٽي ويو. آفٽ بہ ان گهٽ نفعي واري ڪاروبار کان بيزار ٿي ويو هو. نيٺ هڪڙو اهڙو ڏينھن بہ آيو جو دڪان بند ٿي ويو ۽ هو ڪنھن سٺي ڪاروبار جي تلاش ۾ ٻي شھر ڏانھن لڏي هليو ويو. نتيجي ۾ ابراهم هڪ دفعو ٻيھر بيروزگار ٿي ويو.
نيو سيلم جي ستن مھينن جي رهائش دوران، ابراهم جي دوستن جو دائرو وسيع ٿي ويو. دوستن سان گڏ هن جو اثر بہ وڌندو ويو هو. هن ۾ ايتري خوداعتمادي ۽ همت پيدا ٿي ويئي هئي جو 9مارچ 1832ع جو هن اعلان ڪيو تہ هو ايندڙ اليڪشن ۾ قانون ساز (ايم اين اي) جي سيٽ لاءِ اليڪشن وڙهندو.
گراهم ۽ ٻين دوستن جي مدد سان هن پنھنجو پھريون منشور لکي ورتو. جيڪو مختصر پر سنگامن جي ماڻھن کي متوج ڪرڻ لا ڪافي هيو.
لنڪن پاڻ انڊريوجيڪسن Andrew Jackson جي حريف هنري ڪلي Henry Clay کي پسند ڪندو هو. لنڪن پنھنجي ان انتخابي منشور ۾ مقامي ماڻھن جو گهرجون، انھن جون ضرورتون ۽ مطالبن کي اڳيان رکي، ان منشور ۾ عوامي پسند جون شيون شامل ڪيون هيون. مثال جي طور اڪثر ووٽر قرضائي هيا. ان ڪري هن قرضن تي وياج جي رقم گهٽ ڪرڻ جو واعدوڪيو. سڄي علائقي جي اسڪولن جي حالت خراب هئي ۽ اهي تقريبن بند ٿي چڪا هيا. ان ڪري هن اسڪولن جي قيام ۽ تعليمي سھولتن جي فراهمي جو اعلان ڪيو ۽ آخر ۾ هن واعدو ڪيو تہ سنگامون جي درياءُ کي کاٽي ڪرائي، ان کي وسيع ۽ گهرو ڪرائي، آبي ذخيرن جي نقل حرڪت ۾، آساني پيدا ڪري، پاڻي کي عام ماڻھن تائين پھچائيندو.
ابراهم ان خيال جو هو تہ جڏهن سنگامون درياءُ جو پيٽ وڏو ڪبو تہ ان تي گهٽ ۾ گهٽ 30 ٽن جا وزني جھاز هن جي ڏکڻ فورڪ تائين اچي سگهن ٿا. ابراهم پنھنجي ان راءِ جو بہ اظھار ڪيو تہ جيڪڏهن عوام رضاڪارڻي طور تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿيو تہ درياءُ جي رستي ۾ جيڪي موڙ اچي ويا آهن، انھن کي ڪاٽي سڌو ڪري سگهجي ٿو ۽ درياءُ کي گهڻو گهرو ۽ ويڪرو ڪري سگهجي ٿو. ابراهم پنھنجي تقرير جي پڄاڻي هِن سادي منشور واري ڳالھہ سان ختم ڪري ڇڏي ؛
”مان هڪڙي تمام معمولي گهر ۾ پيدا ٿيو آهيان ۽ ان ڪري ئي اڄ تائين انتھائي سادي زندگي گزاري رهيو آهيان. جيڪڏهن منھنجي پياري وطن جي ماڻھن مون کي اڄ بہ جيڪڏهن گمنائي جي دلدل ۾ ڌڪڻ پسند ڪيو تہ مون کي گهڻي مايوسي نہ ٿيندي، ڇو تہ منھنجي اهڙي قسم جي مايوسين ۽ ناڪامين سان اڪثر واسطو پوندو رهيو آهي. توهان جو دوست ۽ هم وطن. ابراهم لنڪن“.
ماڻھن کي آبي ذريعن ۽ انھن جي چرپر جي اهميت جو پورو اندازو نہ هيو يا انھن کي ان جي اهميت جي ڄاڻ نہ هئي. جڏهن لنڪن پنھنجي اليڪشن واري منشور ۾ اهو بہ اعلان ڪيو تہ آبي رستن کي ترقي ڏني ويندي تہ عوام ان اعلان جي اهميت کي چڱي طرح سمجهي نہ سگهيو. سو هڪدفعو ائين ٿيو جو نيو سيلم ۽ ان جي ارد گرد وارن پاڙن ۾ اهو اعلان ڪرايو ويو تہ عنقريب هڪڙي ٻاڦ تي هلندڙ ٻيڙي سينٽ لوئي مان تجارت جو سامان کڻي، اسپرنگ فيلڊ کان ڇھہ ميل اتر طرف سنگامون درياءُ تائين اچي پھتي آهي. ان اسٽيمر جو ڪيپٽن ونسٽ بوگ هيو. سينٽ لوئي کان هن جاءِ تائين پھچڻ جو ڪرايو ساڍا ستٽيھہ سينٽ في پائونڊ جي وزن جو هيو. روڊ جي ذريعي اهو سامان کڻي وڃڻ جو ڪرايو ٻيڻو ٿي وڃي پيو. ظاهر آهي تہ جڏهن شين جي چرپر تي خرچ گهٽ ٿيندو تہ وکر بہ پاڻ مرادو گهٽ يا سستو ٿي ويندو ۽ ان جو اهو نتيجو نڪرندو جو عوام جي خريد ڪرڻ واري قوت (قوت خريد) وڌي ويندي ۽ خوشحالي عام ٿي ويندي. ان اعلان کي ٻڌي نيو سيلم ۽ ان جي اوسي پاسي جي ڳوٺن جي ماڻھن ۾ خوشي جو ماحول پيدا ٿي ويو.
اسٽيمر درياءُ سنگامون جا رستا بہ صاف ڪندو هو. ڪنارن تي وڏا وڏا وڻ ڦٽيل هيا. جن جا وڏا وڏا ٽار ٻاهر نڪري آيا هيا ۽ هڪٻئي ۾ ئي ڦاسي پيا هيا. اسٽيمر کي انھن وڌيل ٽارين کي ڪٽي صاف ڪرڻو هيو.
ابراهم لنڪن انھن ڏينھن ۾ مقامي مجلس قانون ساز جي ميمبر جو اميدوار هيو. ان لاءِ هن سڀ کان اڳ ۾ پنھنجون رضاڪارڻا خدمتن جو اعلان ڪيو. هن نوجوانن جو هڪڙو اهڙو ٽولو تيار ڪيو جن وٽ وڏيون وڏيون تکيون ڪھاڙيون ۽ تيز ڌار وارا چاقو ۽ ٻين اهڙي قسم جي اوزارن سان ليس هيا. انھن اوزارن سان هنن کي وڻن جو ٽاريون ۽ بنڊ ڪٽڻا هيا. اهي سڀ ماڻھو هڪڙي ٻيڙِي ۾ سوار ٿيا ۽ سنگامون جي درياءَ کي صاف ڪرڻ لاءِ نڪري پيا. انھن سان گڏ هڪڙو گهوڙيسورا بہ درياءَ جي ڪناري سان هلندو پئي آيو. هي ونگارين جي همت افزائي ڪندو پئي هليو. هن جو نالو بلي هرن ڊن William Henry Herndon هيو. جيڪو اڳتي هلي ابراهم سان وڪالت جي شعبي ۾ ساٿي ٿيو ۽ هن جو وڏو مداح ٿي ويو. هن ابراهم جي سوانح حيات بہ لکي.
ٻاڦ واري ڪشتي جو وڏي پرجوش نموني سان استقبال ڪيو ويو. ٻيڙي آئي ۽ هن تجارت جو سڄو سامان بندرگاھہ ۾ لاٿو. واپسي ۾ ابراهم بہ ان ٻيڙي جي پائليٽ سان گڏ روانو ٿيو. اڃان ماڻھن جي دلين مان ان ٻيڙي جي استقبال جو جوش نڪتو ئي نہ هيو تہ هڪڙو افواھہ ڦلھجي ويو ۽ ان خبر سان ماڻھن جي دلين ۾ خوف ۽ هراس ڦهلجي ويو ۽ ڳالھہ هئي بہ ڊپ جي.
ڳالھہ هينئن هئي تہ ان علائقي ۾ آمريڪا جي قديمي ماڻھن جا ٻہ قبيلا سووڪ The Sauk or Sac ۽ فاڪس Fox رهندا هيا. انھن جي سردار جو نالو بليڪ هاڪ Black Hawk هيو. اهي ئي ماڻھو پراڻي دور کان وٺي هن علائقي تي قابض هيا. اتان جي زمين تي هارپو ڪندا هيا. هتان جي جهنگل ۾ ئي شڪار ڪندا هيا. ان ڪري ان سڄي علائقي ۾ هنن جو راڄ هيو. جڏهن آمريڪا ۾ يورپي ماڻھن جي آمد شروع ٿي ۽ گوري رنگ جا ماڻھو مختلف علائقن ۾آباد ٿيڻ لڳا تہ اهي قديمي آمريڪي جيڪي گوري نسل مان نہ هيا، تہ انھن ان عمل کي بيجا مداخلت سمجهي. شروع شروع ۾ تہ تمام وڏا وڏا جهيڙا، لڙايون ۽ جنگيون ٿيون. پر مھاجرين جي ٻوڏ وڌندي ئي رهي ۽ هر جاءِ تي انھن قديمي ماڻھن کي شڪست ايندي رهي.
ان ڪري انھن بليڪ هاڪ جي قبيلي وارن ماڻھن بہ انھن گورن سان صلح ڪري ڇڏيو. پر هاڻي هنن ان معاهدي جي ڀنڃڪڙي ڪرڻ شروع ڪئي. انھن ڇا ڪيو جو ڦرلٽ، خون ريزي جو ڪاروبار عروج تي پھچائي ڇڏيو. بليڪ هاڪ قديمي ماڻھن جي فوج گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏني ۽ اهي ماڻھو مسيسيپي جي درياءُ کي پار ڪري الينواءِ ۽ وِسن ڪانسِن Wisconsin جي ڳوٺن تي وڏي وسيع پيماني تي حملي ڪرڻ جي تياري ۾ رڌل هيا.
بليڪ هاڪ جي قبيلي وارن جو اهو خيال هو تہ هي زمين جنھن تي هاڻي سفيد رنگ جا گورا قبضو ڪري ويٺا آهن. اها قدرت جي ملڪيت آهي. جيڪي ماڻھو ان زمين تي آبادي ڪن پيا، اهي ئي ماڻھو قدرت جي طرفان ان زمين جا حقيقي وارث آهن. اهي زمينون نہ خريد ٿي سگهن ٿيون ۽ نہ ئي وڪامجي سگهجن ٿيون. بيع و شرع (خريد و فروخت) فقط اهي شيون ٿي سگهن ٿيون، جيڪي منتقل ٿي سگهن يعني منقوله هجن. ان ڪري اها جائداد جيڪا غير منقوله آهي اها کپائي نہ ٿي سگهجي.
بليڪ هاڪ جي دليل ۾ کڻي ڪو وزن هجي يا نہ هجي، پر هن دفعي انھن پاڻ معاهدي جي ڀنڃڪڙي ڪئي هئي ۽ پرامن ماڻھن کي خوف ۽ ڊپ جو واءُ وڪوڙي ويو هو.
اترين الينواِءِ جي نين آبادين کان سووڪ تيز فتار قاصد فوجي امداد جي درخواست کڻي اچي رهيا هيا. الينواءِ جي گورنر عوام کي هڪڙي رضاڪارن جي فوج تيار ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ماڻھو تمام وڏي تعداد ۾ اچي ان رضاڪارن واري فوج ۾ شامل ٿيا. ابراهم لنڪن کي سڀني ماڻھن جي راءِ سان ان فوج جو آفيسر چونڊيو ويو. هن جي ان چونڊ ۾ ڪليري گروو بوائز وارن جو وڏو هٿ هيو. هاڻي اهي ماڻھو ابراهم جا ڪافي گهرا دوست بڻجي ويا ها. اهو تہ اڃان بہ سٺو ٿيو تہ جيڪ آرمز اسٽرانگ کي ابراهم جو نائب مقرر ڪيو ويو.
ريڪروٽن جي غير سپاهاڻا عادتن ۽ حرڪتن جي باري ۾ دلچسپ لطيفا مشھور هيا. پاڻ ابراهم بہ انھن ريڪروٽن جي باري ۾ گهڻيون دلچسپ ڳالھيون ٻڌائيندو هيو. اهي ماڻھو تربيت يافتہ فوجي تہ نہ هيا ۽ جيڪي پي ٽي يا ڊرل پريڊ جي اصولن کان واقف هجن. اهي تہ سادي دل وارا ۽ سادي مزاج جا ماڻھو هيا. فوجي تنظيم، قائدن، ڊسيپلين جي ضرورت ۽ اهميت کان اڻ واقف هيا. اهي فقط خدمت جي جذبي سان اچي فوج ۾ شامل ٿيا هيا. ان ڪري هنن کان اهڙي قسم جون دلچسپ ۽ مزيدار حرڪتون ٿي وينديون هيون. فوجي قاعدن جي اصولون ۽ ڳالھين جي ڳالھہ تہ پري ٿي، پر هنن جو هڪڙي سڌي قطار ۾ بيھڻ بہ وڏو مسئلو هيو. مثال جي طور جڏهن ڪمانڊر جو حڪم ٿيو تہ سڀ هڪڙي قطار ۾ بيھي وڃو، جيڪو سڌي قطار ۾ نہ بيھندو، ان لاءِ اهو سمجهيو ويندو تہ هن حڪم جي ڀنڃڪڙي ڪئي آهي. ان کي کڻي مان هيٺ دسيندس. ان ڪري پنھنجي ڪمانڊر جي هن حڪم تي انھن عمل ڪيو.
پر اهي لطيفا ريڪروٽن جي باري ۾ ئي نہ آهن پر انھن جي ڪمانڊر ابراهم جي باري ۾ بہ مشھور آهن. پنھنجن ريڪروٽن جيان ابراهم بہ فوجي اصولن جي اصطلاح کان گهڻو واقف نہ هيو. ڪيترا دفعا تہ ڪمپني مارچ ڪندي هلندي پئي ويئي ۽ ڪماڊر صاحب ان سوچ ۾ پئجي ويندو هو تہ هاڻي ڪھڙو حڪم ڏيان. سو اهڙي ئي قسم جو هڪڙو لطيفو بہ ٿيو تہ ڪمپني مارچ ڪندي هڪڙي اهڙي سوڙهي گهٽي ۾ اچي نڪتي جو جتي هر سپاهي قدم بہ قدم ڪري گڏ نہ پيا هلي سگهن. حڪم اهو ڏيڻو هو تہ هي ڪمپني End wise واپس اچي وڃي. پر ڪمانڊر صاحب کي اهي فوجي لفظ نہ ايندا هيا، ان ڪري هو تڪڙ ۾ هڪڙو تمام وڏو عجيب و غريب حڪم جاري ڪيو. ”بيھو، هي ڪمپني ٻن منٽن جي لاءِ منتشر ٿي ويندي ۽ پوءِ وري رستي جي ٻي پاسي گڏ ٿي قطار ڪري بيھي رهندي“.
لنڪن ۽ هن جي ساٿين جي ”بليڪ هاڪ“ يا هن جي سپاهين سان ڪو بہ واسطو نہ پيو هيو ۽ نہ ئي وري ڪنھن خاص جنگ و جدال جي نوبت آئي. ان جي برخلاف لنڪن هڪ دفعو هڪڙي پوڙهي حبشي جي جان بچائي هئي. هي حبشي سپاهين کان ٿيندو، ڪيمپ تائين پھچي ويو هو. هن وٽ هڪڙو اجازت نامو بہ هيو. پر لنڪن جا سپاهي ڏاڍا جذباتي هيا ۽ اهي هن کي مارڻ جي چڪر ۾ هيا. پر لنڪن انھن کي سمجهائي، انھن سان ڳالھائي هن حبشي جي جان بچائي هئي.
اهڙي طرح لنڪن ۽ هن جي ان ڪمپنيءَ پنج مقامي ماڻھن جي لاشن کي دفنائڻ ۾ پڻ مدد ڪئي هئي. اهي ماڻھو ڪيلوڪ ٽولي جي شروعاتي حملي ۾ ماريا ويا هيا. لنڪن سڄي زندگي انھن مردا سپاهين جي چھرن کي نہ وساري سگهيو. صبح جو پھر هيو. چڙهندي سج جي ڳاڙهي روشني ۾ هنن جي چھري تي لڳل گهاءُ ڳاڙها نظر اچي رهيا هيا. هرهڪ جي مٿي تي زخم جا نشان هيا. انھن مان هڪڙي سپاهي کي تہ لومڙي جي کل جي پينٽ بہ پاتل هئي، سڄو ماحول رتو رت هيو.
لنڪن جي هي فوجي زندگي بہ جلدي ئي ختم ٿي ويئي. لڳاتار ڪيترن ئي حملن کان پوءِ بليڪ هاڪ ۽ ان جي ساٿين جو گهيراءُ ڪيو ويو هو. آخرڪار بليڪ هاڪ کي قيد ڪري واشنگٽن ڊي سي موڪليو ويو هو. واشنگٽن ۾ بليڪ هاڪ کي آمريڪي صدر ايڊريو جيڪسن جي اڳيان پيش ڪيو ويو. هن جي منھن تي ڪنھن بہ قسم جي ڪا پريشاني يا ندامت جا آثار نہ هيا. هو آمريڪي صدر جي سامھون سينو تاڻي بيھي رهيو ۽ چوڻ لڳو تہ،”مان هڪڙو انسان آهيان، تون بہ هڪڙو انسان آهين، مون پنھنجي قوم جي ماڻھن تي ظلم جي خلاف تلوار کنئي هئي. منھنجا ماڻھو اهو ظلم ان کان وڌيڪ برداش نہ ٿا ڪري سگهن. جيڪڏهن مان ان ظلم تي خاموش ويھي رهيس تہ منھنجا ماڻھو چوندا تہ بليڪ هاڪ هاڻي پوڙهو ٿي ويو آهي ۽ سرداري جي قابل نہ رهيو آهي. اهي مون کي قوم جو دشمن سمجهندا“.
بليڪ هاڪ جي گرفتاري سان ئي بليڪ هاڪ جنگ (جيڪا 1965ع کان 1862ع تائين ) جو سلسلو بہ ختم ٿي ويو. ڪمپني کي ٽوڙيو ويو. لنڪن ڏاکڻي ڊسڪنسن ڏانھن روانو ٿي ويو. انھي دوران ڪو ظالم هن جو گهوڙو چورائي ويو هو. ان ڪري واپسي مھل، هن وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي نہ هيو تہ هو پنڌ واپس وڃي يا وري ڪا گاڏي ڪرائي تي ڪرائي.
ان واقعي کان ڪيترائي سال بعد ۾ جڏهن ابراهم ڪانگريس جي سامھون تقرير ڪري رهيو هو. صدارت جي عھدي جو ڊيموڪريٽڪ اميدوار جنرل لوئي سيس هن جي تقرير جي نشاني تي هيو. هن تقرير ۾ لنڪن پنھنجي ۽ جنرل لوئي سيس جي فوجي ڪارنامن جو وڏو مزاق اڏايو.
جناب صدر!
هن تقرير ۾ ان ڳالھہ جو بہ ذڪر ڪندو هلان تہ ڇا توهان کي خبر آهي تہ مان هڪڙو فوجي هيرو رهي چڪو آهيان. جي ها فوجي هيرو. بليڪ هاڪ جي لڙائي جي زماني ۾ مون کي منھنجي بھادري جي ڪري داد ڏنو ويو هو. مان جڏهن بہ جنرل لوئي سيس جي فوجي خدمتن جو ذڪر ڪندو آهيان تہ مون کي پنھنجي فوجي زندگي ياد اچي ويندي آهي.
مان توهان کي يقين ڏياريان ٿو ان خونخوار لڙاين ۾ بہ منھنجي تلوار نہ ٽٽي....ڇو ته.... مون وٽ شروع کان ئي تلوار هئي ئي ڪانہ. پر مون کي هڪڙي موقعي تي ياد ٿو اچي تہ مون بندوق جي نالي کي چٻو ڪري وڌو هو. جيڪڏهن جنرل سيس مون کان خودرو ٻيرن کي ميڙڻ ۾ گوءَ کڻي ويو هوندو تہ مون بہ ضرور هن کي جهنگلي بصرن جي ڪپڻ ۾ پوئتي ڇڏي آيو هوندس. جيڪڏهن هن ڪنھن زندہ حبشي کي وڙهندي ڏٺو آهي تہ پوءِ بيشڪ هو مون کان ان معاملي ۾ گوءِ کڻي ويو هوندو.
نيوسيلم واپس اچڻ کان پوءِ، لنڪن اسٽيٽ ليجسليچر ۾ بيھڻ جو فيصلو ڪيو. ڏاڍو گهٽ وقت رهجي ويو هو. ڪم گهڻو ڪرڻو هيو. ان ڪري هو پنھنجي اوسي پاسي جي علائقن ۾ پنھنجي اليڪشن جي ورڪ تي نڪري ويو. هو هارين سان ڳالھائيندو ٻولھائيندو هيو. انھن کي ٻني ٻاري ۽ مال متاع بابت صلاح ومشورا ڏيندو هيو. لاباري ۾ مدد ڪندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن تقريرون بہ ڪري وٺندو هيو. هڪڙي دفعي هو ڪنھن ميڙاڪي کي خطاب ڪري رهيو هو تہ هڪڙو ڍڳو ماڻھن جي ميڙ ۾ اچي نڪتو ۽ ماڻھو ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳا. لنڪن پنھنجي تقرير ختم ڪري هيٺ لٿو ۽ ڍڳي کي سنڱن کان پڪڙي هن کي ماڻھن جي ميڙ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ان کان پوءِ ٻيھر اطمينان سان پنھنجي جاءِ تي واپس ويو ۽ پنھنجي رهيل تقرير پوري ڪيائين.
ان موقعي تي هو مڪسڊ جين جو ڪوٽ ۽ کاڌي جي ڪپڙي جي جينز پائي آيو هو، جيڪا گهڻي لنڊي هئي. سفيد رنگ جي ٽوپي هن جي مٿي تي هئي. جنھن ۾ پٽي بہ نہ هئي. هن جي تقرير متخصر پر جامعيت جي لحاظ کان مثالي حيثيت رکندي هئي.
”منھنجا دوستو ! مان سمجهان ٿو تہ توهان شايد مون کي سڃاڻو ٿا. منھنجو نالو ابراهم لنڪن آهي. مون کي ڪجهہ دوستن مجبور ڪيو تہ مان اسٽيٽ ليجسليچر جي سيٽ لاءِ بيھان. منھنجي اليڪشن جو منشور ڪنھن پوڙهي عورت جي رقص جيان مختصر ۽ دلچسپ آهي. مان ڪنھن قومي بينڪ جي قيام جي حق ۾ آهيان. مان داخلي نظام بھتر ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ اهو بہ چاهيان ٿو تہ محصول/ٽيڪس بہ ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ لڳايو وڃي. اهو ئي منھنجو انتخابي منشور آهي ۽ اهي ئي منھنجا سياسي نظريا بہ آهن. جيڪڏهن مون کي چونڊيو ويو تہ مان توهان جو شڪر گذار رهندس ۽ جيڪڏهن نہ بہ ٿي سگهيس تڏهن بہ توهان جو ٿورائتو رهندس.
لنڪن شايد زندگيءَ ۾ پھرئين ۽ آخري ڀيري ”راست استصاب راءِ عاما ۾ اليڪشن هارائي ويو“. پر هن کي پنھنجي حلقي ۾،277 ووٽ مليا. ان مان اهو ظاهر ٿيو تہ نيو سيلم واري علائقي جو هي مقبول ترين ماڻھو آهي. هن کي ٻيھر پنھنجي ڪمپني جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو. ان اليڪشن ۾ بيشڪ هو هارائي ويو هو پر 1832ع جي پوين، گرمين ۾ هن کي پنھنجي سچائي جا ڪافي ثبوت ملي ويا هيا.


List of teachers of Abraham Lincoln:

Abraham Lincoln's formal education was limited, but he did have several teachers. Some of his most prominent teachers include Zachariah Riney, Caleb Hazel, and Azel Waters Dorsey. William Mentor Graham also played a significant role in his education, tutoring him in New Salem.
Here's a more detailed look at his teachers:

• Zachariah Riney:
Lincoln's first teacher was Zachariah Riney, who taught in a "blab" or "ABC" school.
• Caleb Hazel:
Lincoln also attended a school kept by Caleb Hazel in Kentucky.

• Azel Waters Dorsey:
Dorsey taught a "blab school" in Spencer County, Indiana, where young Lincoln attended for six months in 1824.

• William Mentor Graham:
Graham was a teacher who tutored Lincoln, giving him a higher education during his time in New Salem, Illinois.