آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ابراهم لنڪن (سوانح حيات)

ابراهم لنڪن جي زندگي جدوجھد، حوصلي ۽ اصولن تي بيھڻ جي هڪ شاندار ڪھاڻي آهي، جيڪا نہ رڳو آمريڪي تاريخ ۾، پر پوري دنيا ۾ جمھوريت ۽ انساني حقن جي حوالي سان هڪ مشعلِ راھہ بڻيل آهي. هي ڪتاب ان عظيم اڳواڻ جي سوانح حيات تي تفصيل سان روشني وجهي ٿو، جيڪو هڪ عام غريب خاندان مان اڀري، آمريڪا جي 16هين صدر طور تاريخ رقم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. لنڪن جي قيادت جو سڀ کان اهم ڪارنامو غلاميءَ جو خاتمو آڻڻ هيو، آمريڪي گهرو ويڙھہ دوران قومي اتحاد کي برقرار رکڻ ۽ جمھوريت جي بنيادي اصولن کي مضبوط ڪرڻ هو. هي رڳو هڪ عام ترجمو ٿيل ڪتاب ناهي، پر اسان جي نوجوانن جي لاءِ جاڳرتا جو هڪ اهم باب پڻ آهي. هن ڪتاب ۾ لنڪن جي قيادت، سندس سياسي حڪمت عملي، ۽ جمھوريت لاءِ ڏنل قربانين جو تفصيلي ذڪر آهي.

Title Cover of book Abraham Lincoln

پنھنجي پاران

ابراهم لنڪن چيو هو تہ،“مان کٽڻ لاءِ پابند نہ آهيان، پر مان سچ ڳالھائڻ لاءِ پابند ضرور آهيان. مان ڪامياب ٿيڻ جي لاءِ ٻڌل نہ آهيان، پر مان ان روشنيءَ/شعور سان زندہ رهڻ جو پابند آهيان، جيڪو منھنجي اندر ۾ سمايل آهي”.
ھن کان اڳ ۾ مان جيڪي ڪتاب ترجمو ڪري چڪو آهيان انھن ۾”البرٽ آئنسٽائن جي جيون ڪٿا“، ”ٿامس ايڊيسن” جي بايوگرافي. شيڪپيئر جا ڊراما جنھن ۾ the merchant of venice, Romeo and Juliet, Twelfth night, Hamlet, The taming of the shrew, King Lear، رابن شرما جو ناول فائيو اي ايم ڪلب”پرھہ جي پڪار“، attitude is everything ”روين جي راند“، جيف ڪيلر ۽ ٻيا. جن کي پڙهندڙن ڪافي ساراهيو. هن دفعي اهڙي ماڻھو جي زندگي جي ڪھاڻي توهان کي پڙهايان ٿو، جنھن جي زندگي تڪليفن، ڏکن، ڏولاون، ڏوجهرن ۽ مصيبتن ۾ گذري. جيتوڻيڪ هن جي جدوجھد هن کي آمريڪا جھڙي ملڪ جو صدر بڻائي ڇڏيو، پر تنھنجي باوجود مصيبت هن جو پيڇو ڪندي، هن کي آخري ڌڪ هڻي ماري وڌو. اچو تہ ابراهم لنڪن جي زندگي جي باري ۾ توهان کي ڪجهہ ٻڌايان.هن ڪتابن جي باري ۾ چيو هو تہ:
“My best friend is a person who will give me a book I have not read.” ― Abraham Lincoln
ابراهم لنڪن کي آمريڪا جي غريب ترين صدرن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي. هن کي آمريڪا جي تاريخ جو عظيم ترين صدر بہ چيو وڃي ٿو، جنھن غربت ۽ تڪليفن کي ويجهڙائي کان ڏٺو ۽ همت سان حالتن کي منھن ڏئي دنيا ۾ شھرت ۽ مان مرتبو حاصل ڪيو. 1865ع ۾ هن آمريڪي صدر کي قتل ڪيو ويو هو.
آمريڪا ۾ هن جي وڏي سياسي ڪاميابين مان هڪ هئي ڪارن ماڻھن جي آزادي ۽ ملڪ کي، هن مسئلي تي گهرو ويڙھہ کان ڌار ٿيڻ کان بچائڻ. ابراهم لنڪن جي ذاتي زندگي ۽ سياست جي ميدان ۾ مخالفت جي باوجود، سندس ڪاميابين جي ڪھاڻي ڌيان جي لائق آهي. هو 12 فيبروري 1809ع تي آمريڪا جي شھر ڪينٽڪي ۾ هڪ ننڍڙي هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو.
ابراهم لنڪن ٻن سالن جو مس هيو تہ سندس پيءُ هڪ مقدمي/ڪيس ۾ پنھنجي زمين وڃائي/هارائي ويٺو ۽ خاندان لاءِ مصيبت شروع ٿي وئي. ان کان پوءِ هي ڪٽنب انڊيانا ڏانھن لڏي ويو، جتي هنن سرڪاري زمين تي هڪڙي ڪاٺ جي ڪيبن ٺاهي ۽ اتي رهڻ لڳو. لنڪن هن گهر ۾ وڏو ٿيو. هن صرف هڪ سال اسڪول ۾ حاضري ڀرائي ۽ بعد ۾ هن جي سڳي ماء طرفان ٽيوشن ڏني وئي.
لنڪن جو ننڍپڻ ۽ جوانيءَ بہ غربت، تڪليفن ۽ محنت مزدوري ۾ گذريو. هن جوانيءَ ۾ ڪيترائي ننڍا وڏا ڌنڌا ڪيا، پر ان مان ڪجهہ بہ نہ وريو، پر هن مشڪلاتن سان وڙهڻ سکي ورتو هو. هن چيو هو تہ
“Character is like a tree and reputation its shadow. The shadow is what we think it is and the tree is the real thing.”
― Abraham Lincoln
نوجوان لنڪن قانون جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هڪ نئين زندگي گذارڻ جي جدوجھد ڪئي. ڪم ختم ڪرڻ کان پوءِ هو ڪتابن ۾ مٿو رکي ويھي رهندو هو ۽ پوءِ اهو وقت آيو جو هن جو شمار شھر جي سٺن ڪم ڪندڙ وڪيلن ۾ ٿيڻ لڳو.
ابراهم لنڪن زندگي گذارڻ جو فن پنھنجي پيءُ کان سکيو، جنھن پنھنجي زمين وڃائڻ کان پوءِ بہ سخت محنت ڪري خاندان جو سھارو بڻيو. هن زرعي زمين تي ڪم ڪيو، موچي بڻجي بوٽن جي مرمت پڻ سکي، ۽ پوء ماڻھن جي بوٽن کي سلائي ڪري، ڳنڍي، پالش ڪري، ٻہ وقت جي ماني ڪمائي، پنھنجن ٻچن جو پيٽ پاليو. هن ابراهم لنڪن کي سيکاريو تہ زندگي ڪيئن جيئجي.
نيٺ اهي ڏينھن بہ اچي ويا، جڏهن ابراهم لنڪن آمريڪا جو 16هون صدر بڻيو. اهو دؤر هو جڏهن آمريڪي سينيٽ ۾ زميندارن، واپارين، صنعتڪارن ۽ سرمائيدارن جو تسلط هو، جيڪي سينيٽ ۾ پنھنجي برادرين جي مفادن جو تحفظ ڪندا هئا.
ابراهم لنڪن جڏهن صدر ٿيو تہ هن آمريڪا ۾ غلامي جي خاتمي جو اعلان ڪيو ۽ هڪ فرمان ذريعي باغي رياستن جي غلامن کي آزاد ڪري فوج ۾ شامل ڪيو، آمريڪي اشرافيه انھن سڌارن کان سڌو سنئون متاثر ٿيو، تنھن ڪري اهو سڀ ڪجهہ ابراهم لنڪن جي خلاف ٿي ويو ۽ نتيجي ۾ هن صدر جي ڪردار ڪشي جو سلسلو شروع ڪيو ويو.
ابراهم لنڪن تي اڪثر ڪري سينيٽ جي اجلاس ۾ ٺٺوليون ڪيون وينديون هيون ۽ کيس مايوس ۽ حوصلا شڪني ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي. پر اهي پنھنجن حرڪتن ۽ ٽرڙپاين ۾ ڪامياب نہ ٿيا. ان سلسلي ۾ هڪڙو واقعو توهان کي پڙهايان ٿو. جڏهن هو پنھنجي پھرين صدارتي خطاب لاءِ سينيٽ ۾ پھتو ۽ صدر جي لاءِ مخصوص ڪيل سيٽ ڏانھن وڌيو تہ هڪ سينيٽر پنھنجي سيٽ تان ابراهم لنڪن کي مخاطب ٿيندي چيو، ”لنڪن! جڏهن تون صدر بڻجندين تہ اهو نہ وسارجانءِ تہ تنھنجو پيءُ، منھنجي خاندان جا جوتا ڳنڍيندو هو“. اهو سچ هيو.
ان تي هال ٽھڪن سان گونجي پيو هو. لنڪن هن سينيٽر کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”سائين! مون کي خبر آهي تہ منھنجو پيءُ توهان جي گهر ۾ توهان جي خاندان جا بوٽ سلائي ڪندو هو ۽ توهان کان سواءِ هن هال ۾ ٻين وڏن جا بوٽ بہ سلائي ڪندو هو، پر توهان ڪڏهن سوچيو آهي تہ آمريڪا ۾ هزارين موچي هئا، پر توهان جا بزرگ هميشہ منھنجي پيءُ کان جوتا ٺھرائيندا هئا، اهو ڇو؟ ڇاڪاڻ تہ سڄي آمريڪا ۾ ڪو بہ موچي منھنجي پيءُ کان بھتر جوتا نہ ٺاهي سگهيو، منھنجو پيءُ هڪ سائنسدان هيو، هن پنھنجي روح کي پنھنجي ٺاهيل بوٽن ۾ وجهي ڇڏيو هو. اڄ بہ جيڪڏهن منھنجي پيءُ جو ٺھيل جوتو توهان کي سوڙهو آهي تہ مان حاضر آهيان، مون کي بہ جوتا ٺاهڻ ايندا آهن. مان توهان کي پنھنجي هٿن سان نوان جوتا ٺاهي ڏيندس. مون کي فخر آهي تہ مان اُن عظيم موچي جو پٽ آهيان“. لنڪن جي تقرير ختم ٿي، سڄو هال خاموش ٿي ويو.
آمريڪي صدر تي هڪڙي شخص ان وقت فائرنگ ڪئي جڏهن هو فورڊ ٿيٽر ۾ ڊرامو ڏسي رهيو هو. ان عظيم انسان تي حملو وڏو ظلم هيو، ان خطرناڪ حملي جي ڪري هن جي حياتي جي 15 اپريل 1865ع جو پوري ٿي ويئي. هو اڪثر ڪري چوندو هيو تہ:
“When I do good, I feel good. When I do bad, I feel bad. That's my religion.” ― Abraham Lincoln

محترم قربان منگي ابراهام لنڪن جي حوالي سان ڏاڍيون سٺيون يادون لکيون آهن. مان چاهيان ٿو تہ اهي توهان سان هتي ونڊ ڪيان” قربان صاحب اسپرنگ فيلڊ ۾ جڏهن گهمڻ وڃي ٿو ۽ هو لکي ٿو تہ:
اڄ اسان صبح جو سوير تقريباً ڇھين بجي ننڊ مان سجاڳ ٿياسي. ڇاڪاڻ تہ اڄ اسان کي “Illinois” اسٽيٽ جي گادي واري هنڌ “Springfield ڏانھن وڃڻو هو. هي اهو تاريخي شھر آهي، جتي آمريڪا جي اڳوڻي صدر ابراهم لنڪن زندگيءَ جو وڏو عرصو، تقريباً ٽيھہ سال گذاريو. صبح جو ستين بجي اسان سپرنگ فيلڊ ڏانھن روانا ٿياسين. رستي جي ٻنھي طرف آباديون ۽ ڪارخانہ نظر آيا. رستي ۾ فاسٽ فوڊ جي هڪ دوڪان تي ٿوري دير بيھي پيٽ پوڄا بہ ڪئي سون. تقريباً ساڍي يارهين بجي اسان اسپرنگ فيلڊ شھر ۾ داخل ٿياسون.
ابراهم لنڪن يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جو سورهون صدر ٿي گذريو آهي. جنھن آمريڪا جي تاريخ کي اُٿلائي پٿلائي ڇڏيو. تاريخدانن جي چوڻ مطابق هو آمريڪا جو عظيم ترين صدر ٿي گذريو آهي. 12 فيبروري 1809ع تي ”هارڊن ڪائونٽي“ ۾ جنم وٺندڙ آمريڪا جي هن عظيم صدر نوجوانيءَ جي عمر ۾ئي سياست ۾ پير پاتو. هُو هِڪَ انقلابي ۽ باغي رُوح وارو اڳواڻ هيو. 1832ع ۾ هُو “Illinois” اسٽيٽ جي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر ٿيڻ ۾ ناڪام ٿيو. جڏهن تہ ٻن سالن کان پوءِ هُو “Whig party” ۾ ميمبر چونڊيو ويو. هڪ “Whig” جي حيثيت سان هن مثال ڪم ڪيو. روڊن، ڪينالن، ريلوي لائينن ۽ هاربرس جي تعمير ۽ انھن جا نوان ڄار وڇائڻ ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. ابراهم لنڪن وڪالت جي شعبي سان بہ جاکوڙي انداز ۾ سلھاڙيل رهيو. هُو 1847ع کان 1849ع تائين” يُو ايس هائوس آف ريپريزينٽيٽوز“ جو ميمبر رهيو. فيبروري 1860ع ۾ جڏهن لنڪن نيو يارڪ ۾هڪ عظيم ريلي کي خطاب ڪيو، تڏهن سندس وڏي پئماني تي سياسي بصيرت ظاهر ٿي ۽ هُو آمريڪي صدر جي عھدي لاءِ هڪ قابل ۽ مضبوط اميدوار طور سڃاپجڻ لڳو ۽ آخر هو هڪ مضبوط صدر ٿي ويو. 1861ع ۾ آمريڪا ۾ خانہ جنگي ڇڙي پئي ۽ ڪماڊر ان چيف جي حيثيت سان هُن پنھنجي ملڪ کي ان خانہ جنگي مان ٻاهر ڪڍيو.
اسپرنگ فيلڊ هڪ صاف سٿرو، ويڪرو ۽ کليل شھرهيو. عمارتون پري پري، ڪشادا رستا ۽ انھيءَ سخت سرديءَ وارن ڏينھن ۾ هي شھر مون کي ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيوهو. اسان شھر جا نظارا پسندا “Abraham Lincoln Presidential Library & Museum” پھتاسين. اندر داخل ٿيڻ لاءِ ٽڪيٽ ورتي سون. ٽڪيٽ ۾ شاگردن لاءِ خاص رعايت رکيل هُئي. ٽڪيٽ سان گڏ اسان کي ٻانھن جي ڪلائيءَ ۾ پائڻ لاءِ هڪ سائي رنگ جي ربن بہ ڏني وئي، اُهو انھيءَ لاءِ تہ جيڪڏهن ڪوئي ميوزم کان ڪنھن ڪم سانگي ٻاهر اچي تہ ٻيھر وري اندر داخل ٿي سگهي. هن شاندار ۽ تاريخي ميوزم ۾ ابراهم لنڪن جي زندگيءَ جي مختلف حوالن کي جنھن شاندار انداز ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي، ان کي ڏسي عقل حيران ٿي ويو تہ ڪيئن آمريڪي پنھنجي عظيم هيرو جي ياد کي محفوظ ڪيو ٿا اچن. ميوزم جي هڪ حصي جي شڪل وائيٽ هائوس جو ڏيک ڏئي رهي هئي. هي ميوزم روزانو صبح جو نائين بجي کان شامَ جو پنجين بجي تائين سڄي دنيا جي سياحن جي توجه جو مرڪز رهندو آهي. ابراهم لنڪن جي صدارتي زندگيءَ کان اڳ ۽ پوءِ وارن مختلف واقعن، لمحن ۽ يادگار گهڙين کي تصويرن، ملٽي ميڊيا، مجسمن ۽ مصنوعي ماڳن مڪانن ذريعي محفوظ ڪيو ويو آهي جيڪو آرٽ جو پڻ هڪ عظيم شاهڪار آهي. جڏهن تہ لئبريري ۾ ٻارنھن ملين کان مٿي ڪتاب، اسٽيٽ ۽ لنڪن جي حوالي سان، محفوظ ڪيا ويا آهن. جيڪا تحقيق ڪندڙن لاءِ ڪنھن جنت کان گهٽ ناهي. لائبريري ۾ داخلا مُفت آهي.
ميوزم ۾ داخل ٿيندي ئي اسان ڄڻ هڪ نئين دنيا ۾ داخل ٿي وياسون. ميوزم ۾ داخلا جي ٽڪيٽ ڏھہ ڊالر هُئي جڏهن تہ ٻاهٺ سالن کان مٿي وارن بزرگن لاءِ ست ڊالر، ملٽري ۽ شاگردن لاءِ ست ڊالر، پنج کان پندرنھن سالن تائين عمر جي ٻارن لاءِ چار ڊالر ۽ چئن سالن تائين جا ٻارَ مفت ۾ ميوزم گهمي پئي سگهيا. ميوزم جي ڪجهہ حصي ۾ فوٽوگرافي جي اجازت هئي ۽ ڪجهہ حصن ۾ وري منع ٿيل هُئي. ميوزم ڏسندي مون کي ابراهم لنڪن جو هڪ مشھور جملو ياد اچي ويو تہ ”جيڪڏهن اسان ٻئي هڪٻئي سان هڪ ڊالر جي مٽا سٽا ڪريون تہ اسان ٻنھي وٽ هڪ هڪ ڊالر ئي هوندو پر جيڪڏهن اسان ٻئي هڪٻئي سان هڪ هڪ خيال جي مٽا سٽا ڪريون تہ اسان ٻنھي وٽ ٻہ ٻہ خيال هوندا“ ڪيڏو نہ خوبصورت جملو آهي ابراهم لنڪن جو.
هتي ميوزم ۾ ابراهم لنڪن جي زندگي ۽ جدوجھد کي جذباتي انداز سان ۽ فنائتي نموني محفوظ ڪيو ويو هيو. ميوزم ۾ مختلف ٿيٽر بہ هُيا. جن ۾ هولو ٿيٽر ۽ فلمي ٿيٽر شامل هُئا. جن ۾ ابراهم جي زندگي تي مختلف فلمون هلي رهيون هيون. عجائب گهر ۾ گهڙڻ سان ڪيترائي جذباتي منظرن وارا مجسما ڏٺاسون. هڪ جاءِ تي ابراهم لنڪن جو اباڻو ڪچو گهر ٺھيل نظر آيو. اهو گهر اهڙي تہ مھارت سان ٺھيل هيو جو ان کي ڏسي اصلي هجڻ جو گمان ٿي رهيو هو. ايتري تائين جو وَڻَ ٻوٽا ۽ ڊَڀَ بہ اهڙي نموني ٺاهيا ويا هُئا جو هڪ لمحي لاءِ يقين نہ پئي آيو تہ اِهي نقلي آهن، ٻاهر وَڻ جي ڪٽيل ٿُڙ تي ويٺي نوجوان لنڪن ڪتاب پڙهي رهيو هو. پاسي ۾بيٺل وڻ جي تُڙ کي هٿ لائي فريد چيو تہ هي نقلي ٿي نہ ٿو سگهي. پر جڏهن اُن کي ٿورو وڄائي ڏٺوسي تہ خبر پئي تہ اهو وڻ بہ نقلي هيو. جنھن جا ڇوڏا پڻ ٺاهيا ويا هُئا. ڪچي گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ باھہ ٻري رهي هئي ۽ اها باھہ بہ نقلي هئي. ڀرسان ئي لنڪن مطالعي ۾ مصروف ويٺو هو. ڀرسان ڪوئي رلي پاتيون سُتو پيو هو. (مون فريد کي چيو تہ يار! هيءَ رلي تہ صفا اهڙي رلي آهي جھڙي سنڌ جي ٻھراڙين ۾ عورتون رنگين ڪپڙن جي ٽڪرن کي ڪٽي ٺاهينديون آهن ۽ فريد منھنجي ان ڳالھہ سان سهمت ٿيو) هڪ جاءِ تي ابراهم لنڪن درزيءَ جي روپ ۾ پنھنجي گهر وايءَ سان گڏ ڪائونٽر تي بيٺل نظر آيو.
جڏهن تہ وائيٽ هائوس ۾ وري ابراهم لنڪن جي صدارتي زندگيءَ جا عڪس نظر آيا. هڪ جاءِ تي سندس گهرواريءَ جا وارَ هڪ شيدياڻي نوڪرياڻي سنواريندي نظر آئي. بورچيخاني ۽ ميٽنگ روم جا منظر بہ نظر آيا. هڪ ميٽنگ ۾ ابراهم لنڪن کي اها رٿ پيش ڪندي ڏيکاريو ويو آهي تہ سَڀُ انسان، ڪارا ۽ گورا برابر آهن ۽ سندس انھيءَ رٿ تي ڪابينہ ميمبرن کي مٿي تي هٿُ ڏيندي ڏيکاريو ويو آهي. وائيٽ هائوس جي ٻاهران لنڪن جي سموري خاندان جا بيٺل مجسما نصب ٿيل آهن ۽ اهڙي انداز سان بيٺل آهن جو ڪيئي سياح اچي ساڻن گڏ بيھي گروپ فوٽو ڪڍرائي پئي سگهيا. اسان بہ هتي گروپ فوٽو ڪڍرايا. وائيٽ هائوس جي هڪ ڪمري ۾ ابراهم لنڪن خلاف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل ڪارٽونن جي ذخيري کي محفوظ ڪيوويو هو پرهڪ دلچسپ ڳالھہ تہ اهي سڀئي اخباري ڪارٽون ٽيڙن فريمن ۾ لڳل نظر آيا. ان وقت مون کي پير صاحب پاڳارو ياد اچي ويو. ڪجهہ سال اڳ پنھنجي دوست صحافي عبدالرزاق خلجيءَ جي نياڻيءَ جي شاديءَ ۾ منھنجو پير ڳوٺ وڃڻ ٿيوهو جتي پير صاحب پاڳاري سڀني ٻاهران آيل مھمانن کي پاڻ وٽ مانيءَ تي سڏيو هو ۽ اتي پير صاحب پيرين اگهاڙي بيھي سڀني مھمانن جو آڌر ڀاءُ ڪيو هو. پير صاحب جنھن ڪرسيءَ تي ويٺو هو ان جي پويان ديوار تي پير صاحب جا اخبارن ۾ ڇپيل ڪارٽون خوبصورت فريمن۾ لڳل نظر آيا هئا. ايتري تائين جو 78-1977ع جا ڪارٽون بہ اتي نظر آيا هئا.
ابراهم لنڪن پنھنجي صدارتي اميدوار هئڻ جو اعلان هن ئي شھر ”اسپرنگ فيلڊ“ ۾ ڪيو هو. آمريڪا جا شھري لنڪن کي پنھنجو محسن تصور ڪندا آهن. هُو پنھنجي گهرواريءَ سان گڏ ٿيٽر ڏسندي ماريو ويو هو. اهو منظر بہ هڪ مجسمي جي صورت ۾ محفوظ ٿيل هُيو. منجهند جو اسان سڀني هڪ ”پيزاهٽ“ تي لنچ ڪئي ۽ پوءِ ڀرسان ئي “Fossils Museum” ڏسڻ وياسي. هتي مان اهو پڻ ٻُڌائيندو هلان تہ آمريڪن پنھنجي هن عظيم اڳواڻ کي ياد رکڻ لاءِ مختلف جاين تي تمام گهڻا يادگار ماڳ ۽ عمارتون سانڍي رکيون آهن ڪيترائي تاريخي ڪامپليڪس ۽ سائيٽس لنڪن جي حوالي سان محفوظ آهن، جڏهن تہ ڪيترائي ميوزم پڻ مختلف جاين تي موجود آهن.
فاسلز جي حوالي سان قائم “Illionis State Museum” بہ سياحن لاءِ دلچسپيءَ جو مرڪز نظر آيو. جنھن ۾ هن اسٽيٽ جي زميني خزائن، زندگي، ماڻھن ۽ آرٽ جي مختلف رخن کي مختلف حصن ۾ محفوظ ڪيو ويو هُيو. هتي بہ داخل ٿيندي ئي اسان کي”رلي“ ٽنگيل نظر آئي. فاسلز ميوزم ۾ هڪ حصو ريڊ انڊين جي حوالي سان انھن جي زندگيءَ ۽ تاريخ کي محفوظ ڪرڻ جي حوالي سان نظر آيو.
واپسيءَ تي اسان ابراهم لنڪن، جو يادگار “Lincon Tomb” ڏٺوسين، هي يادگار ابراهم لنڪن سندس زال ميري ۽ سندس پونئيرن جي آخري آرامگاھہ آهي. 117 فوٽ اوچي هن يادگار کي ڏسي اسان ”اسپرنگ فيلڊ“ کان موڪلايو سين. رستي ۾ فريد جي ٻارڙن عُمير، نيھا، دانيال ۽ ڪومل اها شڪايت ڪئي تہ وقت گهٽ هئڻ سبب اسان ميوزم صحيح معنيٰ ۾ ڏسي ڪونہ سگهياسون ۽ واقعي اها حقيقت بہ هئي تہ جنھن عظيم ورثي کي هتي شاندار انداز ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. اسان اُن کي مڪمل طرح ۽ گھرائيءَ سان ڏسي ڪونہ سگهياسون بھرحال اها ڳالھہ طئہ آهي تہ زندگيءَ جي وسيع رنگن کي ڏسڻ پسڻ لاءِ انسان جي عمر تہ ڪنھن بہ صورت ۾ ڪافي نہ آهي. اسان رستي ۾ اڄوڪي سفر تي تبصرا ڪندا شام جو تقريبا ساڍي ڇھين بجي گهر پھتاسين.
آخر ۾ مان ٿورائتو آهيان، پنھنجي پياري دوست اين-اي-بلوچ صاحب جو، جن هن ڪتاب لاءِ ٻہ اکر لکيا. اين-اي-بلوچ منھنجو نہ فقط دوست آهي، پرهو مون کي ان ڪري بہ وڻندو آهي تہ هو گهڻو پڙهي ٿو. نہ فقط پڙهي ٿو بلڪ جڏهن لکڻ ويھي ٿو تہ هو گهڻن کان سٺو لکي ٿو. هن ۾ ٻہ خوبيون آهن. هڪ تہ سندس وڏا ٽھڪ مون کي وڻندا آهن ۽ ٻيو هن جي خاموشي. ان کان علاوہ مان محترم ڪرشن شرما ۽ پريم ساگر جن جو بہ ٿورائتو آهين. پر ڪجهہ دوستن هن ڪتب جي باري ۾ لکڻ لاءِ چيو ۽ منھنجي ڪم/ترجمي کي هڪ نظر مان گذاريو، جيتوڻيڪ وقت جي قلت جي ڪري هو نہ لکيا سگهيا پر پوءِ بہ هنن جو پيار ۽ ساٿ مون سان سلھاڙيل رهيو. مان انھن جو ٿورائتو آهيان.
مان نھايت ئي ٿورائتو آهيان پنھنجي پرين پياري ڀاءُ محترم منصور علي چارڻ (جاني ڀاءُ) جو، جنھن وقت ڪڍي هن ڪتاب جا پروف پڙهيا، جملن کي بيهڪ کي درست ڪيو، لفظن جي جوڙ جڪ کي سڌو ڪري هي ڪتاب پڙهڻ لائَق بڻايو. ڇو تہ مون وٽ تمام وقت گهٽ آهي. هڪڙي وقت پنجن ڪتابن تي ڪم ڪيان پيو. جنھن ۾ ايترو وقت نہ ٿو ملي جو ڪتاب جا پروف بہ پڙهي سگهان. جيتوڻيڪ جاني ڀاءُ بہ ڏاڍو مصروف آهي پر پوءِ بہ هن وقت ڪڍيو، ان مان مان دل سان هن جا ٿورا مڃان ٿو.
مان پنھنجن پڙهندڙ دوستن جو بہ ٿورائتو آهيان، جيڪي هميشہ منھنجن ڪتابن جو شدت سان انتظار ڪندا آهن، ڪتاب پڙهي مون کي موٽ ڏيندا آهن ۽ منھنجي ڪم کي ساراهي، پسند ڪري منھنجي همت افزائي ڪندا آهن.
ان کان علاوہ مان انھن دوستن جو بہ ٿورائتو آهيان، جيڪي منھنجا ڪتاب تہ ڇا پر ٻين ليکڪن جا بہ ڪتاب نہ پڙهندا آهن. اهي ان خيال جا هوندا آهن تہ “هي ڪتابن جو دؤر ناهي. پر پوءِ بہ هو ڪنھن نہ ڪنھن بھاني پڙهندا آهن ۽ هو چاهيندا آهن تہ هنن جا ٻار بہ ڪتاب پڙهن، ڇو تہ اهي اڪثر ڪري مون سان شڪايت ڪندا آهن تہ موبائيل هنن جي ٻارن کي خراب ڪري ڇڏيو آهي.

بلوچ صحبت علي
ايڊووڪيٽ هاءِ ڪورٽ
دادو-سنڌ جي دل